ٻڍل فقير غلام احمد ايل – بدوي
شڪارپور کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ
تي، هڪ ننڍڙي بستي آهي، جنهن جو اصل نالو ته
”بخشيو اُنڙ“ هو، پر هن وقت ”ٻڍڙي فقير جي ڳوٺ“ جي
نانءَ مشهور آهي. شڪارپور جي چوڌاري گهڻائي ننڍڙا
ڳوٺڙا آهن، پر هن ڳوٺ کي مکيه اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته
هيءُ ڳوٺ ڳچ سال اڳ هڪ درويش جي رهڻ جو مقام هو،
جنهن پنهنجي نغمه سَرائيءَ سان سنڌي ادب ۾ وڏو
مقام حاصل ڪيو. هن درويش جو اسم گرامي ٻڍل فقير هو
۽ عوام ۾ ”ٻڍڙي فقير“ جي نالي سان اڄ به مشهور
آهي.
اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ ”بخشي اُنڙ“ جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص ٿي رهيو،
جنهن جو نالو ”عبدالواسع “هو، جنهن کي عام ماڻهو
وَسيو سڏيندا هئا. هو نهٺو ۽ نماڻي طبيعت جو مالڪ
هو. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي دور هو. هر طرف
سُڪر ۽ سڻائي هئي. سادگي راحت سمجهي ويندي هئي،
ڪوڙ ۽ فريب ايڏو عام نه هو. وَسيو فقير ٻه-ٽي ايڪڙ
زمين جا آباد ڪري، سُکيو سَتابو گذاريندو هو، پر
هڪ غم کيس مايوس ڪندو رهندو هو؛ اُهو هو ته کيس
ڪابه نرينو اولاد ڪانه هئي، جنهن ڪري هو سدائين
پيرن فقيرن ڏي پيو پنڌ ڪندو هو. روايت آهي ته هڪ
ڀيري هڪ مجذوب فقير اچي سندس ڳوٺ کان لانگهائو
ٿيو، ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي، پر فقير کيس
”نانگو مست الستي“ جي لقب سان سڏيندا آهن. فقير
وسيي ان مجذوب جي پُٺ ورتي؛ جنهن سندس عاجزيءَ کي
ڏسي دعا ڪئي. ٿوري وقت کانپوءِ کيس نينگر پيدا
ٿيو، جنهن تي ”ٻُڍل“ نالو رکيو ويو. سندس ولادت جو
صحيح سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي؛ پر فقيرن کان
معلوم ٿيو آهي ته فقير صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته
جڏهن آخري ليٽ اچي بس ٿي ۽ ريل جي بند ٻڌڻ لاءِ
انگريز آفيسر زرخيل جي سڙڪ جي اوڀر کان تنبو هڻي
اچي ويٺا، تڏهن منهنجي عمر اٽڪل 18 سال هئي.
شڪارپور ۾ ريل جو بند سنه 1883ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿيو
هو. جيڪڏهن فقير صاحب جي زباني روايت کي ڏسجي ٿو،
ته سندس ولادت جو اٽڪل روءِ 1885ع ٿئي ٿو.
زباني روايتن مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، فقير صاحب پنهنجي والدين
جي هنج ۾ لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو، پر جيئن هو وڏو
ٿيندو ويو، تيئن ماڻهن کان دور دور رهڻ لڳو، اٺن
ورهين جو ننڍڙو ٻار، جهنگن ۾ جاليندو ۽ واٽن تي
ويهندو ٿي رهيو. سندس والد کيس ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙهڻ
لاءِ ويهاريو، مگر مڪتب جي فضا کيس راس نه آئي.
