سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :6

ڪهاڻيون

 

علي بابا

مهتاب محبوب

قاضي خادم

عبدالجبار جوڻيجو

ڪيهرشوڪت

رعنا حنيف صديقي

رزاق مهر

حميد سنڌي

ظفر حسن

حليم بروهي

 

ڳالهه

ولي محمد طاهر زادو

 

ناٽڪ

علي بابا


 

* اڄ جو انسان اڪيچار مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. اڄ جي انسان کي آرام ۽ سڪون گهٽ، بي آرامي، اُڻ تڻ ۽ وسوسا وڌندا پيا وڃن. انسان، درپيش پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو، انسان انسان کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ ساڻ پاڻ کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ اهو سلسلو جاري آهي. انسان ۽ انسان جا اڪيچار مسئلا اديب جا بنيادي موضوع آهن، ڇو ته اهي هن جا به مسئلا آهن. تنهن ڪري هو جيڪي ڪجهه به تخليق ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو، تنهن ۾ هو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان شامل  (Involve) آهي. اها شموليت (Involvement) ان رچيا لاءِ تڏهن اثرائتي ۽ مفيد ثابت ٿيندي، جڏهن ليکڪ پوري سچائيءَ ۽ ديانتدايءَ کان ڪم ورتو هجي، ٻيءَ صورت ۾ اها رچنا کوکلي لڳندي.

* هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ اهو ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي اها تنقيدي حقيقت نگاري  (Critical-realism)سمجهي ويندي، ته مڙني موضوعن ۽ مسئلن کي هڪ ئي هيئت (From) ۽ اسلوب (Style) ۾ پيش ڪري. ڪنهن موضوع لاءِ صحيح ڊؤل ۽ طرز ادا اختيار ڪرڻ لاءِ رچناڪار کي گهڻو اڳواٽ سوچڻو پوندو آهي. ڪو موضوع اهڙو هوندو آهي، جنهن لاءِ بيانيه (Discriptive-Narrative) انداز موزون هوندو آهي، ته وري ڪو اهڙو موضوع هوندو آهي، جنهن لاءِ علامتي (Symbolic)  انداز بيان مناسب هوندو آهي. جديد رچنائن ۾ ته هر طرح جا تجربا ڪيا ويا آهن ۽ اڪثر بيانيه لکڻين ۾ علامتي عنصر به هوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي جديد ادب ۾ ٽيڪنڪ جي تجربن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، فقط انهيءَ مقصد ڪاڻ ته خيال جي اظهار کي مناسب ۽ موزون شڪل ملي سگهي.

 

ممتاز مهر

(”زندگيءَ جو وهڪرو“ جي مهاڳ تان)

علي بابا ڪروڌ ۽ ٻه ماڻهو

آءٌ کميا جو ماڻهو آهيان، اهنسا جو، نه ڪروڌ ۽ جيو هٿيا، ڪين جنگ جو. هاڻ ٻڌايو امن ڪٿي آهي؟ ڌرتيءَ جي گولي تي ته رڳو جنگ ئي جنگ آهي، جتي ڪٿي جنگ، گهر گهر جنگ. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وچ ۾ جنگ. ڀلا ”وار ۽ پيس“ ناول تي ايمريڪنز کي سٺي فلم ٺاهڻ لاءِ جن پيو هو ڇا! نيٺ به ته ڇو؟ ڇا اهو تمام وڏو سوال نه آهي؟....

آءٌ سوچيندو، واساما کائيندو، پبلشر وٽ پهچان ٿو. منهنجو پرابلم سو روپئي جو نوٽ آهي ۽ پبلشر کي پوليٽڪس تي ڪهاڻي گهرجي، جنهن ۾ نه عشق هجي نه سيڪس. آءُ اهڙي ڪهاڻي لکي ويندس، واهيات ئي سهي، لکي ويندس. پوليٽڪس تي، فرمائيشي ڪهاڻي، سو روپئي نوٽ لاءِ. سو روپيو مون کي پيٽ لاءِ نه، اهنسا پرابلم لاءِ گهرجي_ ساري..... پيس پرابلم لاءِ. ۽ پروفيشنل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ، صبح جو ٻارهين وڳي ڪهاڻي ڏئي سو روپيو وٺي، دوستاڻي چانهه واري ڪچهريءَ کان پوءِ آپي کاني ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪري، آءُ گهر پهچان ته ناني مئي پئي آهي. 80-90 سالن جي ناني. زندگي!...موت!... سو روپيو، ڪهاڻي. اهنسا پرابلم. موت ڪيڏي ته ان_ نيچرل شيءِ آهي. هاڻ ته موت تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. آخر کربن جي تعداد ۾ جنريشن ٽو جنريشن، ماڻهو ڪيستائين مرندو رهندو! ڇا اهو تمان وڏو سوال نه آهي: ڪنٽرول آن ڊيٿ؟ آن دي ورلڊ آف سائنس، ڪنٽرول آن ڊيٿ، از ناٽ اي اِمپاسيبل مشن. آءُ نانيءَ جي پٿر تي پنج منٽ ويهي ڪهاڻي لکڻ لاءِ هليو وڃان ٿو_ ۽ پبلشر جي ڏنل سنڌ جي پراڻي نقشي کي هڪ گهمرو غور سان ڏسي، ڏونگهي ڪشمش کائيندو، ننڍڙي پٽ عشقوءُ کي آر_ سي_ سي جاءِ مان وٺي، پنهنجي ننڍ پڻ واريءَ ساٺيڪو سال پراڻي ٽيڪاهينءَ جاءِ ۾ اچان ٿو، جنهن ۾ بجليءَ جو هڪ بلب ٻن_ چئن ڏينهن کان لڙڪايل آهي، چوريءَ جي بجلي. ايڏي ٿڌ ڪانهي، پر عشقوءَ جو نڪ بند ڏسي وونڻاٺين کي ميڙي دونهين دُکايان ٿو.

