سڪندر اعظم جي 23 سئو سالا ورسي يونان ۾ ملهائي ويندي
حيدرآباد (پ ـــ ر) سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هڪ پريس رليز ۾
ڄاڻايو آهي ته يونان جي مقدونيا علائقي جي
”مقدونيا اڀياس سوسائٽي“ سڪندر اعظم جي 23 سئو
سالا ورسي ملهائي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سڪندر
اعظم جي مان ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو
ويو آهي، جنهن ۾ سڪندراعظم جي حياتي ۽ دور جي
اڀياس جا ماهر پنهنجا مقالا شايع ڪرائي سگهندا.
سڪندر اعظم جو پاڪستان واري علائقي خاص ڪري سنڌ
سان به واسطو رهيو آهي. ان ڪري سوسائٽي ٿورائتي
رهندي. جيڪڏهن ان ڏس ۾ اوهان پنهنجا کوجناتي مقالا
انگريزي ۾ کين هيٺين ائڊريس تي ڏياري موڪليندا. پر
جيڪڏهن ڪو مقالي نويس سنڌي ۾ ئي پنهنجو مقالو اسان
کي ڏياري موڪليندو ته سنڌي ادبي بورڊ ”پوسٽ باڪس
نمبر 12 حيدرآباد سنڌ“ ان کي انگريزي ۾ ترجمو
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. يونان مقالا موڪلڻ جي ائڊريس
هيءَ آهي ۽ آخري تاريخ 30 اپريل 1978ع آهي.
Society for Maceedonian Studies, Depatment
Of Publication, 4, Vas, Shophias Str,
THESSALONIKI GREECE.
هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ
علي بابا: پيءُ جو نالو رمضان بلوچ. ڳوٺ محمد يوسف، نانگو لائين
ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. ڄم جي تاريخ بابت ٻڌايائين ته:
”1947ع کان 8-9 سال وڏو آهيان.“ سندس وڏا
ڀاڳناڙيءَ کان آيا. تعليم: ٻاراڻو عبدالله هارون
اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ وڌيڪ پرائمري تعليم نانگو
لائين اسڪول ۾ ورتائين. ميٽرڪ تائين شيردل خان
ميوننسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پڙهيو. ريڊيو، ٽي-
وي، ناٽڪن ۽ ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو وٽس به ڪونهي. ريڊيو
ناٽڪن ۾ سندس لکيل ”تموچن“ ”رڻ جا راهي“، ”مو کي
متارا“ هِٽ ناٽڪ آهن؛ ان کانسواءِ ”عاشق زهر پياڪ“
۽ ”ڪارونجهر جي ڪور“ به علي بابا جا يادگار ريڊيو
اسڪرپٽ آهن. ٽي وي تان سندس انيڪ ناٽڪ ٽيليڪاسٽ
ٿيا آهن، جن مان ”ٻاليشاهي“ ۽ ”دنگي منجهه دريا“
اهم آهن. ”ٻيلاشاهي“ دراصل سندس هڪ ناول آهي، جيڪو
کيس اڃا لکڻو آهي. اِن جي هڪ قسط پڻ ڇپيل آهي- ۽
”دنگي منجهه درياهه“ عالمي ٽيليويزن ڊراما فيسٽيول
(ميونخ، جرمني) ۾ ٽيون انعام پڻ حاصل ڪري چڪو آهي
۽ نيشنل سرڪٽ تان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪو آهي. ”دنگي
منجهه درياهه“ کي ته ٽي وي ۽ ٽي وي کان ٻاهر جي
”هرماهن“
Documentary
چئي، پٻن تي بيهي پنهنجي قد مٿي ڪرڻ جي زبردست
ڪوشش به ڪئي....! ڳچ عرصي کان ريڊيو ۽ ٽي وي آئوٽ
آهي. سندس چواڻي: ”بنيادي طور تي مان ناولسٽ
آهيان.“ ”موهن جو دڙو“ نه رڳو سندس، پر سنڌيءَ جو
هڪ عظيم ناول آهي، جيڪو سندس چواڻي: ”ڦاڙي گٽر ۾
ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿم.“ ”اسڪيچر“ به ٺاهيا اٿئين. سنڌي
فلم ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو اٿئين. نئون فلاسافيڪل
ٽوئسٽ ڏيڻ ٿو چاهي ادب ۾. امن ۽ آشتيءَ جو پيغام
ڏيڻ ٿو چاهي آرٽ وسيلي. سڀني هٿيارن کي ڀسم ڪرڻ ٿو
چاهي. عليءَ جو اڃا ڪوبه مجموعو نه ڇپيو آهي-- ۽
هو بيروزگار آهي. علي بنيادي طور تي هڪ آرٽسٽ
آهي-- ۽ اسان وٽ آرٽسٽ کي بُکيو ۽ توائي رکڻ سدا
جي ريت (ڪُريت!) پئي رهي آهي....!