هو مڪتب کان نڪري جهنگ ۾ ٻٻر جي هيٺان يا لئيءَ جي
پاڇي ۾ ليٽي پوندو هو. سندس والد کيس ڳولهي گهر
وٺي ايندو هو. سندس رنگ ڍنگ نرالو ٿيندو ويو. هُو
ٻار جي هِن عجيب دنيائي ڪناره ڪشيءَ کان نا اُميد
ٿي پيو ۽ کيس بيحد افسوس ٿيڻ لڳو. ڳوٺ جا ماڻهو
چميگويون ڪري چوڻ لڳا، ته ”ويچاري وسيع فقير جي
قسمت چڱي نه آهي، سِڪي سِڪي پٽ ته ڄايس، پر هٿان
مصيبت بڻجي پيو اٿس، اهڙي پٽ کان ته بس ڀلي.“ سندس
والد مجبور ٿي، ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر کيس ڍور
چارڻ لاءِ ڏنا. جهنگ ۾ ڍورن پنهنجي واٽ ورتي، ۽
ٻڍل پنهنجي واٽ. روايت آهي ته هڪ ڏينهن جيئن فقير
صاحب جهنگ ۾ ڍورن کي آهرائڻ ويو، تئين مٿس اهڙو
حال طاري ٿي ويو، جو هو غش کائي ڪري پيو. بيهوشيءَ
جي حالت ۾ کيس گهر آندائون. سندس والدين ۽ اوڙي
پاڙي وارن ائين سمجهيو ته مٿس ڪو جن جو اثر ٿيو
آهي. ڀوپا گهرايا ويا، جهاڙون جهوپون ٿيڻ لڳيون،
پر هنن ڀوپن کي ڪهڙي خبر، ته الاهي محبت جو رنگ
ڪهڙيءَ ريت چڙهي ٿو! هو الاهي رڱ ۾ رڱجي، مست
گذارڻ لڳو ۽ اُن وقت سندس شاعريءَ جي ابتدا ٿي.
جيتوڻيڪ سُر سنگيت کان واقف نه هو، پر يڪتارو کڻي
ڳائڻ شروع ڪيائين؛ يڪتاري تي هن جو پهريون ڪلام
چيو، سو هو:
سگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون،
سچ جي سرڪ، وئين ڪا پياريون.
تنهنجي سورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، پائي پاند ڳچيءَ پر جي پيش پوان،
ابرو عاشقن تي ڪن ٿا ڪاهه سنوان، ڏاڍيون ڇوهه ڇڏي
وڙهن ويڇاريون.
تنهنجي سڪ ۾ يار سدا هيءَ ٿي سڪي، پروانا پرَ ڏي
رويون روز لکي،
من ڪي محب اچن ويٺي راهه تڪي، منهنجي ڦٽن جو تو ڳٽ
دوست دارون.
عشق هو ’ٻُڍل‘ کي ٻنڌڻن لاڪون، ڇو محب ڍڪن منهن
عجيب اسان کون.
روحڙو آهه رتو، تن هيءُ توهان کون، دم نه ٿجان
ڌار، توڏي ٿا نهاريون.
هن ڪلام جي چوڻ کان پوءِ، سندس قلب کُلي پيو، پر سندس والدين
وڌيڪ هراسجي ويا. هاڻي هيءَ حالت اچي بڻي، جو پيرن
۾ گهنگهرو ۽ ڇيرون وجهي نچندو ۽ ڳائيندو ٿي رهيو.