عشقو ٽن سالن جو آهي. ڏاڍو تنگ ڪندو آهي. چوندو آهي گانو ٻڌاءِ، لۡوِ مي ٽينڊر، لۡوِ مي ٽرو. مون کي هيکل پٽ آهي، آءُ سندس هر ضد پورو ڪندو آهيان. هو ڳائي ڳائي نچي نچي چوندو آهي گانو ٻڌاءِ، لۡوي مي ٽينڊر_ ۽ آءُ به جھومي جھومي ڳائيندو آهيان. ڳائيندو سٺو آهيان ۽ ان تي ناچ راڪ ۽ رول هو سٺو ڪندو آهي. نيٺ به ته ٽيليويزن جي دور جو ٻار آهي. منهنجي غربت جيڪڏهن کيس ڪا سئنيما اسڪوپ فلم نه ڏيکاري سگهي آهي ته ڇا ٿيو، ٽيليويزن ته سڄي ڳوٺ ۾، گهر گهر ۾ آهن. مون کي سندس ناچ الوز پرسلي جيتروئي وڻندو آهي ۽ ڳائڻ به.

نانيءَ جي موت سبب، پنهنجي ٻالاپڻ جي گهروندي ۾ ٽيهارو سال کان پوءِ اچي کن لاءِ سُن ۾ اچي وڃان ٿو. ساروڻا سانوڻ جي سنڌوءَ جيان ڊوڙندا ٿا اچن. تيرهن_ چوڏهن سالن تائين جي ٻالاپڻ جي ساري سانڀر جا ساروڻا.

مٿي، ڪاٺ جڙيل ڇت ڏانهن نهاريان ٿو، ڇت مون کي اوترو ئي سهڻي پئي لڳي، جڏهن مان ٽن_ چئن سالن جو هئس، تڏهن ان ڇت جي هڪ داسي ۾ رنگين ڪچ موتين جو ٻن_ ٻن پکن وارو وڏو هوائي جهاز ٽنگيل هو، مون لاءِ. اۡلا، ڪيڏو نه سهڻو جهاز هو! ضرور ڪنهن وڏي آرٽسٽ جو ٺاهيل هوندو. اهو جهاز جي هن ڇت ۾ لڳل ناهي ته ڇا ٿيو، منهنجي ساروڻن ۾ ته آهي. ڪي ڪي ساروڻا ساڀيان کان وڌيڪ سهڻا ۽ چٽا هوندا آهن.

وري هيٺ ڀت ۾ لڳل پيتين رکڻ جي سگهي پيتي تکتي کي ڏسان ٿو، جنهن تي اڄ به ٽي وڏيون پيتيون رکيل آهن؛ پر ساروڻن جون پيتيون ڪيڏيون نه سهڻيون هيون! ڪاٺ جون. چون ٿا، انهن مان هڪ پيتي سدائين منهنجي لاءِ بادامن ۽ ٻي ڊراءِ فروٽ سان ڀريل هوندي هئي.مون کي بادامن جو سواد ته ياد ڪينهين، باقي ننڍپڻ ۾ پنڊ پهڻ ٿيل بادام ياد اٿم، جيڪي ننڍپڻ ۾ فاسلز لڌا هئم. ان ٻالاپڻ ويلا ۾ مون چرئي چرٻٽ ٻهراڙيءَ جي ٻار کي ڪيهي خبر ته اهي فاسلز آهن، تمام قيمتي! بس مان ته تماشي ڏسڻ لاءِ، ماڻهن کي انهن پنڊ پهڻ جهڙن بادامن سان دُلبو ڏئي مزو ماڻيندو هئس. اهي ٻاويهارو کن بادام مون لاءِ ڏاڍا مزيدار هئا. مان انهن کي ٽجوڙيءَ ۾ لڪائي رکندو هئس. ان لاءِ ته اهي پهڻ منهنجي زندگيءَ جي بهترين ڪليڪشن هئي. اها ٽجوڙي ته مون وٽ آهي، پر اهي بادام ڪينهن. ٻيون به الاهين شيون کُٽل آهن. ها، منهنجي ڍڳن جا ڪي جنسار رهجي ويا آهن. سوچجي ته زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي.ڪيڏي نه سٽميٽڪ آهي زندگي اڳي به آئون ڪليڪٽر هئس ۽ هينئر به ڪليڪٽر آهيان. منهنجي پسند به هوائي جهاز رانديڪو هو. منهنجي پٽ جي پسند به هوائي جهاز رانديڪو. منهنجي گهر ۾ هينئر به روسي ميراج جهاز جو رانديڪو نه بلڪه ڊيڪوريشن پيس رکيل آهي، جنهن سان صبح ساڻ اٿي، منهنجو پٽ سائنٽيفڪ نموني سان راند کيڏيندو آهي ۽ وري پنهنجي جڳهه تي رکي، گانو ڳائيندو آهي، آل دي اسٽارز، آل دي اسٽارز.