مهتاب محبوب: 14 جولا 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجو تعلق
حيدرآباد جي عباسي ڪلهوڙا خاندان سان آهي، سموري
پرورش حيدرآباد ۾ ٿي. منهنجا وڏا علم ادب جا ڄاڻو
۽ قدردان هئا، ان ڪري شروع کان ئي منهنجو لاڙو به
ان طرف هو. 1960ع کان لڳاتار لکندي اچان. ابتدائي
تعليم ڪانوينٽ ۽ بنات ۾ حاصل ڪيم. بي اي گرلز
ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ڪورس جي
ڪتابن سان چاهه نه هئڻ ڪري، اڳتي نه پڙهيم. مان
بيحد آرام طلب ۽ سهل پسند آهيان؛ ڪجهه فطرتن ۽
ڪجهه اِن ڪري ته گهر ۾ به مون کي بي فڪريءَ ۽ آرام
جو ماحول مليو. لاڏ ڪوڏ ۾ پليس ۽ سر تي ذميدارين
جو ڪوئي ٻوجهو نه هو. سِبڻ ڀَرڻ ۽ رڌڻ پچائڻ ۾
پنهنجو وقت نه وڃايم؛ ان ڪري جو انهن ڪمن کي وقت
ڏيڻ منهجي لاءِ وقت برباد ڪرڻو هو. ضرورت مهل اهي
ڪم ڪار پاڻهي اچي ويندا آهن. منهنجو گهڻو وقت لکڻ
پڙهڻ، پينٽنگز، فوٽو گرافي، پين فرينڊشپ ۽ ٽيپ
رڪارڊ ٻڌڻ جهڙين وندرن ۾ گذرندو هو. هينئر پين
فرينڊشپ کانسواءِ ٻيون وندرون ائين جو ائين قائم
آهن—البته پينٽنگز ۽ فوٽو گرافي هاڻي گهٽ ٿي
ڪريان—جلدي فري نه ٿيندي آهيان، تنهن ڪري مون کي
مغرور سمجهيو ويندو آهي ۽ ان ڳالهه کان واقف به
ڪري انهن ئي ڪيو اٿم، جيڪي اها غلط فهمي دور ٿيڻ
کان پوءِ، منهنجي دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿيندا
آهن. منهنجي دوستيءَ جو دائرو محدود آهي. مان
ايتري دوستي رکندي آهيان جيتري نڀائي سگهان. مان
انهن کي ئي دوست رکندي آهيان، جيڪي مون کي دل سان
پسند هجن؛ رسمي يا دنياوي طرح دوستيءَ جا ناتا
نڀائڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. مان ڏاڍي
موڊي، حساس ۽ جذباتي آهيان. خدا جي فضل سان هر طرح
جو سک ۽ آرام هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هن دنيا ۾ رهڻ
سان ڏاڍي مونجهه ۽ بيزاري محسوس ٿيندي آهي. ايڏين
ترقين کان پوءِ به ماڻهو ذهني طور ڏاڍو پست آهي.