ڪڏهن ته ڳائيندي ڳائيندي بيهوش ٿي ويندو هو. وقت
گذرندو رهيو، فقير صاحب پنهنجي خيالن ۾ گم گذارندو
ٿي رهيو. هڪ ڀيري اتفاق سان پير جي ڳوٺ جي نامياري
راشدي خاندان جو هڪ فرد، سيد علي سرور شاهه پنهنجي
هڪ مريد وٽ، جنهن جو نالو فريد هو، فقير صاحب جي
ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٻڍل فقير جي والد کي
جڏهن پير صاحب جي اچڻ خبر پئي، تڏهن فقير صاحب کي
وٺي، پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين. پير صاحب
سندس ڪلام ۽ ظاهري جوش ۽ جذبي کي ڏسي بيحد متاثر
ٿيو ۽ پنهنجي مريد کي حڪم ڏنائين، ته هن نوجوان کي
پير جي ڳوٺ درگاهه تي وٺي وڃ. فريد ۽ فقير ٻڍل جي
والد، پير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي. هو فقير صاحب
کي وٺي، پيرين پنڌ، پير جي ڳوٺ روانا ٿيا. ان
زماني ۾ راشديه درگاهه جي سجادهه تي، ناميارو بزرگ
حزب الله شاهه سجادهه نشين هو. جڏهن پير صاحب جي
خدمت ۾ ٻڍل فقير کي آندو ويو، تڏهن ڏسندي ئي پاڻ
واڪو ڪيائون: ”هي روهڙي وارو بيدل ته نه آندو
اَٿو؟“ فريد ادب سان جواب ڏنو ته ”نه سائين هيءُ
اسان جي ڳوٺ جو نينگر آهي ۽ سندس نالو ٻڍل آهي.“
پير صاحب اهو ٻدي فرمايو، ته: ”ٿانءُ ته سٺو آهي،
پر سنڀاڻ جي دير اٿس.“ ننڍڙو ٻڍل، پوءِ سندس
ارادتمندن ۾ داخل ٿي ويو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾
رهي، موٽي ڳوٺ آيو، جتي خاموشيءَ سان، رات ڏينهن
ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو رهيو. هاڻي سندس زندگي ڄڻ
هڪ سالڪ جي سطح تي اچي ويئي. ماڻهن جون دليون
ڏانهس ڇڪبيون ٿي رهيون. وقت گذرندو ويو ۽ محبت جي
آڳ، جا اڳ ڀڙڪا کائي اٿندي هئي، هاڻي نورانيت ۾
تبديل ٿي وئي، جا هڪ صوفيءَ جي آخري منزل آهي. فراق جي منزل، وصال جي مقام م
بدلجي وئي:
محب مُئيءَ جي گهر آيو، ميندي مون اچي لايو.
سرتيون هار سينگار ڪري، سَرهي سيج وڇايو.
جنهن ته ڏٺي ڏک ڏور ٿيا، سرتيون ڪُم ٿيو سجايو
سير کٿوري واسيا، پيرل پير اچي پايو.
اڱڻ ”ٻڍي“ جي عيد ٿي، پرينءَ پاڻ پسايو.
ٻڍل فقير سلوڪ جي منزلن کي ماڻيندو، هاڻي جوانيءِ جي سَن کي اچي
پهتو هو. محبت جو مچ اندر ۾ مچندو ٿي رهيو، پر
ٻاهر سڪون ٿي ڏٺو. سندس والدين مٿس زور آندو ته هو
شادي ڪري، پر فقير صاحب دنيائي ٻڌڻن کان آزاد رهڻ
ٿي گهريو. مٿس گهڻو زور آندائون، پر هو پنهنجي
فيصلي تي اٽل هو. ٻيو چارو نه ڏسي، سندس والد کيس
مرشد کان امر ڪرايو. مرشد جي حڪم جي مڃتا ڪرڻي
پيس، سندس شادي ٿي ويئي. جلد ئي سندس والده وفات
ڪري ويئي، ۽ ٿورو پوءِ سندس والد به راهه رباني
وٺي ويو. هاڻي گهر جو سڄو بار مٿانئس اچي پيو،
جنهن کي فقير صاحب ڏاڍي سهڻائيءَ سان نڀايو. فقير
صاحب کي شاديءَ کان پوءِ، ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون
ٿيون. سندس وڏي فرزند جو نالو عبدالحڪيم هو، جو
ڪجهه عرصو گذريو ته وفات ڪري ويو آهي. سندس وِچٽ
پٽ محمد مقيم نه رڳو لائق پٽ هو، پر پيءُ جو حال
محرم ۽ دل جو دوست هو. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي فقير
صاحب وانگر مستيءَ جو جذبو سمايل هو، ان ڪري ماڻهو
کيس ”مست مقيم “ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مُک
مان عجيب جلال پيو بکندو هو، وڏو محبتي جوان هوندو
هو. اوچتو هي للنگهه جوان ليٽي پيو. جوانيءَ جو
موت، سو به هڪ لائق فرزند جو، فقير صاحب ان صدمي
کي نهايت صبر سان سٺو. جوان پٽ جي ياد ۾ سندس آخري
مرثيو هو:
وَرَ لئي ڪنديس وَسَ، لهنديس لعل لڪن مون.
