حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
تحقيق
مفتي دُرّ محمد سڪندري جون عملي،
ادبي ۽ سماجي خدمتون
سنڌ جي ڀلاري ڀُونءِ کي اِهو شرف حاصل آهي جو
پهرين صدي هجريءَ ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر جرار جي
قيادت ۾ اسلام جي جهنڊي کي نَصب ڪيو ويو ۽ هن کي
باب الاسلام جي ڀلاري لقب سان ملقب ڪيو ويو. اسلام
جي برڪت سان هن سون وَرني ڌرتي هزارن عالمن،
شاعرن، صوفين ۽ سرويچن کي جنم ڏنو. هن برڪت ڀري
ڀُونءِ جا ڀلارا ماڻهو حرم حبيب ۾ رهي پرين جي
پَچار ڪندا رهيا. جهڙوڪ ”طوالع الانوار“ جو مصنف
مخدوم محمد عابد سنڌي، مخدوم ابوالحسن ڪبير ۽ صغير
سنڌي آهن. مخدوم محمد اڪرم نصرپوري، مخدوم جعفر
بوبڪائي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد
سيوستاني ”نعمان ثاني“ به هن ڌرتيءَ جا سپوت عالم
ليکيا وڃن ٿا جن دين متين جي خدمت ڪري ڏيساور ۾
پنهنجي پياري وطن جو نالو روشن ڪيو. سنڌ جي ڏکڻ ۽
اوڀر واري پرڳڻي ۾ ڪافي حصو ٿر جو اچي ٿو. هن
علائقي جي رهڻي ڪهڻي ڪڪرن تي آهي. هتي جا اڪثر
ماڻهو مالوند آهن، انهن جو گذر سفر اڪثر مال تي
هوندو آهي. سانوڻ جي موسم ۾ برسات پوڻ جي ڪري هتي
جي زرخيز زمين ۾ اناج به گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي.
هتي جي زمين جهڙي زرخيز آهي، ان سان گڏ مردم خيز
به آهي. ماضي جي ورقن کي جڏهن ماڻهو کولي ٿو ته هن
مردم خيز زمين ۾ جتي اسان کي مسڪين جهان خان کوسي
۽ ميان نور محمد ننگر پارڪر جا نالا نروار نظر اچن
ٿا، اُتي اهل الله سيد محمود شاهه ۽ سيد نور محمد
شاهه بخاري پورلي وارا به پنهنجي سخا ۽ بزرگيءَ ۾
پنهنجو مَٽُ پاڻ نظر اچن ٿا. ته وري عالمن ۾ ميون
حامد الله ٻهه وارو، مولوي عبدالمجيد ساند، مولوي
محمد امين ساند ”گوهر“، مولوي مفتي عبدالهادي
چانڊيو راوتسري، مولوي عبدالواحد دَل ۽ ويجهي وقت
جا بزرگ عالم مولوي حاجي جلال الدين سڱراسي ۽
استاد العلماء مفتي دُر محمد سڪندري به پنهنجي علم
۽ تقويٰ ۾ پڻ جڳ مشهور ٿي گذريا آهن. حضرت مولانا
استاد مفتي درمحمد سڪندري عليه الرحمة جن جو جنم
1939ع ڌاري ڳوٺ ”وروائي“ لڳ اسلام ڪوٽ، موجوده ضلع
مٺي ٿر ۾ محمد ابراهيم لنجو جي گهر ۾ ٿيو. نوشتهء
تقدير ازل ۾ هن درويش صفت انسان جي نالي دين متين
جي خدمت رقم فرمائي ڇڏي هئي.
ابتدائي تعليم:
پاڻ ابتدائي پرائمري سنڌي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ
وروائي ۾ ٽن درجن تائين پرايائون. چوٿين درجي ۾
داخل ٿيڻ وارا هُئا ته سندن وڏي ڀاءُ مرحوم محمد
بچل اسڪول مان ڇڏائي مدرسي ’بحرالعلوم‘ ڪنري ميمڻ
۾ 1951ع ڌاري ديني تعليم حاصل ڪرڻ واسطي داخل
ڪرايائون. سندن وڏو ڀاءُ مولوي محمد ڪامل ”متوڪل“
پاڻ کان اڳ چار سال هن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري
رهيو هو. قبلا مفتي صاحب جن جا والدين ننڍپڻ ۾ ئي
کين داغ مفارقت ڏيئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري
ويا. انهي ڪري مولوي محمد ڪامل، قبلا مفتي در محمد
۽ مولوي محمد عارف جن جي تعليم ۽ تربيت جو سمورو
بار سندن وڏي ڀاءُ مرحوم محمد بچل پنهنجي سر تي
کنيو. مرحوم پاڻ مزوري ڪري پنهنجن ننڍن ڀائرن کي
ديني تعليم ڏياري. هڪ دفعي سائين مفتي صاحب جن
ڪنري واري مدرسي ۾ بيمار ٿي پيا، ايترو ته بيمار
ٿيا جو بچڻ جو به آسرو پلي ڇڏيائون. مرحوم محمد
بچل، ڪنري ميمڻ مان مفتي صاحب کي ڪلهي تي کڻي سؤ
ميل کن پنڌ ڪري سندن اباڻي ڳوٺ وٺي آيو.
سائين استاد مفتي در محمد سڪندري صاحب جن ننڍي
هوندي کان ئي ذهين، ذڪي ۽ محنتي هوندا هئا. قرآن
شريف، فارسي ۽ عربي جي تعليم متوسط درجي تائين
مدرسي ’بحرالعلوم‘ ڪنري ميمڻ ۾ حاصل ڪيائون. انهي
وقت مدرسي ۾ سندن استاد: مولانا عبدالغفور چانڊيو،
مولوي دوست محمد ميمڻ، حاجي عبدالحق ميمڻ ۽ مولانا
غلام رسول ڇڄڙو (دادوي) هوندا هئا. عربي تعليم ۽
فارسي جا اڪثر ڪتاب مولوي غلام رسول جن وٽ پڙهيا،
جڏهن مولوي صاحب موصوف موڪل تي ويندو هو ته سائين
مفتي صاحب جن ڪنري ميمڻ کان پيادل ڪنري شهر ۾
مولانا محمد سليمان رونجهو
لس ٻيلائي جن وٽ روزانه بلاناغه سبق پڙهڻ ويندا
هئا. اهو سندن علم سان شوق ۽ لڳاءُ هو جو تڪليف کي
برداشت ڪري منزل ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جان کي
جوکو ڏيڻ سان ئي گوهر مقصود ملندو آهي. بقول حافظ
شيرازي عليه الرحمة جي:
دست از طلب ندارم تا کام من بر آيد
ياجان رسد بجانان يا جان زتن بر آيد
”آءٌ سچي طلب کان دستبردار ايستائين نه ٿيندس
جيستائين منهنجو مقصد پورو ٿئي يا جان دوستن کي
پهچي يا ساهه سرير مان نڪري وڃي.“
حضرت شاهه صاحب رحمة الله عليه به تمام سهڻو چيو
آهي:
ويٺي وَرِ نه پَوَن، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين،
جي مٿي
رَندَنِ رُئنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي،
وِندُرَ جي وَڃَن، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندرا،
ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.
ڪنري ميمڻ ۾ مسلسل ڇهه سال تعليم حاصل ڪري ان کان
پوءِ 1957ع ڌاري سنڌ جي مشهور ديني درسگاهه ’جامعه
راشديه‘ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ويا ڇو ته ان وقت جامعه راشديه ۾ ملڪ جا
مشهور ماهر عالم ۽ فاضل استاد هوندا هئا. جهڙوڪ
مفتي اعظم پاڪستان حضرت مولانا مفتي صاحبداد خان
جمالي صاحب، حضرت مولانا مفتي تقدس علي خان صاحب
بريلوي، حضرت مولانا محمد علي ازهري، حضرت مولانا
ڪريم بخش دايو صاحب، حضرت مولانا عبدالصمد صاحب
انهن سمورن جو سرواڻ حضرت مولانا محمد صالح مهر
مهتمم جامعه راشديه. اهڙن فياضن استادن پنهنجي فيض
سان قبلا مفتي در محمد صاحب جن کي اهڙو ته رڱيو جو
رڱجي ريٽو ٿي ويا.
پاڻ پنهنجي مسلسل محنت ۽ ڪوشش ڪري درس نظامي جي
مروج علوم کي حاصل ڪيائون. درس نظامي سان گڏوگڏ
بورڊ جا امتحان مولوي عربي عالم ۽ فاضل به سيڪنڊ
پوزيشن ۾ حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيائون. انهي سان
گڏوگڏ فتويٰ نويسيءَ جو فن به حضرت مولانا مفتي
صاحبداد خان عليه الرحمة جن وٽ سکيا.
پاڻ مسلسل چار سال کان به وڌيڪ عرصو جامعه راشديه
۾ زير تعليم رهيا. انهي عرصي دوران مدرسي جي موڪل
يا ٻين ڏينهن ۾ ڪڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”وروائي“
جا وڃي وڻ نه ڏٺائون، اگر وڃڻ ٿيندو هو ته صرف
ڪنري ميمڻ وڃي پنهنجي استادن جي قدمبوسي ڪري واپس
مدرسي موٽي ايندا هئا.
سن فراغت:
آخرڪار پاڻ پنهنجو مقصد ماڻي علوم معقول و منقول
حاصل ڪري سال 1962ع ڌاري ’جامعه راشديه‘ مان
سندالفراغ حاصل ڪري فارغ ٿيا. فارغ ٿيڻ کان پوءِ
چار مهينا کن سڪرنڊ جي مسجد ۽ ڪجهه عرصو مٽياري جي
مسجد ۾ امامت ۽ خطابت جي ڊيوٽي سر انجام ڏنائون.
آخرڪار استاد العلماء حضرت مولانا محمد صالح مهر
مهتمم جامعه راشديه جن جي حڪم موجب 16 اپريل 1962ع
ڌاري مدرسي ’صبغة الاسلام‘ سانگهڙ جا استاد مقرر
ٿيا. سندن فقه حديث جي سند جيڪا شهدادڪوٽي بزرگن
کان ٿيندي مٿي وڃي حضرت علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي
۽ حضرت علام سعدالدين تفتازاڻي سان وڃي ملي ٿي.
اها سَنَد هن ريت آهي:
فقه جي سَنَد :
اخذ العلوم مولانا مفتي در محمد سکندري من حضرت
العلامته المفتي الاعظم باکستان مفتي صاحبداد، وهو
جامع المعقول والمنقول صاحب التڪبيرو وحبرالخرير
علامه مولانا محمد قاسم وهومن سيد الفقهاءِ مولانا
عبدالغفور همايوني وهومن والده خليفه محمد يعقوب
وهومن استاذه علامه عبدالحڪيم ڪندوي وهو من استاذه
علامه محمد عاقل شاهه المڪمل العينين وطويل
الجمتين وهو من استاذه مولانا محمد دائود آگره
وهومن العلامته مولانا محمد آريجوي وهومن مولانا
قل احمد آريجوي وهومن والده العلامته عبدالله
آريجوي وهومن مولانا العلامته عبدالحکيم سيالکوتي
وهو سنده المتصل الي العلامته سعد الدين
التفتازاني.
حضرت مولانا تقدس علي خان صاحب بريلوي شيخ
الجامعته رحمة الله عليه جن جي سَند ٻن واسطن سان
اعليٰ حضرت مولانا شاهه احمد رضا خان صاحب فاضل
بريلوي رحمة الله عليه جن سان وڃي ملي ٿي جيڪا
اڳتي هلي (فقهه ۾) حضرت سيدنا عبدالله بن مسعود
رضي الله عنه جن جي واسطي سان حضور اڪرم ﷺ جن سان
وڃي ملي ٿي ۽ حديث جي سند ۾ محقق حضرت شيخ عبدالحق
محدث دهلوي رحمة الله عليه جن جي واسطي سان آخر ۾
حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنه جن جي واسطي سان
حضور اڪرم ﷺ جن سان وڃي ملي ٿي.
درس و تدريس:
جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته حضرت قبلا استاد
سائين مفتي در محمد سڪندري صاحب رحمة الله عليه جن
1962ع کان باقاعدي سان استاد جي حيثيت سان مدرسي ۾
مقرر ٿيا. درس و تدريس ۾ پاڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئا.
شاگردن کي محنت ڪرائي ڪاپيون لکرائڻ، فارسي عربي
جا امتحان ڏيارڻ، عربي عبارت کي حل ڪرڻ ۾ مختلف
نوعيت جا صرفي ۽ نحوي شاگردن کان سوال ڪرڻ خصوصاً
قرآن شريف جي ابتدائي پنجن سيپارن جي ترجمي ۾
سموري نحو ۽ صرف جو دور ڪرائڻ، هر هفتي ۾ جمعي جي
رات جو شاگردن کان تقريرون ڪرائڻ، هر هفتي ۾ جمعي
جي تربيتي پروگرام مقرر ڪرڻ. اهو دائمي سندن معمول
هوندو هو. مهيني ۾ ٽي مهينا اردو ۾ ۽ هڪ هفتو
سنڌيءَ ۾ تقريرون ڪرايون وينديون هيون. سندن انهي
محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو هن مدرسي مان
بهترين مقرر، مدرس ۽ مصنف فاضل پيدا ٿيا. انهن مان
چند چيده فاضلن جا نالا هي آهن: مولانا غلام عباس
ٻگهيو سڪندري فاضل موصوف امام نووي جي مشهور ڪتاب
رياض الصالحين جو سنڌي ترجمو ڪري الراشد اڪيڊمي
ڪراچي طرفان شايع ڪيو آهي. ان کان علاوه درس
تراويح اردو ۾ به.
مولانا عبدالوهاب سڪندري، فاضل موصوف مشڪواة شريف
نصف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري چڪا آهن. اڳتي ڪم هلي
رهيو آهي. ان کان علاوه جديد دؤر جي مشهور و مقبول
تفسير ضياءُ القرآن جو سنڌي ترجمو درس قرآن جي
عنوان سان ماهوار الراشد ۾ ڏيئي رهيا آهن. مولانا
استاد سائين علي اڪبر راهمون سڪندري (فاضل موصوف
راقم الحروف) جا به عربي جي ابتدائي ڪتابن ۾ استاد
رهيا آهن. الله تعاليٰ کين شاگرد کي سمجهائڻ ۽
مطمئن ڪرڻ جو لاجواب ملڪو عطا فرمايو آهي. جڏهن
اسان کي پڙهائيندا هئا ته عربيءَ ۾ مضمون لکرائڻ،
عربي ۾ تقريرون ڪرائڻ ۽ شاگردن ۾ خود اعتمادي پيدا
ڪرڻ تي سٺا سٺا ليڪچر ڏيندا هئا. مولوي محمد
ابراهيم نظاماڻي سڪندري صاحب ۽ مولوي محمد ذاڪر
سمو سڪندري جن جي ذهانت جو اعتراف قبلا مفتي صاحب
جن خود فرمائيندا هئا. مقررن ۾ مولوي اشرف علي جت
سڪندري، مولوي جلال الدين درس سڪندري، مولوي غلام
عباس سڪندري، مولوي سيد محمد شاهه سڪندري، مولوي
شفيع محمد سڪندري ۽ مولوي عبدالحميد چنه سڪندري
صاحب جن جا نالا به قابلِ ذڪر آهن.