نفسا نفسي، خون خرابا، چوريون چڪاريون، خود
غرضيون، دوکيبازيون ۽ لڳاتار حادثا- اهي سڀ ايڏا
ته وڌي ويا آهن، جو ائين لڳي ٿو، اسان جو ڪوئي
سرپرست ۽ محافظ ناهي. اسان ناانصافين ۽ بي قدرن جي
ملڪ ۾ بي مقصد زندگي گهاري رهيا آهيون. اسان جا ڪي
مقصد آهن به ته اُهي هن ناانصافين جي دؤر ۾ پورا
ناهن ٿيڻا. اسان ايتري قدر ته مايوس ۽ هراسيل
آهيون، جو لڳي ٿو، ته جيئڻ جو حق به کسجي ويو آهي.
(مهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي هيلتائين ٻه مجموعا:
”چانديءَ جون تارون“ ۽ ”پرهه کان پهرين“ ڇپجي چڪا
آهن.—ادارو)
عبدالجبار جوڻيجو: پيءُ جو نالو سلطان احمد جوڻيجو. جنم: 26
ڊسمبر 1935ع. هنڌ: ڳوٺ پير فتح محمد شاهه، تعلقو
بدين. تعليم: بي اي (آنرز) ايم اي، پي ايڇ ڊي
(سنڌ)، ڊپلوما چيني (پيڪنگ). نثر ۽ شعر لکندڙ.
تخلص ”شام“ ڪڏهوڪو تياڳيل. پوڻيٺڙيءَ جي ٻار وانگر
کيس پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”مٿي جو سور“ جو مهينو
(مارچ) ۽ سال (54) پڻ ياد آهي، اها لکڻي ”فردوس
هالا“ ۾ ڇپي؛ نه ته ان کان اڳ سندس موڪليل مواد جا
ٿها، امانت وانگر موٽي ملندا هئس. ”سنڌي اديبن جي
ڊائريڪٽري“ (1974ع) ۾، سندس کاتي ڏهه تصنيفون
ڄاڻايل- جن ۾ ڪهاڻيون (اَباڻو گهر 1958ع)، ناول
(”سوري آ سينگار“ 1963ع، سفرنامو (”مائوءَ جي ملڪ
۾“ 1973ع) به ڄاڻايل. ”مهراڻ لاءِ موڪليل ”سڃاڻ“ ۾
ٽي تحقيقي ڪتاب ڄاڻايل: ڪنزاللطيف، لاڙ جي لغات ۽
سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. شاعريءَ جو مجموعو
”مرگهه ترشنا“ ڇپيل. 1962ع کان سنڌي کاتي، سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿي آيل. هاڻ ائسوسئيٽ
پروفيسر.
قاضي خادم: اصل نالو عبدالقوي. گهرو نالو خادم حسين. قلمي نالو
قاضي خادم. پيءُ جو نالو قاضي محمد لائق. جنم: 21
نومبر 1945ع الهداد چنڊ جو ڳوٺ، حيدرآباد سنڌ.
1966ع تائين صحافي. 1967ع کان هيلتائين استاد
(سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي). شعر، نثر ٻنهي ۾
لکندڙ. گهڻو لاڙو نثر ڏانهن. گهڻ- روپي ليکڪ.
ناول، ڪهاڻي، تنقيد، مضمون، ڊراما (ٽي وي ۽ ريڊيو
لاءِ)، تبصرا، ترجما.... ادب جي هر کيتر ۾ هڪيو.
جڏهن به، جتي به چاهي پنو پين کڻي لکڻ جُنبي
ويندو. وقت ۽ مُوڊ جي قيد کان مڪت. تنصيفون: پيار
۽ سپنا (ناول اصلوڪو) ۽ زوال، سونهن جي ديوي،
پيار، جواري (ترجمو ڪيل ناول). ڪهاڻين جو مجموعو
نه ڇپيو اٿس.
رسول ميمڻ: پيءُ جو نالو محمد يعقوب ميمڻ. جنم: 1 جنوري 1956ع.
هنڌ: سکر. تعليم: ٽيون سال ايم بي بي بي ايس. نثر
۽ شعر، ٻنهي ۾ لکندڙ. پهريون شعر جنوري 1976ع جي
نئين دنيا پبليڪيشن ۾ ڇپيل. پهرين ڪهاڻي مئي 1976ع
جي مارو پبليڪيشن ۾ ڇپيل. ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”امن جي
نالي“ 1977ع ۾ ڇپيل. ون يونٽ کانپوءِ واري دؤر جو
هڪ سُڄاڻ ليکڪ.