پر ترسو اوهان سمجهيا هوندا ته آءُ ڪو وڏو امير ماڻهو آهيان، منهنجي گهر ۾ دنيا جو بهترين رانديڪو رکيل آهي. آءُ مڃان ٿو ته اهو موجوده دنيا جو سڀ کان بهترين رانديڪو آهي؛ پر مون اهو خريد نه ڪيو آهي، هڪ آرٽسٽ دوست مون کي پُٽ لاءِ، پنهنجي ٽين ايج جو ٺاهيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو آهي. (پاڻ گهري ورتو هيومانس)

آءُ چوان ٿو، ساروڻا به ڇا آهن، ماڻهوءَ کي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاهر نڪري سامهون ننڍي ڀاءُ جي ستر هزارن ۾ ٺهرايل اڌو گابري وڏي جاءِ ۾ نهاريان ٿو. اڳي اتي منهنجي ڳئن، مينهن، ٻڪرين، رڍن ۽ هرڻيءَ جا واڙا هئا ۽ هاڻ رڳو هڪ ڪُتو، ٻيو ان ڪُتي جي پونگڙن جو هڪ جوڙو آهي، پيئر. ساروڻا به ڪيڏا نه سلوڻا آهن. جڏهن اچن، ماڻهو ذهن جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ هليو وڃي. مون وٽ ته ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو به هو. هڪ ڍڳو ته موهن جي دڙي جي سيل واري وڏي ٿوهي واري ڍڳي کان به سگهارو، وڏن سڱن وارو. ڍڳو ناهي ته ڇا ٿيو، ان جي چهري جي جڙاوۡ جو ڀرت ڀريل ساڄ ته مون وٽ تجوريءَ ۾ موجود آهي. الوءِ، ڏسي ڪيڏي نه اربيلي نرواڻ جيهي سانت ملندي آهي. هر ڪا شئي پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي نه ڪهاڻي آهي، ڇا منهنجي ڍڳن جي ساڄ تي ڪهاڻي نٿي لکجي سگهي؟ ٽجوڙين ۾ ته سون ۽ روپو رکبو آهي، نه ڍڳن جا قديم ساڄۡ. گهر آهي ڪين فرانس جي لاري ميوزيئم جو ڪو ننڍڙو خانو.

هون___ ڪهاڻي... ڪهاڻي، پاليٽڪس تي ڪهاڻي. رومانس، نو سيڪس. آرڊر از آرڊر......

هان____ ڇا اڄ مان هن گهر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ نه ٿي ويو هئس. چاهيم پئي ته زال سان سيڪس انجوءِ ڪريان؛ پر هوءَ ويچاري اۡٻوجهه، هن کي ڪهڙي خبر ته وهانءُ ويل پهرين رات اسان ان گهر ۾ هني مون ملهائي هئي.۽ اڄ رات، چويهه__ پنجويهه سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گهر ۾، ان ساڳي ڇت هيٺان، ايڏي نويڪلائي!

جڏهن ته سڀ ماڻهو پوڙهي نانيءَ جي مرتيو تي ويا هجن. جيون ۾ چوويهن_ پنجويهن سالن کان پوءِ ساڳي کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو هندورو. بس ڪا شئي واڌارو آهي ته اهو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڍ ۾، الوٽ ۽ الوپ ٻار. ايڏو نويڪلا ۽ ٽن_ چئن سالن جي پٽ جي ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منهنجي زال نانيءَ جا ڏک ۽ ڏنجهه کنيو ويٺي آهي. چوانس پيو ته گڏهه، هن جا ته پير به هاٿي روڳيءَ جيان سُڄي پيا هئا. نه ويڄ نه طبيب. هن کي ته پاڻ نوي سالن کان پوءِ نرواڻ ملي آهي. اڄ دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪهاڻي لکان، الا، اها منهنجي لائف جي بهترين ڪهاڻي هوندي. چوي ٿي:

”ٻوٿ، ڪهاڻيون.... هڏ ته سڪائي ڇڏيا اٿئي پنهنجا، ڇڏ انهن کي، چريو ته نه ٿيو آهين!“ آءُ ڳراٽي ٿو ٻڌانس.

”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، هندن ۾ به ٽي_ چار ڏينهن مُئي جو ادب ڪندا هوندا.“ هوءَ ڪاوڙجي برُ ٿي نڪري ٿي وڃي.

”پوڙهي... حرامزادي...“ آءُ گاريون ڏيندو رهجي ٿو وڃانس.

ڪهاڻي.... هون ڪهاڻي، ناني ته وڏي ڪهاڻي هئي. پر نو سيڪس، نو لۡو، اونلي پوليٽڪس... پيور پوليٽڪس. سوچيان ٿو، پيور پوليٽڪس تي ڪهاڻي لکڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؛ پر اڄ جي رات ته موت تي ڪهاڻي لکڻ جي آهي، جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از ناٽ امپاسيبل مشن، ته پوءِ ماڻهو مرن ڇو پيا؟ جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو؛ پر ڏاٺ جي سور لاءِ اڃا تائين ڪابه سٺي دوا نه ٺهي سگهي آهي. اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آهي، موت تي ته ڪنٽرول جي ڳالهه ئي پري ٿي. ان جا ڪنهن سبب سوچيا آهن، ان تي ڪنهن ريسرچ ڪئي آهي؟ ها، جاري آهي. شيم... شيم... شيم...

