سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :16

انور ساگر ڪانڌڙو                                                                                         تحقيق

 

مارئي جي تاريخي ڪردار، ڪتاب ويجها ٿيا وصال ۾ پڙاڏا

(هڪ تحقيقي ۽ تاريخي جائزو)

اهو 2009ع ۾ مارئي جي ميلي جو پهريون ڏينهن هو، اسان يعني هيءُ بندو ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري گڏجي مٺي آيا هئاسين. هيءُ ميلو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ملهائجي رهيو هو. اسان هونئن ته ثقافت کاتي جا دعوتي هئاسين پر منهنجي گهري دوست نور احمد جنجهي پاڻ وٽ ترسائڻ تي اصرار ڪيو. مٺيءَ ۾ ڪجهه وقت پروفيسر فيض سوڍو به اسان سان گڏ هو ۽ پوءِ اسان  نور احمد جنجهيءَ وٽ رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رات جو ثقافت کاتي جو پروگرام به ڪجهه دير ٻڌوسين ۽ پوءِ نور احمد جي اوطاق تي آياسين، اتي اوطاق ۾ ويٺل هڪ بزرگ شخص جو تعارف نور احمد هن طرح ڪرايو. سائين هيءُ منهنجو والد محترم غلام محمد جنجهي آهي. خوش خير ڪرڻ کان پوءِ اسان کانئس عمر ۽ صحت بابت پڇيو. عمر 88 سال ٻڌايائين، ۽ صحت بابت چيائين ته انگريزي دوائن سان گهٽ وچڙندو آهيان، پر هلڪي ڦلڪي اهنج ۾ پنهنجي طب جون دوائون وٺندو آهيان، هن وقت 88 سالن جو اچي ٿيو آهيان پر انگريزي دوا ورلي ورتي هوندي. هن بزرگ بابت نور احمد ٻڌايو ته بابا، جاگرافي، تاريخ، اينٿراپالاجي، فلڪيات، ادب ۽ طب جي علمن جو پارکو آهي. اهوئي سبب هو جو اسان هن بزرگ کان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيو. مون تڙتڪڙ ۾ هن بزرگ آڏو ڪجهه سوال رکيا: شاهه عبداللطيف، ٿر، مارئي جو ڳوٺ ۽ ڪجهه ٿر جي جاگرافيائي حالت بابت منهنجن ڪيل سوالن جا مختصراً پر تُز جواب ڏيندو ويو ۽ آءٌ اهو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس. افسوس جو اها آخري ملاقات ثابت ٿي، واپسيءَ مهل رڳو هٿ لوڏي هڪٻئي کي خدا حافظ چيوسين. پاڻ اوطاق ٻاهران ڪجهه لکڻ واري عمل ۾ مستغرق هئا، ۽ اسان کي حيدرآباد واپس پهچڻو هو. مان پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان، جو سنڌ جي تاريخ بابت ايتري گهڻي معلومات رکندڙ هن بزرگ سان منهنجي پهرين اهم ۽ آخري ملاقات ٿي، جنهن کي آءٌ وساري نه ٿو سگهان. هاڻي هلون ٿا، شاعر جي سوانح طرف، جنهن کي سمجهڻ کان سواءِ سندن شاعري تي ڪجهه چوڻ مناسب نه ٿيندو. غلام محمد جنجهي ٿرپارڪر ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڳوٺ وڪڙيو ۾ محمد عثمان جنجهيءَ جي گهر سنه 1921ع ۾ ڄائو. سندس وڏا جيسلمير جا ڀاٽي هئا.