انگ لکيو منهنجو اڳهين، آءُ ڪئن مٽيان مَسُ،
ووڙينديس وڻڪار ۾، ڏيهه ڏيندو مان کي ڏَسُ،
ڪاهيون ويندس ڪيچ ڏي، وٺي گورن جو آئون گَسُ،
ايندو ٻاروچو ’ٻڍل‘ چوي، پوندن ڪو شال تَرسُ،
سندس فرزند جو نالو ميان عبدالڪريم آهي، جو هن وقت گادي نشين
آهي.
بهر حال، هن صدمي فقير صاحب تي وڏو اثر ڪيو، تان جو دنيوي
زندگيءَ جو ماڻ به اچي اڀريو. بيماري ڪا خاص ڪانه
هئي. 12-آڪٽوبر 1939ع _ 27 _شعبان 1358 هجريءَ تي
سندس روح جو ٻوليندڙ پکي، جسماني پڃري کي ڇڏي،
پنهنجي ابدي ۽ دائمي زندگيءَ جي مقام ڏانهن اُڏري
ويو. ڪنهن درويش سندس وفات جي تاريخ هن ريت لکي
آهي:
”طالب المولي فقير صاحب تارڪ الدنيا“
فقير صاحب جي عقيدت مندي جي حلقي ۾ پري پري کان ماڻهو اچي اندر
جي اُساٽ اُجهائڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا، هندو ۽
مسلمان هڪ ئي رنگ ۾ رتا ٿي رهيا. ماستر ٿانورداس
شڪارپوري، جو سندس در جو پانڌيئڙو هو ۽ پاڻ چڱو
شاعر پڻ هو، فقير صاحب جي روحاني فيض هيئن ٿو ذڪر
ڪري:
3- ڊسمبر 1929ع تي ڀائي کِلورام، چَونگن جو ماستر پمداس،
روهڙيءَ واري ڀائي ٽيئون رام جي هڪ ٻالڪ سان گڏجي،
فقير صاحب جي درشن لاءِ سندس ڳوٺ ڏانهن وياسون.
صبح جو سوير چوئي شاخ تي پهتاسون، سيءُ ڳچ هو،
آسمان تي جُهڙ هو، پر فقير صاحب جي پريم ۾ ٿڌ جي
ڪابه پرواهه نه هئي. ڏهين بجي ڌاري فقير صاحب جي
درگاهه تي پهتاسون، عجيب رنگ لڳل هو. هڪ مريد سندس
هيٺيون ڪلام ٿي چيو:
يار بنا ٻيو ڪير، گهٽيون گهير ٿو گهمائي.
وَنَحۡن اَقرب ويجهڙو، تنهن ۾ فرق نه آهي ڦير،
هندو مومن هيڪڙو، ناهي ويري نڪو وير.
رڻ کٿوريءَ واسيا، سَرها ٿيا سڀ سير.
اڱڻ ’ٻڍل‘ جي عيد ٿي، پرين پاتو آ پير.
فقير صاحب نهايت سادگي پسند هو. ڏينهن آيل مهمانن جي رهاڻ ۾
گذاريندو ۽ رات ڌڻيءَ جي عبادت ۾ گذاري ڇڏيندو هو.