ٺيڪ آهي، اڄ ڪهاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منهنجو مٿو ڪيئن ٿو ڀڄي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آهيان، جنهن کي جڏهن گهمائيندا وڃو ۽ ڪهاڻيون ڌڙاڌڙ نڪرنديون اينديون... ٺيڪ آهي، سڀاڻ چوندوسانس پيور پوليٽڪس معنا پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دا ٽائيم آف پاليٽڪس، اٽس اوور، آل اوور، نائو آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽو ڊي دا يونيورس نيڊس ٽالسٽاءِ، هر من هيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاهه سچل_ هٽلر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشيف، ڪينڊي دي آر ان وانٽيڊ نائو. نو پاليٽڪس، نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين!

هون__ ٺيڪ آهي ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندومانس سو روپيو جيڪو مون کي ڏيندو، ان جي مون کي به خبر آهي، باقي سنڌ جو نقشو مون کي گهر ۾ چوريءَ جوئي سهي، رکڻ جو حق ناهي ڇا؟ آءُ اها ساڳي ڪهاڻي ڇو نه لکان؟ ۽ آءُ پنهنجي مرضيءَ جي ڪهاڻي لکي، لت کوڙي سمهي رهان ٿو.

ته ــــ يار مون کي ته ائين ٿو وسهي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو وڍيا پيا آهن. ڳڀا ڳڀا ٿيا پيا آهن. ماڻهو آدجڳاد کان ڳهن پيا. ماڻهو خوش ڪونهن. ڪٿي به، ڌرتيءَ جي پوري گولي تي ماڻهو خوش ڪونهن. ماڻهو پوپٽي هيراننداڻيءَ جيان سپنن ۾، سوچن ۾ تلڪ چاڙهي تي ٻارن جيان ڇولا کائڻ ٿا چاهين، پر ماڻهو پنهنجو اندر پيا کائين. ائين آهي ڪين نه ...؟

علي بابا

(”سائي سڪار جي آس ۽ ...“ تان)

مهتاب محبوب سُريت

ٻن ڪلاڪن جي ڦٿ ڦٿان کان پوءِ سندس منهن جي موڪري تختي، ميناڪاري ڦُلن وارين چانديءَ جي سڳين سان ڳُتيل چوٽين ۾، ڪُندن وانگر پئي ٻهڪي.گلابي گربيءَ جي اٺن والن جي ڳوريءَ شلوار تي، چُهچ سائي شيفون جارجيٽ جو هُرمچ جي ڀرت سان رئو ۽ پهراڻ پائي، عطر جي اڌ شيشيءَ سان پنهنجو انگ انگ مهڪائي، جنڊيءَ جي هندوري تي اۡهلجي، ڀت تي لڳل گهڙيال ۾ اکيون کُپائي، هُن سگريٽن جا سوٽن تي سوٽا پئي هنيا، ته ڪڏهن ٿا چار وڄن جو تيزگام اچي. گهڙيال جا ڪانٽا به سندس اکين وانگر هڪ ئي هنڌ کُپجي ويا هئا؛ پر ٽڪ ٽڪ سا چٽي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اوسيئڙي ۾ اوٻاسيون ڏيندي ڏيندي ٻپهرن جي ننڍ جي ويل به ٽري ويس. جڏهن کان ڪنهن ڊائجيسٽ ۾ پڙهيو هئائين، ته ٻپهر جي ننڍ سان حسن ۽ جوانيءَ ۾ واڌ ۽ نکار اچي ٿو، تڏهن لاڪر ٻپهري واري ننڍ سندس لاءِ، ڪنهن عبادت گذار جي نماز وانگر عين ثواب ٿي پئي هئي_ پر خير... نمازون به ته ڪڏهن ڪڏهن قضا ڪرڻيون پونديون آهن؛ تنهن ڪري اهو ڪو منجهائيندڙ مسئلو نه هو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اها ڪسر اونهين صبح جو دير سان اٿڻ ۾ پوري ٿيڻي هئي. کيس اها به خبر هئي ته ان آگهور ننڍ جا نشا ٻپهرن واري ننڍ کان هزارين درجا حُسن ۾ نکار ۽ نواڻ پيدا ڪندا آهن.

اِنتظار جي عذاب کان بچڻ لاءِ، هوءَ مينديءَ رتن پيرن سان هندوري جي لۡسي ۽ چلڪڻي ڪاٺ تي وڄٽ ڪري جهونگارڻ لڳي:

                برهه دل کي ڪيو بي حال آ

                هاڻي هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ...

