سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :17

اوسارَ

الطاف جي ياد ۾

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هلئا
روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چيئن، وئو وڻجارو اوهري

 

ــــ شاهه

گدائي صاحب جي ياد ۾

 

هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين،
آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هيءَ ساهه سنڌن ۾ آ جيسين،
هن حُب وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين.

 

                                                               

مضمون

نسيم احمد کرل

غلام احمد ايل. بدوي

   سمر سيٽ ماهم

نجم عباسي

فورم

الهداد ٻوهيو

سڃاڻ

تبصرا

پڙهندڙن وٽان

ٽانڊاڻي جي لاٽ

جي جيءَ کي جيارين

هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ

 

* ”گدائيءَ“ سنڌي ادب ۽ فن جي تاريخ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. پراڻين تحريڪن ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ مسلم ليگ وغيره کي نظرانداز ڪري، رڳو سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان وٺي صوبائي آزاديءَ، ون يونٽ جي قهرسازيءَ، وري صوبائي آزاديءَ واري دؤر ۾ فنڪارن ۽ شاگردن، اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ نوجوانن سان گڏجي، سندن باطل شڪن تحريڪن ۾ گدائيءَ ڪيترو عملي حصو ورتو آهي، اگر ان کي ئي بيان ڪيو وڃي ته، پوءِ هوند وڏو وستار ٿي پوندو. (گدائي) بزم ۽ رزم، محفل ۽ مجلس، جلسي ۽ جلوس ۾، هر موقعي تي نوجوانن سان گڏ رهندو آيو آهي.

غلام محمد گرامي

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي مهاڳ تان)

* چاچو گدائي، سنڌ جو اهو شاعر آهي، جو ڪيترن دورن جي مختلف خيالن جي مڪتبن ۾ رهي، وقت ۽ سوچ جي سفر ۾ وک پٺتي نه رکي، اڳتي ئي وڌندو رهيو آهي. هو هر دؤر ۾ ترقي پسند رهيو آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعريءَ جو زنده مثال تي عوام آڏو پيش ٿيو آهي.

رشيد ڀٽي

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جا سنيها تان)

* جيئن حمزو رسول، پنهنجي ديس داغستان جي سخت پهاڙن، خوبصورت چشمن، مُندن، ماڻهن ۽ اتان جي ماحول کي پنهنجي فن ۾ چٽيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت چاچو گدائي پنهنجي فن ۾، ڏاڍي جرئت ۽ بيباڪيءَ سان سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ انهن جي ڪريل معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي اپٽار ڪندو آهي. قلندر صفت  فاقه مست هوندي به کيس ائين لکڻ کان ڪوبه نه روڪي سگهيو آهي، نه روڪي سگهندو.

تاج بلوچ

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جي سنهيا تان)

هو جي وڻ وندر جا نسيم احمد کرل

سنڌ ۾ الائي ڪُل ڪيتريون خيرپوريون هجن. هِنن گنگهار اکين ته ڇڙي هڪ ئي ’لَکان دي مَٽُ‘ ڏٺي آهي، جنهن تي پوءِ ٿا اچون؛ پر ڪوڙي ڪنين هِن هُن واتان ٻيون به چار پيون ٻڌبيون سُڻبيون آهن. اُنهن مان پهرين، صدقو وڃانس خيرپور ناٿنشاهه، جنهن ڀٽاريءَ رڳو ’سانئر ئي سانئر‘ (1) ڄڻيا آهن، جن جا نالا نظر لڳڻ جو سنڌي سليمي سوڻ (2) ڪري به ڳڻائبا، ته به ڌڻي شل خير ڪري. ٻيون ٽي ويچاريون جوسي، گنبي ۽ ڏهرڪيءَ پاريون نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾، اجايا نالا سيڙائي ويٺيون آهن. لاشڪ ته منجهن پنهنجا ڀوڪي بصر ٿا رهن، جي ابي ڏاڏي وارن ڇٺيءِ جي نالن کي ٻک هنيو بيٺا آهن؛ پر جي منجهن سيتا روڊ وانگر ٻه گهر ٺڳن دهليءَ پارن جا هجن ها، ته اهي نالا ڪڏهوڪا ڌونڌا وڃن ها ۽ هينئر ڪي سريلا نالا ٻڌون ها. پنجين آهي_ اصيل ڏنگن ڏوڪن، ڪربلائڻ کارڪن، ڏجيءَ ڪوٽ ۽ لکي محل واري خيرپور، جنهن جي اڳ ڳالهڙي پيو کڻان.

جهونا جوڳي پنهنجي هِن خيرپور جا حوال ٻڌائيندي ٿا ٻڌائن، ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي پڙ کان پوءِ، هيءَ ٿورو وقت سو سهراب پور سڏي، پر جهڙن جهڙيون لٿي رَسُ ٿيو، دٻن جا پاڻي سُڪي ويا ۽ اکيون اکين جهڙيون ٿي ويون، ته پوءِ خيرپور جي خيري نالي سان سڏجڻ لڳي. ان نانءَ پڪي ٿيڻ کان پوءِ، نالي جي تاثير سبب، خيرپور ڏي ٿلهي ليکي خيرئي خير رهيو. توڙي جو چو واڙيءَ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان تخت تاج ۽ راڄ ڀاڳ تي، سنها ٿلها پاڻي ڪري،وري وچ ۾ قرآن مساف تي ٺاهه ڪيا اهي بنا دير ڀڃي، وري پڙ ۾ لٿا ته به خيرپور کي ڪو لوڏو ڪونه آيو. مير علي مراد جي ڏينهن ۾، وري درياهه شاهه پنهنجا نوڙ ڇنائي، هيٺان پنهنجي سر پاڻ ۽ مٿان مينهن کي مادتو ڪري خيرپور شهر کي اچي اَکين تي کنيو. اِن ’الاهي آفت(3)‘ جي سٽ نه سهي، ڪچيون جايون ڌوڙ ڌڪاءَ ڪري ڊهڻ لڳيون. پوءِ لک ڪروڙ شابسون هيون مهاڻن کي، جن ڏينهن رات پُورَ ڪري خلق خدا جي سڪيءَ ڀر سوگهي ڪئي. مير وڏو انهن ڏينهين ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ٽڪريءَ واري بنگلي تي رهندو هو. ٻوڏ جون خبرون چارون ٻڌي، خير خبر رکڻ لاءِ ڪوٽوار کي حڪم ٿيو، جو سرخي تي سنج وجهي، مينهن واءُ هڪ ڪري، اچي خيرپور جي ٻاهران ڀرڳڙيءَ وٽ پهتو. هن ويچاري جو مينهن جي واردات ۽ ٻوڏ جا راڱا پنهنجن اکين سان ڏٺا، ته هن ڪو دم پٽي، اَبو پاڻي پيڻ بدران، ساڳيءَ گهڙيءَ واڳ واري پوئتي اُڏار ڪئي ۽ مير سائينءَ کي سهڪندي ٻڌايائين: ”قربان ٿيان،خبر کري آهي، خيرپور ٻڏي وئي.“

