سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :11

قاضي اياز مهيسر                                     ڪهاڻي

ڳـــــــولا...

سرءُ جي ان نما شام جڏهن سندس ڪينوس تي بهار جي موسم ۾ چٽيل گلابن مان گلابي رنگ سڪي ويا هئا، ان گهڙي الائي ڇو سندس دل گهريو ته هو پنهنجي پينٽ هائوس ۾ موجود سمورن رنگن کي هاري ناس ڪري ڇڏي. پر ان احساس، سندس روح ۾ هڪ عجيب بي چيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. رنگن جي موت ۾ کيس پنهنجي موت جو احساس ٿيڻ لڳو هو، موت جو احساس جنهن کان گهٽ ۾ گهٽ هن پنهنجي تخليق کي پري رکڻ چاهيو هو. هن هميشه کان اهو ئي چاهيو هو ته سندس هٿن جي جنبش مان ٺهي ويل تخليق کي ڪڏهن به ڪو به موت ڇهي نه سگهي. پر سرءُ جي ان شام کيس ان احساس ۾ گهيري ڇڏيو هو ته جڏهن تخليق جي تخليقڪار جو موت اڻٽر آهي، تڏهن تخليق سدا حيات ڪيئن ٿي رهي سگهي!!  

هڪ عجيب ڪرب ۾ هو پنهنجو پينٽ هائوس ڇڏي، هڪ اجاڙ ميدان جو راهي ٿي ويو هو. اجاڙ ميدان جنهن جي هر پنڌ ۽ پيچري تي سرءٌ جي موسم حاوي ٿيل هئي. هن جي اندر ۾ هڪ طوفان آيل هو، هڪ طوفان، جنهن پنهنجي اندر ۾ هزارين طوفان سمائي ڇڏيا هئا. هن پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو تخليقڪارن جي تخليقڪار سان هڪ دفعو ئي سهي پر ڳالهائيندو ضرور، پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس اوچائي تائين ئي وڃڻو ڇو نه پئي. پر اوچائي هئي ڪٿي، کيس صرف ان جي پتي جي ئي ته خبر نه هئي پر، هن اجاڙ ميدان جو جڏهن رستو وٺي ئي ڇڏيو هو ته هاڻي سندس واپسي اوسيتائين ته ممڪن ڪونه هئي جيسيتائين هو خدا سان هم ڪلام نه ٿو ٿي وڃي. پر واٽ ويندي، هن پنهنجي دل ۾ سوچيو ضرور هو ته جي هو اُوچائي تائين پڄي به وڃي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو خدا سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي. ”ممڪن آهي،“ ان کان پهرين جو هو دل لاهي ويهي، سندس اندر ۾ ڀرجي آيل طوفان کيس جواب ڏنو هو، ”جي اهو موسى لاءِ ممڪن هو ته تو لاءِ ڇو نه؟“ ”۽ هو جيترو موسى جو خدا آهي اوترو ئي تنهنجو خدا به ته آهي!“

اهو ٻڌي سندس ارادا وڌيڪ پختا ٿي ويا هئا ۽ هو ميدانن مان ٿيندو وادين ۾ پڄي ويو هو ۽ وادين مان ٿيندو ٻين ميدانن ڏانهن مسلسل هلڻ جي ڪري سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هيون. هو پنهنجي پيرن مان رت وهائيندو مسلسل وڌي رهيو هو. کيس ان ڳالهه جو به گمان هو ته هو ڪٿي ڀٽڪي نه وڃي پر ان سان گڏ کيس ان ڳالهه جو به يقين هو ته خدا جي راهه ۾ ڀٽڪي وڃڻ به سندس راهه ۾ اڳتي وڌڻ آهي. نيٺ هڪ ڏينهن هو انهن وادين ۾ پڄي ويو جن وادين مان صدين کان ڪير به نه لنگهيو هو ۽ سندس پير انهن پيچرن کي لتاڙي رهيا هئا جن پيچرن تي موسيٰ کان پوءِ ڪڏهن ڪنهن بني بشر پير ئي نه پاتو هو. انهن وادين مان ڪوهه پري نظر ايندڙ پهاڙي کيس طورسينا جهڙي لڳي هئي. کيس پڪ ته ڪانه هئي پر الائي ڇو ان پهاڙي تي نظر پوڻ شرط ئي سندس روح سٽ کاڌي ته اها ئي اها مقدس جڳهه آهي.