گيت مزو ڏنس ۽ پنهنجي آواز جي لئي تي پاڻ موهت ٿي پئي. موهه ۾ اکيون گهڙيال تان هٽي ويس. پهرين مصرع کان پوءِ ٻي مصرع... ٽين مصرع ۽ اڃا چوٿين مصرع پئي ڳاتائين، ته ٺيڪ آن مهل تيزگام جي سيٽي به ڪن تي پيس. هوءَ انهيءَ دم شينهڻ وانگر اُڇل ڏئي اُٿي ۽ آرسيءَ اڳيان ٻيهر پنهنجو ڀرپور جائزو وٺڻ لڳي. ڇِلي باداميءَ جهري رنگت تي، نڪ جي ست رنگي لونگ، ڪجلين اکين واري وڻندڙ نقشن ۾ ڄڻ ڪا لاٽ ٻاري ڏني هئس. سامت ڀۡري مُرڪ صحتمند چپن تي پکڙجي ويس؛ جا هر حۡسين ۽ جوان زال جي چهري تي، پنهنجي جوڀن کان مطمئن ٿيڻ مهل ازخود پکڙجي ويندي آهي.

هوءَ ڪهڙي به هئي ته به اعلي1 ۽ نفيس ذوق جي مالڪ هئي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خاص خيال رکندي هميشه اڇي اُجري ۽ صاف سٿري رهندي هئي. جتان لنگهندي هئي، اتان موتئي جي مهڪار پکڙجي ويندي هئي. اٺين ڏينهن جڏهن وٽس هُو ايندو هو، تڏهن ويتر پاڻ کي ٻهڪائي رکندي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته مرد اهڙي زال مان ڪڪ هوندا آهن، جنهن جي جسم مان هر وقت ٿوم، بصر، هيڊ ۽ پگهر جا مليل جُليل ڀڀڪا پيا ايندا آهن؛ جيڪي رڳو ان مهل ٽرنڪن ۽ ڪٻٽن مان سٿيل سهڻا ويس وڳا ڪڍي پائينديون آهن، جڏهن کين ڪيڏانهن اٿڻو_ ويهڻو هوندو آهي. اُنهن ليکي مرد، مڙس ٿيڻ بعد ان قابل نه رهندا آهن، جو سهڻا ڪپڙا پائي اُنهن جون اکيون ۽ دل ٺارجي. هوءَ اڳئين زماني جي دلربا حسينائن نازنائين وانگر نِجا ۽ خالص سينگار ڪندي هئي. گلاني رنگت ڪاڻ پنير ۽ رۡسوۡل جا وِهه جهڙا وٽا پيئندي هئي. ڪيسوڦلن جي پاڻيءَ ۽ کير جي ڦيڻ سان مُنهن ڌوئيندي هئي، ماکيءَ جون سرايون اکين ۾ وجهندي هئي. تيل ڦُليل، سُرما، مينديون مساڳ استعمال ڪندي هئي. وارن کي ميٽ ۽ ليمي سان ڌوئيندي هئي . چيلهه کي تاحيات مضبوط رکڻ ڪاڻ کونئر ۽ چۡوڙ ڪُٽي ڦڪيندي هئي. جسم کي سدا جوان رکڻ لاءَ طرح طرح جي تيلن ۽ عطرن جي مالش ڪرائيندي هئي. هن کي چهري تي ڪريمن ۽ پائوڊرن ۽ لوشنن جا ليپا پوچا بنهه نه وڻندا هئا... ها، هڪ ڀيرو سو کيس ”آئل آف اۡولي“ لڳائڻ جو شونقڙو ٿيو هو. اهو خيال هونءَ ڀلجي به نه اچيس ها؛ پر جڏهن ڏٺائين ته ولائتي زالون ته ٺهيو، ديسي به انهيءَ سئو سئو جي شيشيءَ ڪڍ مکين وانگر ڇتيون هيون، تڏهن سوچيائين ڪا ته مڻيا منجهس هوندي! جڏهن هڪ رات مومل کيس ان شيشيءَ لاءِ فرمائش ڪئي هئي ته هُن ڇاتيءَ سان لائيندي چيو هئس: ”سچي سون کي پالش جي ڪهڙي ضرورت.“ تڏهن انهن لفظن جي سرور، گهڙي کن ۾ سندس نکريل روپ ۾ جيڪي جۡرڦۡل ٻاري ڏنا هئا، سي ”آئل آف اۡولي“ جي شيشي ڪن ورهين جي استعمال تائين به نه ٻاري سگهي ها. هُن ته کڻي پنهنجي کيسي بچائڻ ڪاڻ اها ڳالهه ڪئي هئي، پر هن ته اهي ٻول هميشه لاءِ هنئين ساڻ هنڊائي ڇڏيا هئا. هڪ دل گهريو دلدار، جيڪو مردانگيءَ جو ڀرپور ۽ مڪمل نمونو هجي، ان جي طرفان ٿيل تعريف کي ڀلا هوءَ ڪيئن پئي وساري سگهي. هن کي به جي نقلي سينگار سڙا وڻن ها، ته پوءِ لاچار اهي ليپا پوچا استعمال ڪرڻ کان وۡسئون ڪين گهٽائي ها؛ پر سندس نِجا ۽ خالص سينگار هن کي وڻندا هئا. اُهي مٺڙا ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُريس پئي، جڏهن چار_ پنج مهنا اڳ هن جي سريت ٿي، هن مسواڙ واري گهر ۾ آئي هئي.