خابروءَ جي ان اڻائي وائيءَ تي، مير سائينءَ کي مٿي کان پيرن تائين باهه وٺي وٺي ۽ مٿس ٿُڪن ۽ موچڙن جي بڇ ڪري، کيس ڪپهه جيان تُنبائي ڇڏيائين. ان ڪارروائيءَ بعد ساڳيو بار ڪنهن سپورنج سرائيءَ تي رکيو ويو، جنهن ڏٺو ته ساڳيوئي مذڪور، پر هن سياڻي ڪانوَ ساڳي ڳالهه رومال ۾ ويڙهي، مير سائينءَ کي سوکي سڻائي ڏني: ”غريب پرور خيرپور ڏي خير ئي خير آ، باقي ڀرڳڙي ۽ لقمان ۾ سو پنيءَ_ ٻوڙ پاڻي آهي.“

”آفرين ، اها سڻائي وائي ته ٻڌاءِ.“ مير سائينءَ جو منهن ٻهه ٻهه ڪرڻ لڳو ۽ گُل پوئيندڙ کي به انعام اڪرام ۾ جيڪا سا لونگي پوتي ملي.

سو ڳالهه کُٽائڻي،ته خيرپور ڏي سدائين ست خير رهيا آهن ۽ قضاني ڪا آفت يا ٽوٽ پئي آهي، ته اها به سائدي ڳوٺ، ڏٻر، لقمان يا ڀرڳڙيءَ تي، جي خيرپور شهر جا ئي پاڙا آهن.

مٿين پاڙن کان سواءِ، سرائي گنهور خان جو پاڙو به ڪنهن جڳ ۾ ايترو مشهور هو، جو اُڀي لَمي خيرپور ئي سرائي گنهور جي پار سان سڃاڻبي هئي. سرائي گنهور قَد بُت ۾ شينهن جواڻ، رنگ نارنگيءَ جهڙو ۽ سهڻن سيبتن وصفن وارو ڪو وقت جو بادشاهه نه هو، پر دل جو بادشاهه ضرور هو. سندس جريبن ۾ پکڙيل اوطاق ۾، دِسن جا آيا ويا پيا آساسُ ڪندا هئا. ڏورانهان مزمان ته خير پنهنجو نصيب کائن، پر شهر جا ڪڙمي ڪاسبي به سڄو ڏينهن پورهيو پلال ڪري رات جا چار پهر وٽس ئي آجهاپ ڪندا هئا. سرائي گنهور روز جيري لاءِ ٻڪري ڪانه پائيندو هو ۽ نه وري سندس ڪي اڻ ڏُڌيون ڇڙنديون هيون. هو ماني کارائيندو هو، اهائي ٻچن سنئين؛ پر اها هوندي هئي عزت سان، مانَ سان ۽ دل جي حضور سان. جيستائين مڙس کي لُڪيءَ ۾ ساهه هيو(4)، ته هن  نانگرو پنهنجي ننگر ۾ گهٽ ڪانه ڪئي، ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو، جو مزمان جي ويلن جي پورت لاءِ پنهنجي زال جي نٿَ ۽ پنڙا به پيارا نه ڪيائين. سندس گهر ۾ اَنَ جو داڻو نه هجي، روڪ روپيو نه هجي ۽ مزمان جا ڀلي ساٿ هجن، ته به مڙس خوشيءَ ۾ خوش ۽ سندس وات تي سدائين ٻولي هجي: ’الله بادشاه ؛

ڳالهه ۾ ڳالهه ٻڌائيندو وڃان، ته ان مٿير مڙس جي مُلڪان مُلڪ اهڙي هاڪ هئي، جو هڪ لڱا وقت جو بادشاهه مير علي نواز خان مومل جي مزاج ۾ نهوڙجي، پرين جا پيرا ووڙيندي، بيبيءَ باليءَ کي هيرا منڊيءَ واري ٿاڪ ۾ ٿانيڪو ڪيو، ته ان منڊيءَ جي دلالن ۽ ڀلاوڻن سندس هيڏي ساري رياست(5) کي ڪو گوش ڪونه ڏنو. مير سائينءَ جڏهن پنهنجي بادشاهيءَ جا سمورا پار پتا ڏئي ٿڪو، ۽ اهي ڳالهيون ڪنهن جي به چم ۾ نه گهڙيون، ته پوءِ هڪ سريلي سرائيءَ کي جو سَمڪ آئي ته هن کڻي سرائي گنهور وارو پارُ ڏنو. ان نانءَ کڻڻ سان سموري ڪچهري وٺي ائين بَلي بَلي ڪئي، جيئن ڪا گهڙي کير واري ڳجهارت چئني پائين ڀڄي پئي هجي. سرائي گنهور پنهنجي ان مانيءَ ڪانيءَ جو کٽيو حال حياتيءَ ۾ ته کاڌو؛ پر اڄ جڌهن کيس هي ڏيهه ڇڏي، ورهيه خدا جا ٿي ويا آهن، ته به ٻهراڙي لوڪ خيرپور کي سندس نالي ئي سڏين. خيرپور ميرس جو فيشني نالو ته نئين ٽهيءَ جا رنگروٽ ٿا کڻن، جن نه سرائي گنهور ٻڌو سُڻيو ۽ نه وري سندس قربائتيون لانڍيون پسيون. خيرپور جي انهن قربائتين لانڍين ته پنجاپ وارن کي اهڙو قابو ڪيو، جو هڪوار جيڪو ٽانڊي ڪاڻ آيو، سو به بورچي بڻجي ويو. انهن مان سرائي بگو خان ته نانگ ڏاڏنگ پاران سيتارامي سون هو، ۽ ويتر جو سندس ستاويهن سيرن گلن ۾ ترندڙ(6) ڀيڻ بيبيءَ باليءَ جو مير علي نواز سان تخمي پيوند پيو، ته هو پوءِ لکن تي مٿو ڌوئڻ لڳو. ان زماني جي کري خبر هئي، ته جڏهن سرائي بگي کي ٻِيڙيءَ جي ٻاڙ لڳندي هئي، ته هو ڏهين ڪي پنجين جي نوٽ ۾ تماڪ ڀري، ان نوٽ جي ٻيڙي ٻڌي سوٽا ئي ٻه ڪندو هو. سرائي بگي ۽ بيبي باليءَ جي بخت تڏهن موٽ کاڌي، جڏهن وَڇن کي ڪُڏ ڏياريندڙ مير علي نواز پارو ڪِلو ئي موت جو سُرو کائي ويو ۽ ڪاري ڏاند جا مالڪ ٻيا اچي پيدا ٿيا. بيبي باليءَ جي پوري ساري پينشن مقرر ٿي، جا پيٽ قُوت ۾ ئي پوري هئي. سرائي بگو ۽ بيبي بالي، جي ڪنهن وقت سموري مڏيءَ جا مالڪ هئا، سي پاڻ ٻين هٿن جا ڳيجهو ٿي پيا. سرائي بگي جي آل اولاد اڃا تائين دائم قائم آهي ۽ هينئر پوري ٻِيڙي ته ڇا؛ پر اڌڙن لاءِ به ٿي واجهائي. سندن اڳين بلند بالا بخت جي باچتو نشانڙي دلشاد منزل ڇَٽَ جي ڇانو بنا، پوين پساهن ۾ آهي ۽ جت پکين جو نه پيرو اُت لُچن جا لنگهه ٿو ڏسان.