ڪجهه ڏينهن جي مسلسل پنڌ کان پوءِ هو نيٺ ان پهاڙي تي پڄي ويو هو جنهن کي دل ئي دل ۾ هن مقدس جڳهه سمجهيو هو. پر ان گهڙي سندس حيرت جي انتها نه رهي جڏهن پنهنجي ساڄي پاسي کيس هڪ کاهي نظر آئي هئي، کاهي جيڪا ڪنهن نور سان چمڪي رهي هئي. ”هيءَ اها ئي جاءِ هوندي،“ هن پنهنجي دل ۾ سوچيو، ”اها جاءِ جتي خدا جو نور چمڪيو هو، ۽ جنهن جي دهشت ۾ موسى بيهوش ٿي ويو هو.“ کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هو جتي پڄي چڪو هو اِهو اُها ئي مقدس مقام هو، جنهن تي چڙهي موسى روز خدا سان ڳالهائيندو هو ۽ ان پڪ سان سندس دل تي ساڳي ئي دهشت تاري ٿيڻ لڳي هئي جيڪا ڪڏهن موسى تي طاري ٿي هئي. اوچتو، کانئس اهو وسري ويو هو ته هو خدا سان ڇا ڳالهائڻ آيو آهي، کانئس ڇا پڇڻ آيو آهي. ۽ ان کان اڳ جو هو خدا جي آواز ٻڌڻ جي همت ساري ها، هو پنهنجي سامهون هڪ ڪاري لباس واري ماڻهوءَ کي ڏسندي ئي ڏندڙجي ويو هو.

هوش اچڻ تي کيس ڪا به خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي ۽ جتي به آهي اتي ڇو آهي، کيس اهو به ياد نه هو ته هو ڏندڙجي ويو هو يا هو ڏندڙجڻ کان پهرين ئي ڏندڙيل هو ۽ ڏندڙجڻ سان ئي هوش ۾ اچي ويو هو، کيس ڪا به خبر نه هئي ته هو اتي اچڻ کان پهرين ڪٿي هو، ڪير هو ۽ ڇا ڪندو هو. بس هن پنهنجي پاڻ کي ڪنهن وجود وانگر سمجهيو هو جيڪو پنهنجي ڀرپاسي موجود شين کي جانچي، ڦلهوري، پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو پنهنجي حيرت ۾ ئي گم هو، ته اوچتو اهو ڪاري لباس وارو همراهه سندس ويجهو آيو ۽ کيس اکين ۾ نهاري سندس ڀرسان ويهي رهيو. ”تون ڪير آهين؟“ هن ڪارن ڪپڙن واري کان گهٻرائيندي پڇيو. ”تو کي خبر آهي ته تون ڪير آهين؟“ ڪاري لباس واري جواب ۾ کانئس ئي سوال پڇي ڇڏيو هو. ”نه!!!… توکي خبر آهي ته مان ڪير آهيان؟“ هن حيرت مان کانئس پڇيو. ڪاري لباس واري مرڪندي کيس جواب ڏنو، ”ها، مون کي خبر آهي، تون هڪ آرٽسٽ آهين!“ هو سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ گهڻي دير سوچڻ کان پوءِ ڪاري لباس واري کان پڇڻ لڳو، ”جي مان آرٽسٽ آهيان ته هتي ڇا ٿو ڪيان ۽ هيءَ ڪهڙي جاءِ آهي؟“ ڪاري لباس واري سندس پيرن ڏانهن نهاريندي چيو جن مان اڃا به رت وهندي نظر اچي رهيو هو، ”تون هتي ان جي ڪري آهين جو تو خدا کان ڪجهه پڇڻ پئي چاهيو ۽ تنهنجي اندر ۾ بيچيني هئي ته تخليق جو موت ڇو لکيو ويو آهي، ۽ هيءَ جاءِ اها طورسينا آهي جنهن تي چڙهي تو خدا سان ڪلام ڪرڻ پئي چاهيو!“

