گذارش
اديب، قوم جو ضمير ۽ سفير ٿيندو آهي
ادب
کي سياست جي تابع هئڻ گهرجي يا سياست کي ادب جي
تابع…؟ جڏهن ادب ڪنهن سياسي نظريي جي ڊڪٽيشن وٺي
لکيو وڃي ٿو، ته پنهنجي ادبي سڃاڻپ وڃائي ڇڏي ٿو.
پر جڏهن ادب پنهنجي ديس ۾ ٿيندڙ انياءَ، ظلم، ڏاڍ
۽ ڏهڪاءَ خلاف فطري طرح آواز اٿاري ٿو ته اهو ادب،
ادب جي دنيا ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، جڏهن منصور
حلاج کي شهيد ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهايو وڃي ٿو.
جڏهن سقراط زهر جو جام شهادت نوش ڪري ٿو.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڊڪٽيٽر ڦاهي چاڙهي
ٿو.
جڏهن هڪ جنرل جي دؤر ۾ سنڌ جي نياڻي، چئن صوبن جي
زنجير بينظير کي، راولپنڊي ۾ ٽارگٽ ڪري، شهيد ڪيو
وڃي ٿو ۽ سڄي دنيا ڪنهن زلزلي وانگر ڌُٻي ٿي وڃي.
تڏهن پنهنجي قلم، سوچ ۽ قوم سان سچا تخليقڪار جيڪو
ادب سرجن ٿا، سو ادب، ادب جي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيو
ويندو…؟
هي ان ادب جو ذڪر آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شعور جو شاعر
شيخ اياز چوي ته:
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان، مان ڪيئي ڏوهه ڪيا
آهن،
هن سر جي گدلي سينور ۾، هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ جو به چڪور انڌاري ۾، جي اڏري ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جي مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ.
يا
جنگي صورتحال ۾ جڏهن سندس وجود زخم زخم آهي ته
هو هڪ جوڌي جي احساسن کي ڪجهه هن ريت چٽي ٿو:
وڃو ڪانويليو وڃو. وڃي پرينءَ کي چئو، اڃا پيو
جيئان…
۽ جڏهن سنڌ جو ساڳيو مهان قوي شيخ اياز جبر خلاف
آواز اٿاريندي وڏي واڪ چوي ٿو:
اڄ به وري هو فاشي ڪتا مون کي قابو ڪن ٿا…
ته ان ادب جي عظمت جو اندازو، قدر ۽ قيمت، حق غضب
ٿيل قوم کان وڌيڪ ٻيو ڪير بهتر انداز ۾ محسوس ڪري
سگهي ٿو؟ ۽ هيءُ ئي اهو اهم ۽ اُتم ادب آهي جنهن
جي اڏام عقاب کان به اوچي رهندي پئي آئي آهي.
۽ جڏهن ڌرتي اهڙن عظيم تخليقڪارن ۽ ڪردارن کي جنم
ڏيندي آهي، ته سياست احتراماً، ادب کان ٻه وکون
پٺتي ٿي، تخليقڪار پٺيان هلڻ لڳندي آهي.
انهيءَ جو هڪ زندهه ۽ مشهور مثال هيءُ به آهي ته:
1965ع ۾ جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ زورن تي هئي
ته چيو وڃي ٿو ته اها جنگ پاڪستاني فوج کان وڌيڪ
پاڪستان جي شاعرن کٽي هئي، جيڪي ان وقت قومي جذبي
سان سرشار ٿي ريڊيو پاڪستان لاهور جي پارڪ ۾ اچي
براجمان ٿيا هئا ۽ رات ڏينهن اهڙا ته بيمثال قومي
نغما لکي موسيقارن حوالي ڪيائون جو سرحد تي جنگ
وڙهندڙ جوانن تائين جڏهن انهن نغمن جا آلاپ پهتا
ته سندن حب الوطني جو جذبو ٻيڻو ٿي ويو ۽ سندن جوش
۽ ولولي آڏو مارٽرگنز ۽ توبن جا گولا ڪپهه جون
پوڻيون ٿي پيا.