هن رياست خيرپور جي ٽڪريءَ تي ٽالپرن جي ستن پيڙهين عدل ڪيا. ڪلهوڙڪي دور ۾ خيرپور جو ڪو نالو نشان ڪونه هو جو انهن ڏينهين سج اڀرندو لهندو ئي خدا آباد__ حيدرآباد تي هو. خيرپور جا ڪلا قائم ٿيا هالاڻي ڀيلاڻي واريءَ جنگ کان پوءِ، جنهن ۾ مير سهراب خان ڀائن سين ڀاءُ ٿي مرشدن جا ٽين ئي تنگي ڇڏيا ۽ ونڊ ۾ خيرپور ڪمائي. ان کان اڳ ٻروچڪا ٻار ٽالپر پنهنجن مرشدن ڪلهوڙن جي پوري ڦيڻي ڌاڳي ۾ هئا، پر جڏهن مرشدن مريدن جي سِرين جو خير نه گهري (7) کين دين ايمان مان پاڻ ڪڍيو، تڏهن ٻروچن بر ٿي اڳيان پويان ليکا سنوان ڪري سڀ پلاند پورا ڪيا. ٽالپرن جي رئيس مير فتح علي خان سڀ اوکا پوکا پلي، سموري سنڌ گڏيل بندوبست ۾ رکڻ گهري، پر ڀاڱي ڀائيوار ميرن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي. مير ٺاري ميرپورخاص ڏانهن منهن رکيو ته مير سهراب خان اچي روهڙي وسائي، تان جو خيرپور رياست قائم ڪيائين. تنهن هوندي به مير سهراب خان ٿلهي ليکي، پنهنجي حيدرآبادي ڀائرن سان حال ڀائي رهيو، جي ڳالهائيندو الله لڳ هو ته ڌُڪو برادر لڳ کڻندو هو. ان دور ۾ ٽالپرن تي ڪا مهل آئي ته هن پٺاڻن سان به پاڻي(8) ڪيا، ته بهاولپور جي به بيک ڪڍي ڇڏي. پيرسن ٿيو ته بادشاهيءَ تي ڳت ڏيڻ بجاءِ، سڀڪجهه وڏي پٽ رستم خان بِلي ڪري، الله لوڪ ٿي ويو، تان جو ماڙيءَ تان ڪِري هيءَ جوءِ مٽايائين.

مير رستم خان ڦوهه جوانيءَ ۾ پيءُ جيان جنگي جوان هو ۽ راڄ ڀاڳ سندس چئي اَکئي ۾ هو (9). وارن ۾ پَريا پيس ته آبو تيليءَ ٻوڙ پيڻ لڳو ۽ انهن کيپن ۾ هلائي چلائي وزير فتح محمد غوريءَ جي هٿ ۾ اچي ويئي. مير رستم خان پيءُ وانگر حيدرآبادي ميرن سان پنهنجي اباڻي ڏاڏائي لڇَ ڪانه وساري؛ ان ڪري انگريزن کي ڀيت نه پيو. انگريزن پوءِ اٽڪل ڪري، مير علي مراد کي هُشيون ڏئي، ڀاءُ کي ڀاءُ سان مڇرائي وڌو. ان گهر جي جهيڙي مڙس کي بيوس ڪري ڇڏيو ۽ سندس جيئري ئي ملڪ مير علي مراد جو ٿي ويو. مير رستم خان پوءِ تنگ ڇنائي، ڪوٽ ڏجيءَ مان رات جي پيٽ ۾ حيدرآباد ڀڳو ۽ اتي پنهنجي پئنچات ۾ پوڪاريائين. حيدرآبادي ميرن پاڻ ۾ پئنچاڻو ڪري کيس واپس واڳون ڏيارڻ لاءِ انگريزن سان وڏا وس ڪيا؛ پر پئنچن کي ڪو مُهت نه مليو ۽ نيسارو اُتي جو اُتي رهيو. ستت ئي مياڻيءَ واري جنگ لڳي، جنهن ۾ مير رستم سکڻي هٿين ٽالپرن جي مدد ڪئي ۽ نيٺ بانديخاني ۾ بند ٿيو. ان بڇڙي بانديخاني ۾ به مير رستم خان خيرپور جا وڻ ڪونه وساريا ۽ رڪاٽي درخواستون ڪندو رهيو. انگريزن به پنهنجو پاڻ کي اڇو ڪرڻ لاءِ، اهو ٺڪر ڪلڪتي جي عالمن تي ڀڃي کائن فتوا وٺي ڇڏي ۽ شريعت موجب ملڪ مير علي مراد کي ڏيئي ڇڏيو. مير رستم جو پوءِ ڪو چاڙهو ڪونه ٿيو ۽ هُنَ پوني ۾ پساهه پورا ڪيا.

مير علي مراد نه ڏهه نه ويهه پورا ايڪونجاهه سال پنهنجو بخت لوڏي ويو. هو سموري ڄمار ڀڙ جوڙ نوبنو رهيو ۽ کيس ڪڏهن چچڙ به چڪ ڪونه پاتو. سندس پڇاڙيءَ ۾ حُرن اجايو پاڻ کي گلارو ڪري مٿس ٽي فير به ڪيا، جن مان ٻه ته ٿڏي تي ئي مُنڊجي ويا، البت ٽئين سو چامائو ڦٽ ڪري وڌو. هو ويرين جي ان ڌڪ مان ته ليٽي پيٽي چڙهي پيو، پر دلبر پٽ شاهنواز جي لاڏاڻي سو کيس جهوري ڇڏيو.