آرٽسٽ جي ياداشت واپس اچي رهي هئي پر هو پوري طرح اڃا به هوش ۾ نه هو. ”ها!“ هن چيو، ”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ تخليق جو موت ڇو آهي؟“ ڪاري لباس واري مرڪندي چيو، ”تخليق جو موت ٿي ئي نه ٿو سگهي!“ آرٽسٽ حيران ٿي ويو هو، ”پر اسان ته هر وقت موت هٿان مرندا رهندا آهيون، اهو سچ ناهي!“ ”نه…!“ ڪاري لباس واري چيو، ”اهو سچ ناهي، موت تخليق کي ماري ئي نه ٿو سگهي، موت تخليق کي پنهنجي تڪميل ڏانهن وٺي ويندو آهي!“ آرٽسٽ چپ ٿي ويو هو، سندس آڏو پهريون ڀيرو حقيقت جا اسرار کلي رهيا هئا. ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ آرٽسٽ وري ڳالهائڻ لڳو، ”پوءِ ايڏي پيڙا، ايڏي تڪليف، ڇو؟؟“، ڪاري لباس واري بنا ڪنهن دير جي جواب ڏنو، ”پيڙا کان سواءِ ڪا به تخليق نه جنم ٿي وٺي سگهي ۽ نه ئي مڪمل ٿي ٿي سگهي. تخليق خود هڪ پيڙا آهي، پر پيڙائن مان ٿيندي ئي پنهنجي تڪميل ڏانهن پڄي سگهندي آهي.“ آرٽسٽ جي منهن تي پهريون ڀيرو سڪون لهي آيو هو. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ هو چوڻ لڳو: ”مان ان ڳالهه لاءِ پنهنجي خدا جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان ته مون کي پنهنجن سوالن جا جواب ملي ويا آهن.“

ڪاري لباس وارو اٿي بيهي رهي ٿو ۽ آرٽسٽ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي ٿو: ”مان وڃان، هاڻي؟“ آرٽسٽ به اٿي بيهي رهي ٿو ۽ کيس ڏسندي چوڻ لڳي ٿو: ” مون کي اڄ ان ڳالهه جو اطمينان آهي ته مان پنهنجي ارادي جي سچائيءَ سان نه صرف مقدس مقام تي پڄي سگهيو آهيان، پر ان سان گڏ مون کي موسى سان ملڻ جو اعزاز به نصيب ٿيو آهي.“ ڪاري لباس وارو پٺي ڏئي اڳتي وڌڻ لڳي ٿو. ”موسى! موسى!!“ آرٽسٽ کيس سڏڻ لڳي ٿو. ڪاري لباس وارو  کيس بنا ڏسڻ جي جواب ڏئي ٿو، ” موسى مان ناهيان، موسى تون آهين!“ ”موسيٰ… ۽ مان…!!!“ آرٽسٽ کان حيرت مان رڙ نڪري ٿي وڃي، ”ها !! هر اهو ماڻهو جيڪو خدا سان ڳالهائي سگهي ٿو، اهو موسى جهڙو آهي.“ ڪاري لباس وارو کيس جواب ڏئي ٿو. ”پوءِ تون ڪير آهين؟“ آرٽسٽ بي يقيني ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ کانئس پڇي ٿو. ڪاري لباس وارو آرٽسٽ ڏانهن مُرڪي ڏسي ٿو شفيق مرڪ ۽ ساڄي پاسي نظر ايندڙ نور ۾ غائب ٿي وڃي ٿو.

نوان ڪتاب

 

 

ڪتاب: ڀڳت ڪبير جا دوها

موضوع: شاعري

مترجم: پروفيسر عطاءالله ابڙو

ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2011ع

سائيز: ڊيمي

صفحا: 200

قيمت: 250 رپيا

ª

 

ڪتاب: کرڙيءَ جي جنگ جا نامور شهيد

موضوع: تاريخ

تحقيق: پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

ڇپائيندڙ: ڪراڙ پبليڪيشن، ٽنڊومحمد خان 2010ع

سائيز: ڊيمي

صفحا: 112

قيمت: 130 رپيا

پير عبيد راشدي                                                             

ٻه مختصر ڪهاڻيون

 

ته سنگهارن سُکُ ٿئي...!