تصنيف و تاليف:
درس و تدريس جي اهم فرض سان گڏوگڏ حضرت استاد مفتي
صاحب عليه الرحمة جن امام العارفين حضرت سيدنا و
مرشدنا سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن
جي ملفوظات شريف (فارسي) جي چوٿين، پنجين ۽ ڇهين
حصي جو سليس سنڌي ۾ ترجمو ڪري حضرت مرشد ڪريم روضي
ڌڻي رحمة الله عليه جن جي جماعت تي هڪ عظيم احسان
فرمايو آهي. ترجمي ۾ جيڪا روانگي تسلسل آهي،
انهيءَ جو سهرو حضرت قبله مفتي صاحب رحمة الله
عليه جن جي ئي سر تي سونهين ٿو.
”مدعي کي چئو ته هليو وڃ ۽ حافظ جي اڳيان نڪته
بازي نه ڪر. اسان جو قلم به ته (آخرڪار) ڪا زبان ۽
بيان رکي ٿو.“
فتويٰ نويسي:
اهو هڪ اهم شعبو آهي هر هڪ جو اهو ڪم نه آهي جو
قلم کڻي ويهي خام فرسائي ڪري، بلڪ هيءُ هڪ عظيم
منصب آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد
ڪرڻي پوي ٿي، تڏهن وڃي گوهر مقصود ملندو آهي. قرآن
۽ سنت مان مسئلو اخذ ڪرڻ آسان ڪم نه آهي. انهيءَ
لاءِ درجن علوم و فنون حاصل ڪرڻا پوندا آهن. حضرت
علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه فرمائي
ٿو ته انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مؤمن جو سرمايو
قرآن ۽ حديث رسول ﷺ آهي مگر انهن کي کما حقه پرکڻ
۽ پروڙڻ لاءِ هيٺين علمن کي ڄاڻڻ ضروري آهي:
ناسخ، منسوخ حقيقت، مجاز، ظاهر، نص، محڪم، متشابه،
مجمل، موؤل ۽ مشڪل وغيره ۽ انهي سان گڏوگڏ اسماء
الرجال جو علم رکڻ جنهن جي ذريعي صحيح حسن ۽ ضعيف
جي سند کي سمجهي سگهجي، صحت ۽ ضعف جي مرتبن کي
معلوم ڪري سگهجي. (ڪشف الرين عن مسئلته رفع
اليدين. ص 79)
حضرت علامه عبدالاول جونپوري رحمة الله عليه
فرمائي ٿو ته مفتي تي واجب آهي ته اهو فتويٰ نقل
ڪرڻ وقت معتبر ڪتابن جي طرف رجوع ڪري ۽ هرهڪ ڪتاب
تي اعتماد نه ڪري، خاص ڪري فتويٰ جي ڪتاب تي، ڇو
ته اهو هڪ وڏي وسيع ميدان وانگر آهي ۽ انهي ۾ هر
قسم جا مسئلا هوندا آهن، مگر انهي تي اعتبار تڏهن
ڪيو ويندو جڏهن انهي جي مصنف جي حال علمي ڪيفيت
کان واقف هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو مسئلو ملي
جنهن جو وجود معتبر ڪتابن ۾ نه هجي، ته انهيءَ
صورت ۾ مفتي تي واجب آهي ته فتويٰ جي معتبر ڪتابن
۾ ڳولي. گهڻي تحقيق ۽ تفتيش کان پوءِ اگر معتبر
ڪتاب ۾ ملي وڃي ته بهتر ورنه انهي ڪتاب (يعني غير
معتبر ڪتاب) جي موافق فتويٰ ڏيڻ ۾ ڪڏهن به جرائت
نه ڪري. مفتي تي اهو به لازم آهي ته مفتيٰ به قولن
جي نشانين کي ياد رکي. مفتيٰ به قول هي آهن: 1.
وعليه الفتويٰ 2. وبه يفتيٰ 3. وبه ناخذ 4. وعليه
الاعتماد 5. وعليه عمل اليوم 6. وعليه عمل الامته
7. وهو الصحيح 8. وهو الاصح 9. وهو الاظهر 10. وهو
الاشبه 11. وهو الاوجه 12. وهو المختار 13. وبه
جرالعرف 14. وهو المتعارف 15. وبه اخذ علماؤنا.
(مفيدالمفتي صه- 91)
حضرت قبلا مفتي صاحب جن انهيءَ عظيم منصب کي ماڻڻ
لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪيائون. کين مفتي اعظم
پاڪستان حضرت مولانا مفتي صاحبداد خان جمالي رحمة
الله عليه جهڙي مدبر، مشفق ۽ مهربان استاد جي
تربيت ۽ صحبت حاصل ٿي. پاڻ طالب علميءَ جي وقت ۾
مفتي اعظم صاحب جن جي فتوائن کي نقل ڪرڻ ۽ سندن
خدمت مبارڪ ۾ رهي کانئن فتويٰ نويسي سکڻ ۾ گهڻي
محنت ۽ مشق ڪندا هئا، ايتري قدر جو جڏهن صبغته
الاسلام ۾ استاد مقرر ٿيا ته ڪڏهن ڪڏهن رات جو
عشاء نماز کان پوءِ شاگردن جو دور ٻڌي ”فتاويٰ
شامي“ جو مطالعو شروع ڪندا هئا. تان جو صبح جو فجر
جي آذان ايندي هئي، آخرڪار انهيءَ محنت جو نتيجو
اهو نڪتو جو پاڻ پنهنجي همعصر عالمن ۽ مفتين ۾
ممتاز ليکجڻ لڳا.
فتويٰ نويسي جي شروعات:
حضرت قبلا مفتي جن جامعه راشديه مان فارغ ٿيڻ وقت
به مفتي ٿي فارغ ٿيا هئا. پر هڪ ٻه سال امامت ۽
خطابت يا مدرسي جي ابتدا ۽ شهرت نه هجڻ ڪري ۽ خاص
ڳالهه ته ماحول نه ملڻ ڪري فتويٰ نويسي نه ڪيائون،
جڏهن عربي ۽ فارسيءَ جا شاگرد اچڻ لڳا ۽ مدرسي جي
تشهير به وڌڻ لڳي ته سائلن جي آمدورفت شروع ٿي،
پوءِ پاڻ فتويٰ نويسي جي ڪم کي شروع ڪيائون. سندن
فتويٰ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ 1965ع
کان باقاعدي فتويٰ لکڻ شروع ڪئي اٿن. سندن فتوائون
فقهي مسئلن تي مشتمل آهن. انهي ڪري فتوائن جي
مجموعي کي فقهي بابن جي ترتيب سان مرتب ڪيو ويو
آهي. ترتيب هن طرح آهي:
عنوان |
فتوائن جو تعداد |
ڪتاب العقائد |
1 |
ڪتاب الصلواة |
10 |
ڪتاب النڪاح |
33 |
باب الرضاعته مع حرمته مصاهرة |
9 |
باب الطلاق |
18 |
باب العدت |
2 |
باب الحضافته |
3 |
باب+ معاملات بين المسلمين |
7 |
باب التعزير |
4 |
باب القصاص |
2 |
باب المسجد والوقف |
9 |
باب الاحياءَ والموات |
1 |
باب متفرق مسائل |
11 |
ڪتاب الفرائض |
150 |
ايءَ نه مارن ريت جئين سيڻ مٽائين سون تي:
حضرت قبلا مفتي صاحب جن فتويٰ بغير معاوضي جي (خدا
ڪارڻ) لکي ڏيندا هئا، ڪڏهن به ڪنهن کان فتويٰ لکڻ
تي پائي به نه ورتائون، اگر ڪو شخص پئسن ڏيڻ تي
اصرار ڪندو هو ته چوندا هئا ته بابا! اسان کي
توهان جي رپين جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن خدا جي
نالي تي ڏيڻ چاهين ٿو ته مدرسي ۾ غريب ۽ پرديسي
(زڪواة ۽ خيرات وٺڻ جا مستحق) شاگرد پڙهن ٿا، انهن
جي امداد واسطي مدرسي ۾ رقم جمع ڪرائي، ان جي رسيد
وٺ. مطلب ته حضرت قبلا مفتي صاحب جن کي الله
تعاليٰ جو هيءُ فرمان مبارڪ هميشه پيش نظر هوندو
هو ته:
وَلَا تَشْتَرُوْا بِاٰيٰتِيْ
ثَـمَنًا قَلِيْلًا
”منهنجن آيتن کي گهٽ دام ۾ نه وڪڻو.“
اگرچه متاخرين عالمن سڳورن درس، تدريس، آذان،
اقامت، خطابت ۽ فتويٰ لکي ڏيڻ جي عيوض اجرت وٺڻ جي
اجازت ڏني آهي ڇو ته اڳيئن زماني ۾ بيت المال مان
انهن کي وظيفا ملندا هئا، هن وقت اسلامي حڪومتون
ختم ٿي چڪيون آهن اگر اجرت نه ڏني ويئي ته دين جا
احڪام صحيح طريقي سان ادا نه ڪري سگهبا مگر قبلا
مفتي صاحب جن عزيمت تي عمل ڪندي سلف صالحين جي سنت
کي زندهه ڪري اهو ثبوت ڏنائون ته:
سون برابر سڳڙا، لون لون برابر لک،
رپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنهن کي ڪک،
مون مارو جو مکُ، تيل نه لائيان تنهنجو.
شعر و شاعري:
شعر جو شرف ۽ شان ان جي عجيب غريب حالت ۽ شاعرن جي
حيرت انگريز خاصيت ۽ فضليت مان ثابت ٿي سگهي ٿو.
شعر جو شرف ساڳيو علم جو شرف آهي. علم جي شرف هئڻ
۾ ڪنهن کي به شڪ نه آهي ڇو ته عام قبول پيل ڳالهه
آهي. عالم ۽ شاعر لفظي يا لغوي معنيٰ موجب ٻئي
برابر آهن. ٻنهي جي اصل معنيٰ ”ڄاڻيندڙ“ آهي. شعور
جي معنيٰ ئي ڄاڻ آهي. حضور نبي ڪريم ﷺ جن ارشاد
فرمايو ته: ان من الشعر الحکمة. ڪن ڪن شعرن ۾ حڪمت
جا راز رکيل هوندا آهن. هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ اچي ٿو
ته: الله تعاليٰ جي عرش هيٺيان اهڙا خزانا آهن جن
جون چاٻيون شاعرن جون زبانون آهن.
عارف بالله مولانا رومي رحمة الله عليه فرمائي ٿو
ته:
شاعري جز ويست از پيغمبري
جا هلا نش کفر دا نند از خري
يعني: شعر، نبوت جو هڪڙو جز آهي جيڪي انهي کي ڪفر
ٿا ڄاڻن سي گڏهه آهن.
شاعرن کي تلاميذالرحمان سڏيو وڃي ٿو. شاعر حقيقت ۾
عوام جو صحيح ترجمان آهي، ڪيترائي عارف عالم ۽
اولياء الله سڳورا دنيا جا عظيم شاعر ٿي گذريا آهن
جن پنهنجي الهامي ڪلام سان پنهنجي اندر جا اسرار
عوام اڳيان اوريا آهن. انهن جي دل مان نڪتل گفتو
ٻڌڻ وارن جي دل تي ايترو ته اثرائتو ثابت ٿيندو
آهي جو هنن جي ڪايا ئي پلٽجي ويندي آهي ۽ ڪيفيت ئي
بدلجي ويندي آهي. ڪيترائي ٻڌڻ وارا اهڙو مؤثر ڪلام
ٻڌي مرغ بسمل وانگي تڙپندا نظر ايندا آهن.
استاد سائين حضرت مفتي در محمد سڪندري عليه الرحمة
جن به عالَمِ شباب ۾ شعر و شاعريءَ تي طبع آزمائي
ڪئي اٿن، سندن ڪلام جو گهڻو حصو غزلن تي مشتمل آهي
جيڪي سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهن. ڪلام ۾ تجنيس
حرفي، تشبيهه ۽ استعارا عام نظر اچن ٿا. مولوي
محمد بخش ناريجو سڪندري صاحب راقم سان هڪ دفعي
ڳالهه ڪئي ته حضرت مفتي در محمد عليه الرحمة جن
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جن جي
ڏهاڙي تي حيدرآباد ڪاليج ۾ شاهه صاحب جي شان ۾
ڪلام چيو. تڏهن حضرت مخدوم امير احمد چيو ته جامعه
راشديه ۾ ههڙا به لڪيل لال موجود آهن. پاڻ ڪلام
ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيا.
سندن ڪلام مان چند غزل نموني طور تي هيٺ ڏجن ٿا:
غزل
گلبدن گلزار گوهر گڏ گذارين ته به چڱو،
تير مزگن جا هڻي مون ڏي نهارين ته به چڱو.
روزو شب تنهنجي ملڻ لئي فال پائيندو رهان،
هڪ گهڙي
پنهنجي عجب مون ساڻ گهارين ته به چڱو.
ياد تنهنجي ٿي ستائي دادلا دلدار مون،
جي اچي منهنجي
مٿي کان مون کي مارين ته به چڱو.
عشق تنهنجي ۾ وتان گمراهه گهايل گوهرا،
اڄ ڪري مون کي
مسلمان يار وارين ته به چڱو.
مان اصل کان تنهنجو خادم طوق گردن ۾ وڌم،
هاڻ مون کي گود ۾ جيڪر وهارين ته به چڱو.
ڏينهن ڏينهان
ٿي وڌي هي عشق جي آتش عجيب،
جي اچي تون مهربان پڻ پاڻ ٺارين ته به چڱو.
آرزو مند جون اميدون ڪر عطا اعليٰ امير،
صاحبا! جيڪر ”سنڌي“ کي سنڀارين ته به چڱو.
”در محمد“ جا سخن دلدار دل تي ياد رک،
سوز جا مون کي
سبق سهڻا سيکارين ته به چڱو.
غزل
ٿي ٿڌي ٿڌڪار هاڻي يار جي ديدار سان،
وئي بهاري اڄ وڌي مون کي مٺي منٺار سان.
غم غلامي ٿا ڏين غمگين ناهيان غير جو،
در وصال يار ۾
مون کي خوشي غمخوار ميان.
اڄ عجيبن جي اچڻ سان عيد اعليٰ اڱڻ ۾،
ويا وڄي واڄٽ خوشين جا صحبت دلدار سان.
چؤطرف چانڊاڻ
ٿي ويئي محب جنهن محلات ۾،
سؤ هزارين پيا سڪن هڪ ديد دلبر يار سان.
ڪيا قتل ڪهري
ڪجل سان مست مون جهڙا مدام،
ٿي اچي فرحت اسان کي قاتل سينگار سان.
ويا سڙي حاسد
حرامي منهنجي رغبت جا رقيب،
ٿي هليس هر ناز ۾ پنهنجي پرين پڳدار سان.
وٺ رقيب رُوسيه جي اڄ خبر سهڻا سنڌي،
پيو رڙي رهزن ڏسي توکي مٺي مختيار سان.
”در محمد“ ۾ اچي وڃ دادلا دلدار تون،
ڪر کڻي پنهنجي
سبق جو ڌيان هڪ تن تار سان
غزل
ناز پرور ناز ڇڏ ڪجهه نياز سک اي نازنين،
سينڌ ڇڏ سرمون
ڀي ڇڏ سينگار ڇڏ اي مَہ جبين.