هندستان جي سنڌي محقق ۽ تاريخدانن ڊاڪٽر جينت ريلوائي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌ ڪڇ ڪاٺيا واڙ جا سڀيتڪ ناتا“ ۾ لکي ٿو، ”ڀاٽيا ۽ ڀاٽي جيسلمير جي ڀاٽي راجپوت مان آهن. هو جادو ونسي آهن ۽ جادو ونسي جي گهرو لڙائي بعد دوارڪا مان سندن زور ٽٽو، جادو الڳ الڳ هنڌن تي هليا ويا، حڪومتون پئي ڪيائون ۽ شهر ٻڌائون، سنه 70ع ۾ ساڪ، سٿين پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهي آيا. جادو ونسين سيالڪوٽ، جيسلمير ۽ غزني جهڙا شهر ٻڌايا. تاريخ واضح ڪيو آهي ته جنجهي جنهن نسل مان آهن، انهن صوبن کان وٺي، ثقافت ۽ تهذيب جي رکوالي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن دشمنن کي به پئي للڪاريو آهي. مان هتي هن ڪتاب يعني ”ويجها ٿيا وصال“ جو ذڪر ڪندي، واضح ڪندو هلان ته صاحبِ ڪتاب مرحوم غلام محمد جنجهي، جهڙيءَ طرح هن ڪتاب وسيلي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ روايتن کي زندهه ڪندي، سنڌي شاعريءَ جا سهڻا شهر ٻڌائي، پنهنجي هاڪ جي ساک بيهاري آهي، اهڙي طرح سندن لائق فائق فرزند نوراحمد سنڌي، انگريزي ۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ نهايت خوبصورت ترجما ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، هاڻي ته 2100 صفحن تي آڪسفورڊ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ جي سنڌيڪارن ۾ سندس نالو پڙهي آءٌ ته حيرت ۾ پئجي ويو آهيان ۽ اميد اٿم ته سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جي درست ڪم جي حوالي سان ايندڙ نسلن لاءِ هيءَ ڊڪشنري هڪ مشعل طور استعمال ٿيندي. مان هن موقعي تي سراج ميمڻ، بدر ابڙي، قلندر شاهه، نوراحمد جنجهي سميت سڀني محققن کي دل جي گهرائيءَ مان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو. هيءَ تمام وڏي ڪاميابي آهي. تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، اهي مبارڪن جا مستحق آهن، هنن جس لهڻو. هن موقعي تي مان وڏي فخر ۽ احترام سان مرحوم غلام محمد جنجهي جي شاعريءَ جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته سندن شاعريءَ ۽ سندن ڏات مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي، منهنجي مطالعي ۽ معلومات موجب مارئي ۽ سسئي جي ڪردار تي پهريون ڀيرو ٿر جي ڪنهن شاعر وڏي پيماني تي طبع آزمائي ڪئي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ته هڪ جهلڪ آهي. پويان شايع ٿيڻ لاءِ ٻيو جهجهو مواد موجود آهي. شال اهڙو واءُ وري جو مرحوم جا سڀئي شعري مجموعا شايع ٿي پون. وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ٿر جو هيءُ ساڃاهه وند شاعر 16هين جون 2010ع تي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ کي ڏسڻ جون حسرتون کڻي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏيندو، ”آمين“.

غلام محمد جنجهي جي شخصيت ۾ تمام وڏي حشمت، ڏيا ۽ اٽلتا سمايل هئي. بظاهر ته هو هڏڙن جي هڪ مُٺِ مثل هو. ٿري هونئن به، اڪثريت ۾ هڏڙن جي مٺ ئي هوندا آهن. سندن جسم تي لَحم (گوشت) گهٽ هوندو اٿنِ، شايد ٿر جي ويراني ڏسي کِلندا به گهٽ هجن، ۽ کائيندا به گهٽ هجن. پر هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته ٿلهو ڳالهائڻ، ۽ ٿلهو هنڍائڻ، سندن وٽان ڪو سِکي، اسان جو ناميارو مترجم، اديب ۽ محقق نوراحمد جنجهي شڪل و صورت ۾ هوبهو پنهنجي پيءُ جهڙو آهي.