ج. ع .منگهاڻي: جنم ڀومي ڪراچي. اهڙي ڪٽنب ۾ ڄايس، جتي سُتيءَ
سان گڏ، ٻاجهاري ٻوليءَ جي امرت اوت به ٿي. منهنجو
ڏاڏو به شاعر هو؛ بيٺل پاڻيءَ وانگر نه، پر ڇل ڇل
وهندڙ سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ جي تسلسل ڀرئي وهڪري
جيان اَجهل شاعر. ٻولي سمجهڻ جهڙي مس ٿيس ته شاهه
جو رسالو سڄو ٻڌي ڇڏيم، جيڪو امان سدائين پڙهندي
هئي (۽ آهي). ان پاڪ ماحول، ڪچي ذهن تي پڪا ڪوٽ ۽
اُجرا اڱڻ اڏي ڇڏيا. لکڻ شروع ڪيم 1973ع کان.
”هلال پاڪستان“ منهنجي آجيان ڪئي. پهريون ليک
”هيڏانهن به هڪ نظر“ سگهڙين سٿ ۾ ڇپيو. لکڻ جي
ابتدا نثر سان ڪيم. هاڻ لاڙو شاعريءَ ڏانهن اٿم.
شايد ان ڪري جو نثر لاءِ وقت ۽ سوچ جو تسلسل هئڻ
ضروري آهي، جيڪو منهنجي هٿ وس ناهي. مان جيڪي به
لکندي آهيان، سو رڳو پاڻ لاءِ،. جڏهن ته منهنجا
موضوع سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج ۽ سنڌي عورت آهن؛
پر اهي ته سڀ مان پاڻ آهيان. منهنجون سوچون، ڪٺور
توڙي ڪومل- ۽ مان سدائين انهن جي هٿ وس. لکڻ وير
اهي منهنجي هٿ وس. لکندي تڏهن آهيان جڏهن اکر مون
کي مِڙندا آهن. اکرن پوئتان ڊوڙڻ ڪونه وڻيم. ان
ڪري ئي اهڙا ماڻهو به نه وڻندا اٿم، جيڪي ماڻهن جي
اڳيان پويان وتندا آهن کڙ ڪتر ٿيندا. لکڻ لاءِ موڊ
جي گهوري هوندي آهيان. موڊ نه ٿيو ته قلم ۾ رهيل
مس به سُڪيو وڃي. گوڙ گهمسان ۾ لکڻ هڏ نه پڄيم،
لکان تڏهن جڏهن مڪمل سڪون ۽ سانت هجي.
ولي محمد طاهرزادو: پيءُ جو نالو محمد طاهر قنبراڻي. ڄمڻ جو
هنڌ: ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد سنڌ. ڄم سال ياد
نه اٿس: شايد اٺيتاليهه ورهيه عمر. ڏاڏيءَ کتاب ۾
ويهاريس: جتي فقر پني، پاڻي ڀري، ونڊ وٺي، رجبيون
۽ جماڳيو پني، ناظران قرآن شريف پڙهيو ۽ ڏيڍ پارو
کن ياد به ڪيائين. اتي ئي ٻه ٽي درجا سنڌيءَ جا
پڙهيو، نه پڙهڻ جهڙا. خانبهادر محمد صديق ميمڻ،
سنڌي چوٿين جو امتحان ورتو ته هن نينگر جي ذهانت
ڏسي، کيس نور محمد هاسٽل ۾ فري بورڊنگ جي آڇ ڪئي،
جيئن هو انگريزي پڙهي سگهي؛ پر استاد کان ڪافرن جي
علم سکڻ جي موڪل نه مليس، ۽ سندس چوڻيءَ: ”ان
ڏينهن کان ئي قسمت کي ڏامر جي پوچي اچي ويئي.” هڪ
ڏينهن پڻس ميونسپل پرائمري اسڪول ۾، هيڊ ماستر
ڪندن مل وٽ وٺي ويس، جنهن هِن کي بُجو ڏيئي چيو:
”هي شيدي ڪونه پڙهندو.“ ان تي اڄ تائين خار اٿس:
ميلن ۾ ڪتاب وڪڻڻ، ڪاٺين جو واپار، ماستري، اسٽامپ
وينڊر، بس چيڪر، اليڪشن منشي، ڊيپو هولـڊر.....