نه شيخي نه مشائخي، نه پيريءَ جي دعوا، نه بزرگيءَ
جو ڏيکاءُ. اهو سندس اعلي1 اخلاق هو، جو ماڻهو
ڏانهس ڇڪجي ايندا هئا. روحل فقير سچ فرمايو آهي:
ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اؤکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چئي.
فقير غلام علي ”مسرور“ بدويءَ جو چوڻ هو ته ”پوئين زماني ۾
منهنجي اکين ٻه عارف ڏٺا: هڪ مولوي عبدلغفور
”مفتون“ همايوني ۽ ٻيو ٻڍل فقير،.
فقير صاحب کي شاهه ڀٽائيءَ، خواجه فريد، سچل سرمست، بيدل فقير،
اصغر، صوفي خير محمد، عثمان چاڪي جي ڪلام سان محبت
هوندي هئي. سماع سُڻندي ڪڏهن ته مٿس وجد جي ڪيفيت
طاري ٿي ويندي هئي. مسرور فقير جن کان روايت آهي
ته: ”هڪ ڀيري مان سندس روبرو پير علي گوهر شاهه
اصغر جي هيءَ ڪافي چئي رهيو هوس ته فقير صاحب تي
حال طاري ٿي ويو:
رانول رمزون روح ۾، اڄ ڪي لاتئه نيون،
ڦٽڙا جي درد فراق جا، تنهن ۾ وڌءِ وهِ جون وٽيون،
اُهي تاب تنهنجي کان تتيون، جيئن تيل جون ٽچڪن
تيون.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فقير صاحب جي جهڙي صورت نوراني هئي،
اهڙي ئي سيرت سبحاني. سندس هڪ مريد امام الدين
هيئن ٿو سندس ساراهه ڪري:
ٻڍل سائين ٻاجهه مهر ڪر، صورت پنهنجي پاڪ پساءِ.
پر پيالو سوز سان ڇلڪي، اهو عرض اگهاءِ.
تو بن سائين جيئڻ جنجل، محبت مچُ مچاءِ.
نڌر نماڻا جهڙا تهڙا ڇولين کان ته ڇڏاءِ.
آس امام الدين آهي اهائي، هادي توڙ رساءِ.
فقير صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪرڻ سان خبر پوندي ته سندس ڪلام
گهڻو ڪري ڪافين ۽ بيتن جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن
کي ”عوامي شاعري“ جو نالو ڏنل آهي ۽ سنڌ ۾ ايترا
ته گهڻا عوامي شاعر اسان کي ملن ٿا. جن جو ڳاڻيٽو
سنڌ جي هڪ سري کان ٻي سري تائين هزارن جي تعداد ۾
ڪري سگهجي ٿو. ڪافيءَ جي صنف کي اختيار ڪرڻ وارن ۾
اسان کي اُهي بزرگ هستيون ملن ٿيون، جن جي فيض کان
سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ واسجي چڪي آهي. اڄ به ”ڪوڙين ڪن
سلام اچو آسڻ ان جي“. ان ڪري ڪافيءَ جو روحانيت
سان گهرو ناتو آهي. ڪافي گو شاعر اڪثر حال ۽ قال
صاحب ٿي گذريا آهن. سندن قال ۾ به حال جي جوش ۽
جذبي جو رنگ جهلڪندو نظر ايندو.