بس رڳو مرحوم جا ڀرون ايترا ته گهاٽا هئا ڄڻ ڪو ٻيلو هجي، جنهن ۾ لوڪ روايتن جا ڪيترائي اسرار لڪل هجن. ٿوري دير بعد سندن اڀريل گهاٽا ڀرون مون کي ايئن چمڪندا نظر پئي آيا ڄڻ وسڪاري کان پوءِ ٿر جون  ڀِٽون چمڪي پيون هجن! ياد رهي ته جيئن پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان هر ماڻهو پيار ڪري ٿو، بلڪل ائين ٿرين جو ٿر سان پيار ڪجهه وڌيڪ لافاني آهي، ان جو پتو اسان ٿر کان ٻاهر ويٺلن کي تڏهن پوندو آهي، جڏهن حيدرآباد، ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ڪندڙ ٿريا مينهن جو ٻُڌي، پنهنجون سڻڀيون توڙي اڻڀيون نوڪريون ڇڏي، ٿر جي ڀِٽن جا نظارا ڏسڻ لاءِ ٿر پهچي ويندا آهن.

هڪ تقريب ۾ اڳوڻي سيڪريٽري ڪلچر، حڪومت سنڌ، عبدالقادر منگيءَ ڪيڏو نه خوب چيو هو ته، ”وسڪاري جي مند ۾ جڏهن ٿر تي ڪارا ڪڪر گرجي ڀَرجي وسندا آهن، تڏهن شهرن ۾ رهندڙ ٿرين کي ڀلي ڪوٽن ۾ بند ڪيو وڃي، پر هو اُهي ڪوٽ ڀڃي ٿر پهچندا آهن.“ سو ٿرين جو، جيئن ٿر سان والهانه عشق آهي، اهڙو ئي عشق مرحوم شاعر غلام محمد جنجهيءَ جو شاعريءَ سان هو. شاعري به اُها جيڪا ٿر جي ست سيل جي حمايت ۾ هجي، ۽ وري بار بار ڀٽن جي نظارن جي ڳالهه ڪجي يا وري ڀٽن جي ڀرسان ڪنهن پراڻي تاريخي ڳوٺ ملير جي ڳالهه ڪجي، هاڻي ته ملير ناهي رهيو ته ڀالوا جي ڳالهه ڪبي، جي ڀالوا جي ڳالهه تڪراري ٿيندي، ته مارئي جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي ته هڪڙي هئي مارئي ۽ هڪڙو هو شاهه ته ڳالهه سون تي سهاڳو ٿي بيهندي. سنڌي ماڻهن کي اٺ سؤ سالن کان پوءِ هڪ بهادر عورت نظر آئي، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو پوين جي لاءِ مثال ۽ عبرت خاطر ڏنو. سو سنڌ جا ماڻهو هاڻي ان کي شهيد راڻي چوندا آهن، سو ان شهيد راڻي تي کڻي نعرو ٺاهيائون ”مارئي ملير جي بينظير بينظير!“ سو سنڌ جي تاريخ ۾ مارئي جي نالي ۾ وڏا حوالا، اشارا، ڪنايا ۽ علامتون ظاهر ٿينديون آيون آهن، ان جو هڪ ثبوت سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل شخص يعني شاعر اعظم حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. جنهن نه رڳو مارئي کي ڳائي سندس ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو آهي، پر ٿر جي عظمت کي سلام پيش ڪيو اٿس. نه ته مارئي جو قصو شاهه صاحب کان، ڪئي سال اڳ به ڳايو ويندو هو. مَيون شاهه عنايت اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مارئيءَ تي بيت ۽ وايون چيون. پر شاهه عنايت جي شاعريءَ کي اُها پذيرائي نه ملي، ۽ مارئي جو ڪردار توجهه لائق نه بڻجي سگهيو. ٿر جي ڳڻ ڳائيندڙن، عشق ڪندڙن ۾، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مارئي، روپلي ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان کوسي ۽ ٻين اهم سورمن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي اتي رائچند هريجن کي به ضرور ياد ڪيو وڃي ٿو.