ٽنڊي الهيار شهر لاءِ مسلم ليگ جو صدر، ميونسپل ۽
بي- ڊيءَ جو ميمبر به ٿي رهيو. ٻه سال ”لغت آفيس“
۾ لوڪ ادب- رٿا ۾ پڻ ڪم ڪيائين- لوڪ سڀيتا جي گهري
ڄاڻ. ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل قوم ”الحبش“ جي سڌاري لاءِ
جاکوڙ ڪندڙ. سنڌي ادبي بورڊ پريس ۾ پروف ريڊر.
الطاف عباسي: پورو نالو الطاف نبي عباسي، پيءُ جو نالو گل حسن
عباسي. جنم: 15 جولاءِ 1942ع. هنڌ: سوڀو ديرو.
سائين گل حسن عباسيءَ جي سرڪاري نوڪريءَ جي سلسلي
۾، جتي جتي بدلي ٿي، اُتي اُتي الطاف پڙهيو.
ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، خيرپور، سکر.... ائين
هن سڄي سنڌ جي سڳنڌ کي پنهنجي اندر ۾ اوتيو- انت
تائين، پوءِ اهي ئي سڳنڌت جذبا شاعريءَ ۾
ورکائيندو رهيو:
منهنجو جذبو امرت جهڙو، سنڌڙي مرڻي ناهه.
ميٽرڪ پاس ڪري نوابشاهه جي عظيم درگاهه شاهه عبداللطيف هاءِ
اسڪول ۾ ماستر ٿيو ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل کي پڙهائڻ ۾
مگن ٿي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾، الطاف ادب ۾ پير
ڌريو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت
۾ اُڀريو. 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي
پاس ڪيائين، ۽ نوابشاهه ۾ ئي سال کن ڪارو ڪوٽ پائي
قاضي فيض محمد جي پارٽنرشپ ۾ پرئڪٽس ڪيائين ۽
پرائيويٽ طور تي ڪاليج ۾ پڻ پڙهايائين. نوابشاهه
واري دؤر ۾، سنگت جي فنڪشنس کي يادگار بڻائڻ ۾،
الطاف رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندو هو. سچ پچ ته
نوابشاهه ۾ سڄي بهار الطاف جي ڪري ئي هوندي هئي.
الطاف نوابشاهه ڇڏيو ته اتي بَتِي گُل ٿي ويئي.
65/1966ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ريگيولر ليڪچرار
ٿيو ۽ جيڪب آباد هليو ويو. چاچي گدائيءَ جي شعر:
هن شهر جي ڪنهن ٿي ڳالهه ڪئي؟
هي شهر اَلا ڪو شهر هيو!
اُتي به ائين ٿيو. بي. سي . ايس پاس ڪري الطاف ايڪسائيز ۽
ٽيڪسيشن کاتي ۾ هليو ويو، ۽
E.T.O
ٿي سانگهڙ ۾ اپائنٽ ٿيو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصو
جيڪب آباد سنگت جي روايت کي غالب لطيف زندهه رکندو
آيو؛ پر نيٺ سنگت ٻه ٽڪر ٿي ويئي، ۽ ان کانسواءِ
اتي ٻي
Parallel
سنگت به ٺهي!
لاڙڪاڻي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾
E.T.O
ٿي رهيو. ڪجهه عرصو سيڪريٽريٽ ۾ رهڻ کانپوءِ،
ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪراچي مقرر ٿيو. 22 ڊسمبر 1975ع
جي آخر ڌاري ٻيهر حيدرآباد آيو، پر ڊائريڪٽر
ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي حيثيت سان. 1 جنوري تي پاڻ
چارج ڇڏيائين.