هن مير انگريزن جو هڙون وڙون ساٿ ڏنو ۽ ڏک سک ۾ ڪڏهن پويون پير ڪونه ڏنو. انهن ڀورن ڀٽارن جا سنڌ ۾ پير الله کوڙايا؛ پر مير علي مراد کوڙايا. ان چڱائيءَ جي موٽ ۾ انگريزن کيس ٽڪو به ڪونه وڙايو. رهندو سندس سريلن پرڳڻن ۾ اکيون وڌيون. سرچارلس نيپئر ويندي ويندي به پوين کي هن جون لک پارتون ڪيون؛ پر انهن سخن جي ڪوڙن تخمه جي ڪوڙن ڪانه رهائي ۽ پهرين سٽ ۾ ڪوڙا سچا باڪو بڪائي اهي پرڳڻا کسي ڇڏيا. انهن ڏينهن کان پوءِ رياستي خيرپور پاسن پلون کان ڇوٽي ٿي وڃي ٺلهن پنجن تعلقن تي بچي. مير علي مراد قلم جو جهيڙو ڪيو؛ پر ڪو داد فرياد ڪونه ٿيو. مير علي مراد پوءِ مهاراڻي وڪٽوريا سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائڻ لاءِ ٻه پير ڀري ولايت به ويو؛ پر مهاراڻي نه سندس منهن تي پئي ۽ نه وري ڪو سُر جو جواب موڪليائين. پاڻ اڃا لنڊن ولايت ۾ هو، جو هندستان جي هندو توڙي مسلمانن، لال قلعي جي بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن سان ڇِتي ويڙهه شروع ڪئي ۽ هر هنڌ سندس داڻو پاڻي حرام ڪري ڇڏيو؛ پر هن ڪل عقل گدڙ جي لت کان، هاٿيءَ جي لت ڀلي ڄاڻي رياست ۾ ڪو وڳوڙ ڪرڻ ڪونه ڏنو. رياست راڄ ته ان امر ۾ رلهيون پائي سمهي رهيا؛ پر اوسي پاسي ڪن ٻاروچن ڪا چوچڙي ڏئي باهڙي ٻاري، ته به شاهنواز پاڻي کڻي اهي دکيل دونهيون وسائيندو رهيو. ان نيمڪ حلاليءَ جو انگريزن ڪو صلو ڪونه ڏنو ۽ رڳو وات جي سکڻين شاباسين مان ڪم ٽپايائون. مير علي مراد انگريزن مان آسرو پلي اهي ڏک سور وسارڻ لاءِ رهندو کڻي شونق شڪار ۾ دل لاتي. سندس راتيون جي شونق جي بلي هيون، ته ڏينهن شڪار جي بلي هوندا هئا. مير اهي شوق دل تي ڪيا ۽ سُونگ ڪانه رکي. هن ٻن ٻن ڀينرن کي ساڳي وقت لکيي ۾ به ڪيو، ته ٽي_ ٽي ڀينر گڏوگڏ سريتون (10) به ڪري ويهاريون. اهي نرالا وئر وٺڻ لاءِ، هن ميراڻي نشي پتي ڀنگ جي پچر ڇڏي، ولائتي شرابن سان کڻي دل لاتي، جنهن جي بادشاهي کيپن ۾ حرام حلال هن لاءِ هڪ ٿي ويو ۽ هڪ ڀيڻ ساڄي ڪلهي تي چڙهي، ته ٻي کاٻي ڪلهي تي چڙهي رسجي لٿي. شڪار جو خفت به هن اهڙو ڪيو، جو بر ۾ بازاريون هن لاتيون ۽ يارهن مهينا ته ڇڏيو پر محرم جي يارهين تاريخ (11) تي به وڃي پنهنجو هٿ ٺاريائين. هن مير هيءَ جوءِ ڇڏي به ڀٽين جي ڀڪ ۾، جتي هو شڪار سانگي آيو هو، ان منزل ۾ هڪ اڌ اوسر کڻايو هئائين ۽ ٻين مهاڙين ڏانهن مهڙ هيس، جو ملڪ الموت کيس لَڌ ڪري واٺي وانگر اچي ورتو. مير به خدائي سڏ کي منهن ڏئي کڻي سر اڏيءَ تي رکيو ۽ انگريزن خلاف سڀ دانهون ٻڌيءَ موڙي کڻي ڌڻيءَ در پهتو.

مير شاهنواز جي لاڏاڻي سبب، پوءِ بخت جي پريءَ ڇانو ڪئي مير فيض محمد تي، جو اهو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيرسن ٿي ويو هو. هن رمضان جي عيد ڏهاڙي، وڏو جشن ڪري تخت تي ويهي ٻٽيون عيدون ڪيون. هن مومن مسلمان،پهرين سٽ مرحيات پيءُ جي واڻين وزيرن ديوان اتم چند ۽ ٻين ديوانن کي مٿي تي موڙا ڏئي، برٽس سرڪار کان، نوشهري جي ڊيپوٽي ڪليڪٽر قادر داد خان جي ٻانهن گهري ورتي، جنهن سمورو سرشتو اچي سنڌ جيان ڪيو. مير فيض محمد 1903 ۾ دهليءَ جي شاهي درٻار ۾ شرڪت ڪري، نذر رکي ٻين ڀائن سين ڀاءُ ٿيو. ان درٻار ۾ وائسراءِ لارڊ ڪرزن، جارج پنجم بادشاهه طرفان، هندستان جي شهنشاهي تخت تي ويهي جلوس ڪيو. ان ئي درٻار ۾ سينگاريل هاٿين جا جلوس نڪتا، جنهن ۾ مير فيض محمد پيريءَ سبب شريڪ نه ٿيو، باقي ٻيا سڀ پير ڀريائين. سندس دل گهرئي وزير قادر داد خان به ان موقعي تي وفات ڪئي ۽ کيس دهليءَ جو مڙهه مقام نصيب ٿيو.

سال 1906 ۾ وليعهد پرنس آف ويلز (بعد ۾ ائڊورڊ ستون) سنڌ ۾ پير گهمائڻ لاءِ ڪراچي آيو، ته مير سائين ان مهمير مڙس سان اتي ملاقات ڪئي. ياد رهي ته ائڊورڊ ستون جيئڙو عاشق هو، جنهن عشق جي اري ۾ مسز سمپسن بجاءِ شهنشاهيءَ کي ٽي ڀتر ڏئي، دنيا جهان جي عاشقن کان ڪوهن تي گوءِ کڻي ويو هو. مير فيض محمد پنهنجي دور ۾ اسپتالون ۽ اسڪول کولي شير شاهي سڌارا ته ڪيا، پر صاحبلوڪ مزمانن لاءِ فيض محل به ٺهرايو، جو ان سڪرسڻائي جي نشاني آهي، جڏهن مزور جي مزوري هوندي هئي پائلي ۽ رازو رپئي ٻارهين آني روز تي به الوميان ڪندو ويندو هو. محل جڙي راس ٿيو، ته انگ جو جوڙ ٿيو سو ٿيو پورو لک ۽ نالو پئجي ويو لکي محل. پوئين وقت ۾ جڏهن روپئي جو ملهه گهٽجي ويو ۽ هرڪو ٽلو ٽوپڻ حاڪم ٺاڪم لک روپيا خرچي، ٻن_ ٽن ڪوٺين ۽ دالي تي مشتمل جايون ٺهرائڻ شروع ڪيون، ته نالو ڦري ٿو فيض محل. هن محل مان ورهيه خدا جا ميراڻو فيض جاري هو ۽ پوري هندستان مان اردو شاعرن ۽ ڳائڻن جون لوڌيون هت اچي ڳاهَه ٿينديون هيون ۽ انعام اڪرام تي پيون ڪُتر ٿينديون هيون. مير فيض محمد پورا پندرهن سال حڪومت چوڙي پوءِ اکيون ٻوٽيون.