اخبار جي مڊويڪ ميگزين ۾ ٿر تي مضمون سان گڏ ٿر جي ماڳن، مڪانن ۽ ماڻهن جا فوٽو هئا. هڪ فوٽو ڄاتل سڃاتل لڳم. ياد پيم ته اهو فوٽو شهر جي مشهور فوٽو گرافر جو هو. فوٽوءَ جي هيٺيان لکيل هو: ”هڪ ٿريو روايتي لباس ۾ چؤنري اڳيان.“ مون پنهنجي روم ميٽ کي چيو: ”پارٽنر اعجاز ڪريم! هيءُ ڏس مشهور فوٽو گرافر، فوٽو ڇپرائڻ جي شوق ۾ ٿري لباس پاتو آهي.“

”ٿري لباس ۾ حيثيت گهٽ ٿيندس ڇا؟“ اعجاز ڪريم اٽلندو سواليو.

”نه، پاڻ حيثيت وڌندس ڇو ته ماڻهو پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري سڃاتا ويندا آهن.“

”باقي تنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد؟“

ڪيڊٽ ڪاليج جي هاسٽل مٿان ٿر ڏي ويندڙ ڪڪرن کي ڏسي چپن ۾ ڌڻيءَ پاڪ کان سنڌ ۽ ٿر وسڻ جي دعا گهريم ۽ پوءِ اعجاز ڪريم کي وراڻيم: ”ماڳ، مڪان ۽ ڀِٽن سان گڏ ڪنهن ستايل ٿريءَ جو فوٽو هجي ها ته ڪيڏو نه سٺو لڳي ها، ڇو ته مقامي ماڻهو پنهنجي علائقي جي سڃاڻپ هوندا آهن، اها ٿرين سان زيادتي آهي.“

”هونهه، هتي ٿرين سان الائجي ڪهڙيون زيادتيون پيون ٿين، تون وري فوٽوءَ جي ڳالهه تي ٿري جي نمائندگي پيو ڪرين؟“

مون کان سَٺو نه ٿيو، آءٌ اڏامندڙ واريءَ جو دڙو ٿي پيس. منهنجا لفظ اڏامندڙ واريءَ جيان وسڻ لڳا. ڀلي ڪير به ٿرين جو لباس اوڍي اخبارن ۾ فوٽو ڇپرائي پر ڪير ٿرين جهڙو جهاڳڻ محسوس ڪري ته هو ڪهڙين حالتن ۾ آهن!!“

سِنڌ هتي آهي...

پان جي پڪَ ديوار ته خراب ڪري سگهي ٿي پر سمونڊ نه! سنڌ ته آهي سمونڊ سدا جل ٿل مقدس. سنڌ جو سمونڊ، پانَ جي پِڪَ ۽ ميٽروپوليٽن سِٽي مان اٿندڙ منافقيءَ جي لڙ کي ڀاڱا راڱا ڪري ڇڏيندو. ڪلاچيءَ مان اٿندڙ دهشتگردي سادن توڙي بشني ماڻهن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو آهي. ميلائي بشني ڪاٽڪو جن جي پويان پوليس هوندي هئي، اڄ ڪلاچيءَ ۾ ٿاڻن ۽ وٿاڻن جا مالڪ ٿيو ويٺا آهن.

نوري آباد سپر هاء وي تي ويٺل اٻوجهه وزير پالاريءَ کي خبر چار ڏيڻ لاءِ ڪار مان ڳچي ڪڍندس ته پڇندو: ”ڪوهستان ته تتل باهه، سنڌ ته بهاريءَ ۾ هوندي!؟“ قسمت سانگي مٺيءَ يا ڪارونجهر وڃبو ته مسڪين ٿريا پڇندا: ”هت ته ٻارهو ئي اڻ هوندا، ماڻهو مرگهه ابر آسري، سنڌ ته جل ٿل هوندي!؟“

ڪراچي ۾ شام لڙي پارڪ ۾ واڪ دوران ٽريڪ تي ڇيڳريون جن جو ڪرڪو هونئن ڪونجن جو ورلاپ محسوس ٿيندو آهي پر جڏهن پڇنديون: ”سنڌ مان ڪڏهن آئين؟“ تڏهن سندس پڇا ڪٻرين جي لڙ جيان ڀاسندي آهي ۽ آءٌ ويچارن ۾ کامي پڄريو لڇان. سنڌ باقي ڪٿي؟ سنڌ کي ڪنهن سڃاتو، نه پنهنجن نه ڌارين!“ تڏهن ويچارن مان ساڄو هٿ کاٻي پاسي سينا ڪوبي ڪرڻ لڳندو آهي ۽ دل جو هر ڌهڪو چوندو ته: ”سنڌ ته آهي هتي، سنڌ ته آهي هتي.“                         