23 آگسٽ 1966ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ الطاف موڙ ٻڌا هئا، لاڏو ٿيو هو. 67
۾ ڀاڀي زيبا جي هنج ۾ سِپي هئي، ۽ 68 ۾ ڪوڏ
(عيسيٰ) سندس ڇاتيءَ سان هو. سرواڻ 74 ۾ ڄائو ۽
گذريل فيبروريءَ ۾ سرواڻ جي سالگرهه هئي. الطاف ان
لاءِ بيدل کي اڳواٽ ئي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو هو.
الطاف کي نه رڳو پنهنجن ٻارن سان، پر سڀني ٻارن سان اٿاهه پيار
هو. هُن ٻارن جا نظم به لکيا. ”لاٽون“ سندس مشهور
نظم آهي.
هو ٻارن کي پيڙهه چوندو هو ۽ سنڌي ٻارن لاءِ وٽس ڪيتريون ئي
ڪارائتيون رٿون هيون: ”امداد، اسان کي ٻارن لاءِ
الف- ب وار پڪچر بُڪ ڏيڻ کپي، بلڪل انگلش
اسٽائيل.“
الطاف هڪ سٺو فوٽو گرافر ۽ ڪئميرامين هو، هن جا ڪڍيل فوٽا ۽
موويز ڏسڻ وٽان آهن. 6 فيبروري 78 جي رات جو،
نوابشاهه کان حيدرآباد اويلو ايندي انڌيرن واٽن تي
وڃائجي ويو.
الطاف پنهنجي شعري مجموعي جي پريس ڪاپي تيار ڪري ڇڏي هئي. نالو
به چونڊجي ويو هو: ”جاڙا چنڊ“ ۽ فتاح کي هُن
ٽائيٽل لاءِ
Idea
به ڏيئي ڇڏي هئي. ان کان سواءِ هڪ ڊائري ۽ ايم. اي
لاءِ لکيل مونو گراف: ”سنڌي قومي شاعري“ پڻ ڇڏيا
اٿس. اهي الطاف توڙي سنڌي ادب جون اهم نثري
تصنيفون آهن. الطاف ٻارن لاءِ به کوڙ گيت ڇڏيا
آهن. هُن ڪجهه نوان گيت لکي، ٻارن جي هٿن ۾ به
گلدستو ڏيڻ پئي چاهيو. ”کٽمٺڙا“ جي ٽائيٽل سان
الطاف چرچا به ڪٺا ڪيا هئا. ان جي پهرين ڪاپي
کانئس شفٽنگ ۾ ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويئي هئي. الطاف
انهن کي ٻيهر لکڻ لڳو هو. ”کٽمٺڙا“ جون به قسطون
”هلچل“ جي ٻن پرچن (جنوري- فيبروري) ۾ به ڇپجي
چڪيون آهن، انهن کي پڻ گڏ ڪرڻ کپي.
حيدرآباد ۾ رهڻ واري هن ئي عرصي ۾، هو تنوير جي ننڍي ڀاءُ جي
حيثيت سان نه؛ پر الطاف عباسيءَ جي حيثيت سان
اُڀري رهيو هو. ادبي دنيا ۾ توڙي ٻاهر الطاف
سوگوار دوستن جو هڪ وسيع حلقو ڇڏيو آهي. الطاف جي
نظم ”منهنجو ڏيئو“ جون هي آخري سٽون، الاءِ ڇو هرو
ڀرو هانءُ تي هُري آيون آهن:
جي منهنجو رت ڦُڙو نڪتو،
سو اُن ۾ تيل بڻي ٻرندو،
جي ديپ اُجهائڻ چاهين ٿو،
ڪو سورج روشن ڪر ته مڃان.
- امداد حسيني
*
اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويئڙا جي،
موٽي ماڳ نه آيا، ماءُ ! سامونڊي سي،
کارو تنين کي، جيڪس وه وري وِيو،
اوڙاهه وئا، نه ورئا، آءُ تنه ماري ويڻ،
ڪري سامونڊي سيڻ، جسي جار پرائيو،
سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
مون کي ٿي ماري انين سندي ڳالهڙي،
سامونڊيڪو سڱُ، آهي گوندر گاڏائو،
انگهن چاڙهي اڱ، وئو وڻجارو اوهري،
شاه |