بردو سنڌي
]جنم:
15- مارچ 1922ع، وفات: 26- آڪٽوبر 1988ع[
ڪلام
منهنجو ڪوئي ميت نه يار،
جڳ جا ڏکڙا ڳل جو هار.
پنهنجا پنهنجو ڪين چون،
ڌارين تي ڪا ناهه ميار.
روئڻ ساڻ هِري ويا نيڻ،
پل پل ڇم ڇم لڙڪ هزار.
سهڻيءَ کي وئي ننڊ کڻي،
منهنجو من ٿيو ميهار.
راهه تڪيندي راهه کُٽي،
پرهه ڦٽي وئي ڏسندي پار.
اڱڻ اسان جي پير ڀري،
سهڻو سائين جيءَ جيار.
خوابن ۾ تون آءُ هلي،
هڪڙي پل لئه هينئون ٺار.
عبدالڪريم پلي
]جنم:
21- آگسٽ 1940ع، وفات: 4- نومبر 1991ع[
ڪلام
هجر ۾ ايڏو زار زار نه رو،
روئي ڍؤ ڪر ۽ بار بار نه رو.
دور هڪڙو سدا نه رهڻو آ،
نيٺ ايندي وري بهار نه رو.
آرزوء وصالِ جانان تان،
جان سؤ مرتبه نثار نه رو.
چند گهڙين جو کيل هو ۽ ويو،
ڪهڙي ڪلفت ۽ ڪهڙو پيار نه رو.
آهي باقي قدم ٻه-ٽي منزل،
راهرو! حوصلو نه هار نه رو.
موت کان اڳ ”ڪريم“ دنيا ۾،
ناهي ملڻو ڪڏهن قرار نه رو.
سنڌي ٻوليءَ جي پهرين نمائنده شاعر
نور شاهين
ٿيون سوز فراق جون ڪاهون،
دل لڇيو ڪري پيئي دانهون،
ويون قرب جون بند ٿي واهون.
ٿي سُڃ ويونم نگاهون،
نٿيون يار لڀن تنهنجون راهون،
من تون ئي اچين ڪو پاهون.
ٻُڌي ”شاهين“ سڏڙا دانهون،
ڪٺي دل جون قهري ڪراهون.
من ڪهل پوي توکي ڪائي الا،
وڃي جگر هٿئون نٿو جائي.
شعر، ادب جي ابتدائي صورت آهي؛ ۽ نثر جي نشو و نما
بعد جي زماني جي آهي. هينئر هيءُ سوال آهي ته
جيڪڏهن نثر جي نشو و نما جو مقصد ڪنهن مضمون
(Content)
جو اظهار نه آهي، جو وزن جي صورت ۾ اچڻ کان ناقص
آهي، ته پوءِ ان جي پيدائش عمل ۾ ڇو آئي؟ قديم
يوناني دور ۾ ادب جي لاءِ هي محسوس ڪيو ويو هو ته
منطقي سوچ ۽ ويچار جي پوري پوري اظهار لاءِ اهڙيون
ترڪيبون مناسب نه آهن، جن ۾ وزن جو خيال رکيو وڃي.
فرمندس، پنهنجي “مابعدالطبعيات”
(Metaphysical)
کي ڇهه- رُڪني وزن ۾ لکيو آهي، سو هڪ هٿرادو هيئت
جو به سڀ کان پهريون مثال آهي، ۽ ناصحانه شاعريءَ
جو به ان ۾ هڪ وڏو حصو آهي. هن طويل ۽ وڏيءَ تخليق
جو نظم ۾ هجڻ جو هيءُ معمول، نفسياتي اصول آهي ته
ڪنهن به حڪيمانه قول کي ياد رکڻ جو اِهوئي آسان
طريقو آهي ته ان کي هڪ ئي قسم جي آواز پيدا ڪرڻ
وارن لفظن ۾ آندو وڃي. مگر ڪنهن مابعدالطبعياتي
دليل جي لاءِ اها ڳالهه هرگز قبول نٿي ڪري سگهجي.