مير فيض محمد کان پوءِ، تخت پلو پيو مير امام بخش تي، جو پورالو بادشاهه هو. ان پورالي طبيعت سبب پڻس جو مٿس گهٽ راضپو هو. چون ٿا ته مير فيض محمد پنهنجي دل گهريي پٽ مير احمد علي خان کي وليعهد مقرر ڪرڻ لاءِ، خيرپور جي ڀرسان مڪان واريءَ جي تڙ ۾ گورنر سان ملاقات به ڪئي هئي. گورنر به مير صاحب کي مُهت ڏيڻ ۾ هو، جو وزير قادر داد خان لپو هڻي، مير امام بخش خان کي به روبرو گهرائي ڏسڻ لاءِ سفارش ڪئي. مير امام بخش خان وٽ جڏهن شآهي سواري پهتي، ته هن وٽ غريبي حال سبب، درٻار ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مناسب ڪپڙا به ڪونه هئا. هن هيٺ ته گهر واريءَ جي گربي جي سٿڻ پائي (12) ڪم ٽپايو، پر مٿي ۾ اهائي ميري سيري پراڻي ٽوپي پائي، اچي گورنر جو سلام ڪيو.خوش خير عافيت کان پوءِ، جڏهن گورنر سندس انت لهڻ جي ڪئي، ته هن پيءُ ۽ ڀاءُ جي روبروئي گورنر کي چيو: ”جيئندا قبلا، اسان ٽالپرن ۾ چريي ٿيڻ جي پراڻي آڍِ آهي. ڏاڏي سائينءَ جن جي ڏينهن ۾ بابو سائين چريو هو ۽ بابي سائين جن جي ڏينهن ۾ وري مان چريو آهيان.“

گورنر کي سندس گفتو اهڙو وڻي ويو، جو هن مير احمد علي کي وليعهد ڪرڻ واري رٿ لنوائي ڇڏي. مير فيض محمد خان ته پوءِ به سڄو سارو مير احمد عليءَ جو هو، پر رب جي جوڙ جو مير احمد عليءَ جا سندس ڏينهن ۾ ئي پساهه پورا ٿي ويا. مير فيض محمد فوت ٿيو، ته پوءِ به ٽالپرن ڪَن ڳالهيون ڪري تخت تاج مير امام بخش بجاءِ، سندس پٽ مير علي نواز خان جي بلي ڪرڻ جي ڳڻ ڳوت ڪئي؛ پر مير امام بخش هيٺاهين وٺي، سياڻپ سان پنهنجي سالي ۽ ڀيڻويي مير محمد مراد خان (13) کي ان پٽي تان لاٿو. کيس لاهيون چاڙهيون ڏيکاري سمجهايائين: مير تون ته منهنجو سالو ۽ ڀيڻويو آهين ۽ منهنجو سر آهين، مان چريو کريو آهيان، ته حڪم تنهنجو ئي پيو هلندو؛ پر جي علي نواز تخت تي ويٺو، ته تو مامي ۽ مان پيءُ کي به هيٺ وهڻو پوندو. وڌيڪ پاڻ ڄاڻ، مان ڪو پنهنجي ٻچي مان آرهو ناهيان. اها پنهنجي ڀاڻيجي جي اڳيان هيٺ وهڻ واري ڳالهه، مير محمد مراد جي ٻروچڪي دماغ ۾ ويهي رهي. هو پوءِ مير امام بخش جو ساٿ ڏئي بيهي رهيو ۽ ٻين ٽالپرن کي اُڀرڻ ڪونه ڏنائين. مير امام بخش پوءِ تاجپوسيءَ تائين مير محمد مراد کي پنهنجي پاسي ۾ گڏ وهاريندو هو ۽ سندس چيو اُکيو مڃيندو هو، پر جنهن ڏينهن هن تاجپوشي ڪري تخت تي جلوس ڪيو،ته هن اک ئي ٻي ڪئي ۽ مٽي مائٽيءَ واريون سڀ محبتون پلي ڇڏيائين. ان ڏهاڙن کان پوءِ، هن پنهنجن مائٽن کي اکين ۾ ڪيو؛ پر ڏک_ سک جي ساٿوڙين ڪوڙي مهراڻي ۽ جڳومل واڻيي کي سؤ جيءَ ۾ جايون ڏنائين. ڪوڙو سدائين هنڀاريءَ ۾ ساڻس گڏ ويهندو هو ۽ جڳومل، جو ڪن ڏکين ڏينهن ۾ اوڌر پاڌر تي کيس سودو ڏيندو هو، سو سموري شاهي مودي خاني جو مالڪ بڻجي ويو.

هن مير جي ميلن ملاکڙن، راڳن روپ سان پوت ڪانه هئي. هن پهرين سٽ ۾ راڻيپور جي يارهين واري ميلي ۾ هلندڙ جوا ۽ رنڊيون ڪسبيون بند ڪيون، ته سالن جي برسيل ميلو ڀڙڀانگ ٿي ويو. سندس دور ۾ ٽٻيل هو ته شاهي خزانو، جو ان معاملي ۾ سڳي پٽ تي به اعتبار ڪونه ڪندو هو ۽ شاهي خزاني جون سيرسوا وزني ڪنجيون اڳٺ ۾ ٻڌي، پوءِ ئي ننڊ قرار جي ڪندو هو. تنهن هوندي به ڪن شاهينگن خزاني مان سونيون ڏنگيون پار ڪيون، جي مير علي نواز خان جي ڏينهن ۾ ڦاٽيون ۽ اڌگيديون وصول ٿيون.

مير امام بخش دل جو پڪو اهڙو هيو، جو پنهنجي ولي عهد مير علي نواز خان کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين.هو ويچارو پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي قنڌرن وارن مائٽن وٽ رکي سکر پهتو، ته ات سندس پٽ بيمار ٿي پيو، جو فوت ٿي سکر واري جيئي شاهه ۾ دفن ٿيو. پر مير امام بخش کي پوٽي جي وفات جو به ڪو ڪيڪاٽ ڪونه آيو ۽ مير علي نواز خان ڪي ورهيه جلاوطن رهيو. پوين ڏينهن ۾ وري مير امام بخش جي اهڙي دل کي ڇٻي آئي، جو گورنر سان ملاقات ڪري، مٿس وزير محمد ابراهيم جي پاڙ پٽڻ ۽ ولي عهد  مير علي نواز کي بنا دير موٽائڻ جو زور بار رکيائين. گورنر ٻنهي ڳالهين لاءِ مهيني ماسي جي مهلت گهري، ته هن سٽ ڏئي چولي جا ٻِيڙا کولي گورنر کي پنهنجو سينو ڏيکاريندي چيو: صاحب، مان علي نواز کي هنن پنهنجن بُبن تي پاليو آهي ۽ هينئر هڪ پل جي به دير سهي نٿو سگهان. گورنر صاحب مير امام بخش جي حالت ڏسي، ٻنهي ڳالهين کي بنا دير پوري ڪرڻ جو دلاسو ڏنو. مير علي نواز بندش لهڻ کان پوءِ رياست ۾ پير پاتو، ته پاڻ سان گڏ برٽس سرڪار جو مقرر ڪيل نئون وزير شيخ محمد قادر به ورتيون آيو، جو قد ڪاٺ ۾ هيڻو هو. مير امام بخش سالن جي وڇوڙي کان پوءِ پٽ سان ملي ته لک خوشيون ڪيون ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ جا سڀ ڏوهه پاپ پراڻي وزير محمد ابراهيم تي ڌريائين؛ پر نئين وزير شيخ محمد قادر کي جو ڏٺائين ته پوڳ جي پوڳ ۽ ساڀياجي ساڀيا ۾ پٽ کي چوڻ بنا رهي نه سگهيو: علي نواز تنهنجو آندل وزير جهيڙو واڻيو. مون وارو وزير ابراهيم ته هو پورو جهنڊو. مير علي نواز خان پيءُ کي عرض ڪيو، ته قابليت جو قد ڪاٺ ۽ شڪل صورت سان ڪو واسطو ڪونه هو، ته هُن وري پٽ جي دل رکندي چيو: اها ڳالهه تنهنجي برابر هوندي، پر پهريون ڏسبي آ منهن واري مٺائي، اها هن ۾ ڪائين ڪال ڪونهي.