هُن سندس اکين مان مۡڌ جا ڍُڪ ڀريندي، مينديءَ رتو نازڪ هٿ پنهنجي ڳاڙهي ٽِڪ سان مُنڊيءَ واري رعبدار ڳۡري هٿ ۾ جهلي زور سان دبائيندي چيو هئس:

”جانب، تنهنجي جمال جي مان ڪهڙي ساراهه ڪريان، تنهنجي انهن سينگارن ته مونکي بنِهه سُڪۡ ڪري ڇڏيو آهي.“

”ڇو ڀلا؟“

”اِهي سينگار آهن سون تي رتيون.“

”ڪيئن ڀلا؟“ اۡڙيڪاپ هئي، ته به ڀورڙي بڻجي پُڇيو هئائينس.

”مان توکي دل سان ماڻي سگهندو آهيان.“

”ڇا جي ڪري؟“ هن هيٺين چپ جي ڪنڊ کي چڪ پائيندي پڇيو هو.

”انهيءَ ڪري جو تنهنجي نقلي پنبڻين ڪرڻ جو ڊپ نه هوندم، تنهنجي لگ وکرڻ جي ڳڻتي نه هوندم، نوڪدار ننهن سان اۡک نڪرڻ جو ڀوءَ نه هوندم، لوشن جو ليپ وات ۾ وڃڻ جو اُلڪو نه هوندم_ وڏي ڳالهه ته فيشن ڪاڻ فاقن ماريل هڏائون جسم ٽِڙ ڪڻ جو اونو به نه هوندم!“ هُن جيئن پوءِ تيئن ويجهو پوندي چيس.

”اهڙيءَ سان پلئه اٽڪيو هيۡئي ڇا؟“ هِن گهورن سان گهائيندي پڇيو هئس.

”توبهه ڪر!“ هُن ٿُڪ ڦِٽي ڪندي وراڻيس. ”مونکي سُڪل هريڙيون نه وڻنديون آهن، جن کي ڪُٽي ڦۡڪي کائي ڇڏجي.“

”تڏهن ڇا وڻندو اٿئي؟“

مونکي ڳئون جهڙو پڪو گوشت وڻندو آهي، جنهن کي ڇيڇارڻ ۾ مزو ايندو اٿم.“ هن سندس هپس تي زوردار ٺاپي هڻندي وراڻيو.

”مون تان کِلون ٿو ڪرين.“ مومل ٻانهن ۾ هلڪڙي چُهنڊي پائيندي چيس.“

”سچي، مونکي تو جهڙي مڻيادار آدرشي مرد، بهادر ۽ سگهارو... جنهن جي پپر جهري ٿڌي ڇانوۡ ۾، مان سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذاري ڇڏيان.“ هِن سندس جريب جيتري ويڪري ڇاتيءَ ۾ پنهن جو منهن لڪائيندي چيو هو.

تن ڏينهن هوءَ ساڻس حجاب ڪندي ٿورو ڳالهائيندي هئي. وقت سان گڏ جڏهن حجاب لهي ويس، تڏهن خوب انگل آرا ۽ حجتون ڪرڻ لڳي هئي. هينئر به ادائن جو اسير بنائڻ لاءِ، ڪوسۡٽل سٽي هوءَ مرڪي پئي ۽ آئيني آڏو هٽي، ميز تان پيڪيت کڻي لائيٽر سان سگريٽ دکائڻ لڳي. ٽانگي جي ڇڻ ڇڻ تي هوءَ ڊوڙي دريءَ ڏانهن وئي، کيس ايندو ڏسي هڪدم سگريٽ اڇلي، در جي ڪنڍي کولي، ڏاڪڻ لڳ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي اۡمالڪ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي سٽي، منهن ويڙهي پئجي رهي. ڏاڪڻ تي هن جي هلڻ جو آواز جڏهن ڪن تي پيس تڏهن کيس ٻڌائڻ ڪاڻ، درد جي پيڙا سان ٽنگ ٻانهن چورڻ جي بهاني، وڏي رڙ ڪري چيائين: ”اي الله، شڪر آ تنهنجو! اهڙين حالتن ۾ ڪيو اٿئيم جو سڃن ڀونگن ۾ پئي پرين لاءِ پساهه کڻان...“

هُن اهو درديلو فرياد ٻڌو، پر انبن جي وڏي کوکي کيس مُنجهائي ماريو، تنهنهڪري ڪا رومينٽڪ سچئيشن ڪرئيٽ نه ٿي سگهي، جا اهڙن موقعن تي ٿيڻ گهربي هئي؛ رهندو هڪل ڪري چيائينس: ”مومل... هي ته وٺائيم، ڦاسي پيو آهي.......“

”آءُ ٿي مران پنهنجي ساهه ۾“؛ داد نه ٿيندو ڏسي رُکائيءَ مان وراڻيائينس. ” ڇا ڦاٿو اۡٿئي؟“

”کوکو ڦاٿو آهي“ هُن پگهر اُگهندي چنگهه چنگهان مان وراڻيو.

”ڪٿي لڳو اۡٿئي ڪوڪو؟“

” اوهو.... چهُ.... ڪوڪو نه، کوکو؛ کوکو! انبن جو کوکو ڦاٿو آ در ۾ ..........“

” اۡلا... آءُ ته اُٿي به نٿي سگهان... کوکو ڪٿان کڻائيندس!“ مومل نزاڪت ڀريي نوع مان ڪوٺيءَ اندران وراڻيو.

هُن جو رُڪ جهڙو تتل بدن ويتر باهه ٿي ويو.