جيئن استاد رائچند هريجن ”تاريخ ريگستان“ جي ٻنهي جلدن ۾ ورجايو آهي ته مان هڪ ماستر مسڪين ماڻهو ٿر بابت ڇا ٿو لکي سگهان، ان جي ابتڙ شاهه جا بيت ٿر جي عظمت جا روشن مينار بڻيو بيٺا آهن. نه ته ڪٿي مارئي ٿر جي عام سادي ڇوڪري، ڪٿي ماستر رائچند هريجن ۽ ڪٿي غلام محمد جنجهي، پر هنن سڀني کي امر ڪندڙ سونهون ۽ سرواڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ئي آهي. چيل ڳالهه جي گواهي هيٺيون بيت ضرور ڏيندو:

شاهه سائين فرمائي ٿو:

ڪَرِيو مُهاڙ ملير ڏي، اُڀيا ئِي آهي،
جا مٿي ڏنيس مارُئين، سا لوئِي نه لاهي،
سومرا ساهي، سَتيءَ وِجهه مَ سنگهرُون.

(سر مارئي)

سر مارئي ’تاريخ ريگستان‘ جي احوال ۽ هاڻي اسان جي سپورنج شاعر مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي ڪلاسيڪل شعري مجموعي ”ويجها ٿيا وصال“ کي گذريل ڏينهن کان بار بار پئي پڙهيو اٿم، جڏهن سندن شعري ڪارنامن تي نظر ڊوڙايم ته علم عروض جي تارازي به هٿ ۾ کنيم ته جهمٽمل خوبچند جي، 1953ع ۾ لکيل ڪتاب ”ڇند سڳند“ جا ماترڪ اصول به ميدان ۾ لاٿم، پر هڪ ڳالهه جيڪا شاعر جي حوالي سان ضروري آهي، اهو آهي وزن بحر وزن اهڙي شيءِ آهي جيڪو شاعريءَ لاءِ لازمي آهي. شاهه عبداللطيف جهڙي عظيم شاعر تي ميرزا قليچ بيگ تنقيد ڪئي ته شاهه جي شاعري فارسي بحر وزن کان عاري آهي ۽ نامياري محقق جهمٽمل خوبچند پنهنجي مشهور ڪتاب ”ڇند سڳند“ ۾ لکيو هو ته جنهن ٿر جي تاريخ تي سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ”تاريخ ريگستان“ جي مصنف جتي جتي ٿر جي جاگرافيائي حدن جو ذڪر ڪيو آهي، يا وري ٿر جي حسن ۽ وطن دوستي جي ڳالهه ڪڍي آهي، تڏهن رائچند صاحب تمام معدبانه انداز ۾ ٿر کي ”شاهه جو ٿر“ ڪري لکيو آهي. بلڪل ائين جيئن انگريز مستشرق رچرڊ برٽن پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ مون ٻيهر ڏٺي“ (Sindh revisited) ۾ سنڌ جو جتي جتي ذڪر پئي ڪيو آهي، اتي احتراماً سنڌ کي ”ڏکويل ماٿري“ چئي مخاطب ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ماڻهن تي ڪجهه طنز به ڪئي اٿس. شاهه بابت لکندي رائچند وڏي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. رائچند هريجن وڌيڪ لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر آهيان پرائمري ماستر، سو به ڊزرٽ ڊويزن ۾، جتي به رڳو ڏيکاريل تڪليفون، پر ٻيون به انيڪ مشڪلاتون آهن(1). رائچند هريجن جو ذڪر ان لاءِ ڪيم جو اُن کي جڏهن به، ۽ جتي به ٿر جي عظمت لاءِ ڪنهن آڌار جي ضرورت پئي آهي، ته هن تاريخ مان هٿ ڪڍي، شاعريءَ جو سهارو ورتو آهي، ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پنهنجي اظهار جو سهارو بڻايو اٿس.