مير امام بخش جي چريائي کريائي جو کوڙ ڳالهيون مشهور آهن. اهي سچيون يا ڪوڙيون، تن جون خبرون خاوند کي؛ پر ايتري ڳالهه ضرور هئي، ته هو ٽپڻ تي پوندو هو ته درياهه به ٽپي ويندو هو ۽ وري اڙي هڻندو هو ته اڏ تي به بيهجي ويندو هو. هو يا ته هڙ جو اهڙو پڪو هو، جو پگهارن لاءِ به پائي ڪانه ڪڍندو هو، وري ڦوڪڻ تي پوندو هو،ته تاجپوشيءَ جي جشن تي ٻن لکن مان ڪسيرو به گهٽ نه ڪيائين. مير امام بخش پٽ سان پرچڻ بعد، پوري نائين مهيني جملي ميڙي چونڊي هِن ڏيهه ڇڏي، هُن ڏيهه هليو ويو.

پوءِ ڇَٽ جُهليو مير علي نواز خان تي، جو پڙهيو راجائن واري ڪاليج ۾ ۽ ڪڙهيو هندستان ۾، جتي هو ڪي سال جلاوطن رهيو. مير علي نواز زردار به هو ته نادار به هو. شاهي خزانو، جو مير امام بخش چپٽين سان ميڙيو هو، سو هن سخي داتا هڪ ئي ڦوڪ سان اڏائي ڇڏيو. انهن ڏِهاڙن ۾، مير علي نواز خان وڏين وڏين سيٺين ۽ زميندارن کان اوڌر پاڌر به ڪئي. گهڻن ته اهي رقمون ڏئي وساري ڇڏيون؛ پر خانبهادر کهڙي ۽ مير پور وارن ڀٽن اهي ٻڏل پئسا ٻيڻا ڪري ڪيٽي اڀوڙي ۽ دودي ڀٽي واريون ڪيٽيون خريد ڪيون. هي حسن پرست بادشاهه بيبي لاليءَ لاءِ جوڳ ڪري لاهور کي لعل ڪيو. بيبي بالي هت اچي وري روسامو ڪري، پوئتي موٽڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي، ته مير علي نواز برٽش سرڪار سان لکپڙهه هلائي، زور جي ميندي هڻي کيس ماڳ تي موٽائي آيو. بيبي بالي انگريز جي دٻ دٻاءُ تي ڳوري ٿي موٽي آئي، ته بادشاهي خيال مَٽَ ٿي ويو هو. پوين ڏينهن ۾ بادشاهه گهڻو آر کڻي مائي ستڻ تي رکيو ۽ مرندي گهڙيءَ تائين ستڻ-ستڻ(14) ڪندو رهيو.

پوين ڏينهن ۾ مير علي نواز انتظامي لحاظ کان بيوس ۽ لاچار هو ۽ سڄو ڏينهن پنهنجي وفادار سرائين سان برٽشي وزيرن ۽ ڪائونسل جي ميمبرن کي ڪڍڻ جا اُپاءُ پيو ڳوليندو هو؛ پر اڳيان به هيا انگريز يا انگريزن جا ڇاڙتا، جن جو ڪلو پاتال تائين کتل هو. مير سائين ٻيون سڀ واهون پلي، سندن خلاف اخباري محاذ کڙو ڪرڻ لاءِ، دهليءَ جي اخبار رياست جي چُٽَ ايڊيٽر ديوان سنگهه مفتون(15) سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس وزير جي وقت بيوقت شڪارن ۽ ان ۾ ماڻهوءَ مرڻ جي چهري خبر به ٻڌائي هئائين. ديوان سنگهه ته اهڙين خبرن جي نوس ۾ هوندو هو. هن کي جو اهڙي خبر گهر ويٺي ملي، ته هن جي ڪا رکوڻي ڪانه رکي، اها خبر سُرخيءَ سان چپي ڇڏي. ستت ئي خبر پئي، ته اها ماڻهو مرڻ واري خبر نسورو وڌاءُ هئي ۽ ڇڙو رڳو تيتري ڇرن لڳڻ ڪري انڌو ڪاڻو زخمي ٿيو هو. ديوان سنگهه قانوني بچاءُ لاءِ ان جي ترديد به ڇاپي، پر ٽانٽن کي جو هو ڍاڪ تي چڙهي ويو، ته هن ڦيرائي گهيرائي مٿس سکر ۾ ڪيس ڪيو ۽ هفتي ڏهين ڏينهن جون حاضريون کارائي سندس بنڊ ڪڍي ڇڏيائين؛

هن مير جي ڏينهن ۾ رياستي راڄن ڇيڙ بيگر کان دُونَ سڄائي پاڻ ۾ ٻڌيون ڪيون. اها ڇيڙ ڇپري لٿي ته وري جنس وار بٽين ۽ داڻ بنديءَ تي ڪروڌ ڪيائون. ان سلسلي ۾ پير ڳوٺ لڳ ويٺل ماڇي راڄ گوڙ گهمسان ڪيو، ته خيرپور رياست جي آرمڊ فورس جنهن ياعمر ڪنهن لام ۾ پنهنجا هٿ نه ڏيکاريا هئا، تنهن پهريون ڀيرو پنهنجون رائفلون آماهي راڄن تي شستون پڪيون ڪيون. انهن سنهين سڪين ڳالهين باوجود، مير علي نواز پنهنجو وقت سهڻو نڀائي ويو. پوئينءَ بيماريءَ ۾ سندس علاج لاءِ دهليءَ کان حاذق حڪيم احمد محمد ۽ ڀوري خان پارا ڪوٺجي آيا؛ پر ڦڪين ڦرق نه ڪيو ۽ مير سائينءَ جو ساهه نه تو ڏٺو نه مان ڏٺو. سندس وفات تي رياستي راڄ زائفن وانگر پار ڪٺي رنا، جو سندن انگل سهندڙ، رٺن کي پرچائيندڙ، لک لُٽ داتا قيامت تائين کائن رسي ويو هو. هن جي مرتبي تي شاعرن کوڙ ئي ڪلام ٺاهيا، جن مان هندان ڪڃريءَ جو ڀريل رڪاٽ ”ارمان آ نازڻ تنهنجو دم بيوفا کي ناز هو _ الخ“ اهڙو دڪدائڪ آهي، جو اڄ به بت مان سيرون ٿو ڪڍي.