ٻڍل فقير جي ڪلام تي ڪيترن ڪافي گو شاعرن جو اثر پيل آهي، جن
مان سر مست سچل، خواجه غلام فريد ۽ قادر بخش بيدل
جا نالا خاص طرح سان وٺي سگهجن ٿا. ان کان اڳ، جو
سندس ڪلام تي تشريحي نظر وڌي وڃي، مان انهن بزرگن
جي شاعريءَ سان فقير صاحب جي ڪلام جي ٿوري ڀيٽ
ڪريان ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته سندس ڪلام تي
انهن بزرگن جي ڪلام جو ڪيترو نه اثر آهي. فقير
صاحب سماع جو قائل هو، ان ڪري وٽس موسيقيءَ جي
مجلسون متل ٿي رهيون، جنهن ۾ انهن بزرگن جو ڪلام
ڳايو ويندو هو؛ هن پنهنجي رنگ ۾ سندن تتبع ڪيو.
فقير قادر بخش ’بيدل‘ جو مشهور ڪلام آهي.
سِکُ رمز وجود وڃاوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهائڻ دي.
اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا،
اثباتي دا علم جو پڙهيا، موج انهين سر ساوڻ دي.
بارش برهه دي جنهن سر آئي، سوز عشق وچ جالي سدائي،
بي دردان نو ڪل نه ڪائي، درد دي دود دکاوڻ دي.
ان رنگ ۾ فقير ٻڍل جو اسان کي هيٺيون ڪلام ملي ٿو:
سک رمز جيتي مرجاوڻ دي،
ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.
شاهه منصور سر سولي ٻولي، رمز انهيءَ سان اها ڳالهه چولي،
لِنو لِنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق اَلاوڻ دي.
علم عقل نون عشق نه ملندا، جان جان هستي دا حال نه
ڀندا،
ڇوڙ تڪيا، انهيءَ خاڪي تندا، نيت نه رک ول آوڻ دي.
فقير قادر بخش جو ٻيو ڪلام آهي:
هِتِ هُت حامي آهه، اسان جو هادي حضرت شاهه.
لحمڪ لحمي، روحَڪَ روحي عالي اَسدالله،
محبت وارن سان آ ساڻي، وانگي ساهه پساهه.
فقير ٻڍل فرمائي ٿو:
رنديءَ وارو راهه، رمز سڄڻ جي روشن ڪيڙو.
اندر تونهين ٻاهر تونهين، تونهين ساهه پساهه.
سڀ صورت ۾ سهڻو سائين، آهي پاڻ الله.
خواجه غلام فريد جو مشهور ڪلام آهي:
بن دلبر شڪل جهان آيا، هر صورت عين عيان آيا.
ڪٿي آدم ته ڪٿي شيث نبي، ڪٿي نوح ڪٿان طوفان آيا.
ڪٿي ابراهيم خليل نبي، ڪٿي يوسف وچ ڪنعان آيا.
ڪٿي عيسيٰ تي الياس نبي، ڪٿي لڇمڻ رام تي کان آيا.
ڪٿي ذڪريا، ڪٿي يحييٰ هي، ڪٿي موسي بن عمران آيا.
ابوبڪر عمر عثمان ڪٿان، ڪٿي اسدالله ذيشان آيا.
ان تتبع تي فقير ٻڍل هيئن ٿو فرمائي:
وه دلبر ڪري سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا.
ڪاٿي ميخانه مخمور ڏٺم، ڪٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم،
ڪٿي سوريءَ تي منصور ڏٺم، چئي اَناالحق اّظهار
آيا.
ڪٿي مٿي تخت تيار ڏٺم، ڪٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم،
ڪٿي ڪارائو ڪمدار ڏٺم، ڪٿي ناچو ٿي نروار آيا.
اهڙيءَ ريت، سرمست سچل جو مشهور شعر آهي:
آءُ ادا سالڪ صحيح ڪر تون طلسمات کي،
ڀڄ دوئي تا ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي.
فقير ٻڍل فرمائي ٿو:
آءُ ادا سالڪ، صحيح ڪر ڳالهه ڳجهه جي هيءَ ڳري،
محبت سندي ميدان ۾ پوءِ مسام ۾ مانجهي مري.