شاهه عبداللطيف کي ڇند جي آدي نِيهن جي ڄاڻ نه هئي، نه پارسي ۽ عربي عروض کان واقف هو. امر لعل جڳتياڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واضح ڪري چڪا آهن ته شاهه جي شاعري موسيقيءَ جي ماترڪ وزن تي رچيل آهي. ان ۾ اهو نٿو چئي سگهجي ته شاهه فقط موسيقي جهڙي ڏکئي وزن جو ته ماهر ٿي سگهيو پئي، باقي علم عروض ۽ ڇند وديا نه ڄاڻندو هو، اها ڳالهه سراسر غلط آهي. شاهه فارسي ۽ عربي گرامر جو به ماهر هو، سندن شعر چيل ڳالهه جي جواب لاءِ ڪافي آهن. سو غلام محمد جنجهي جي شاعري به ڇند وديا ۽ علم عروض کان چڙهيل هئي. پاڻ ڇند وديا کان واقف هو. پر پاڻ به اهو ئي شاهه عبداللطيف وارو رستو اختيار ڪيائون. حالانڪ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام جي شاعري جيڪا هڪ لحاظ کان علم عروض تي پوري بيٺي هئي ته ٻي طرف بيت ۽ وائين لاءِ ڇند وديا جي علم مان پورو پورو فائدو ورتو ويو آهي. شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، سائينداد ساند، حاجي ساند، جمن دربدر، امر ساهڙ ۽ ٻين شاعرن ٿر کي خوب ڳايو آهي، پر ڪلاسيڪل سرن تي شهر چوڻ يعني پنهنجي لوڪ روايتن کي زندهه ڪرڻ جي سلسلي ۾ يقين ڪريو ته ٿر بابت، مون هي پهريون شعري مجموعو پڙهيو آهي، جنهن جو معتبر نالو ”ويجها ٿيا وصال“ آهي، جنهن جو انتساب به ڏاڍو سهڻو يعني ٿري ماروئڙن جي نالي ڪري، مارو ماڻهن جي مڃتا کي امرتا بخشي وئي آهي.

صدِ آفرين آهي، هن مرحوم شاعر کي جنهن فقط 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ شعر شروع ڪيا ۽ شعر به اهڙا جو ٿري داستانن سان ڀريا پيا آهن. مٽ ۾ بند ٿيل شاعري جو ڍڪڻ اڃا هاڻي لٿو آهي، خوشبوءِ اڃا هاڻي آئي آهي، نشا ته اڃا هاڻي چڙهيا آهن. شاهه عبداللطيف کان پوءِ ٻين شاعرن سان گڏ شيخ اياز به ڪلاسيڪل سرن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر کيس ان شاعريءَ تي اها خاص موٽ نه ملي آهي جيڪا شهرت کيس جديد ۽ انقلابي شاعريءَ جي صورت ۾ ملي آهي. ان سڄي پيرائتي ڳالهه ڪڍڻ جو مقصد اهو آهي ته صاحب ڪتاب مرحوم غلام محمد جنجهي جي شاعري، معيار ۽ مقدار ۾ ڪٿي پهتل آهي؟ سندس ڪيل شاعريءَ جا انگ اکر ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾ ڪجهه هن طرح آهن:

1. سرڪلياڻ ۾ 32 بيت

2. سر آسام 35 بيت

3. سر رامڪلي ۾ 45 بيت

4. سر مارئي ۾ 235 بيت (هن ۾ ڪاپائتي ۽ سسئي جا بيت به آڻي سگهجن ٿا. شاهه لطيف سر مارئي ۾ 132 بيت چيا آهن.)