پوءِ تخت تي جهڙو ويٺو تهڙو نه ويٺو مير فيض محمد ٻيو، جنهن عملي طرح ڪا حڪومت ڪانه ڪئي. سندس بادشاهه ٿي رهڻ جي شاهدي اوگاهي، رڳو پراڻا روينيو اسٽامپ پيا ڏين، جن ۾ ڇپيل سندس راجپوتي پڳ ۾ تصويرون مِهرين کي به مات ٿيون ڏين. مير فيض محمد کي پهريون ته رياستي بندوبست جي سکيا لاءِ بئنگلور موڪليو ويو ۽ پويان سموري هلائي چلائي برٽشي وزير خانبهادر اعجاز علي جي هٿن ۾ رهي، جو ناظم پوليس جي مدد سان پيو چرخو چوريندو هو. هن دور ۾ هالاڻيءَ جو سيد غلام الرسول شاهه دوبارو ناظم پوليس ٿي رهيو. شاهه صاحب نَرُ پوليس آفيسر هو ۽ وات ۽ پيٽ جو کَرو هو. هُن، سيد ۽ سپاهي رکي يا الاهي وارو مثال پورو ڪندي، صبغت الله شاهه پاڳاري سان اُچائي کنيو ۽ رياست ۾ ٿيندڙ هرڪو ڏوهه پاپ حُرن جي کاتي لکندي، سرڪاري رڪارڊ ڀريندو رهيو. پير صاحب پاڳاري پهريون ته سندس ساداتيءَ جو ننگ رکي، وات تي لغام ڏيڻ جي شرط تي، کيس سموري موٽر ڪلدار روپين جي ڀري ڏيڻي پئي؛ پر پوليسي پيٽ چوڳو به ڪرڻ گهريو، ته سرڪار سان سنمک به ٿيڻ گهريو. پوءِ اڳيان به پاڳاري جا سر کان تتل مٿي ڦريا مريد هئا، جن شاهه صاحب جون اهي اُرهه زواريون سهي نه سگهيون. هنن اٽڪل ڪري ناظم جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، ناري تعلقي ۾ ڌاڙا هنيا. شاهه صاحب انهن ڌاڙن جي جاچ لاءِ وڏو اٽالو وٺي، پنهنجي سر پاڻ اچي کينواريءَ واري ڊاڪ بنگلي ۾ لٿو ۽ لهڻ سان ٻاڪر ڪٽو مچائي ڇڏيائين صرف شاهه صاحب کي آسمان تي پئي ڳوليو ۽ اهو جو زمين تي کينواريءَ جي بنگلي ۾ لڀي پيو، ته هنن باک ڦٽيءَ جو سَون سپاهين جي روبرو ليکوئي(16) لِڏ ڪري ڇڏيو. شاهه صاحب جي خون ٿيڻ کانپوءِ سموري رياست ۾ راڪاس گهمي ويو. ستت ئي سموري سنڌ ۾، خيرپور سوڌي ماشرا(17) ٿي ويئي ۽ رڍ ٻڪريءَ جي ڇورن کان وٺي، چڱن مٺن تائين پئي حڪم(18) ۾ واڙجڻ لڳا. ان دوران جي مير فيض محمد جي بئنگلور واري ٽريننگ پوري به ٿي، ته به کيس خيرپور موٽائڻ بدران دوا دارونءَ جي بهاني، پوني جا وڻ ڏيکاريائون. انهن حيلن بهانن جي آڌار، تخت تاج سندس حال حياتيءَ ۾ ئي ڦري، صغير وليعهد جي بلي ٿي ويو. جيسين صغير وليعهد ڪبير ٿئي، تيسين رياستي راڄ ريجينسي ڪائونسل هلائڻ لڳي، جنهن جو پريزيڊنٽ سالوڻي سال مير وڏي جي ويجهن مائٽن مان مقرر ٿيڻ لڳو. اها نئين ريت خانبهادر اعجاز عليءَ جهڙي کڙپيل آءِ. سي. ايس کي ڪانه آئڙي. ان ڪري هن خيرپور مان پنهنجا موڙا پٽيا. ان ڪائونسل جو پهريون پريزيڊينٽ مير احمد علي خان جو پٽ مير حاجي غلام حسين خان ٿيو،جنهن پنهنجا ٻارهن مهينا پورا ڪري، واڌاري مُدي لاءِ به ٻک هنيو. پر واري وٺڻ وارن کيس ريهي ريبي ان پٽي تان لاٿو. اهو چرخو لڳ ڀڳ پنجن سالن تائين هليو، جو مير جارج علي مراد خان اچي پنهنجا ٽپڙ سنڀاليا ۽ حق حقدار کي ملي ويو. سندس تاجپوشي پاڪستان جي پرائيم منسٽر لياقت علي خان پاڻ ڪئي ۽ ڪيترا ڏينهن جشن هليو.

پوءِ وارو آيو خدا ڏينهن ڏئيس مير جارج علي مراد خان جو. پاڻ اڃا ابهم هئا، جو پڻس جي روالور مان ڇٽل گوليءَ ذري گهٽ کيس نيو هو، پر رب کيس اهڙو رکيو،جو انڌي ڪاڻي رهڙئي آئي. سندس دؤر ۾ وڏو وزير هيو ممتاز قزلباش، جنهن اچڻ سان چونڊوان مهاجر خاندان هت اچي آباد ڪيا، جي ڀليون واڻڪيون جايون ۽ زرعي زمينون هٿ ڪري بالم ٿي ويهي رهيا. ڌنڌي ۽ واپار ۾ به ستت ئي کين پانن جي پڙين، ڪرياني ۽ مٺاين جي هڪ هٽي حاصل ٿي ويئي. هن دؤر کان ئي ڪارن مرچن ۾ پپيتي جي ٻجن، ڳاڙهن مرچن ۾ پيٺل سرن ۽ مٺاين ۾ گريس جي سڻڀ جو رواج چالو ٿي ويو. محرم مهينو جو اڳ خير خوبيءَ سان نذر نياز  ۾ گذرندو هو، سو پوءِ ڪرڙو ٿي ڪربلا واري ڏک ڏيڻ لڳو، ستت ئي رياست ۾ پهريون ڀيرو چونڊون ٿيون ۽ حڪومت جون واڳون، تپيداري تپن جيترن تڪن(19) مان چونڊيل وڏيرن جي حوالي ٿيون. اهي نمائندا ته هئا گهڻو ڪري اڻ پڙهيل، يا گونگيون گايون، ان ڪري اڇي ڪاري جو مالڪ هو وڏو وزير قزلباش، جو دهليءَ مان سڀني ڌرين کي راضي پرسن ڪرڻ ۽ هيٺاهين مٿاهينءَ ۾ وات تي هٿ ڏيڻ واري اٽڪل سکيو آيو هو. خير پور اسيمبلي هڪ ٽرم ٽن سالن جو پوروڪيو ۽ ٻيو پنڌ ۾ هو، جو مٿي مرڪز ۾ ون يونٽ جي واءُ گهلي پئي. ممتاز قلباش، مٿي مرڪز وارن سان پنهنجي وزارت جو سودو کرو ڪري، موٽي اچي ميمبرن کي لٺ چٺ ڏيکاري، ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. سڀني ميمبرن حاڪم جو امر مڃي اکيو ٻوٽي صحيحون ڪيون. رياست کي ان ڀلي ڪم ۾ پهريون نمبر پاس ٿيڻ ڪري، اردو اخبارن لک لک واڌايون ڏنيون. هزهائينس مير جارج علي مراد خان جهڙي فقير منشن به ان اڌو گابري بادشاهيءَ تي ڳَت ڪانه ڏني ۽ رضا تي راضي رهي، ان پَن جي نوڙ(20) مان جان ڇڏائي شڪر جو ڪلمو ڀريو.