احسان دانش                                                                        ڪهاڻي

خــــــــــــوف

 

 

جڏهن کان ماڻهن جي هجوم ۾ ٿيل خود ڪش بم ڌماڪي کان پوءِ روڊ تي ڳڀا ڳڀا ٿيل لاشَ ۽ رَتُ جا داغ ڏٺا اٿم، تڏهن کان من ۾ اچي اهڙو خوف ويٺو آهي، جو پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪي رهيو آهيان. ڏينهون ڏينهن منهنجو خوف منهنجي وجود ۾ سرائيت ٿو ڪندو وڃي....

مسجد ۾ ڀرسان بيٺل ماڻهوءَ مان ڀؤ ٿو ٿئي، متان سندس جسم سان بارود ٻڌل هجي..... مارڪيٽ ۾ شاپنگ ڪندي آس پاس گذرندڙ هر ماڻهوءَ تي خودڪش حمله آور جو گمان ٿو ٿئي..... هوٽل ۾ چانهه نه ٿو پِي سگھان...... منهنجو ڊپ منهنجي وجود سان ڊنل ٻار وانگر چنبڙي پيو آهي.... مان جلسن ۽ محفلن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. منهنجي خوف منهنجن پيرن ۾ سنگھر وجھي ڇڏيا آهن.

مون کي هر پل ائين ٿو محسوس ٿئي ته اجھو بم جو زوردار ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ سڀ ماڻهو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويندا. پوليس منهنجي جسم جون ٻوٽيون به ميڙيندي.... چوڌاري رت هوندو ۽ دونهون.... ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلندي ” ..... خود ڪش بم ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا فوت ..... ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا ٽريفڪ سگنلس ۾ اٽڪيل..... هر طرف خوف ۽ حراس.....“

مان ايڏي بي درديءَ سان مرڻ نه ٿو چاهيان..... شايد منهنجي اندر لڪل خوف ئي مون کي زندهه رکي سگھي ٿو..... پر نه، ان ته منهنجي اندر مان اعتبار جي تند ڇني ڇڏي آهي. من مان خوشيءَ جا موتيا مُرجھائي ڇڏيا آهن. اهو ڊپ ته تيزاب بڻجي منهنجي اندر کي ڳاري رهيو آهي. منهنجون صلاحيتون مفلوج ٿي رهيون آهن..... منهنجي اندر ۾ اهو خوف وڻ ويڙهيءَ جيان وڌندو آهستي آهستي منهنجي وجود تي ويڙهبو ٿو وڃي..... بس ۾ ويهان ٿو ته لڳي ٿو ڀرسان رکيل هر ٿيلهي ۾ بم آهي، بم ڄاڻ ڦاٽو.... ڌماڪي ۾ دانهون نڙيءَ ۾ ئي گھٽجي وينديون، رڳو رَتُ هوندو، ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم هوندا ..... منهنجو چهرو چچرجي ويندو، بدن تي اَکٽ زخم هوندا..... منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪيئي لاشن مان هڪ لاش طور سڃاڻپ ٿيندي...... نه مان اهڙي سڃاڻپ نه ٿو چاهيان....!!

”اڄ کان بس ۾ نه چڙهندس.“ پاڻ سان وعدو ٿو ڪيان.