پيار وارا پرت وارا پاڪ بازو پاڪ رُو،
پيچ وارا زلف ڪارا ڪر سڌا اي چهره چين.
چال بازيون چوسري چوٽي چندن ۾ چؤطرف،
چال باقي چور
ڪر ڪجهه سک امانت اي امين.
ڪجل ڪهري مان ڪجل جي قرب جون ڪانيون ڀري،
ٿو ڪهائين ڪاملن کي ڪر ترس اي دل يقين.
دام دائم تو دلين لاءِ در مٿي دلبر رکيئي،
ڪئين مجاهد ٿو
منجهائين مهر ڪر اي مَہ مبين.
اڄ عُشاقن کي عجيبا عين سان عاجز ڪيئي،
هڪ نه سڌي سؤ
هزارين مان ڏسان گواي حسين.
”درمحمد“ ڇڏ سڄڻ کي ڀل ڪري سينگار سؤ،
ٿي ٿئي دل کي بهار دلربا اي دم حزين.
ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي عام
آزادي ملي. ان موقعي تي سائين مفتي در محمد عليه
الرحمة ”يوم سنڌي زبان“ جي نالي تي هڪ غزل ٺاهي
پنهنجي مادري زبان سان هن ريت محبت جو اظهار ڪيو:
غزل
ڏس معجزو سنڌي زبان سنڌي زبان آزاد ٿي،
ديس وارا خوش نما دل درد واري شاد ٿي.
قوميت زندهه رهي ٿي جي زبان زندهه رهي،
اڄ زبان آزاد ٿيندي سنڌي آباد ٿي.
قرب وارن قربداري ڪئي اسان جي ڪامياب،
شل رهن آباد سهڻا جن سندي امداد ٿي.
ننڊ نيڻن جي ڦٽي ويئي قهر جي قانون مان،
جن ڪيو قانون قائم تن شڪل برباد ٿي.
”جس زبان کا
هي خدا حافظ و نگهبان هر زمان“،
ان کي ڪنهن جي آهه پرواهه شاد ۽ آباد ٿي.
”در علائقه سند سندهي ميکنند شيرين کلام“،
حاسدن جي حسد کان آ زندگي بغداد ٿي.
ٿي دعا سائل گهري هر دم ڪرڻ زندهه زبان،
لاتقنطوا من
رحمة الله آيت عالي الامداد ارشاد ٿي.
سوز مان ”سنڌي“ سدائين ڪر شڪر شاهِه عُليٰ،
ڪر زمين زرخيز پنهنجي پاسبان استاد ٿي.
”در محمد“ دلربا دل ساڻ ڪر آهه و فغان،
نعره تڪبير چئي الله سان اتحاد ٿي.
غزل
لڳائڻ نينهن نازڪ سان وري آهي لڪڻ ڇا جو،
ڪرڻ اڌ رات جون ڳالهيون وري آهي ڇپڻ ڇا جو.
حسينن سان ڪري محبت ڪرڻ آ عشق کي اعليٰ،
ڪري اظهار الفت جو وري آهي روئڻ ڇا جو.
مدامي محب سان ميلو ڪرڻ رمضان ۾ قائم،
ڪري عيدون عجيبن سان وري آهي رسڻ ڇا جو.
ملائي هٿ هٿن ۾ اڄ ڪجي ٿو سير سبحاني،
هلڻ حبدار سان همدم وري آهي رلڻ ڇا جو.
عجيبن جي اکين سان اک ملائي رات ڪئي راضي،
نيازن ۾ ڪري نيازي وري آهي نمڻ ڇا جو.
سدا سيني کي سيني تي رکي سرهو ٿجي سارو،
اها آهه انتها محبت وري آهي کلڻ ڇا جو.
وڌائي عشق کي اڳتي لڳايئي لب لبن تي ڀي،
مزو محبت ملئي توکي وري آهي ڪڇڻ ڇا جو.
صفا ڪر صبر اي سنڌي اڃان ڪجهه بات ٻي آهي،
بلند بالا پروڙڻ کان وري آهي لکڻ ڇا جو.
دوامي ”در محمد“ ڀي ڪري ٿو قرب جي ڪوشش،
ڪنارو تو ڪيو جنهن دم وري آهي ڪهڻ ڇا جو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جن جي
ڏهاڙي 1960-08-16 تي اورنٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾
حضرت مفتي در محمد عليه الرحمة شاهه صاحب عليه
الرحمة جن جي شان ۾ هيٺيون غزل چئي حاضرين مجلس
کان خوب داد حاصل ڪيو:
غزل
حمد لله ڪيو مُزيّن سنڌ کي سردار شاهه،
ٿي اچي بادل بهاري هڪ سڄڻ سينگار شاهه.
موج ۾ مهراڻ آهي شوق سيد جي ڪري،
ٿو اڀاڙي باغ بستان گل ڪري گلزار شاهه.
لطف تنهنجي
سنڌ جا اسان کي ڪيا سرها لطيف،
ٿا پڙهن تنهنجو رسالو روز، شب منٺار شاهه.
آهين تون استاد عالم شاعرن جو شاهه تون،
ٿا اچن طالب گداگر برهه جا بيمار شاهه.
فيض ۾ فياض آهين گوهر يڪتا عجيب،
دل گهريا دلبر اسان جا دادلا دلدار شاهه.
ايس. او ڪاليج ڀي آ منتظر ماههِ لقا،
ڪَر اچي آغاز مجلس تنهن سندو مختيار شاهه.
”در محمد“ ٿيو سدا تنهنجو ثناگو صاحبا!
آرزو مند ٿو رهي دائم دلي دربار شاهه.
غزل
عجيبا عيب لَکَ آهن توهان جي دُر محمد ۾،
دفع دلبر ناهي تن جي آهي اميد احمد ۾.
هزارين دَر محمد تي اچن عصيان وارا ٿا،
ڪرائي بخش تن کي ٿو غرق سلطان صمد ۾.
عجيبا هي عرض آهي ڇڏايو قيد خانن کان،
سدائين ٿو رهي سنڌي مُقيّد قيد ڪمند ۾.
قريبا! قرب ۾
پنهنجي سان قرين ڪر قرب واري کي،
مُدامي مست ماندو آ تنهنجي جادو، جمند ۾.
عزيز! ڪر عزيزي کي عزيزن ۾ عزيز اعليٰ،
دلي هي داستانو آهه تنهنجي دربار دلبند ۾.
حضور اڪرم ﷺ جن جي آمد مبارڪ جي خوشي ۾ فارسي ۾
چيل هڪ غزل بعنوان ”آمدن آقاءِ عالم ﷺ“ جنهن ۾
حضرت قبلا مفتي صاحب عليه الرحمة جن جي فارسي داني
جو پتو پوي ٿو ته جيترو فارسي نثر ۾ لکڻ جو کين
ملڪو قدرت ڏنو آهي. اوترو ئي فارسي نظم ۾ اهو ملڪو
قدرت واري کين عطا ڪيو آهي.
هي غزل 8- سيپٽمبر 1960ع ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج ۾
چيو ويو. اهڙي ريت قبلا مفتي عليه الرحمة جن اردو
شاعري ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.
هيٺ ڏنل غزل مان سندن اردو دانيءَ جو پتو پوي ٿو:
حضرت قبلا مفتي در محمد عليه الرحمة جن پنهنجي
استاد حضرت علام مولانا مفتي صاحبداد خان جمالي
عليه الرحمة شيخ الجامعه راشديه درگاهه شريف جن جي
وصال مبارڪ تي هيٺيون قطع تاريخ چيو اٿن.
تاريخ وفات حسرت آيات عمدة الفضلاء زبدة الفقهاء
حضرت مولانا الحاج مفتي محمد صاحبداد صاحب رحمة
الله عليه مفتي اعظم پاڪستان و شيخ الجامعه
الراشديه يکم جمادي الاول 1385هه 29 آگسٽ 1965ع
بشب يکشنبه.
55 13
30
85 13
ڪسر نفسي:
پاڻ کي گم ڪرڻ، وجود کي وڃائڻ، انا کي ختم ڪرڻ
پنهنجي قابليت تي ناز ڪرڻ وغيره اهي تمام ڏکيا ڪم
آهن. هرهڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. ها ڪي الله جا
ٻانها آهن جيڪي هٺ ۽ وڏائيءَ کي ختم ڪري نوڙت ۽
نياز سان پيش ايندا آهن، انهي خاص خاصيت جا حضرت
قبلا مفتي صاحب جن مالڪ هئا. جو پاڻ کي ڪڏهن به
ظاهر نه ڪيائون. جيڪڏهن وٽن ڪو سائل فتويٰ لاءِ
ايندو هو ته ان کي چوندا هئا ته بابا مفتي صاحب
اهو مولوي آهي (مدرسي جي ڪنهن وڏي شاگرد ڏانهن
اشارو ڪندي) باقي آءٌ ته مدرسي جو خادم آهيان،
ٻهاريدار آهيان. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة
الله عليه شايد اهڙن ٻانهن لاءِ چيو آهي:
ڀَڪُلِيا ڀوڻَنِ، ڌَڙَ کي گڏِيو ڌوڙِ ۾،
ڳالهيون ڳهَلِي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئي نه ڪَنِ،
ڪامُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جي ڳالهَڙي.
حاضر جوابي:
ڳالهه ٻڌڻ سان ٺهه پهه جواب ڏيڻ اها به هڪ قدرتي
ڏات آهي. حاضر جوابيءَ جو ملڪو به حضرت قبلا مفتي
صاحب جن کي الله سائين عطا ڪيو هو جو پاڻ ڳالهه
ٻڌڻ سان مخاطب کي ٺهه پهه جواب ڏيندا هئا. هڪ دفعي
راقم الحروف جي فراغت پوءِ مولوي فضل الرحيم
سڪندري مهراڻ راقم جو هم سبق ساٿي مدرسي ۾ آيو.
حضرت قبلا مفتي صاحب جن فرمايو ته مولوي صاحب ڪنهن
مدرسي ۾ وڃي پڙهاءِ پڙهائڻ سان علم وڌندو آهي.
تنهنجي والد حاجي محمد سليم صاحب جڏهن توکي مدرسي
۾ ڇڏيو هو. تڏهن چيو هئائين ته هيءُ منهنجو ڇوڪر
دين جي حوالي آهي سو تون به هاڻي وڃي ڪنهن مدرسي ۾
دين جي خدمت ڪر. مولوي صاحب موصوف چيو ته سائين
معاش جو مسئلو آهي. قبلا مفتي صاحب جن ٺهه پهه
وراڻيو ته معاد (يعني مَري قيامت جي ڏينهن الله
تعاليٰ جي دربار ۾ پيش ٿيڻ) جو به مسئلو آهي. هڪ
دفعي سانگهڙ شهر مان ڪنهن جلسي تان رات جو واپس
موٽندي ايم. اي جناح روڊ تان مدرسي ڏانهن وڃي رهيا
هئاسون، سامهون ڪار اچي رهي هئي. راقم عرض ڪيو ته
سائين! ڪار اچي رهي آهي. پاڻ ٺهه پهه جواب ڏيندي
چيائون ته پَتِ اسان به آهيون (ڪار پَتِ اهو
سنڌيءَ جو محاورو آهي) سندن حاضر جوابي به ضرب
المثل آهي.
سماجي خدمتون:
سماجي خدمتن جي حوالي سان حضرت قبلا مفتي صاحب جن
پنج سال کن ضلعي سانگهڙ ۾ زڪوات عشر ڪميٽيءَ جا
چيئرمن مقرر ٿيا. چيئرمنيءَ جي دوران لکن جي تعداد
۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ لکن جي حساب سان پئسا ۽
سلائي جون مشينون ورهايون پر پاڻ ڪنهن به ماڻهوءَ
کان ڪو تحفو يا هديو وغيره قبول نه ڪيائون ۽ نه
وري زڪوات واري رقم کي ڪڏهن پنهنجي ذاتي ڪتب ۾
آندائون. پاڻ پنج سال ديانتداريءَ سان اها ڊيوٽي
سر انجام ڏنائون.
مفتي صاحب سانگهڙ جي عوام ۾ چيئرمنيءَ دوران
زڪواة ورهائيندي، 1986ع
حج جي سعادت:
وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي دؤر حڪومت ۾
حضرت قبلا مفتي صاحب جن کي گورنمينٽ پاڪستان جي
طرفان حج تي موڪليو ويو. انهي ڪم ۾ مولوي حاجي
عبدالغني کوسو سڪندري سابق خطيب جامع مسجد سانگهڙ
اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو هن طرح ته وزيراعظم محمد
خان جوڻيجو ميرپورخاص دؤري تي آيل هو، حج جي ويزا
بند ٿي چڪي هئي مولوي حاجي عبدالغني کوسو صاحب،
حاجي محمد حنيف طيب جي معرفت وزيراعظم صاحب سان
پاڻ ملاقات ڪري حضرت قبلا مفتي صاحب جن جو تعارف
ڪرائي حج جو آرڊر وٺرائي ڏنو. پاڻ اسپيشل پرواز
ذريعي ذوالحج جي پهرين تاريخ 1406هه مطابق 1986ع
ڪراچيءَ کان حجاز مقدس پهتا. حج جا ارڪان خير سان
ادا ڪري روضئه رسول ﷺ جي حاضري ڏنائون، اتي چاليهه
نمازون ادا ڪري خير سان واپس ايڪيهين ڏينهن ۾
پنهنجي وطن پهتا. وري 1988ع ۾ پنهنجي خرچ سان عمري
جي سعادت کان مشرف ٿيا.
مدرسي ’صبغة الاسلام‘ لاءِ زندگي وقف:
حضرت قبلا مفتي صاحب جن پنهنجي سموري زندگي مدرسي
لاءِ وقف ڪري ڇڏي جو پاڻ همه وقت درس و تدريس ۽
فتويٰ نويسيءَ ۾ مشغول رهيا. رات جو يارهين بجي
تائين ويهي شاگردن کي پڙهائڻ ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ
خاص مشغلو هوندو هو اگر ڪنهن ڪم سانگي ڪيڏانهن وڃڻ
ٿيندو هو ته واپسيءَ ۾ رات جو مدرسي ۾ اچي پنهنجو
مقرر وقت (يارهين وڳي تائين) رهي ان کان پوءِ
مدرسي جي ڪنهن طالب علم سان گڏجي گهر ويندا هئا.
صبح جو فجر نماز مسجد ڪوثر مدرسي ۾ جماعت سان اچي
پڙهائيندا هئا. انهيءَ استقامت ۽ استقلال، محنت ۽
جدوجهد جو سندن استاد ۽ هم عصر عالم به اعتراف
ڪندڙ آهن. جهڙي طرح سندن مشفق ۽ مهربان استاد
مولانا مولوي محمد صالح رحمة الله عليه سابق مهتمم
جامعه راشديه درگاهه شريف تاثراتي نوٽ بڪ ۾ لکي
ٿو:
جناب مفتي در محمد صاحب جنهن استقلال ۽ پامردي سان
تعليم ڏيئي مدرسي کي شاندار رونق بخشي آهي، اهو
سندن ئي حصو آهي ۽ صد ها مبارڪن جا مستحق آهن الله
سائين کين خضري عمر بخشي ۽ هميشه مدرسي کي فيضاب
ڪندي شاد آباد رکيون اچن.
