نيڀراج صوفي
ڀيڄ ڀيڄ
ڀر ڀٽن جي ڇڏ ڀري، ولهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ،
ڀر وسي تڙڪول ڀر، گوڇار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
وس وڄوٽي وس ٻه واٽي، لڪ گاڏيجي ڀر سڄو،
کيٽ کوهر ويئرون هر گهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
مٺڙيو ني ڪيرٽي تون تڙ مٺي راجا ڀري،
ڀالوا ۽ ڏيپلو لکميار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
پار برهم کان وٺي تون لڳ امر جي ڪوٽ سان،
ڇار نوري ڇاڇري نوتيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
ٿر وسي ۽ ڪس وسي، جي گان امولک رو وسي،
آب ڇيڪو ڪوٽ تيئن چيلهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
تون ڪڪر هين ڪرم رو جي هون تنا ٿو اوڙکان،
ڏيس مان جو هي اُڃون گوڌيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
حب لياري نئين مليري، گاج ۽ هنگول سڀ،
تار بارڻ ٿي وهي مُنهنبار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
کير ٿر سارو سري، ڪرچات سوڌو پٻ سنگهر،
لس وسي لاهوت ۾ لک بار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
ڪيچ ۽ مڪران، سرحد ڏس بلوچن جي وسي،
لاڙ ڪاڇي تي وسي ڪهسار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
سنڌ لئي ”صوفي“ چوي وس ٿي سڪاري تون سڄڻ،
سبز ڪر ساڻيهه جي سهڪار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
”منصور“ ويراڳي
زندهه باد
مٺڙي وطن جا گلشن، گلزار زندهه باد،
گل ڦل چمن رڳو ڇا، خس خار زندهه باد.
آهي وطن جي گلشن جو حُسن لازوال،
قدرت ڪيو آ بيشڪ ان کي عطا ڪمال،
جُڳ جُڳ ٿو جَڳ ۾ جرڪي جلوو سندس جمال،
ساڻيهه جي سجاوٽ، سينگار زندهه باد.
ساڻيهه ۾ سدا ٿو، سارنگ رنگ لائي،
والي ڪري وڏا وڙ، وهواهه وس وسائي،
پورب پڇم ٿو پلپل خوشين جا ڳيچ ڳائي؛
برڪت جي بوندڙين جي وسڪار زندهه باد.
ساوڪ ڀريون هي پوکون، سانگين لئه نيڻ ٺار،
سنهڙا هي سنگ سهڻا، هيئين جو هار يار،
ٻلهار ٻار ٻڍڙا، تن تان ته وار وار؛
مارن جو هيءُ ملير ۽، ملهار زندهه باد.
مهراڻ جون هي موجون، من مست ڪن مدام،
ساگر جي ڇوٽ ڇولين ۾ پرت جو پيام،
ڪنٺن تي گاهه ٻوٽا، وڻ ٽن به عام جام،
وڻراهه هي وطن جي وڻڪار زندهه باد.
جهنگل ۾ پيچرا ڄڻ ڪتيون ۽ ڪهڪشان،
کَٻڙن ۾ کُڙکُٻيتا، تارن جي ڪاروان،
خيما اچي هنيا هن ڌرتيءَ تي آسمان؛
جبار جون هي جوڙون جنسار زندهه باد.
دودي جي دل هتي ڏس، هوشوءَ جو حشمتون،
سهڻيءَ جي سوز مستي، مارئيءَ جون جرئتون،
جهڪيل انهن جي آڏو، دنيا جون قوتون،
مانجهي مٿير مٺڙا، منٺار زندهه باد.
ساٿي سٻاجهڙا سڀ، ساڻيهه لئه سهاڳ،
ڏونگر کي ڏوري ڏينهان، راتيون رهن سجاڳ،
سجدي ۾ سر جهڪائي، واليءَ سان ڪن وهاڳ؛
جهر جهنگ ۾ تنين جي، جهونگار زندهه باد.
جيسين جهان ۾ اُڀرن، شمس و قمر ستارا،
تيسين رهن هي قائم، نرمل نوان نظارا،
گل پوش واديون ۽ چشما چمن پيارا؛
قدرت سندي عطا جا، اسرار زندهه باد.
شل ديس جي جُواڻي، ماڻي سدا بهار،
هر روح کي منجهانئس، راحت رسي قرار،
بلبل به مٺڙا نغما، ڳائي هي بار بار:
”منصور“ جا هي قومي، اشعار زندهه باد.