ڪاوڙ ۾ درجو ٻيو طاق ٺونٺ سان جهڙو ڌڪيائين، تيئن ٺونٺ ڦتجي رتورت ٿي پيس... جوش مان وٺي جو کوکي کي مٿان کان اُڇل ڏنائين، ته سڄو اڱڻ انب انب ٿي ويو. ڦهڪو ٻڌي هوءَ، جا دۡت هنيو هئي، ڏهڪاءُ مان اندر ئي اندر سُسي وئي.

” مار!، ڏاڍو ڪو جوش وارو آهي؛ پر مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو، اڳڙين جو گڏو به ڀلا ڪو مڙس چئبو...“ پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين.

شينهن جهڙو مڙس پگهر ۾ شل ٿي هن جي ڀر واري کٽ تي پکي هيٺان اچي ويٺو. هوءَ زالن جي سدا جوان ادائن پٽاندر همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن جو تيئن مُنهن ويڙهيو پئي هئي. هيڏانهن هو به ڀرئي مۡٽ جيان همدرديءَ جون اميدون رکيو ويٺو هو، پر ڪوبه ٻوٽو ٻۡرندي نه ڏسي آخر پاڻ ئي ڪُڇيو.

”ڊيٽال ته ڏجان، ٺونٺ مان رت پيو وهيم.“

” ڇا مان پيو رت وهنئي!؟“ هِن ڪنن تان چادر هٽائيندي بيتابيءَ مان پڇيس.

”ٺونٺ مان، ٺونٺ مان! ٻڌءِ ڪونه ڇا؟“

”الله پناهه ڏي، آءُ ته سڄي ڊڄي ويس ته الائي ڇا مان پيو رت وهي.“ .... هوءَ نزاڪت مان ائين چوندي منهن بڇڙو ڪري سنڌن جي سور جي مريضن وانگر اُٿي.

 “اۡلا... ا... چُري به نٿي سگهان... سڄو بدن ڄڻ ڀڄيم پيو، ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم، پر تنهنجو رت ڏسي اُٿان ته متان تون دل ۾ اهو نه سوچين، ته اٺين ڏينهن مهمان ٿي ٿو اچان ته منهنجي اها عزت آهي!“ وهنجڻي مان ڊيٽال آڻي ڪپهه جي ٻڙي تي لڳائي. رت اوگهڻ کان پوءِ مِٺي زهر جي ڇُري سان چهڪ ڏيئي لوڻ ٻرڪيندي پڇيائينس:

”مۡس ڀوپيءَ ڇڏيو اٿئي جو آيو آهين.“ هُن جي زال ايمڻا جو ذڪر هوءَ ڀوپيءَ جي نالي سان ڪندي هئي. ” ڪيترن ڏينهن جي موڪل ڏني اٿئي ڀوپيءَ“؟

”هُون! هوُءَ ڇا موڪل ڏيندي مان پاڻ ڇڙو ڏيڍ ڏينهن لاءِ آيو آهيان“.

”بس ڏيڍ ڏينهن لاءِ! ڇو؟ مون ڪو ڏوهه ڪيو ڇا... اٺ ڏينهن رهين ڀوپيءَ وٽ ۽ ڏيڍ ڏينهن مون وٽ! آءُ ڪا اُن ڀۡپ کان به ويس ڇا، وري به جوان ته آهيان ايڏي سونهن کڻي ڪونه اٿم“.

”ڪير ٿو چوي ته تو ۾ سونهن ناهي، ڪو تو جهڙو ٿي ته ڏيکاري“ اک ڀڃندي چيائينس.

”پيارا مان ته پاڻ کي ڪجهه به نٿي سمجهان؛ پر هُن کۡل کان وري به چڱي آهيان، پاپن جي پڃري کان ته سٺي آهيان، جنهن کي ڏٺي پيو ڊپ وٺي“. ائين چوندي مُنهن ۾ جُوهه پائي ڏنائينس.

”آئي هان! اهو اکين کي ڇا ٿيو اۡٿئي؟“

”ڇا ٿيو اٿم؟“ هُن هراس مان تڙ تڪڙ ۾ اکين تي آڱريون ڦيريندي پڇيو.

”ڏرا ڇو ڏيئي ويون اٿئي؟ مون ته تنهنجو منهن هيئنر جاچي ڏٺو آهي“.

”توکي ته سدائين مسخري سُجھي“ هُن چڙ مان چيس.

”نه نه، الله جو سُنهن، مسخري نٿي ڪريان_ هي ڍڳي گاڏيءَ وارو مۡکُ اکين ۾ ڇو هنيو اٿئي؛ ويٺو هنئين ڇا ڍڳي گاڏيءَ ۾ جو هٿ اک کي لڳي ويئي.“

”هۡه هۡه...،“ ڍرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين. ” اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي؛ اڄ ايمڻا سُرمو پارايو هئم.“

”پوءِ سُرما پائي سهاڳي ٿيو اُتي پيو هجين ها نه، مون ڏانهن ڇو آيو آهين؟“

”تون ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو ويٺي آهين، هاڻي ڇڏ روسامو“.

”کري آهي ان پيريءَ ۾، جو نوان نوان لاڏ ڪري ٿي توکي پرڀائي. وڃي منهن تي ڇنڊو هڻ، هنيانءُ ٿو ڦاڙينم.“ ناز مان نڪ گهنجائيندي چيائينس.