(تاثراتي نوٽ بڪ 11 اپريل 1975ع مطابق 28 ربيع
الاول 1395هه)
سندن همعصر عالمن جا تاثرات:
مولانا مولوي عبداللطيف ٺٽوي خطيب جامع بادشاهي
مسجد ٺٽو، پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته:
اڄ مون تاريخ 30 جمادي الآخر سنه 1401هه مدرسه
’صبغة الاسلام‘، سانگهڙ شاخ جامعه راشديه جو
معائنو ڪيو، منجهس عربي مدرسن ۽ حافظن خاص ڪري
محترم المقام محبي مولانا در محمد صاحب صدر مدرس
جي سرجوشي ۽ جذبئه خلوص دينيءَ کي ڏسي آفرين چوان
ٿو. هن قحط الرجال جي زماني ۾ وري بحمده تعاليٰ
خدا پاڪ جي عباد الله المخلصين مان عالم رباني پيا
آهن. جيڪي پنهنجي ضروريات جي باوجود دنيا جي
ڪاروبار کان پاسيرا ٿي لوجه الله، الله پاڪ جلالہ
جي دين متين ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي اسوة حسنه کي
رواج ڏيڻ لاءِ پنهنجون عمريون وقف ڪري حتيٰ الوسع
ديني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
زينت القراء قاري طفيل احمد نقشبندي رحمة الله
عليه پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته: فقير اڄ قاري
بشير احمد ۽ مسٽر الٰهي بخش مئنيجر محڪمہ اوقاف
سان گڏ مدرسي صبغة الاسلام جو معائنو ڪيو ۽ زير
تعمير مسجد (ڪوثر) ۾ مغرب جي نماز ادا ڪئي، بعد ۾
طالبن کان قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ جو موقعو مليو.
ماشاءَ الله اهڙي ماحول ۾ اهڙي جڳهه تي قرآن پاڪ
جي تعليم تجويد سان ۽ ان سان گڏوگڏ درس نظامي جو
انتظام، اهو سمورو مدرسي جي معاونن جي ڪاوشن جو
نتيجو آهي. خصوصاً مولانا در محمد صاحب جيڪي هن
مدرسي جا صدر مدرس آهن، انهن جو بي لوث ۽ پر خلوص
محبت جو نتيجو آهي. سيد غوث محمد شاهه مدرسو مظهر
آهي. الله تعاليٰ انهن جي ڪوششن کي بار آور
فرمائي. آمين ثم آمين. 1968-07-05
مولانا عبدالله ملڪاڻي دادوي پنهنجي تاثرات نوٽ ۾
لکي ٿو ته:
هن عاجز جو سانگهڙ ۾ اچڻ ٿيو خاص ڪري حضرت پير
سائين پاڳاري جن جي مدرسي
صبغة الاسلام جي ڏسڻ ۽ جناب حضرت مولانا مولوي
درمحمد سڪندري صاحب جن جي زيارت لاءِ ويس. مولوي
(در محمد صاحب) روحي تزڪيه ۾ سهڻا نظر آيا
پڙهائيءَ جو ڪم به تمام زور شور سان هو، ڏسي دل کي
ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. اڳتي به الله تعاليٰ ۽ محبوب
ڪريم ﷺ جن کي پارت آهي.
شکر الله که عبدالله هستم
بدامانِ محمد دستم
عبدالله ملڪاڻي دادوي
14 شوال المڪرم 1394هه
31 آڪٽوبر 1974ع
مفسر قرآن مناظره اسلام حضرت مولانا محمد فيض احمد
اويسي پنهنجي تاثرات ۾ لکي ٿو ته:
فقير اويسي عفرله اڄ ڇنڇر جي ڏينهن جامع مسجد
ٽنڊوآدم جي فيصلي جي سلسلي ۾ هتي درالعلوم صبغة
الاسلام جي حاضري ڏني، (هتي) سلف صالحين جو پراڻو
طريقو ڏٺو. حضرت مولانا مفتي در محمد صاحب ۽ ان جا
رفيق مبارڪباد جا مستحق آهن جو انهن عربي علومن جي
اضافي ۾ سٺي محنت ڪئي آهي. فقير جي دعا آهي ته
هيءُ دارالعلوم وڌيڪ وڌي ۽ ويجهي.
فقط الفقير القادري محمد فيض احمد اويسي عفرله
بهاولپور
حال وارد دارالعلوم صبغة الاسلام
13 جمادي الاوليٰ 1398هه بمطابق 22 اپريل 1978ع
حضرت پير سائين سيد صبغة الله شاهه ثاني شهيد رحمة
الله عليه جن جو منشي محمد پريل ساڱري پنهنجي
تاثراتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته:
اڄ اتفاق سان مدرسي صبغة الاسلام ۾ اچڻ ٿيو. جناب
مفتي در محمد صاحب کان مدرسي جا حالات ٻڌي ڏاڍي دل
کي خوشي حاصل ٿي. مدرسي ۾ مسافر طالب ۽ شهر جا
(طالب) تعليم وٺي رهيا آهن. مدرسي جي لائبريري ڏسي
ڏاڍي خوشي ٿي. خدا تعاليٰ مفتي صاحب کي توفيق عطا
فرمائي. هن صاحب جي ڪوشش سان مدرسو هن منزل تي
پهتو آهي. انشاء الله تعاليٰ اڳتي به ترقي ڪندو
رهندو.
منشي محمد پريل ساڱري
حضرت پير سائين پاڳارو
تاريخ 22 اپريل 1983ع
خطيب پاڪستان مناظر اسلام حضرت مولانا مفتي
عبدالرحيم سڪندري صاحب پنهنجي تاثراتي نوٽ ۾ لکي
ٿو ته:
اڄ 3- جولاءِ 1991ع بروز اربع مدرسه صبغة السلام
جي معائني لاءِ اچڻ ٿيو. الحمد الله مدرسي ۾
شاگردن جو تعداد ڏسي خوشي ٿي. استاد صاحبان رات
ڏينهن محنت سان ديني تعليم ڏيئي رهيا آهن. مدرسي
جي عاليشان عمارت ۽ لائبريري پڻ قابلِ ديد آهي.
حضرت مولانا مفتي در محمد سڪندري صاحب جن مدرسي جا
بهترين استاد ۽ مفتي آهن. جن هن مدرسي کي سنڌ جي
مشهور مدرسن جي لسٽ ۾ ممتاز مقام تي بيهاريو آهي.
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال هي ديني درسگاهه
مسلڪ اهل سنت ۽ دين اسلام جي هميشه خدمت سر انجام
ڏيندو رهي ۽ مفتي صاحب کي پڻ الله تعاليٰ خضري
حياتي عطا فرمائي ۽ سندس فيض کي جاري وساري
فرمائي. آمين.
بجاه حبيبه الکريم
(مفتي) عبدالرحيم سڪندري
ميمبر صوبائي زڪواة ڪائونسل صوبه سنڌ
تاريخ 3 جولاءِ 1991ع
محترم فقير محمد عاقل هڱورو پنهنجي تاثراتي نوٽ
۾ لکي ٿو ته:
اڄ 8 جولاءِ مدرسي (صبغة السلام) جو معائنو ڪيو
ويو. مفتي در محمد صاحب تمام محنت سان هن ديني
اداري جي خدمت ڪئي آهي. مدرسي جي جڳهه جي اڏاوت جو
ڪم به زور شور سان هلي رهيو آهي. مفتي صاحب در
محمد جون ڪوششون قابل ستائش آهن. هر ديندار ماڻهو
کي هن اداري سان تعاون ڪرڻ کپي.
فقير محمد عاقل هڱورو
وزير مواصلات، حڪومت سنڌ
1986-07-08
مدرسي صبغة الاسلام مان فارغ ٿيل فاضلن جو تعداد
هونئن ته مدرسه صبغة الاسلام مان ديني تعليم حاصل
ڪرڻ وارن جو تعداد ته تمام گهڻو آهي جيڪي طالب
ناظره قرآن شريف، فارسي يا ابتدائي عربي تعليم
حاصل ڪري ڪن سببن جي ڪري دوران تعليم مدرسو ڇڏي
هليا ويا. باقي باقاعدي ”درس نظامي“ جو ڪورس مڪمل
ڪري فارغ التحصل ٿيا، انهن فاضلن جو تعداد
ڇائيتاليهه آهي.
زندگيءَ جو آخري گهڙيون:
حضرت استاد قبلا مفتي صاحب عليه الرحمة پنهنجي عمر
جي آخري ڏينهن ۾ ڪافي بيمارين ۾ مبتلا رهيا.
جهڙوڪ: نظر جي ڪمزوري، دماغ، فالج ۽ گردن جي
تڪليف، دماغ ۽ اکين جو آپريشن ڪرايو ويو مگر فائدو
نه ٿيو پر هن الله جي ڪامل ٻانهي جي زبان تي ڪڏهن
به بي صبري ۽ شڪوه ۽ شڪايت جو لفظ نه آيو. جڏهن به
کانئن ڪو طبيعت پڇڻ لاءِ ايندو هو ته فرمائيندا
هئا ته ”الله تعاليٰ رحم فرمائيندو“. آخري ڏينهن ۾
فالج جي ڪري تقريباً اڍائي مهينا سندن زبان مبارڪ
ڳالهائڻ کان بند رهي.
تاريخ وصال:
11- محرم الحرام جي ڏينهن ساهه ۾ ڪجهه وڌيڪ تڪليف
ٿي جڏهن ڊاڪٽرن سان انهي جي باري ۾ مشورو ڪيو ويو
ته انهن جواب ڏيئي ڇڏيو. 12- محرم الحرام 1422هه
مطابق 7 اپريل 2001ع صبح جو سوير مدرسي جا شاگرد
سندن خدمت ۾ حاضر ٿي يٰسين سڳوري جو ورد ڪرڻ لڳا.
آخرڪار ساهه ۾ جيڪا گهڻي تڪليف هئي، اها ختم ٿي
ويئي. ٺيڪ ٻارهين وڳي ويهن منٽن تي سندن روح مبارڪ
قفص عنصري مان پنهنجي اصلي ماڳ ڏانهن روانو ٿي
ويو.
اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّآ اِلَيْہِ رٰجِعُوْنَ
هرگز نميرند آنکه دلش زنده گشت بعشق
ثبت است برجريده عالم دوام ما
جنازي جي نماز:
سندن وصال مبارڪ جي خبر سموري ملڪ ۾ هوا وانگر
پکڙجي ويئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سندن ساٿي عالم
سڳورا، شاگرد ۽ عقيدتمند اچي حاضر ٿيا. سندن جنازي
جي نماز حضرت پير سائين سردار جن جي ٿَلهي مبارڪ
تي سومهڻي نماز کان پوءِ ادا ڪئي وئي. هزارن جي
تعداد ۾ ماڻهن سندن جنازي ۾ شرڪت ڪئي. نماز کان
پوءِ سندن خاڪي جسد کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”وروائي“
ڏانهن ايمبولنس جي ذريعي نيو ويو. اتي ٻيهر سندن
نماز جنازه ادا ڪئي ويئي. ان کان پوءِ سندن اباڻي
قبرستان ۾ کين دفن ڪيو ويو.
واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
* * * *
بعد از وفات ترتِ ما در زمين مجوي،
در سينه هائي مردم عارف مزارِ ما است.
قطع تاريخ وصال:
سندن وفات تي قدوة العارفين عمدة الصلحاءِ حضرت
خواجه الحاج محمد ابراهيم جان ”خليل“ سرهندي عليه
الرحمة جن هيٺيون قطع تاريخ وصال چيو:
کل من عليها فان ويبقيٰ وجه ربک ذوالجلال والاکرام
موت العالمِ موت العالَم
قطع تاريخ وفات حضرت علامه در محمد صاحب برد الله
مضجعه و نور مرقده.
بي بهادر در محمد هو. ڪين جهڙس ٿيو ڪو درخشان.
موت عالِم موت عالَم جو. وائي وڇڙيو اسان کان جانِ
جهان.
پورا چاليهه سال عمر عزيز. جنهن ڪئي علم دين تان
قربان.
علم ۾ هو امام رازي عهد. منجهه غوامض غزالي دوران.
هئي محرم جي ٻارهين تاريخ. به فضل و ڪمال ٿيو
پنهان.
ڇائيتاليهه فارغ التحصيل. ڪيئن بنيا اهو ڪم نه هو
آسان.
جنهن جَٿن کي پڙهائي ڪيو عالم. اهو هو ڪو عجيب و
عظيم انسان.
هر زبان ان جي وصف ۾ مشغول. ڇا ڪندي وصف منهنجي
هڪڙي زبان
سال رحلت پڇيو مون هاتف کان. ان چيو هادي عظيم
الشان.
1422هه
سرمد
چانڊيو
تحقيق
شيخ اياز ۽ سنڌي
ٻولي
سنڌي جو ”مهان ڪوي“ وارو اعزاز، ڪو رات وچ ۾ جادو
واري چڙهي جو ڪمال ناهي، پر اهو شيخ اياز جي
ڪَوِتا ڪلا جو ڪمال آهي، جو پاڻ ”مهان ڪوي“ جو
اعزاز حاصل ڪيائون. اسين جڏهن شيخ اياز جي شاعري
جو جائزو وٺنداسين ته پوءِ اسان کي خبر پوندي، ته
هو ڪيترو وڏو مهان شاعر آهي. شاهه سائين جي ڪلام
کي جيئن اسان جي نقادن نثر ۾ پلٽي شاعري جو نقصان
ڪيوتيئن هن اڏول انسان جي فن سان به گهٽ ناهي ڪيو
ويو. شيخ اياز جي شاعري جو اڀياس ڪري، ان جي فن ۽
فڪر کي به پهرين نقادن جيان ”منشر“ ڪيو ويو. خاص
ڪري محمد ابراهيم جويي جيڪي مهاڳ لکيا، اهو سڀ
ڪجهه شيخ اياز جي شاعري ۾ موجود آهي، ان شاعري کي
نثر ۾ پلٽڻ جي ضڙورت ڪهڙي هئي؟ خير سائين محمد
ابراهيم شاعري کي اشتهار بخشو يا نه، پر شاعري
پنهنجي هيئيت ۽ فن ۾ موجزن آهي ۽ رهندي.
شاهه سائين جو مطالعو ڪندي، فن جي اعليٰ بلندين تي
پهچڻ کان پوءِ محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هاڻي ان کان
اڳتي وڌڻ لاءِ ڪا زمين تي رهيل ناهي، پر جڏهن شيخ
اياز جو مطالعو ڪجي ٿو، ته ان نه صرف اهي ڇنڊ
نڀايا جيڪي پٽ ڌڻي پنهنجي ڏات جو ڏانءَ بنا ها، پر
گهڻو اڳتي نڪري شيخ اياز ورنڪ ڇدن جو استعمال ڪيو.
شاهه سائين وٽ صرف ماترڪ ۽ دنڊڪ ڇندن جو استعمال
هو، هن جيڪي ورنڪ ڇند شاعري ۾ آندا، انهن ڇندن جي
رواني ۽ ردم سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين موسيقي ۽ نئون
ردم بخشيو. هن بحث م شاهه سائين جي ماترڪ ۽ دنڊڪ
ڇندن کان هٽي ڪري، هتي صرف شيخ اياز جا اُهي ڇند
ڏبا جيڪي سنڌي ٻولي لا3 وڏو اعزاز بڻيا ۽ اهي ورنڪ
ڇند آهن. جن جو استعمال شاهه سائين جي شاعري کان
هٽي ڪر پوئين دور جو فن آهي. ڏسو شيخ اياز جا ڪجهه
ورنڪ ڇند
هئه ئه منهنجي چولڙي!