- احسان بدوي
(مهراڻ 2/1961ع، ص 179-180)
غلام حسين “مشتاق” سچاروي
نــــعــــت
نبي معراج تي تحفا ڏنا ورتا سلامن جا،
پروڙي ڪين سگهبا راز هرگز راز وارن جا.
جڏهن ارض و سما جي نور وٽ، نورِ خدا ﷺ پهتو،
هٽي هڪدم ويا پردا حبيبن ﷺ سان حجابن جا.
شهنشاههِ دوعالم
جي سواري پهتي عرشن تي،
نه کوليا ويا ڪڏهن اهڙي طرح در آسمانن جا.
زمين و آسمان تي مرحبا جا گيت ڳايا ويا،
ڏٺا اهڙا نه دنيا رنگ اڄ تائين فضائن جا.
ڪيو هرهنڌ استقبال احمد ﷺ جو رسولن ٿي،
عجب انداز ها عرشِ عظيم تي اهتمامن جا.
ازل کان هو جتي ”الله هُو الله هُو“ هردم،
اتي اڄ ورد جاري ها سلامن جا صلاتن جا.
زمين وارن جا ٿي ويا آسمان سان رابطا قائم،
هميشه لئي کُلي ويا در سندن گولن غلامن جا.
سندس ئي فيض جا درياء جاري اڄ به عالم ۾،
نه آهن ختم ٿيڻا سلسلا ان جي عطائن جا.
مديني ۾ جڏهن مهمان پهتا مير ﷺ جي در تي،
ٿيا ڪيڏا ڪرم ”مشتاق“ تي ڏس ميزبانن جا.
عنايت بلوچ
نظم
وري جيئن سنڌ سينگاريون
وڏو انسان
جو رتبو،
الائي ڪٿ
وڃي پهتو
رکيائين چنڊ
تي پنهنجا قدم ۽ سوڀ ماڻيائين،
ستارن تي به
پهتو
۽
قدم اڳتي
وڌايائين، اڃا اڳتي، اڃا اڳتي،
سندس ديرو ۽
منزل ماڳ آ اڳتي، اڃا اڳتي.
اَٽل آهن
سندس جذبا،
۽ همت حوصلا
پختا،
جهالت، بُک
۽ بيروزگاريءَ کي ڀڄائيندو.
ذلالت، ظلم،
گمراهي،
ڀڄائيندو،
تڙائيندو،
۽
هرجا سرخرو
ٿيندو.
مگر افسوس!
جو انسان
اهڙو سنڌ ۾ شايد رهيو ناهي.
نه اڳتي ٿو
وڌي
پُرجهي،
پروڙي ۽ پرائي ڪجهه،
ترقيءَ جو
نٿو سوچي،
تباهيءَ
لاءِ پيو لوچي،
جتي هئي
روشني اڳ ۾
اُتي،
اونداهه، انڌوڪار پکڙي وئي،
نوان فتنا،
ڦڏا ۽ جنگ جهيڙا ٿي ويا برپا.
فقط هڪڙوئي
ڪم شايد،
بچيو آهي
اسان جي لئي،
ته
پنهنجون
مائرون ۽ ڀينرون، زالون اسان ماريون،
نه جن جو
ڏوهه ڪو هرگز، مگر پو ڀي،
ڪُسن، تڙپن،
مرن، گهُٽجن،
مُٺيون
مظلوم ويچاريون
هي ڪاروبار
ٿي ويو آ
عجب وهنوار
ٿي ويو آ
نماڻو عرض
آهي
دوستن کي،
شاعرن کي ۽ اديبن کي،
…… ۽ ……
سنڌوءَ جي
سڀن سڄڻن، سمورن سنڌ واسين کي
خدارا ڪجهه
ڪريو!
وحشي پڻي،
حيوانيت جو انت جيئن آڻيون
درندن جون
ڇڏي رسمون،
جهالت جون
پٽي پاڙون، ٻڌي ايڪي ۽ محنت سان
محبت مشعلون
ٻاريون،
وري جيئن
سنڌ سينگاريون،
وري جيئن سنڌ سينگاريون
پروفيسر محبوب سروري
غزل
گلن جو حُسن ڏسو گلبدن جو حُسن ڏسو!