هي اهي مثال آهن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ادب هميشه
قومي ڌارا ۾ ان وقت پنهنجو ڪردار ڀرپور انداز ۾
ادا ڪيو آهي، جڏهن قوم شديد مايوسيءَ ۽ تنهائيءَ
جو شڪار رهي آهي.
جنهن جو هڪ وڏو سبب هيءُ به آهي ته اديب پنهنجي
گذرندڙ وقت جو تاريخ نويس هئڻ سان گڏوگڏ نبض شناس
به هوندو آهي. خاص طور تي شاعر پنهنجي قوم جي
ڦَٽيل ۽ روڙيل روح جو ماهر طبيب هوندو آهي ۽ هر
ديس جو نه فقط سفير ٿيندو آهي، پر ان سان گڏ قوم
جو ضمير به هوندو آهي.
اوهان جي اچڻ سان…
جناب مخدوم جميل الزمان جي چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ
ٿي اچڻ کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ وڌيڪ فعال ۽
متحرڪ بڻجي اڳ کان اڳڀرو ڪردار نڀائي رهيو آهي،
جتي اداري طرفان نون ڪتابن جي شايع ٿيڻ جو سلسلو
جاري آهي، اتي ڪتابن جي مهورت سان گڏوگڏ ٻيا به
ادبي ۽ تخليقي پروگرام منعقد ٿي رهيا آهن، جن مان
هڪ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ تاريخ 19-
جولاءِ 2010ع تي ”ايڪيهين صديءَ ۾ عورت جو ڪردار“
جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار اهميت جو حامل آهي، ان
کان علاوه اسان جي علمي ادبي شخصيتن جي مزارن تي
سندن جنم ۽ وفات جي ڏينهن تي گلن جي چادر چاڙهڻ
واري يادگار روايت کي پڻ اداري طرفان نڀائبو پيو
اچجي.
نامور مصورن جي چترن جي نمائش ۽ شيلڊ ڏيڻ جي روايت
سنڌي ادبي بورڊ طرفان 22- اپريل تي انسٽيٽيوٽ آف
آرٽ اينڊ ڊزائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مصوري جي نمائش
ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي نامور مصورن جي تصويرن جو
نماءُ ڪيو ويو ۽ سنڌ جي 13 نامور مصورن: ع.ق.شيخ،
ظفر ڪاظمي، گل محمد کتري، فتاح هاليپوٽو، علي اڪبر
سومرو، اي.آر.ناگوري، مسرت مرزا، علي نواز
ڦلپوٽو، رضوان عمراڻي، لعل محمد پٺاڻ ۽ منصور
عالم ابڙي ۽ محمد وريل سومرو کي سندن ڪيل ڪم جي
سلسلي ۾ شيلڊ پڻ ڏنا ويا. هيءُ پهريون اهڙو موقعو
آهي، جنهن ۾ جناب جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي
بورڊ پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي، سنڌي آرٽ کي ٻه وکون
اڳڀرو ڪرڻ لاءِ قابلِ ستائش قدم کڻي ادب ۽ آرٽ سان
عشق ڪندڙ جو ثبوت پيش ڪيو آهي، سندن اها به خواهش
آهي ته مصوري جي تاريخ ڄاڻندڙ مصورن جي هڪ ڪميٽي
جوڙي، سنڌي مصوري تي اداري طرفان هڪ شاندار ڪتاب
آڻجي، جيڪو مصوري ۾ گهري دلچسپي رکندڙن لاءِ پيڙهه
جو پٿر ثابت ٿئي. ان سلسلي ۾ ادارو لاڳاپيل شعبي
جي ڄاڻن سان لهه وچڙ ۾ آهي، اميد ته اهو قابلِ قدر
ڪم وقت سِر اداري طرفان بيحد سُهڻي انداز ۾ پڄاڻي
تي پهچندو.
سيرت ڪانفرنس
13- اپريل تي اداري طرفان هوٽل انڊس حيدرآباد ۾
سيرت ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ
جا ناميارا عالم ۽ ڏاها سيرت نبوي ﷺ جن جي شخصيت
تي پنهنجن معطر خيالن جو اظهار فرمائيندا.