ڌوءَ نه ڌوٻي گهاٽ تي!
(شيخ اياز)
هتي هيءَ ڳالهه واضه ڪندو هلان، ايئن ناهي ته شاهه
سائينءَ ماترائن وارا سڀ ڇند ڪم آندا آهن، پر اهي
ورنڪ انداز ۾ ناهن، اهي ماترڪ انداز ۾ نڀايل آهن.
ورنڪ ڇند اهو هي جيڪو ڪنهن خاص اصول تحت نڀايو
وڇي، ان جاگُڻَ مختلف نه هجن. هاڻي اچو ته شيخ
اياز جي شاعري جو ڇيد ڪريون!
ڇيد – هئه هئه منهنجي چولڙي!
سگُنُ سگُنُ رگُن،
4 4 5=
13ماترا،
-ڌوءُ نه
ڌوٻي گهاٽ تي!
ڀگُنُ ڀگُنُ رگُنُ
وچور:- 6 گُنَ،26 ماترا ٻه ڪَوِ تاپد،
دگمبري ڇند- هن ند جو وَرَنُ اوهان کي پهريان واري
سنڌي شاعريءَ ۾ ڪونه ملندو. جيئن آئون مٿي بحث ڪري
آيو آهيان ته، شاهه سائين 26 ماترا سمورا ڇنڊ
نڀايا ضڙور آهن، پر ورنڪ انداز ۾ ناهن نڀايا، شيخ
اياز پنهنجا اصول جوڙي، پاڻ انهن اصولن پٽاندر
هليو، هن دگمبري ڇند ۾ اها نواڻ پيدا ڪئي ته هن
ڇند کي سَوَ يا ”چندن جي نموني نڀايو. خاص ڪري
سومان سَوَيا“ جيان- اوهان کي خبر آهي ته ”سُمانَ
سَوَ يا ڇند“ 16+
16 ماترا جو ڇند نڀايا ضرور آهن، پر ورنڪ انداز ۾
ناهن نڀايا- شيخ اياز پنهنجا اصول جوڙي، پاڻ انهن
اصولن پٽاندر هليو. هن دگمبري ڇند ۾ اها نواڻ پيدا
ڪئي ته هن ڇند گي سَوَ يا ”ڇندن جي نموني نڀايو.
خاص ڪري سُمان سَوَيا“ جيان – اوهان کي خبر آهي ته
”سُمانَ سَوَ يا ڇنڊ“ 16+ 16 ماترا جو ڇند آهي، شيخ اياز
ساڳيو اصول دگمبري ڇند ۾ آڻي پنهنجي شعر ۾ هڪ
نرالو ردم پيدا ڪيو. اها هڪ ماهر ۽ استاد شاعر جي
خوبي آهي. جو هُو پنهنجا نوان اصول واضح ڪري ۽
لاڳو ڪري. هن ڇند ۾ شيخ اياز سَگُنُ، سَگُنُ،
رَگُنُ ۽ ڀَگُنُ، رَگُنُ، اهڙي طرح نڀايا آهن،
جوهر پڙهندڙ کي ريس ٿي اچي ته ڪاش آءُ، به اهڙا
اصول جوڙي هلان. هو شيخ اياز جو فني ڪمال آهي.
هاڻي اچو ڏسون ته شيخ اياز ”سُمان سويا“ ڇند ڪيئن
ورنڪ اصولن پٽاندر نڀايو آهي. منهنجا دوست هتي
هيءَ وضاحت به ڪندو هلان ته شاهه سائين به ”سُمان
سَوَيا، ڇند ڪم آندو آهي، پر ماترڪ ڇندن جي اصولن
پٽاندر. ڏسو شيخ اياز جو ”سُمان سَوَيا ورنڪ انداز
۾،
سڀ ڪا مومل سڀ ڪو راڻو:
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.
(شيخ اياز)
ڇيد- سَڀَ ڪا مُومَلَ سَڀُ ڪو
راڻو،
سَگُنُ ڀگُنُ سگُنُ ڀگُنُ
4 4 4 4
4= 16 ماترا،
پَنهِنجِي پَنهِجِي ڪاڪِ
سَڀِنِ کي-
سَگُنُ ڀگُنُ سگُنُ ڀگُنُ
4 4 3 4
5= 16 ماترا،
وچور:- 8 گُنَ، 32 ماترا، 2 ڪوتاپد، سُمان
سَوَيا-
هتي اها وضاحت به ضڙوري آهي، ته آخري پد
جي آخري گُنُ ٽوڙي سِين، ٽئين گُنَ سان ملائبو ته
ڀگُنُ ۽ سگُنُ، گُڏ، ٺهي پوندا، پر سنڌي ”چندو
ديا“ جو اهو اصول آهي ته ڪنهن به شبد يا لفظ کي
ڇيد ۾ ٽوڙي ”ڀنگ دوش“ نه ڪريو. سمجهڻ وارو سمجهي
ويندو. هن سَوَيا ۾ به شيخ اياز ورنڪ اصول نڀايا
آهن. سگُنُ ڀگُنُ، وري پوئين پد ۾ به ساڳيو نيم
نمونو آهي سگُنُ، ڀگُنُ سگُنُ، جيئن 4x4
=
16 وري 4x16
ماترا- اهو فني سٽاءُ يا ڪمال شيخ اياز کان پوءِ
سنڌي شاعري م داخل ٿئي ٿو. هن ئي ”سَوَيا“ کي شيخ
اياز ٻئي نموني به نڀايو آهي، اچو ته ان بلند
چوٽيءَ جو نظارو به به ڪريون.
ڌرتي ماءُ!
صدين جو ساءُ:
وساريان ڪيئن، وساريان ڪيئن؟
ڇيد – ڌَرِتيِ ماءُ!
سگُنُ سارگُنَ
4
3=7 ماترا،
- صدين جو ساءُ
يگُنُ سارگُنُ
5
3= 8 ماترا
وِسارِيان ڪيئن،
وساريان ڪيئن؟
يگُنُ سارگُنُ
يگُنُ سارگُن
3= 16 ماترا-
وچور: 8 گُنَ، 31ماترا، 3 ڪَوِ تاپد،
سُمانَ سَوَيا، يا بوِ ير ڇند شيخ اياز جيڪا ڳالهه
پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪئي آهي، ته ”شاعر بحر ۽ وزن
ٺاهيندا آهن. بحر ۽ وزن ڪو به شاعرُ پيدا ناهن
ڪندا. اها حقيقت آهي. هتي اسان جيڪڏهن هَن گيت کي
سُمانَ سَوَيا“ ۾ آڻينداسين ته پهرين پد ۾ ”اي
ڌرتي ماءُ“ سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن نه ان گيت کي
”ويرڇند“ ۾ آڻينداسين ته اها اڃا به وڏي ڳالهه
ٿيندي، ورنڪ ڇند ڇويهن ماترائن تائين هوندا آهن.
اهو شيخ اياز جو ڪمال آهي جو هُو ڇند وديا جي
اصولن کان، اڳتي نڪري ٿو وڃي، پر ان جو فن اتم
درجي جو هجڻ ڪري ان کي تنقيد هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي،
جديد فڪري هوالن کان، اهو معلوم ٿو ٿئي ته ڪنهن به
روايت کي سَؤُ هڪ 101 ماترائن واري وائي جو سڀڙو
ڏنو آهي. هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته اهو هڪ
سؤُ اَٺن ماترائن وارو سِرو دنڊڪلا ۾ آهي، پر اُن
۾ به استاد گُنَنِ جو ورنڪ استعمال ڪيو آهي. هتي
آءُ شيخ اياز جو اهو ڊنڊڪ ورت ڏيڻ ضروري سمجهان
ٿو، هونئن دليل پياسو رهجي ويندو. مٿين سَوَ ياتي
بحث پوءِ ڪبو. اچو ڏسُون شيخ اياز جو هڪ سَؤُ اٺ
ماترو دنڊڪ ورت:
سانجهي جاپا ڇاوان ڦهليا، مَنُ ٿيندوريو
مات،
ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رمجهم آندي
رات،
هوءَ ايندِي هُوءَ ايندي، مُنهنجي تَن ۾
رهندي تات،
مان چائٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پوي برسات.
ڇيد- سانجهي جا پاڇاوا
ڦَهِلڀيا، مَنُ ٿيندو ويو
مات،
ڀگُنُ سم پد مگُنُ سگُنُ دگُن
ڀگُن سم پد سارگُنُ
4 2 6
4
2 4 2
3= 27 ماترا،
ڇيد- ڪَڪِرِيُون آيوُن،
تَرِسيِون بَرِسِيون، رِمِ جِهِم
آندِي راتِ
سگُنُ ڀگُنُ سگُنُ سگُنُ سگُنُ ڀگُنُ ڀگُنُ سارگُنُ
4 4 4
4
4 4 4
3= 27 ماترا،
ڇيد- هُوءَ ايندي هُوءَ
ايندي، مُنهِنجي، تَنَ ۾
رَهَندِيويو ٿات،
دگُن ڀگُنُ دگُنُ ڀگُنُ
سگُنُ
سگُنُ سگُنُ سارگُنُ
2 4 4
4
4 4 4
3= 27 ماترا،
ڇيد- مان چائٺ تي
ويٺو آهيان، ڀلي پوي
برسات
سم پد ڀگُنُ سم پد ڀگُنُ
ڀگُنُ
نگُنُ نگُنُ تگُنُ
2 4 2
4
4 3 3
5= 27 ماترا،
وچور:27 گُنَ، 4 سم پد، 108 ماترا، ڪوتا
پد، اياز رنڊڪ ورت، هن رنڊڪ ورت م صرف 2 گُنَ،
ٺگنُ ٺگنُ جا آهن. جن کي اسين ڇندو ديا جي اصولن
پٽاندر جگُنُ سم پد سمجهنداسين. هي پهريون رنڊڪ
ورت آهي جيڪو ورنڪ اصولن تي نڀايل آهي. صرف هر
پد جي آخر م ساگرن جو استعمال ٿيو آهي. نه ته سڄو
ورت 2، 4، 2 گنن تي رچيل آهي. جنهن ۾ ڪابه اِڪي
ماترا ڪانهي سواءِ آخري گُنَ جي آهي نه استاد
گُنيُ شاعريا مَهان ڪوي! اوهان هندي يا سنڌي جا
ٻيا به رنڊڪ ورت پڙهيا هوندا، پر اهي ماترڪ اصولن
تي رچيل هوندا. سنڌي ٻوليءَ کي شاعري جا، بالساني
تجربا ڪري شيخ اياز جيڪو سرمايو ڏنو آهي، اهو تمام
اتم درجي جو آهي. انهن دليلن تي بحث پوءِ ڪبو
پهريان رهيل ”سَوَيا“ وارو بحث پورو ڪري پوءِ اڳتي
هليو. مٿين سَوَيا ۾ 5، 3 وارا گُنَ ورن ۾ آڻي
پوءِ گيت رچيو ويو. اي ڌرتي ماءُ، يگُنُ، سارگُنُ،
صدين جو ساءُ،
جي ورن سان نڀايل آهن. پهريون پد اٺن
ماترائڻ جو، ٻيو پد به اٺن ماترائن جو، ٽيون وري
سورهن ماترائن جو، پر سٽاءَ ۾ 12221 وري ٻئي پد ۾
به 12221 ٽين پد ۾ 12221، 12221 ماترا ڏئي خوب
صورت ورن ڏنو. جيڪو ڇندو ديا جي دنيا جو پهريون ۽
لازوال مثال آهي. اڳ ۾ بندي جي نظر مان اهڙو ڪوبه
تجربو ڪنهن به شاعر جو ناهي. گذريو. شيخ اياز نه
صرف ورنڪ اصول ماترڪ ڇندن ۾ نڀايا آهن، پر ورنڪ
ڇدن ۾ وري ماترڪ اصول نڀايا آهن، اُهي به شاندار
نموني جا تجربا آهن. اچو ڏسون هي ”وديا ڌاري“ ورنڪ
ڇند ۾ ماترڪ اصولن جو رچاءُ!
آئي تنهنجي سار، ووا يار!
وچور: 5 گُنَ، 2 سم پد 24 ماترا، 2
ڪوتاپد،”وديا ڌاري ڇند“ هن ڇند ۾ استاد ڪابه
پابندي پاڻ تي ناهي مڙهي. شاهه سائين جيان ورنڪ
ڇندن ۾ پنهنجو انتهائي پراڻو ڇند وارو طريقو
استعمال ۾ آندو آهي. توڻي جو هي تجربو ڪو نئون
تجربو ڪونه هو، ر شاهه سائين جي نقش ۽ نگار تي
هلندي، روايت کي قائم رکيو. لساني حوالي سان جتي
شاهه سائين لفظ آهيان کي رگُنُ ۾ پنجن ماترائن
لاءِ ڪم آندو آهي، اُتي شيخ اياز لفظ آهين کي
ڀگُنُ ۾ چئن ماترائن لاءِ ڪم آندو آهي. لساني
هوالي سان لفظ ”آهيان“ جي صورت خطي مشڪوڪ آهي، لفظ
”آهيان“ هيئن ”آيهان“ شيخ اياز آيهان وارو فارمولو
ڪم آڻي ياءِ جو ٻه صورتون ٺاهيون آهن. هڪ ي ياءِ
اُها، ٻي ياءِ يهه هيءَ“ ”آيهان“ ”ٺايهان“،
”چايهان“ ”ڳايهان“ جي نئين صورت جڙندي. لفظ ”اِها“
به ”اِيها“ ۾ تبديل ٿيندو. جنهن کي اسان غلطي وچان
اِيها يا اي ها پڙهندا آهيون. لفظ نِهاريان جو
استعمال شاهه سائينءَ شٽ ڪل يا ٺگُنُ ٺگُنُ ۾ ڪيو
آهي. جڏهن ته شيخ اياز ”نِهاريان“ لفظ کي يگن ۾
پنجن ماترائن ۾ ڪم آندو آهي. جيئن هندي وارا لفظ
”ڪِرِشن“ کي ”ڪِشن“ ۾ ڪم آڻيندا آهن. هن وقت سڄي
سنڌ ۾ شيخ اياز واري فارمولي تي شاعري جو ڇيد ڪيو
پيو وڃي. پر ان تبديليءَ تي لساني ماهرن جو ڪوبه
مضمون يا مقالو بندي جي نظر مان ناهي گذريو.
شيخ ايا سنڌي ٻوليءَ تي جيڪا ڇاپ لڳائي
اُها ڪڏهن به رد ڪرڻ جهڙي ناهي، ڇوت ه جديد دور ۾
جيڪي به تبديليون آيون، انهن جو سڄو مرتبو اياز جي
شخصيت ڏانهن ٿو وڃي. صورت خطي کان هٽي ڪري شاعر جو
ڇيد اياز جي ڇندو ديا جي اصولن تي مبني آهي.
آزاد قاضي
تحقيق
تحريڪ آزاديءَ جو پروانو
مولوي محمد صالح ’عاجز‘
برصغير جي جنگ آزاديءَ جو بي غرض سپاهي محمد صالح
عاجز ولد ملا محمود ڪوري، جنهن جوانيءَ جون رنگين
بهارون، انگريز سامراج خلاف فلڪ شگاف نعرا هڻندي ۽
جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ عقوبتون سهندي گذاري ڇڏيون.