5. سر سسئي ۾ 182 بيت

6. سر ڪوهياري ۾ 44 بيت

7. سر ديسي ۾ 29 بيت

8. سر سارنگ ۾ 48 بيت

9. سر سامونڊي ۾ 27 بيت

10. سر بردو سنڌي ۾ 35 بيت

11. سر ڪاپائتي ۾ 46 بيت

12. سر سهڻيءَ ۾ 14 بيت

13. سر ليلا چنيسر ۾ 17 بيت

14. سر سورٺ ۾ 31 بيت

15. سر نوريءَ ۾ 19 بيت

16. نانوَ ڳنڍڻ ۾ 03 بيت (متفرقه)

17. دانائن جي حقيقت ۾ 03 بيت

18. ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون ۾ 02 بيت

19. نور احمد جي ولادت با سعادت تي شڪريه ادائي ۾ 03 بيت

20. صبر ڪرڻ ۾ 03 بيت

21. ساکيءَ ۾ 01 بيت

22. آهه مالڪ اڳيان ۾ 04 بيت

23. عقيدت جو اظهار ۾ 02 بيت

24. حمد 02 عدد

25. نعت 01 عدد

26. ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڪالنگڙو 114 عدد

27. غزل فقط هڪ عدد

28. نظم فقط هڪ عدد

29. مارئي تي چيل ڪافيون، 46 عدد

نوٽ: وڏي ۾ وڏي ڪافي به 24 بندن واري مارئي تي چئي اٿن.

30. سسئي تي 44 ڪافيون چيون اٿن.

انگ اکر پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته شاعر ڪيئن نه ثابت قدميءَ سان پنهنجي نيت، ارادي ۽ احساسن کي پيش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، پاڻ ته اُتي هليو ويو آهي جتان ڪوبه واپس نه وريو آهي، پر ڪتاب جي صورت ۾ سندن نالو پيو ڳائجي، جيستائين ٿري شاعريءَ جا قدردان موجود آهن. شاعر غلام محمد جنجهيءَ جو نالو به گونجندو رهندو.

شاهه عبداللطيف پنهنجين سورمين مان سسئي تي پنج سُر چيا آهن. غلام محمد به سسئي بابت تمام گهڻا بيت چيا آهن، پر جڏهن تارازيءَ ۾ توربا ته مارئي جي چيل بيتن جو پُڙُ ڳرو رهندو.

ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾  جنجهي صاحب پنهنجي وطن جاڳڻ ڳائيندي چوي ٿو:

 

سدا، سادا سڦرا، مون اباڻا آهين
لٽا، لهاتا لڱن تي، پنهوار ٿا پائين
پاڙيچن کي پرت سان، چاهه رکي چاهين
وڙهيل جيڪي ويڙهه ۾، تن ٺاهه ڪري ٺاهين
سڱن بندن کي ساڻيهه ۾ لياقت سان لاهين
غلام محمد آهين، ماروئڙا ملير ۾،
 

منهنجي خيال ۾ ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ ۾ خاص طور تي سر مارئيءَ ۾ ٿر جي ٻوٽن، وڻن، پکين ۽ جيتن جا ايترا ته نالا فنڪارانه انداز ۾ استعمال ڪيا ويا آهن، جيترا شاهه عبداللطيف ڀٽائي به استعمال نه ڪيا آهن، ان مان فقط هڪ لفظ جو مثال ڏيندي مان جامع سنڌي لغات ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنديانا وارن کي گذارش ڪندس ته ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال“ کي سورس مٽيرل طور استعمال ڪن، ورنه ٿر سان وڏي ناانصافي ٿيندي. هتي ڪتاب مان هڪ بيت پيش ڪريان ٿو:

 

ماروئڙا ملير ۾، کائن ٻگري جي ٻاٽي،
پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي،
ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا.
 