اکين جو حُسن ڏسو ۽ چپن جو حُسن ڏسو!
ڪري ٿو ڳالهه ته ڳاڙهن ڳلن جو حُسن ڏسو،
نگاهه ناز ڏسو ۽ هٿن جو حُسن ڏسو!
خموش آهه ته ڄڻ ڪائنات بيهو رهي!
جڏهن کلي ٿو ته هن جي ڏندن جو حُسن ڏسو!
زمين مرحبا صد مرحبا چوڻ ٿي لڳي!
جڏهن هلي ٿو ته نازڪ بدن جو حُسن ڏسو!
فلڪ جُهڪي ٿو چوي بار بار بسم الله!!
قدم قدم ٿي سڄڻ سيم تن جو حُسن ڏسو!
جڏهن اڱڻ تي هو چمڪي ٿو چنڊ چوڏهين جيئن!
ڪکن جو حُسن ڏسو ۽ پکن جو حُسن ڏسو!
اچي ٿو باغ ۾ جنهن دم ته ڄڻ بهار آيو!
چمن جو حُسن ڏسو ۽ گلن جو حُسن ڏسو!
سڄڻ جي آئي مديني جو ويو حُسن وڌي،
درن جو حُسن ڏسو ۽ گهرن جو حُسن ڏسو!
سندس شديد مخالف به واهواهه ٿا ڪن،
سندس قريب ترين دوستن جو حُسن ڏسو!
اگر اوهين ڏسو! مون وانگي پيا جبل جهاڳيو!
پنهل جو حسن ڏسو ۽ جتن جو حُسن ڏسو!
حسين مُلڪ اوهان ڪيترا ڏٺا آهن،
الا الا! اوهين منهن جي وطن جو حُسن ڏسو!
اوهان جي آڏو آ ’محبوب‘ سروري جو ڪلام،
غزل جو رنگ ڏسو ۽ سخن جو حُسن ڏسو.
يوسف شاهين
دودا جوڌا
ڪوهه ڪسن ٿا!؟
هڪڙي ڳالهه ته ڏَسِ ميان
جا آهي نه منهنجي وَسِ ميان
پنهنجا پراوا سڀ پڇن ٿا
هن ڌرتيءَ تي
دودا، جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا
هيءَ جا پيار جي ڌرتي آهي
توکي مون کي پرتي آهي
هتي ڪير آيا هاڻ
سڀئي سورَ کڻي ساڻ
راتو ڏينهان، ڪري ڪيهان
ڪندا وتن رتوڇاڻ
اهڙو سورُ، پچائي پورُ، سڀ پڇن ٿا
پنهنجا پراوا سڀ لڇن ٿا، اِيءُ پڇن ٿا
هن ڌرتيءَ تي
دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا
هن ڌرتيءَ تي
جيڪي سڏ سان سَڏُ ڏين ٿا
جيڪي واهر ڪاڻ ورن ٿا
ڪڏهن ڪنڌ ڪين ڪڍن ٿا
سي ئي ڪونڌر، سي ئي سوڍا
سي ئي ڪانڌي، سي ئي جوڌا
ڪهڙيءَ ڪاڻ، الا او هاڻ
هتي سڀ ڪُسن ٿا
پنهنجا پراوا هاڻ پڇن ٿا
هن ڌرتيءَ تي
دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا.
هن ڌرتيءَ تي،
ماڻهو ماڻهو ماٺِ آهي
ڄڻ ته پيو ڪاٺِ آهي
ڪا ته اهڙي ڳالهه آهي
جا هٿن مان آ ويئي ڇڏائي
ڪو ته يوسفَ کي ٻڌائي
هن ڌرتيءَ جو
جيڪي نانءُ ڳِنهن ٿا
سي ئي ڪونڌر ڪوهه ڪُسن ٿا.
پنهنجا پراوا سڀ پڇن ٿا
هن ڌرتيءَ تي
دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا!
دودا جوڌا ڪوهه ڪُسن ٿا! |