پاڻ ضلع جيڪب آباد، تعلقي ٺل جي مرادپور (گنجي لڳ)
ڳوٺ ۾، اپريل 1921ع ڌاري پيدا ٿيو. محمد صالح
’عاجز‘ ابتدائي تعليم ڳوٺ ’دري خان کوسي‘ ۽
’مرادپور‘ ٺل ۾ حاصل ڪئي. غريب گهراڻي جي ٻار هئڻ
ڪري سنڌي پرائمري چار درجا تعليم حاصل ڪرڻ کان
پوءِ، مدرسن جي تعليم طرف رُخ ڪيائين. اهڙي ريت
مدرسي ’دين محمد شجراه‘ تعلقو شڪارپور- مدرسو
دارالسعادة گورو پهوڙ‘ تعلقو شڪارپور- گورو پهوڙ
کان ٿوري پنڌ تي ڪچي ۾ ’مولانا درمحمد جتوئي صاحب‘
’بنگلاڻي‘ تعلقي جي ’مولانا رحيم بخش‘ ٺل شهر
ڀرسان مشهور عالم ’مولانا عبداللطيف وٽان ديني ۽
انقلابي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ ڪجهه وقت
’مدرسة قاسم العلوم‘ گهوٽڪي ۾ پڻ تعليم پرايائين.
مدرسن جي تعليم سبب پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو ٿي
ويو.
ان دور ۾ مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻيا ان قسم جا مدرسا
انگريز سامراج خلاف نوجوانن ۾ انقلابي روح ڦوڪي
رهيا هئا. محمد صالح ’عاجز‘ جو والد ملا محمود
ڪوري پڻ جنگ آزاديءَ جي ٻڍڙي جرنيل مولانا تاج
محمود امروٽيءَ جو خاص مريد ۽ جماعت امروٽيءَ جي
لنگرخاني جون ڪاٺيون ڪندڙ فقير هئڻ ڪري، مختلف
تحريڪن جهڙوڪ: ’خلافت تحريڪ‘، ۽ ’تنظيم المساجد‘
واري ستياگره ۾ حصو وٺي چڪو هو. ان حوالي سان هو
انگريزن جو سخت مخالف هو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته
محمد صالح ’عاجز‘ کي انگريز خلاف نفرت خانداني
ورثي ۾ ملي هئي، اهڙي ريت عاجز کي ڄڻ ته انقلابي
سوچ جي ننڍپڻ کان ئي سُتي پوندي رهي. ان چاهت واري
چُڪيءَ ۽ مدرسن مان مليل انقلابي مهميز جو نتيجو
اهو نڪتو جو هو بنهه ننڍي عمر ۾ آزاديءَ جو آواز
بلند ڪندڙ جوشيلن جوانن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو.
محمد صالح ’عاجز‘ جي عمر جڏهن 12 سال هئي ته ان
دور جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي سندس شريڪِ سفر خان
محمد نوحاڻي لکي ٿو:
”سنه 1933ع جو دور هو، جڏهن جمعيت العلماء سنڌ جي
صدر مولانا محمد صادقؒ پارٽيءَ جو اجلاس سنڌ جي
تاريخي شهر حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪوٺايو هو. کڏي جا
نامور ناکوئا ۽ اسان جملي طالب علم حيدرآباد
پهتاسون. جلسي جي صدارت حضرت مولانا حسين احمد
مدني کي ڪرڻي هئي، پر مولانا موصوف عين موقعي تي
تحريڪ آزادي جي هلچل ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. انڪري
جلسي جي صدارت قاري محمد طيب مهتمم مدرسہ
دارالعلوم ديوبند جن ڪئي. هندستان، پنجاب ۽ سڄي
سنڌ جا علماء، مدرسن جا استاد، شاگرد ۽ عوام ڇڪجي
حيدرآباد پهچي رهيا هئا. ريل گاڏيون ماڻهن سان
ڀرجي ڀرجي ٿي آيون، ريل مان لهندڙ مسافرن جي
استقبال لاءِ، عربي مدرسن جا طالب علم جمعيت جو
لال جهنڊو کڻي پئي آيا ۽ ويا. انهن شاگردن جي وچ ۾
هڪ نوجوان جنهن جو مهانڊو سهڻو، ڪڻڪ رنگو، قد جو
پورو پنو، سنهو تمام گهڻي جوش سان، آيل مهمانن جي
اڳيان اسٽيشن کان قلعي تائين شاگردن کي نعرا هڻائي
رهيو هو. ”سامراج مرده باد“
مون هڪ اُتر واري طالب علم کان پڇيو، ”هي نوجوان
ڪير آهي؟“ اُن طالب علم چيو، ”هيءُ نوجوان ڪارڪن
آزاديءَ جو پروانو محمد صالح ’عاجز‘، جيڪو تازو
هاڻ جيل مان ڇُٽي آيو آهي.“
اهڙي ننڍڙي وهيءَ ۾ هو نه رڳو جيل ويو پر مدرسن جي
انقلابي سوچ رکندڙ استادن جي تعليم ۽ تربيت سبب،
ان عمر ۾ ايترو ته پڙهي پختو ٿيو جو ٻين شاگردن جي
تربيت ڪرڻ لڳو. ايتريقدر جو خان محمد نوحاڻي روايت
ڪري ٿو ته:
”هو اسان کي حضرت امروٽيؒ ۽ حضرت ابوالڪلامؒ جون
تقريرون ٻڌائيندو هو. حضرت امروٽي رحمة الله عليہ
جا بيت سنڌيءَ ۾ اهڙي سنجيدگي ۽ سٻاجهڙي زبان سان
ادا ڪندو هو، ڄڻ ته وات مان موتي پيو هاري.“
مطالعي جي شوق هئڻ ڪري ننڍي عمر ۾ ئي کيس ”آزاديءَ
متعلق، جيل متعلق، تاريخ تي، معلومات جو وڏو خزانو
هو.“
سندس ان اهليت کي نظر ۾ رکندي اڳتي هلي مولانا
محمد صادق کيس پنهنجي ڪراچيءَ واري مدرسي جو ناظم
مقرر ڪيو. جتي هو مدرسي جي طالبن کي هندستان جي
ليڊرن جو تعارف ڪرائڻ، ليڊرن جو تقريرون ٻڌائڻ،
اسلامي تاريخ توڙي سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندو
رهندو هو. خان محمد نوحاڻي لکي ٿو ته، ”ان وقت هن
جي جواني هئي پيو ڳالهائيندو هو ته ٿڪجندو ڪونه
هو، ائين اسان کي پيو وندرائيندو هو.“ (نوحاڻي
1985ع، ص 34)
خلافت تحريڪ جو هڪ يادگار فوٽو
ڪرسين تي ويٺل کاٻي کان ٽيون نمبر محمد صالح
عاجز، چوٿون نمبر مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ ٻيا.
انگريز سامراج خلاف وڙهي ويندڙ ان قومي جنگ دوران
سيپٽمبر 1939ع ۾ جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي ۽
انگريزن ’ڊفينس آف انڊيا رولس‘ لاڳو ڪيو. تڏهن سنڌ
مان ڊفينس آف انڊيا رولس هيٺ پهريون ڪيس محمد صالح
’عاجز‘ تي آڪٽوبر 1939ع تي داخل ٿيو. مٿس اهو ڪيس
هلڻ واري روئداد به عجيب آهي. ڊفينس آف انڊيا رولس
واري قانون لاڳو ٿيڻ وقت محمد صالح ’عاجز‘ جي عمر
18 سال هئي. ان وقت هو هڪ جوشيلو سوراجي ورڪر هو.
سکر ’ليوڪس پارڪ‘ ۾ ’احرارالاسلام‘ انگريز خلاف
جلسو سڏايو، جنهن ۾ هن نوجوان جوشيلي تقرير ڪئي،
جنهن ۾ هن عوام کي اپيل ڪئي ته ”ديس وارؤ فرنگيءَ
جي فوج ۾ ڀرتي نه ٿيو ۽ انگريزن جو هر طرح سان
بائيڪاٽ ڪيو.“ عوام کي انگريز خلاف اهڙي اپيل ڪرڻ
وڏو ڏوهه هو، انڪري ان تقرير کي بنياد بنائي سيڪشن
38 جي سيC’‘
فقري هيٺ هن کي گرفتار ڪيو ويو. کيس جڏهن ڪورٽ ۾
آندو ويو ته ان وقت عدالت جي ڪمري ۾ جوابدارن جي
ڪٽهڙي پويان بينچ تي ’عاجز‘ جو والد ملا محمود به
ڪاروائي ٻڌڻ لاءِ اچي ويٺو. جج ڪيس هلائڻ دوران
نينگر جي والد جي موجودگيءَ جو فائدو وٺندي ملا
محمود کي چيو ته:
”پير مرد! تون پنهنجي نينگر کي سمجهاءِ ته سرڪار
کي ”اظهار پشيماني“ لکي ڏئي. هيءُ اڃا ننڍو آهي هن
جي عمر پڙهڻ جي آهي اجايو ڇو ٿو پنهنجي حياتي جيل
۾ خراب ڪري.“
جج صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي ملا محمود کيس جواب ۾
چيو ته:
”ڇوڪر پاڻ سمجهه رکي ٿو، پنهنجو نفعو نقصان پاڻ
ڄاڻي ٿو، جيڪي سمجهه ۾ اچيس سو ڪري.“
ملا محمود نه رڳو اهو چيو پر ائين چئي اُٿڻ جي
بهاني ’عاجز‘ جي ويجهو آيو (جيڪو سندس اڳيان ڪٽهڙي
۾ بيٺو هو) ۽ کيس چيائين:
”جيڪڏهن معافي وٺي آزاد ٿئين ته منهنجي گهر نه
اچجانءِ.“
امروٽيءَ جي لنگر جو ڪاٺير ملا محمود ائين چئي
ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو هليو ويو. محمد صالح ’عاجز‘ کي
ان ڪيس ۾ هڪ سال قيد ڪاٽڻو پيو. جنهن دوران هو سکر
۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رهيو. جيل مان جيتوڻيڪ 24-
ڊسمبر 1940ع تي آزاد ڪيو ويو. پر جلدئي کيس وري
ساڳئي ايڪٽ هيٺ ڇهه مهينا ۽ پوءِ 3 مهينا نظربند
رکيو ويو. 1942ع ۾ جڏهن ”ڪئٽ انڊيا تحريڪ“ هلي
تڏهن وري به کيس اڍائي سال قيد جي سزا ملي. هن
ڀيري به سکر ۽ حيدرآباد جيلن جون هوائون کاڌائين.
هو جوانيءَ واري دور ۾ ڪانگريس جي گرم ڌر سان
لاڳاپيل رهيو. آل انڊيا ڪانگريس جو تريپورهه وارو
مشهور اجلاس، جنهن ۾ ”سباش چندر بوس“ صدارت لاءِ
بيٺو هو، ان ۾ ”محمد صالح ’عاجز‘ هڪ سنڌي ڪائونسلر
جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو ۽ ’سباش چندر بوس‘ کي صدارت
لاءِ ووٽ ڏنو هئائين.“
محمد صالح ’عاجز‘ کي اهو به اعزاز حاصل هو ته، کيس
مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شهيد الهه بخش سومري سان
حيدرآباد کان سکر تائين ريل گاڏيءَ ۾ گڏ سفر ڪرڻ
جو موقعو مليو. ٿيو هيئن ته حيدرآباد جيل مان آزاد
ٿيڻ تي، کيس سکر وڃڻ لاءِ هڪ پوليس وارو ڏئي،
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي روانو ڪيو ويو. اتفاق
سان ان ڏينهن مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شهيد الهه
بخش سومرو پڻ ريل رستي ڪراچيءَ کان سکر وڃي رهيا
هئا، جن جي استقبال لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي
مختلف جماعتن جي ورڪرن جا هشام گڏ ٿي چڪا هئا.
چؤطرف آزاديءَ جو اُتساهه ڏياريندڙ جهنڊا نظر اچي
رهيا هئا. ۽ آزاديءَ جا نعرا بلند ٿي رهيا هئا. ان
دور ۾ پوليس جي سپاهين کي ڳاڙهي پڳڙي هوندي هئي،
تنهنڪري انگريز مخالف آزادي پسندن نعرو ايجاد ڪيو
هو.
جهنڊن سان ورڪرن جا هشام ڏسي ۽ لال پڳڙي خلاف نعرا
ٻڌي سپاهي ته ’عاجز‘ کي ڇڏي هليو ويو. گاڏي اچڻ تي
”عاجز“ ايڏي وڏي رش مان به ’مولانا ابوالڪلام
آزاد‘ واري گاڏي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
مولانا صاحب سان گڏ شهيد الهه بخش سومرو پڻ همسفر
هو. جيڪو عاجز صاحب کي ذاتي طور سڃاڻندو، تنهن کيس
سڏي پاڻ سان کڻي وهاريو. اهڙي ريت هن برصغير جي ٻن
اهم شخصيتن سان گڏ اهو سفر طئه ڪيو جنهن لاءِ ذڪر
ٿيڻ تي فخر سان چوندو هو ته: ”اهو منهنجي زندگيءَ
جو هڪ يادگار سفر هو.“ جيتوڻيڪ مولانا ابوالڪلام
آزاد سان پاڻ اڳ به ملي چڪو هو. مولانا ابوالڪلام
سان سندس پهرين ملاقات وقت سندس عجيب ڪيفيت ٿي
هئي. جڏهن مولانا پنهنجي عظيم اخلاقي آدرش سان کيس
کيڪاريو هو ته مولانا جي هيبت ۽ محبت جي مليل جذبن
ڪري، هو کيڪار جو لفظن سان جواب ڏيئي نه سگهيو
(اها ساڳي ڪيفيت سائين جي.ايم.سيد سان پهرين
ملاقات وقت راقم الحروف جي ٿي هئي) ۽ سامهون پٿر
وانگر بيٺو رهيو ۽ اکين مان پاڻي وهي رهيو هئس.