مير جارج علي مراد خان، هينئر رڳو نالي ۾ هزهائينس سڏجي، ٻيو ڪُل پيران دا خير. پاڻ سال جا يارهن مهينا سيلاني رهي ۽ رڳو محرم مهينو هت رهي، مجلسون نياز ڪري پيو پرين پرڀائي. ٻين ڏهاڙن ۾ عيد برات تي لاچار ڏينهن اڌ لاءِ، ڀيرو ڪري وري پويان پير ڪري. سندس هنيانءُ پنهنجن ست پيڙهائتن راڄن لاءِ گهڻو ئي سڪي، پر سندس راڄ ته آهن چڙهه جون پوئڪيون(21)، سي رڳو هر اُڀرئي جا سلامي ۽ هر چڙهئي کي ئي سوار سمجهين.

تڏهن ٿو چوان ته اسان رياستي لاشڪ پراڻي پَر(22) جيان اڄ به سورج ديوتا جا پوڄاري آهيون.

(زير تصنيف ڪتاب ’هو جي وڻ جا‘ جو ٽائٽل مضمون )

*

(1) سانئر: شاعر جو دهقاني اُچار.

(2) نظر لڳڻ جو سنڌي سليمي سوڻ هي ٿُڪ اڇلائي پوءِ تعريف ڪرڻ.

(3) اها اُٿل آئي سال 1876ع ۾. ”آب غضبناک شد“ مان مرزا قليچ بيگ جي تاريخ.

(4) سرائي گنهور خان وفات ڪئي مير امام بخش جي دؤر ۾، پاڻ مير الهداد خان جو عام مختيار هو.

(5) انهن ڏينهن رياست جي پکيڙ 6050 چورس ميل هئي.

(6) روايت آهي ته بيبي باليءَ جي پهرين وهيءَ ۾ ڪُل تور ستاويهه سير هئي ۽ کيس گلاب جي گلن ۾ توريو ويو هو.

(7) اشارو آهي شهيد ٽالپرن مير بهرام، مير صوبيدار، مير بجار ۽ مير عبدالله ڏانهن، جي ڪلهوڙن بادشاهن مارايا هئا.

(8)پڙهو شاهنامو: ڪئي ابتدا مير سهراب خان، بسر خود به افواج افغانيان.

(9) ان لاءِ ڏسو A Narrative of a Residence in the Court of Mir Ali Murad مصنف لئنگلي، مير علي مراد جو پگهاردار نوڪر هو.

(10) ساڳيو مٿيون ڪتاب، اهي ٻه ڀينر، تحقيق مطابق ربو ڪڃر جون ڌيئر هيون، ٽئي ڀينر جي مير جون سريتون هيون، سي عالي سرڪار سڏبيون هيون.

(11) ڏسو سفرنامو مير علي مراد خان، فارسي قلمي نسخو، مير سائين اهو شڪار يارهين محرم جو لنڊن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيو.

(12) انهن ڏينهن مرد مير به گربيءَ جون سٿڻون پائيندا هئا. ضرور زناني ۽ مرداني سٿڻ جي ٽوپي ٽاڪي ۾ ڪو فرق هوندو، جو سرائين ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي.

(13) ڏسو الوحيد اخبار جو ”سنڌ آزاد نمبر.“

(14) مائي ستڻ ذات جي ڪلهوڙي اڃا حال حيات آهي. مير جي فوتيءَ کان پوءِ پهاڪي جي ابتڙ هن چاڪر چيڪايو ۽ خير محمد دايي جي گهر ويهي رهي.

(15) ديوان سنگهه ’مفتون‘ ان واقعي جو پاڻ ذڪر ڪيو آهي پنهنجي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۾. هن وڌيڪ اهو به لکيو آهي ته هن تي ان خبر جي ڏيڻ واري جي نالي جو گهڻو زور بار پيو، پر هن راهه تان ڪک نه کنيا.

(16) ڏسو لئمبرڪ جو ڪتاب ’دي ٽيررسٽ‘. ان مقابلي ۾ ڪو ڪونه مُئو.

(17) مارشل لا جو دهقاني اُچار، پوءِ بيماريءَ تي به اهو نالو پئجي ويو.

(18) ٻيو حڪم سڏيندا هئا مارشل لا ڪورٽ جي آرڊر کي، جنهن ۾ نظربند کي Till further orders  تائين واڙبو هو.

(19) هڪ تڪ جا ته جملي ووٽر ئي يارهن هئا.

(20) پَن جو نوڙ: نوڙ سيبائتو هوندو آهي مُڃ جو يا واڻ جو، پَن جو نوڙ نه ٺهي نه ڪري.

(21) چڙهه جون پوئڪيون: پوئڪي مڇي هميشه چاڙهه ڏانهن ڀڄندي آهي. مطلب آهي موقعي پرست ۽Oppertunist  .

(22) پَر: نيم يا رواج. چوڻي آهي، جنهن جي وڃجي گهر تنهن جي ڪجي پَر.

”خلوص“ ۽ اخلاص سان ڀاڪر پائي ملڻ وارو الطاف عباسي زندگيءَ جي راهه تي هلندي، هٿان وڃائجي ويو آهي ته ڪئين دليون وسائي ڇڏيون اٿس. سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سڄڻ شاعر ۽ اديب اهڙي وقت ۾ جدا ٿي ويو آهي، جڏهن اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب کي سندس گهُرج هئي. هو پنهنجي عام فهم ٻوليءَ ۾ جيڪي به لکندو هو، تنهن ۾ ڄڻ ته جاود هو. سڀني کي موهي ڇڏيو هئائون. اڄ ڪئين رسالا، سندس ڪلام سان ڀريا پيا آهن، پر الطاف پاڻ موجود نه آهي“

ايڊيٽوريل روزانه ”هلال پاڪستان“

8 ـــ فيبروري 1978ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com