ٻگرو لفظ جيڪو شاهه به استعمال نه ڪيو آهي. ان بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي جلد پهرين ۾ لکيل آهي ته ٻگرو للر يا مريڙي کان گهڻو ٿڙيل هوندو آهي.(1) ڊاڪٽر بلوچ به جامع سنڌي لغات ۾ ٻگري بابت اڻپوري داخلا ڪئي آهي، فقط لکيو ويو آهي ته ٻگرو گاهه جو قسم آهي.(2) ڪتاب ويجها ٿيا وصال ۾ صفحي 11 تي لکيل آهي ته ٻگرو مريڙي جهڙو هڪ ٻوٽو آهي جيڪو فولاد جي سگهه سان ڀرپور آهي. هاڻي توهان پاڻ غور ڪيو ته ٻگري بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ اڻپوري داخلا رکي آهي، ٻيو ته ٻگري جا فائدا به نه لکيا ويا آهن. هاڻي فقط توهان جو ڌيان هڪ لفظ ڏانهن ڇڪايم، ان بابت اسان جي محققن اڻپورو مواد ڏئي، بس خاناپوري ڪئي آهي، ان ڪري وري به چوان ٿو ته ڪتاب ويجها ٿيا وصال جي ٻولي تي توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، مثال طور اڄ ڏينهن تائين اسان وٽ بحث هلندو پئي آيو آهي ته مارئي ڪٿان جي هئي، ته ان جو حل به جيڪڏهن هن ڪتاب جي هيٺئين بيت جي روشنيءَ ۾ ڪڍيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ جيئن شاهه عبداللطيفؒ ملير بابت واضح ڪيو آهي تيئن رائچند هريجن، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمد جنجهي به واضح ڪري ٿو ته ملير به ڀالوا ڀرسان هڪ ڪچو ننڍڙو ڳوٺڙو هو، ۽ ان کي مارئي جو اصل ڳوٺ تسليم ڪيو وڃي. ڀالوا بابت ثبوت ڏيندي شاعر چوي ٿو:

سي ڪيئن وساريان سومرا جي رهن منجهه ريلن،
پهون چارين پنهنجون ٻاٻاڻان ٻيلن،
ڀالوا جي ڀيڻي تي، ڇانگو رکن ڇيلن،
غلام محمد اهڙن اياڻن، آءٌ ڪيئن وساريان سومرا.
 

هاڻي توهان آڏو هن شاعري جي جوهر ۾ جيڪا ٺهر ۽ لهر سمايل آهي، ان جا ٻه مثال پيش ڪندس. ٿورو توهان کي ٻڌايان ته شهرن ۾ ٺهندڙ ڀاڄين کان منهن موڙيندڙ ٿرين جي ترجماني ڪندي سورمي مارئي جنجهي صاحب جي تخيل وسيلي چوي ٿي ته:

 

چاهَئون چَٽينِ سومرا، مکڻ قنداليون،
پيرون ولوڙي پارن ۾، چکن چنگهاليون،
داڳي هُو داليون، ساڻيهه نه کائن سومرا.
 

آخر ۾ فقط هن بيت ۾ چيل دعا سان شاعر جي تعارف کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندس.

داتا سڀ دور ڪر، منجهان ڏيهه ڏڪار،
ٿين سدا ٿر تي مينهن ميگهه ملار،
پکي رهون پنهنجي، چاري ڌڻ ڌڻار،
کيٽن کراکوڙيون، انن جا انبار،
گهاريئون غلام محمد چئي آ سودا آپار،
اسان سڀ پنهوار، گهرج گهرون ٿا ايتري.


(1) غلام محمد جنجهي، ”ويجها ٿيا وصال“، ڇاپو پهريون، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سال 2010ع. (ص بيڪ ٽائٽل)

(1) جينت ريلوائي، ”سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“، اشاعت اول، سنڌو ڀارتي پبليڪيشن، سنڌو 4/9 شاستري نگر، راجڪوٽ 360001 اشاعت جو سال 2008ع ص.224

(1)  رائچند هريجن، ”تارخ ريگستان“ (حصو پهريون) ڇاپو پنجون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2010ع ص 11.

(1)  فهميده حسين ڊاڪٽر چيف ايڊيٽر: ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“، (جلد پهريون) ڇاپو پهريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ سال اشاعت 2009ع ص. 565

(2)  ڊاڪٽر بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“، (ڇاپو ٻيون) جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص 407.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com