مولانا پڇيو، پر هو ڪڇي جهڙي، ڀت ڳالهائڻ جي طاقت
ختم ٿي وئي هئس. دل ۾ اڌما هئس. سوچيائين پئي ته
مولانا کي چنبڙي زور سان وٺي دانهون ڪري، پر ايشيا
جي هيڏي وڏي ماڻهوءَ جي پُرجلال محفل ۽ تاريخ جي
هڪ بيمثال انسان سامهون ’عاجز‘ مرحوم چپ چاپ بيٺو
رهيو. پاڻ ٻڌائيندو هو ته:
”آءٌ چپ چاپ بيٺو رهيس جڏهن ته ملڻ وارا ماڻهو
هڪڙا اچن پيا ۽ ٻيا وڃن پيا ته آءٌ به وڃڻ وارن
سان نڪري ٻاهر وڃڻ بجاءِ مولانا جي سيڪريٽري وٽ
ويهي رهيس. سيڪريٽري کي چيم ته آءٌ موقعو وٺي وري
اندر ويندس ۽ مولانا جي صحبت ۾ اڃا به ويهڻ گهران
ٿو.“ سيڪريٽري، مولانا سان اهڙو ذڪر ڪيو ۽ مولانا
چيس ته:
”جيئن جيئن ملڻ وارن جي هلڪائي ٿئي ته ان نوجوان
کي اندر اچڻ جو موقعو ڏيندو رهه.“ (ٻوهيو 1982ع، ص
9)
1970ع کان اي- 842 عزيزآباد ڪراچي ۾ اڪثر ايندو
رهندو هو، ان دور ۾ ڄڻ ته اهائي جاءِ ڪراچيءَ ۾
سندس مستقل رهائشگاهه هوندي هئي. جتي رمضان وارو
مهينو ته مڪمل طور گذاريندو هو. عزيزآباد جي ڀر ۾
واقع سنڌين جي قديم ”ڀنگوريا ڳوٺ“ ۾ سندس لاڳاپي
وارا هئا جن کي هر رمضان ۾ نماز پڙهائڻ ۽ ختمو
پورو ڪرائڻ ايندو هو. خيالن جو ڏاڍو عجيب انسان
هو، رمضان شريف واري اها ذميواري بنهه خوش
اسلوبيءَ سان نڀاهيندو هو. پر جيستائين سندس ذات
جو تعلق هو، روزي رکڻ نه رکڻ سان سندس ڪو خاص
سروڪار ڪونه هوندو هو. ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو ته پاڻ
بظاهر مسجد ۾ روزو رکي پوءِ جڏهن اي- 842 تي
منجهند ڌاري ايندو هو ته اچڻ سان حُج مان، مخصوص
انداز سان چوندو هو: ”اڙي ڇوڪرا ڇا پچايو اَٿوَ بک
لڳي آهي، ماني کارايو.“ پوءِ جيڪي ڪجهه گهر ۾ پڪل
هوندو هو کائيندو هو. شام تائين ويٺا ڪچهري ڪندا ۽
تاش کيڏندا هئاسين، سج لهڻ وارو ٿيندو هو ته اهو
چئي اُٿندو هو ته: ”وڃان وڃي مسلمانن کي روزو
کولايان ۽ نماز پڙهايان.“ رمضان جي ڏهاڙن ۾ اهو
سندس معمول هوندو هو، پر ان جو اهو مطلب به ڪونهي
ته هو اسلام جي روح کان اڻوافق هو. هو نه رڳو
اسلام جي حقيقي فڪر کان پوري ريت واقف هو، پر ائين
چئي سگهجي ٿو ته ڪن فردن جي مفاد پرستانه مذهبي
فڪر سبب هو ان کان پاسيرو ٿي چڪو هو، ان ڳالهه جو
اندازو هيٺئين مثال مان لڳائي سگهجي ٿو. مولانا
عزيزالله ٻوهئي کيس هڪ ڀيري ٻڌايو ته:
”اسان جي ڳوٺ جي مسجد وارو ملو، جيڪو پڇاڙيءَ واري
عمر ۾ اکين کان نابين ٿي ويو آهي، ان خيال ظاهر
ڪيو ته مسجد شريف ۾ ڪيترائي قرآن پاڪ رکيل آهن ۽
انهن تي اڻ کٽ ڪپڙن جا پوش چڙهيا پيا آهن جن جي
قرآنن کي ڪابه ضرورت ناهي. سو جيڪڏهن اهي پوش مون
کي ڏنا وڃن ته آءٌ رلهي ٺهرايان ته ڳوٺ وارن ان
غريب کي منڪر ۽ بي ايمان سمجهي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو
آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي محمد صالح ’عاجز‘ کيس جواب ۾ چيو
ته:
”جيڪڏهن مسلمانن انهيءَ قرآن کي سمجهيو هجي ها ته
جيڪر محتاجن کي ائين کارائين ۽ ڍڪائين، جيئن قرآن
پاڪ کي عقيدت سان پوش ڍڪي رهيا آهن. پر مسلمانن جي
اُبتي کوپڙيءَ جو ڪهڙو علاج ڪجي؟“ (ٻوهيو، 1982ع،
ص 10)
اي- 842 عزيزآباد واري ان ئي دور ۾ منهنجي ساڻن
واقفيت ٿي، ان ئي دور ۾ مون سائين جي.ايم.سيد جي
زندگي ۽ فڪر بابت پهريون ڪتاب ”لامون تنهن وڻ
سنديون“ ترتيب ڏنو هو، جنهن جو انتساب، عاجز صاحب
جي ئي ڪچهرين کان متاثر ٿي، شهيدِ سنڌ الهه بخش
سومري ڏانهن ڪيو هوم. جنهن کي عاجز صاحب سيد کان
تمام گهڻو مٿانهون تصور ڪندو هو.
سائين جي.ايم.سيد جي سياست بابت وٽس ڪي چڱا خيال
ڪونه هئا. ان جو بنيادي سبب سندس دل ۾ مسلم ليگ جي
مخالفت وارو ديرينه رويو هو. پاڻ سدائين ان ڳالهه
جو برملا اظهار ڪندو رهندو هو. چي:
”سيد بنيادي طور مسلم ليگي آهي ۽ هي سڄو ٻارڻ مسلم
ليگين جوئي ته ٻاريل آهي.“
مٿئين پس منظر سبب پاڻ سيد ڏانهن بهتر خيال نه رکڻ
جي باوجود، اسين جيڪي سيد سان عقيدت وارو انداز
رکندڙ هئاسين، اهي سندس احترام ڪرڻ بنيادي فرض
سمجهندا هئاسين ۽ پاڻ به اسان سان ڪنهن بحث مباحثي
دوران سيد جو ذڪر عزت ۽ احترام سان ڪندو هو. پر
نياز همايوني ۽ عبدالواحد آريسر سان قريبي تعلقات
هئڻ جي باوجود، سيد بابت سندس ويچارن ۾ آخر تائين
ڪابه تبديلي ڪانه آئي. جيتوڻيڪ 1946ع واري اليڪشن
جنهن ۾ سيد صاحب آل انڊيا مسلم ليگ سان اختلاف
ڪري، خودمختيار سنڌ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان
جناح صاحب جو مقابلو ڪيو هو. تڏهن ان ۾ مولوي محمد
صالح ’عاجز‘، سيد صاحب جي ورڪ ۽ وڪالت به ڪئي هئي.
ان دور جو ذڪر ڪندي مولانا خان محمد نوحاڻي لکي
ٿو:
”ان زماني ۾ جي.ايم.سيد ۽ عالي شاهه وارا اسان
مولوين جي طرف هئا. اسان به ماڻهن کي چوندا هئاسين
ته جيڪڏهن ووٽ اسان کي نه ڏيو ته پوءِ عالي شاهه
کي ووٽ ڏيو ۽ عالي شاهه وارا به اسان جو اهڙي طرح
طرف وٺندا هئا.“
ان وقت سائين جي.ايم.سيد، پير عالي شاهه جي ورڪ
ڪري رهيو هو.
ان دور جي هڪ گڏيل جلسي ۾ مولانا محمد صالح ’عاجز‘
جي ادا ڪيل جوشيلي ڪردار جو ذڪر ڪندي خان محمد
نوحاڻي لکي ٿو:
”جي.ايم.سيد تقرير ڪئي ته ان سان به اهڙو حال ٿيو
جهڙو ماتليءَ ۾ (هوٽنگ ڪري) رباني (مولانا
عبدالحق) صاحب سان ٿيو هو. ’عاجز‘ مرحوم ٽپ ڏيئي
اُٿيو، جي.ايم.سيد کي اشارو ڪري ويهاريائين ۽
لائوڊ اسپيڪر پنهنجي طرف ڇڪي سهڻي انداز ۽ جوش مان
چيائين ته، ”مير بنده علي ۽ ٻيا مير چون ٿا ته
اسان شيعا آهيون ۽ سيدن جا حبدار آهيون، اڄ آهي
امتحان حب جو، جيڪڏهن سچا شيعا هوندا ته
جي.ايم.سيد کي ۽ عالي شاهه کي ووٽ ڏياريندا ۽ انهن
جي مخالفت نه ڪندا. جيڪڏهن ائين نه ڪيائون ته پوءِ
چئبو ته اهو اهلبيت جي حب وارو لفظ، فقط دل جي
مٿان آهي ۽ مطلب لاءِ آهي. تقرير عاجز جي اهڙي هئي
جو جي.ايم.سيد کيس ڀاڪر وجهي پنهنجي پاسي ۾
وهاريو.“ (نوحاڻي، 1985ع، ص 38)
ان دور واري اليڪشن ۾ هو اڪثر جاين تي، تقرير ڪندي
چوندو هو:
”اسان جو چوڻ نه ڪندءُ ته اهڙي حالت ۾ گرفتار
ٿيندءُ جتان وري نڪري ڪونه سگهندؤ.“
سيد صاحب جي شخصيت بابت اسان جي جذباتي ۽ جوشيلي
انداز هئڻ جي باوجود، اسان ڏانهن ’عاجز‘ صاحب جو
اهڙو ته شفقت ڀريو رويو هوندو هو، جو هر وقت کانئس
ڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش
ڪبي رهبي هئي.
محمد صالح ’عاجز‘ سان اي- 842 عزيزآباد ۾ جا
واقفيت ٿي، اها سندس زندگيءَ جي آخري دور تائين
برقرار رهي. شهيد الهه بخش جي شخصيت ۽ سياست بابت
ڪتاب تيار ڪري ڇپائڻ وارو شوق ڏيارڻ وارو به
’عاجز‘ صاحب ئي هو، جنهن پهريون ڀيرو نه رڳو شهيد
الهه بخش سومري جو حقيقي تصور اسان اڳيان پيش ڪيو،
پر ان بابت مواد هٿ ڪرڻ وارا پڻ گهٽ گهيڙ ڏسيا.
’عاجز‘ صاحب اسان جي آبائي ڳوٺ ته ڪڏهن به ڪونه
آيو هو، پر جڏهن سندس اڳيان تعلقي ڏوڪري، ضلعي
لاڙڪاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ واقع اسان جي ڳوٺ
’قاضي دڙا‘ ۽ ان جي پسگردائي وارن ڳوٺن جا نالا
کڻندا هئاسين، تڏهن پاڻ انهن جو محل وقوع ائين
بيان ڪندو هو، جيئن اهي اکين سان ڏٺا هئائين. سندس
اهڙي ذهانت تي سوال ڪندا هئاسين تڏهن چوندو هو ته:
”ڪانگريس هڪ دور ۾ ڳوٺن جي سروي ڪرائي هئي،
جنهنڪري اسين ڳوٺ ڳوٺ کان واقف ٿي ويا هئاسين.“
سندس قابليت ۽ ذهانت جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون
ڪجن:
”هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو عالم هو. جنهن کي سنڌ جي
تاريخ ۽ ان سان لاڳاپيل مقام، ماڳ، هنڌ، پيچرا،
گس، گهيڙ، درياء جا وهڪرا ۽ بندر، برزبان ياد هئا،
هو لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل سموري جاگرافيءَ جو حافظ
هو ۽ اها سموري ڌرتي سندس لاءِ هٿ جي تريءَ وانگر
هئي. هو بهترين اديب، سٺو نقاد، شعله بيان مقرر ۽
اڻٿڪ محقق هو.“ (آريسر، 1988ع، ص 75)
اهڙا ذهين انسان ڏاڍي لاابالي طبعيت جا مالڪ ٿين
ٿا، فقيرتن، فقيرمنش ڪنهن به شوشاءَ ۽ ڏيکاءَ کان
ڏور، علم جا ڀنڊار پر اُن علم جي ونڊڻ واري ڪنهن
مستند ويچار کان وانجهيل ٿين. مولوي صاحب جو پڻ
اهڙوئي حال هو. چون ٿا ته پير حسام الدين راشدي،
مولوي محمد صالح ’عاجز‘ جي ذهانت ۽ تاريخي ڄاڻ کان
متاثر ٿي کيس آڇ ڪئي هئي ته:
”اچو مون وٽ اچي رهو ته گڏجي سنڌ جي تاريخ تي رهيل
ڪم کي اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪريون.“ (آريسر، 1988ع، ص
75)
عاجز صاحب مٿي ذڪر ڪيل فقيراڻي طبعيت هئڻ ڪري، پير
صاحب جي اها آڇ قبول نه ڪئي. هو پير صاحب وٽ گوڏو
کوڙي ويهي ته نه سگهيو، پر اسان عزيزآباد ۾ وقت
بوقت آمد ۽ رهائش واري دور ۾ کيس ڪيئي دفعا مختلف
تاريخي واقعن بابت مواد لکائڻ جون گذارشون ڪيون.
جيتوڻيڪ هائوڪار سدائين ڪندو هو ۽ پر عملي طرح اها
ڳالهه ٿي ڪانه سگهي. ٽيپ رڪارڊر جو عام رواج هو،
انڪري کيس اهو پڻ چيو ويو ته، جيڪڏهن مواد لکائڻ ۾
اوهان کي تڪليف ٿيندي هجي ته، پنهنجي مخصوص انداز
۾ اوهان گفتگو ڪندا رهو. اها رڪارڊ ٿيندي رهندي
بعد ۾ اها اتاري اوهان کي ڏيکاري، مواد کي آخري
شڪل ڏبي. پاڻ اها ڳالهه به قبول نه ڪيائين. نه رڳو
ايترو پر هڪ ڀيري اسان ان مقصد سان ٽيپ رڪارڊر
آندو به، جڏهن ڪچهري متي تڏهن ٽيپ ڪرڻ جي ڪوشش به
ڪئيسين، ته پاڻ ڪچهري بند ڪري، پهريان ٽيپ بند ڪرڻ
جو چيائين ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. افسوس جو
سنڌ تي مختلف موضوعن واري حوالي سان
انسائيڪلوپيڊيا جهڙي معلومات جي مالڪ هن بزرگ وٽان
اسين ڪجهه پرائي نه سگهياسين، هو سڀ ڪجهه ساڻ کڻي
هليو ويو. حالانڪ عبدالواحد آريسر جي چواڻي:
”آزاديءَ جي تحريڪ تي وٽس، ايڏو علم ۽ ڄاڻ هئي جو
جيڪر ويهي لکي ها ته هوند شورش ڪاشميري ۽ عبدالله
ملڪ کان وڌيڪ سٺو ۽ اعتبار جوڳو مواد سنڌ واسين کي
ملي وڃي ها، پر زماني جي تبديلين ۽ حالتن جي
ناسازگاريءَ کيس واندڪائي نه ڏني جو اهي ڪم ڪري
سگهي.“ (آريسر، 1988ع، ص 77)
پاڻ جيتوڻيڪ شاعر ڪونه هو پر تحريڪ آزاديءَ جي
سلسلي ۾ هيٺيون طويل نظم سندس ڏانهن منسوب ٿيل
آهي. جنهن مان سندس سياسي بصيرت بلڪ تاريخي ڄاڻ جا
پڻ نمايان اهڃاڻ نظر اچن ٿا. سندس ان هڪڙي طويل
نظم مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته تحريڪ آزاديءَ جي
سلسلي ۾ سندس مطالعو ۽ مشاهدو ڪيڏو نه وسيع هو. هن
شعر ۾ اڪيچار اڳواڻن ۽ ڪيترن ئي عام ورڪرن کي نالا
وٺي ياد ڪيو ويو آهي، سندس اهو شعر هن ريت آهي:
قصيده مبارڪ باد فدائيان ملت و قوم
|
صد مبارڪ چئو سڀئي تن قوم جي اڳواڻ کي،
سورهين سندرا ٻڌا ساري سچي سبحان کي. |
1.