”مسجد به نه ويندس.“

”جلسن جلوسن کان به توبهه ڪئي ... نعرا نير ٿا ڏين... نه ويندس.“

”مارڪيٽ به .....! پر مارڪيٽ ته وڃڻو پوندو ڀاڄيءَ لاءِ .....!!“

”۽..... بس ۾ نه چڙهندس ته آفيس ڪيئن پهچندس.....؟“

”متان آفيس ۾ منهنجي ٽيبل هيٺان ڪو بم فِٽ ڪري ويو هجي....! نوڪريءَ تان استعيفى ڏيان.....؟ ڪيئن ڏيان.... ٻار ڪٿان پاليندس.“

”مان مري ويندس ته ٻارن جي سنڀال ڪير ڪندو، مهراڻ کي اسڪول ڪير ڇڏي ايندو، ماڻهس ته موڳي آهي، روڊ به ڪراس ڪندي ڏڪندي آهي... ڪائنات ڪنهن سان ڀاڪي پائي سمهندي....؟“ مان سوچيان ٿو ”يوٽيلٽي بلَ ڪيئن ادا ٿيندا؟ مان مري ويندس ته گھر ڪيئن هلندو؟“

”ڪيئن...؟“

”ڪيئن...!“

”ڪير....!؟“

”ڪڏهن.....!!“

”مان ان خوف جي ڄار مان ڪڏهن نڪرندس...؟“

”مان سڪون جو ساھ ڪڏهن کڻندس...؟“

”مون کي ڊپ جي ڌٻڻ مان ڪير ڪڍندو....؟“

”منهنجي اندر ۾ اعتبار جو سلو ڪڏهن ڦٽندو...؟“

سوالن جا ڏينڀو ڏنگيندا ٿا رهن، مان انهن کي چيڀاٽڻ چاهيان ٿو، پر سوالن جا ڏينڀو ڏنگ هڻي تڙپائي ڏور ڏسائن ۾ اڏرندا ٿا وڃن. خوف کان من پڄري ٿو.... ميڻ وانگر ڳرندو ٿو وڃي.

وري ٽي. ويءَ تي بريڪنگ نيوز هلي آهي ”...... خود ڪش حمله آورن جي بارود سان ڀريل گاڏي عمارت سان ٽڪرائي. ابتدائي اطلاعن موجب 25 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي....“

منهنجي من تي پيٽرول هارجي پيو آهي. ڊپ اماڙون ڏئي ٻريو آهي.... ڪمرو ساھ ٻوساٽي ٿو، ٻاهر سج لهي رهيو آهي، آسمان ڳاڙهو آهي......! زمين ڳاڙهي آهي..... ۽ منهنجي دل ڪاري...... رکَ.

سج زمين کان ڊڄي ويو آهي، ڊڪندو، سهڪندو، ٻڏندو ٿو وڃي..... رات ڪاري آهي منهنجي دل جهڙي...... بجلي بند آهي، ٻار ستل آهن.... اوندهه ڊيڄاري ٿي..... مان ٻار ٿي وڃان ٿو. ڏڪان ٿو. اوندهه، رات جي ماءَ ٿي لڳي.... رات جي ماءَ جا نهن وڏا آهن، وار کليل آهن، اکين ۾ رت آهي، ڏند ڊگھا آهن...... اجھو منهنجي ڳلي ۾ چڪ وجھندي، مون کي تڙپائي تڙپائي ماريندي.... منهنجون دانهون ڪوبه نه ٻڌندو. ڊپ کان، رات جي ماءُ کان مان ويڙهجي سيڙهجي سمهان ٿو.... پر خوف جي گرميءَ ۾ ننڊ اکين مان اڏامي وئي آهي....

منهنجي اندر جو خوف مون کي واچوڙي وانگر ويڙهيندو ٿو وڃي. لڳي ٿو ته منهنجي ذهن ۾ ڪو ٽائيم بم فِٽ ٿيل آهي، جيڪو اجھو ڦاٽڻ وارو آهي. منهنجي بدن ۾ ڏڪڻي اچي وئي آهي، منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي آهي....اکيون ٻوٽي لنوايان ٿو پر ڌيان نه ٿو مَٽجي. لڳي ٿو دل نه ٿي ڌڙڪي ٽائيم بم ٽِڪ ٽِڪ ٿو ڪري..... ڪوئي رمورٽ جو بٽڻ دٻائيندو ۽ مان پرزا پرزا ٿي ويندس. 

نئون ڪتاب

 

 

ڪتاب: وکريل وَٿُون

موضوع: مضمون

تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

تصنيف: سيد عبدالحسين شاهه موسوي

ڇپائيندڙ: ساهتي ادبي اڪيڊمي 2011ع

سائيز: ڊيمي

صفحا: 176

قيمت: 200 رپيا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com