”اڇو رۡئو ڪِليءَ تي ٽنگيو پيو اٿئي، انهيءَ جي ڪنڊ پُسائي اکين کي زور سان مۡهٽ ته ڪارنهن نڪري.“

”حاضر منهنجي سانئڻ، حاضر!“

هو اُٿي وهنجڻيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو، ته هيءُ وري کٽ  تي اۡهلجي پئي ۽ هٿ ڊگهيري سائيڊ ٽيبل تان ننڍڙي آرسي کڻي پنهنجو منهن جانچيندي وڏي واڪ چيائين:

”سُرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير“. مونکي ته ڏس، ڪيئن نه ٺهي ٿو، اکيون کُليو ٽونئر ٿيو پون، تو وانگر نه ته ماڳهين اندر گهڙيو وڃن.“ آرسي رکندي چيائينس: ”تون وري به سدا ملوڪ آهين، ڀوپي پائيندي هوندي ته صفا مۡمڙي لڳندي هوندي. رڳو سرمو ئي سرمو ڏسبو؛ اکيون ته ڏسبيون ئي ڪونه هوندس، نئون ماڻهو ڏسين ته ڀائين ڄڻ اکيون ئي ڪونه اٿس. وري خدا جي قدرت جيڏانهن وڃي ته سون پائي! نه منهن نه مهانڊو.“

”مون ته ڪونه ٺهرائي ڏنو اٿس، ويچاري پنهنجو کڻي آئي هئي.“ هُن وهنجڻيءَ کان باهر اچي اکيون مهٽيندي چيس.

”جنو نوريڙيءَ ٿي ڳالهه ڪئي، ته عشق مان توسان پرڻو ڪيو هئائين، جڏهن مسواڙي هوندو هئينس ته منگهه مان سُرهيون چٺيون اُڇليندي هيئي. نوٽن جون ٿهيون ۽ سون جون ڳوٿريون جهٽائيندي هُيئي. چئبو ته ملڪيت واري  هئي، سِرڙو ٻوهي ۾ ڏنئي!“

”اهڙين گلاخور آنن کي اچڻ نه ڏيندي ڪر، جو هرو ڀرو دليون خراب ڪن.“

”آهي به توهانجي شريڪياڻي، منهنجي ڪا ساڻس ربي ڪا خريفي! تون به ته مون کان لِڪي لِڪي ڀوپيءَ کي شهر گهمائڻ ڪاڻ وٽن آڻي رهائيندو آهين؛ مونکي به سڀ خبرون پيون پون، پر مون ڪو ڪڏهن ڪُڇيو؟“

”گهمائڻ وري ڇا جو،“ هن سگريٽ جو سهارو ڳوليندي کيسا ڦولهيا. ”علاج لاءِ آڻيندو آهيانس.“

”هائو علاج! ڄاڻان ئي ڪونه ٿي؛ اِهي جوڻهين جهڙيون شهر گهمڻ ۽ خريداريون ڪرڻ ڪاڻ، سدائين اگهيون ٿيو، اسپتالن ۾ ڪمرا بُڪ ڪرائي، محفلون مچايو ويٺيون هونديون آهن. گهمي ڦري، ريشم گليون لتاڙي، دڪان ٻهاري، پٺاڻن جي خيمن مان ڌڪا ٿاٻا کائي، وري اگهيون ٿي اچي ڪمري  منجهه ڊهنديون آهن.“

”دلبر، هاڻي سُر ۾ اچ؛ ڇڏ پرائي پچر، ڪي قرب جون ڳالهيون ڪر، ته مان به خوش ٿيان.“ هن ساڻس پڄڻ_ جي ڀيڻي نه ڏسندي ڳالهه بدلائي ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍي، ٺڪاءُ ڪڍي خوفناڪ آرس ڀڳائين. هوءَ ڏڪي وئي.

”ڇا ٿيئي؟“

”ٿيندم وري ڇا،“ هُن اکين ۾ خمار ڀريندي وراڻيس: ”تنهنجي قرب جو بکيو آهيان. هيڏيون منزلون خاص تولاءِ ته ڪري آيو آهيان. هت ته اچي ويهه، ايترو پري ڇو ويٺي آهين؟“

”آءُ اِتي ئي چڱي آهيان“ هُن ماڻو ڪندي وهاڻو جهٽيايس. ”اچي هي ويهاڻو رک؛ چيلهه سنئين ڪر ته مان تنهنجي ڪاڻ چانهه ٻانهه ڪاڙهي اچان... چاڪ ته ڪونه آهيان... پر ڇا ڪيان... اۡلا... ا...ا...“ هن کٽ تان اٿندي، پيڙا مان چيلهه کي جهليو، وک وک ۾ کڻي رڌڻي ڏانهن وئي. اِهو لقاءُ ڏسي هُن جا ڇيهه ڇڄي پيا؛ ڪي گهڙيون ته ٽٻيءَ ۾ پيو هو؛ پر پوءِ دل ئي دل ۾ ڪو حساب ۽ ڳڻپون ڪري سامت جو ساهه کنيائين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ ڪشن واري چيچاٽي بوٽن سوڌو رڌڻي ۾ ڪاهي پيو. چُلهه وٽ صندليءَ تي ويٺل ڏسي پٺن تي زور ڏيندي لاڏ مان چيائينس: ”جاني تون چاڪ ناهين، ڇڏ کڻي انهيءَ چانهه جي خفي کي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com