2011 پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل ڪانفرنس
جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ
2011 سال کي سنڌ جي برک تاريخدان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
محسن سائين پير حسام الدين راشدي جي نالي سان
منسوب ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ويئي
آهي، جيڪا 1- اپريل تي پير صاحب جي مزار تي گلن جي
چادر چاڙهي، پير حسام الدين راشدي انٽرنيشنل
ڪانفرنس جا انتظام سنڀاليندي، هن شاندار پروگرام ۾
ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم، سائين پير حسام الدين
راشدي جي شخصيت ۽ سندن قلمي پورهئي تي پنهنجا
مقالا ۽ مضمون پڙهندا.
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو…
نئين سال جي شروعات ۾ ڪي دردناڪ ۽ دل کي ڌوڏي
ڇڏيندڙ واقعا رونما ٿيا، جيڪي ملڪ جي تاريخ تي نه
فقط مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا، پر ان سان گڏ سنڌي ادب ۽
آرٽ جي دنيا جا ٻه ناميارا نانءَ به اسان کان وڇڙي
ويا.
13- جنوري تي ملڪ جو نامور ترقي پسند سوچ رکندڙ
مصور اي.آر.ناگوري، ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ پنهنجي
ڪراچيءَ واري قديم گهر ۾ زندگيءَ جا آخري لمحا به
مصوري کي ارپيندي هن جهانِ فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري
ويو. سندس وفات مصوريءَ جي دنيا ۾ هڪ ناقابلِ
تلافي نقصان آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو،
الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه فرمائي ۽ سندس
پونيرن کي صبر جي توفيق ڏي. (آمين)
نوجوان شاعر منٺار سولنگي، 18- جنوريءَ تي دل جي
دوري پوڻ سبب گذاري ويو، الله پاڪ سندس پونيرن کي
صبر جميل عطا فرمائي. (آمين)
طارق عالم ابڙو
جيئي لطيف، جيئي لطيف جي ٻولي
جبل جهاڳيندو وت، مانَ ٻاروچي کي ٻاجهه پوي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سائين ڏيندو شت،
وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت،
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪاند بنا ڪت،
”قطب“ پير پنهون جو، نئي نهارج نت.
-
سيد قطب علي شاهه “قطب”
وکر سو وهاءِ
فقير سيد قطب علي شاهه “قطب”
]ولادت:
8- سيپٽمبر 1514ع – وفات: 23- ڊسمبر 1910ع[
حضرت فقير سيد قطب علي شاهه ”قطب“ سنڌ ۾ موجود
جهانيان ساداتن جي وڏي حضرت سيد ويڌل شاهه
جهانيانؒ (اول) جن جي آخري پٽ حضرت سيد فتح الدين
شاهه جهانيانؒ جو فرزند هو. سندن ولادت 8- سيپٽمبر
1514ع ۾ ٿي. سندن سلسله نسب حضرت امام علي نقي
عليہ السلام جن سان ملي ٿو، سندن وڏا اُچ شريف مان
سنڌ ۾ نواب شاهه لڳ اچي آباد ٿيا ۽ پوءِ حضرت سيد
ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) اتي هڪ ڳوٺ آباد ڪرايو،
جنهن ڳوٺ بعد ۾ ”شاهپور جهانيان“ جي نالي سان شهرت
ماڻي. ان کان پوءِ حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ
(اول) اتان حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. بعد
۾ اهو علائقو ”ٽنڊو جهانيان“ جي نالي سڏجڻ لڳو.
حضرت سيد ويڌل شاهه جهانيانؒ (اول) جي انتقال بعد
کين حيدرآباد ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جنهن علائقي
”وڏي درگاهه“ جي نالي سان شهرت ماڻي. اهو علائقو
هاڻي ”سيد دادن شاهه جهانيان ڪالوني“ حيدرآباد ۾
موجود آهي.