|
مولوي ’محمد علي‘ منصور آ مولا سندو،
سر مٿي سوري رکي دلبر ڪيو تنهن دان کي. |
2.
|
جنهن وڃي جارج اڳيان نعرو هنيو نروار ٿي،
پيش تنهن جي ٿي پڙهيائين فخر سان فرقان کي. |
3.
|
مير مردان شير يزدان ثانيءَ ’شوڪت علي‘،
هڪل حيدر جان هڻي ڪنبائيو ڪفران کي. |
4.
|
قد قامت ۾ قرار وقوت ۾ چٽو چوان،
دين جي عزت مٿان ڪيائين فدا جند جان کي. |
5.
|
’ڊاڪٽرڪچلو‘ ڪهاڙو ڪفر تي قاتل قوي،
جوان جلديءَ ۾ ڪندو برباد بي ايمان کي. |
6.
|
’غلام مجدد‘ پير صاحب سرهندي سورهيه سليم،
نيٺ دشمن کي دسي موڳو ڪندو مروان کي. |
7.
|
’حسين احمد‘ حيدري آهي بهادر بي حساب،
ڪيهر جان ڪاهي آيو ظاهر پسي زندان کي. |
8.
|
’نثار احمد‘ جان نثاري دين مرسل جي مٿان،
ساهه جو سانگو کڻي راضي ڪيائين رحمان کي. |
9.
|
’مولانا ابوالڪلام‘ شير ٿي سوري چڙهيو،
ٿو مبارڪ ملڪ ڏي تنهن دين جي دربان کي. |
10.
|
’لاله لجپتراءِ‘ به وارو وڄائي ويو هليو،
ديس تان قربان ڪيائين ساهه ۽ سامان کي. |
11.
|
سنڌ ۾ سورهيه سوڀارو شيخ هو ’عبدالمجيد‘،
قيد ۾ ڪڏندو ويو اوجر ڏئي ايمان کي. |
12.
|
’رمضان‘ درزي ’دوارڪا مهراج‘ دادو جا دلير،
امن لئه اختيار ڪيائون ظلم جي زندان کي. |
13.
|
’مهراج وشنو‘ مرد غازي ايڊيٽر اخبار جو،
ويو ملهائي وير پنهنجي نام ۽ نيشان کي. |
14.
|
’جيرامداس‘ جوان جنگي جيل ۾ جلدي ويو،
مومن هندو مجرا ڏيو تنهن پئنچ پهلوان کي. |
15.
|
’گهنشام داس‘ به گهوريو سوراج سر پانهنجو،
ٿا نهارن نيڻ اڄ تائين جيل جي مهمان کي. |
16.
|
جوش جذبي سان هليو ويو ’پير مٺل شاهه‘ شير،
ڏيو مبارڪ مومنو تنهن بلبل: بستان کي. |
17.
|
’مولوي چشتي‘ ٻڌا سهرا سموهي دين جا،
گهوٽ گهائي گهور سان ڪامل ڪڍيو ڪفران کي. |
18.
|
’چوئٿرام‘ به ويو ڪري صدقو سسي ۽ ساهه کي،
تنهن وسايو آهه رند اڄ وڃي ويران کي. |
19.
|
’ويرومل‘ به ويو ڪري فائق فدائي ديس تان،
ملڪ لئه ميراث ڪيو تنهن محب پنهنجي مان کي. |
20.
|
’سهراب مگسي‘ مست ٿي حملو ڪري هليو ويو،
ڏيو بشارت ڀائرو تنهن شير شہ مردان کي. |
21.
|
’مولوي فريد دين‘ محبوب مولا جو مدام،
ڪيو مدح مومن هندو تنهن محبتي مستان کي. |
22.
|
’محمد صادق‘ صدق سان ڏونڪو هنيون منجهه
ڏوڪري،
ڪر خدا پاسي تنهين کان شر ۽ شيطان کي. |
23.
|
’مهراج گانڌيءَ‘ مرد ٿي سو نر ويو نعرو هڻي،
ويو جاڳائي وير هرجا جوش ۽ جولان کي. |
24.
|
اهي سڀيئي سورما قربان ٿيا هن قوم تان،
جيل ۾ جانب وڃي اڄ ٿا جلائن جان کي. |
25. |
جڏ کڻي آيا وٽن ورانڊ ولهيا روڳي رليا،
خان چوندا ويا خوشيءَ مان مت ڪيوارمان کي. |
26.
|
’الصبرمفتاح الفرح‘ سندرو ٻڌو آ صادقن،
آفرين صد آفرين تن صاحبن ذي شان کي. |
27.
|
ياالاهي ڏي صبر امان صاحبه کي ڏاج تون،
پٽ پنهنجا قربان ڪري ڪيائين عام تي احسان
کي. |
28.
|
مون لڌو اڄ خواب خاصو صبح صادق ۾ سچو،
هٿ ڪندا حاذق هنر سان هاڻ هندستان کي. |
29. |
اي مسلمانون هندو بهرِ خدا بيدار ٿيو،
دين ۽ مذهب مٿان گهوري مڏي ۽ مان کي. |
30. |
ديس جا ڪپڙا ڍڪيو مومن هندو هردم اوهين،
ايٽ جي آواز سان دهڪو وجهو دگران کي. |
31. |
روز شب ريهون ڪري دانهون پنو داورڪنان،
هادي هدايت شل ڪري هن وقت هرنادان کي. |
32. |
’عاجز‘ سنديون آهون ٻڌي مولا تون ڪر پوري
مراد،
دين جي عزت بچائي سوڀ ڏي سلطان کي. |
محمد صالح ’عاجز‘ هونئن ته گهڻو عرصو اڳ صحافت جي
ميدان ۾ آيو. ”1945ع کان پاڻ باقاعده ادارت جا
فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو. جيڪب آباد مان
هفتيوار ”چئلينج“ ۽ پوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ
”عدل“ جي ادارت به ڪيائين، 1947ع کان شڪارپور مان
”جمهور“ ۽ پوءِ ”سرتاج“ جاري ڪيائين.“ (هڪڙو
2004ع، ص 152).
پر ان دور ۾ پاڻ جوشيلو سرگرم ڪارڪن هو، انڪري هڪ
جاءِ ٽڪاءُ ڪونه هوندو هئس. البت پوئين دور ۾
صحافت کي روزگار طور استعمال ڪيائين.
صحافت، جنهن جو سڌي طرح سياست سان لاڳاپو ٿئي ٿو،
اهو هڪ عاليشان ۽ مقدس پيشو آهي جنهن سان قومي جنگ
بهترين انداز ۾ وڙهي سگهجي ٿي. پر مولانا ”عاجز“
جنهن جي اندر مان سياست وارو جوش ۽ جذبو، همت ۽
ولولو برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ختم ٿي چڪو هو.
هو بدليل حالتن ۾ صحافت کي جيئڻ جو سهارو سمجهي
هلائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته ملڪي ورهاڱي سندس خواب
چڪناچور ڪري ڇڏيا هئا. سندس اميدن واري ڪاڪ محل جا
ڪنگرا ڪري پيا هئا. هن اُن نئين ماحول ۾ پاڻ کي
اڻپورو ۽ اڌوروپي محسوس ڪيو، هڪ ڀيري عبدالواحد
آريسر پاران سوال ڪرڻ تي ته، مولانا صاحب هاڻي
پوڙها ٿي ويا آهيو؟ تڏهن کيس جواب طور چيو هئائين:
”آءٌ ۽ مون جهڙا ٻيا سوين ڪارڪن هندستان ۽ پاڪستان
۾ 1948ع ۾ پوڙها ٿي چڪا هئاسين. اسان جون چيلهيون
ڀڄي پيون، هاڻي جيئڻ جو نقل ڪري رهيا آهيون، نه
اهي ماڻهو آهن ۽ نه اهو ماحول. نه اهو خلوص آهي،
نه ولولو. نه وري انهن شين جي قدر ڪرڻ وارو ڪو!“
(آريسر، 1988ع، ص 75)
بس اهڙي ڪيفيت ۾ هن محض وقت گذاري ۽ شغل خاطر
مختلف وقتن تي ڪي هفتيوار اخبارون ڪڍيون. انهن مان
آخري اخبار هفتيوار ”صبح صادق“ هئي جنهن جي ورڪر
طور راقم الحروف کي به ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ جو موقعو
مليو. 1980ع ڌاري آءٌ نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ۾
رهڻ لڳو هئس ۽ مولانا صاحب جي حيدرآباد آمد وقت
نياز همايوني جي منظور چيمبرس گاڏي کاتي واري
سرڪاري آفيس جي هڪ ڪمري ۾ رهائش هوندي هئي، جتي
پاڻ اڪثر اچي رهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس اخبار، جنهن
جي پريس لائين ڪا ٻي هوندي هئي پر اها ڳجهه ڳوهه ۾
شايع حيدرآباد مان ٿيندي هئي. ان وقت آءٌ ٽريننگ
ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هئس تڏهن پاڻ حيدرآباد ۾
پهچڻ سان منهنجي ڪمري تي ايندو هو. پوءِ تقريباً
هر روز آءٌ سندس رهائشگاهه تي ويندو هئس، آءٌ کيس
مواد هٿ ڪرڻ ۽ پروف ريڊنگ ۾ مدد ڪندو رهندو هئس.
پر پاڻ اهو ڪم ايترو ته رازداريءَ سان ڪرڻ جو عادي
هوندو هو، جو حيدرآباد ۾ مواد ڇپجڻ جي باوجود مون
کي اهو ڪڏهن به نه ڏسيائين ته، مواد ڪهڙي پريس مان
ڇپجي ٿو. مواد ڏئي به پاڻ اچبو ۽ کڻي به پاڻ ئي
اچبو، واري عمل تي ڪاربند رهيو. آءٌ ڪڏهن ڪمري تي
نه هوندو هئس ته پاڻ مهرباني ڪري ٻه اکر چٺيءَ جا
لکي ويندو هو. جيڪي تبرڪ طور مون وٽ اڄ به سانڍيل
آهن. سندن لکت جيتوڻيڪ مختصر هوندي هئي پر هئي
بامعنيٰ، پاڻ پُراميد انداز ۾ هر ڀيري چٺيءَ جي
آخر ۾ لکندو هو. ”چڱي ٿيندي.“
سندس لکت جو نمونو هن ريت هوندو هو:
’عاجز‘ صاحب جي پوئين دور واري صحافت نالي ماتر
هوندي هئي. هفتيوار اخبار ۾ اڪثر ٽينڊر نوٽيس ۽ ڪي
سرڪاري اشتهار شايع ٿيندا هئا. جن جو کيس سرڪار
وٽان معاوضو ملندو هو. هٿ جو وري اهڙو سخي هوندو
هو، جو جنهن ڏينهن اشتهارن جا بل ملندا هئس ته پاڻ
ئي اي- 842 تي موجود ماڻهن کي سٺي ماني کارائڻ جي
دعوت ڏيندو هو. بس ائين ڄڻ هو وقت گذارو ڪري رهيو
هو. ڇاڪاڻ ته برصغير واري جنگ آزاديءَ ۾ هن جهڙن
ڪيترن نوجوانن آزاديءَ واري عشق ۾ حصو ورتو هو. پر
ورهاڱي واري وڍ سندن سمورا سونهري خواب چڪنا چور
ڪري ڇڏيا هئا. اهڙي ريت ورهاڱي سبب جا صورتحال
پيدا ٿي، تنهن محمد صالح ’عاجز‘ کي ويڳاڻو ڪري وڌو
هو. سندس اهڙي دل شڪنيءَ واري ڪيفيت جو اندازو هن
مثال مان لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ڀيري عبدالواحد آريسر
کانئس پڇيو ته، ”مولانا صاحب، مسلم ليگي چون ٿا ته
اوهان مسلمانن جي خلاف هئا.“
اها ڳالهه ٻڌي کيس افسوس وچان چيو هئائين:
”بس يار! اسان شڪست کاڌل فوج جا سپاهي آهيون، شڪست
کاڌل فوج جي سپاهين تي هر قسم جا الزام لڳندا آهن.
باقي اسان ته نه مسلمانن جا مخالف هئاسين نه وري
هندن جا دلال، اسان ته آزاديءَ جا عاشق هئاسين.“
’آزادي‘ آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي،
سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي،
اڄ به هيڻن سان هلن ڏاڍا ڏاڍائي،
نڌڻڪن سان روز ڪن، عمر ارڏائي.
سُڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾.
(گدائي)
تحريڪ آزادي جنهن جو مولوي محمد صالح ’عاجز‘ هڪ
سپاهي هو جيڪو جمعيت العلماء هند ۽ احرار الاسلام
کان ٿيندو، انڊين نيشنل ڪانگريس تائين پهتو هو، ان
وٽ قومي آزاديءَ جو ڪهڙو حسين خواب هو، ان خواب جي
تعبير طور محمد صالح ’عاجز‘ پاڻ کي فنڪار سان
ڀيٽيندي هن ريت اظهار ڪندو هو، هڪ فنڪار کان پڇيو
ويو ته:
”ڪنهن گهر کي باهه لڳي ۽ ان گهر ۾ هڪ معصوم ٻار به
هجي ته هڪ فن پارو پڻ، تون ان گهر مان ڪنهن کي
ڪڍندين؟ فنڪار وراڻيو هو ته ’باهه کي، جيئن ٻار ۽
فن پارو ٻئي سلامت رهي سگهن.“
ننڍي کنڊ کي انگريز سامراجيت جي باهه وڪوڙي وئي
هئي، ان ۾ هندو فن پاري وانگر هو ته مسلمان ٻار
وانگر، اسان انهن ٻنهي مان هڪ کي بچائڻ جي بدران
انگريز سامراجيت جي باهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي ته جيئن
هندو ۽ مسلمان ٻئي سلامت رهي سگهن.“
نفاق کان نفرت ڪندڙ، ايڪتا ۽ اتحاد جو حامي،
ابوالڪلام جو عاشق اسان جو هيءُ بزرگ، 21- جولاءِ
1982ع تي، نياز همايونيءَ جي منظور چيمبرس گاڏي
کاتو حيدرآباد واري آفيس جي هڪ ڪمري ۾، دل جي دوري
پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. سندس جگري يار نياز همايوني
هن غريب الوطن تحريڪ آزاديءَ جي گمنام سپاهي جي
جسد خاڪيءَ کي، سندس اباڻي ڳوٺ گَنجي لڳ مرادپور
تعلقو ٺُل ضلع جيڪب آباد پهچايو. سندس مزار
نورمحمد شجراع نالي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
ببليوگرافي
1.
|
آريسر، عبدالواحد، ”ماڻهو ميگهه ملهار“،
1988ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. |
2.
|
بروهي، جوهر، ”خلافت تحريڪ جا وکريل ورق“،
”ماهوار پيغام ڪراچي فيبروري- مارچ 1986ع. |
3.
|
ٻوهيو، عزيزالله، ”جوڳي زور آور ذات“،
ماهوار لطيف ڪراچي، ڊسمبر 1982ع. |
4.
|
نوحاڻي، خان محمد ”مرحوم محمد صالح عاجز“،
ماهوار ”الصادق“ ڪراچي، جنوري 1985ع |
5.
|
هَڪڙو انور فگار، ”شڪارپور جي صحافتي
تاريخ“، 2008ع روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. |
6.
|
محترم نياز همايونيءَ کان ڪچهري ڪري ورتل
معلومات. |
7.
|
ذاتي خط |
|