فقير صاحب جي ڪلام تي، اهڙيءَ ريت انهن بزرگن جي ڪلام جو گهڻو
پرتوو پيو آهي، سندس ڪلام به صوفين جي سرمستيءَ
وانگر جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهي. حال ۽ قال وارن
صاحبن جي شاعريءَ، جو سڄوئي، اندرين ڇڪتاڻ تي آهي،
جنهن کي روحانيت جي تڪميل سڏجي ٿو. ٻاهرين شاعري
جا رڳو تخيلي آهي، ان ۾ قلبي واردات جو ڪوبه نشان
نظر نه ايندو، پر جنهن شاعريءَ جو قلب جي جذبات
سان واسطو آهي، ان کي پيغام آهي ۽ بني نوع انسان
جي ڀلائيءَ جو باعث بڻجي ٿي. فقير صاحب جي شاعري
به روحانيت جو هڪ ڀنڊار آهي، جيڪا مرادوند طالب
لاءِ صراط المستقيم آهي. اهو پيغام ڪنهن هڪ مذهب ۽
ملت تائين محدود نه آهي، پر هڪ عالمگير پيغام آهي:
عشق وارن جو پنڌ پراهون، اوري دين ايمان.
عشق ڪري آيو جلوا جنگي، ٿيو هوش عقل حيران.
نه مئن سُني نه مئن شيعا، نه مئن مسلمان.
عشق اساڏا قبلا ڪعبا، عشق دا عالي شان.
عشق ’ٻڍل‘ اُتي پهچائي، جاتي مردن جا ميخان.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان پر فرمايو آهي:
نڪو ڪم ڪفار سين، نڪا مسلماني من،
نڪا دل دوزخ سين، نڪي بهشت گهرن،
سدائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.
خدا جي نيڪ بندن جو اهو غير فاني اصول آهي ته هو پرائي لاءِ به
ايترو ئي هڏ ڏوکي آهي، جيترو پنهنجن لاءِ. دوئيءَ
جو لفظ مٽجي وڃي ٿو، ڇو ته وٽن وحدت جو پيغام آهي.
سندن مقصد ئي خدا تعالي جي خلق جي خدمت آهي:
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صفا ڪر سينو،
درس ڪڍي ڇڏ دل مان، ڪِبُر ۾ ڪينو،
دائم وسي ٿو دل ۾، رانجهن رنگينو،
من مان مدينو، مري پوءِ معلوم ٿئي.
اهوئي عمل جو درس آهي، جنهن مان پريت جو هر پانڌيئڙو ماڳ جو دڳ
لهي ٿو. جتي ’پاڻ‘ جو اکر ۽ وجودي وسيلا موجود
آهن، اُتي محبت جي راهه جو طئي ٿيڻ ئي مشڪل آهي،
ان ڪري نفي ۽ نابودي، سلوڪ جي مسافر لاءِ، نئين
حياتي ڏيندڙ آهن.
جن نيهن جا نڪتا پڙهيا، سي ته پور پهرين ئي چڙهيا.
نينهن جو نعرو هڻي، ويا برهه جي بازي کڻي،
سڪ ساهه ۾ هُيڙن گهڻي، سي عام ۾ هت نا اَڙيا.
هيءَ سڙڻ ۽ جلڻ ئي محبت الاهي جو ڏاج آهي، جنهن کي محبت وارا
وڏيءَ دل سان قبول ڪن ٿا. منصور جو نالو محبت جي
دنيا ۾ اَمر آهي. تصوف جي صاحبن ۾ منصور جي مقام
کي انفرادي ۽ ممتاز حيثيت آهي. ان کي چون ”منصوري
مقام“. فقير صاحب منصوري مقام جي رمز پنهنجي سادن
لفظن ۾ هئين ٿو سمجهائي:
منصوري اها مام، عاشق ٻاجهون ٻيو ڪير سمجهي،
خيال خوديءَ جا عاشق ٽوڙن، مرڻ ڪنون سي منهن نه
موڙن، |