حضرت سيد قطب علي شاهه ننڍڙي هوندي کان ئي فقيريءَ
ڏانهن مائل هو. هو ڪنهن ڪنهن وقت اشعار به چوندو
هو، جيڪي هن وقت سنڌي ادب جو سرمايو آهن. سندن
تخلص ”قطب“ هو ۽ پاڻ 23 ڊسمبر 1910ع ۾ انتقال ڪيو،
کيس ٽنڊو جهانيان ۾ دفنايو ويو.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
]جنم:
1882ع، وفات: 13- ڊسمبر 1942ع[
ڪلام
محبوب منهنجي دل جو حقيقي ڪتاب آهي،
جو بي نظير حسن ۾ ۽ لاجواب آهي.
هر صفحه جنهن جو روشن هڪ آفتاب آهي،
چوڏهين جي چنڊ جهڙو پڻ منهن تي تاب آهي.
محبوب جي اکين ۾ اکيون جڏهن اڙايم،
سمجهيم هي عشق منهنجو بيشڪ ثواب آهي.
جن جن به بدنصيبن، منهن موڙيو انهي کان،
تن جو ٿيو جهان ۾ خانو خراب آهي.
هرگز ”حڪيم“ جي هي ٿيندو نه ڌار دل مان،
دل جي چمن جو گويا ٽڙيل گلاب آهي.
محمد بخش ”واصف“
]جنم:
1892ع، وفات: 24- نومبر 1952ع[
ڪلام
جلوه فرما جو لبِ بام تي جانان ٿيندو،
داغ بيشڪ دلِ شب تي مہِ تابان ٿيندو.
لالہ کي باهه ڏيان يارِ گلستان ۾ وڃي،
داغ دل جو دکي آتشِ سوزان ٿيندو.
دوست اکڙين ۾ وهاري مان ڪريان بند اکيون،
يار منظورِ نظر منهنجو جي مهمان ٿيندو.
لاهه دلبر نه ڪڏهن خالِ سيہ تان پردو،
ڪفر آلوده سندم دين ۽ ايمان ٿيندو.
چشمِ جادو جي جدائي ۾ جي رحلت ٿيندي،
سبزهء قبر چراگاهه غزالان ٿيندو.
وصف دندان شڪر خنده جي ”واصف“ جي ڪرين،
بي شبهه نظم ۾ مضمون درخشان ٿيندو.
”اختر“ هالائي
]جنم:
27- ڊسمبر 1917ع، وفات: 27- آڪٽوبر 1959ع[
ڪلام
عزيزو رات ميخاني جي، مهمانن سان ڏاڍي ٿي،
صنم خنجر ڪڍي بيٺو، ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي.
هو سهڻو بزم شعرا ۾، سراپا شعر ٿي آيو،
خموشي ڇانئجي ويئي، سخندانن سان ڏاڍي ٿي.
قدوقامت ۾ محبوبه، ۽ خال و خط ۾ شهزادو،
حسين حورن سان ڏاڍي ٿي، يا غلمانن سان ڏاڍي ٿي.
حسينانِ جهان سڀ، سرنگون ٿيا حسنِ جانان وٽ،
پرستارن سان ڏاڍي ٿي، صنم خانن سان ڏاڍي ٿي.
سنڀالي پير رک ’اختر‘، گلستان جي احاطي ۾،
گلن جي آرزو ۾ اڄ، گريبانن سان ڏاڍي ٿي.
عبدالله ”اثر“
]جنم:
14- جولاءِ 1920ع، وفات: 26- ڊسمبر 1976ع[
ڪلام
عطا ٿيو سير گلشن جو، ڪڏهن بادِصبا وانگر،
ڪڏهن پابند رهڻو پيو، چمن ۾ نقشِ پا وانگر.
ستم ان جو زماني ۾، ڪرم جو پاسدار آهي،
سيهه بختي به سر تي، ٿي اچي ظلّ هِما وانگر.
سلامت ٿو رهي عاشق، جي دل ۾ شوقِ پابوسي،
فلڪ جون ٿو سَهي سختيون، تڏهن برگِ حنا وانگر.
”اثر“ ايڏي ته مشهوري ملي، وئي، عشقِ جي صدقي،
جو هر نا آشنا مون سان، ملي ٿو آشنا وانگر. |