مير محمد پيرزادو
ان- داتا
انّ جو داڻو:
هار ۾ ڪڏهين پوئبو ناهي،
ڇو ته اهو ڪو موتي ناهي!
پوءِ به ڪيئي هار ڇڏي،
سورنهن ئي سينگار ڇڏي،
انّ ڪڻي جي ڪڍ او سائين،
ڀڄبو آهي!
انّ جو داڻو:
اک مان ڳاڙيل،
ڪوسو کارو ڳوڙهو ناهي!
جو جذبن جا جولان کڻي،
۽ سورن جا سامان کڻي،
سَوَ دليون گهائي ويندو آهي!
پوءِ به ڪيئي لڙڪ لتاڙي،
پرهه- ڦُٽيءَ کان پوياڙيءَ تائين،
بکيا ڏکيا جيئرا لاشا،
پنهنجو من گنوائن ٿا،
۽ پوءِ انّ اُپائن ٿا،
انّ ڪڻي تان پاپ ٿين ٿا،
انّ ڪڻي تان پيار ٿين ٿا،
انّ ڪڻي تي دنيا قائم،
اِن سان ئي وهنوار هلن ٿا.
انّ ڪڻي سان اڄ جا رشتا ناتا،
ٺهن ڊهن ٿا،
ڊهن ٺهن ٿا!
هرهڪ دل تي انّ ڪڻي جو راڄ هلي ٿو؛
اِن تي ئي سنسار پلي ٿو.
انّ جو داڻو:
ڄڻ ته سڄي مانڊاڻ منڊيل جي ڪُنجي آهي!
پر جو اِيءَ ڪُنجي ٿو ٺاهي،
ريٽو رت ٻنين ۾ هاري؛
تنهن جي عيوض انّ اُپائي،
اڄ به اڳي جئن ننگو آهي!
اڄ جو ماڻهو ان مٿان ته عاشق آهي،
پر جو انّ کي انُ بنائي،
تنهن کي جيئڻ حق نه آهي.
پوءِ به هو پيو ان اُپائي!
پوءِ به هو پيو ان اُپائي!
نثار بزمي
ڪتبو
نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو
جنم: 13-6-1924ع
موت:.......................
خدا جو بندو سڄي حياتي غمن ۾ گهاري
سَٺيڪو ورهين جي عمر ۾ ٿي خدا
کي پيارو ٿي ويو ويچارو
مٽيءَ جي هيٺان دٻيو پيو آ
غريب شاعر
عجيب شاعر!
درخواست
جناب والا!
اسان جو هڪ عرض آهي سائين!
اُميد آهي ته اگهجي ويندو:
ته سائين منهنجا،
نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو
اديب، عالم، عوامي شاعر
اسان جي لئي ٿيو عذاب آهي
گهمي ٿو ڇاتيءَ کي تاڻي ائين ڄڻ نواب آهي
اسان جي ڳالهين جا شعر ٺاهي لکي پنن تي ڇپائيندو آ
اسان کي رسوا ڪرڻ جي ڪارڻ
نشي ۾ هردم رهي ٿو غافل
ڪڏهن ته مرڪي به ڏسندو آهي
ڪڏهن ته گاريون به ڏيندو آهي
ويو آ بگڙي مزاج هن جو
اکيون ڪڍي ٿو اچي سڀن ڏي
وجهي نه ڪوئي خنام ٻاري
کڻي ڪو پٿر وجهي نه ڪوئي غريب ماري
انهيءَ چرئي کي وجهڻ کپي ڪاٺ ۾ اي صاحب!
خدا جي ناالي
اسان کي هڪڙي مَٿي ڦِرئي کان بچايو
سائين!
عزيز مهراڻوي
اُهو ڏينهن
منهنجو
آخري ڏينهن هوندو
جنهن ڏينهن
اِهو اڌورو احساس
ويڙهي ول وانگر
منهنجي وجود کي
گهيري ويو ته
هاڻي جيئڻ لئه
ڪو ڪارڻ ناهي رهيو-
سچ ته
مون کي
ان ڏينهن جو
ايترو انتظار آهي
جيترو
شاڪيه مني جي مورتيءَ اڳيان
گيان ۾ وهنتل
وئشيا کي
نجات جو-
جڏهن ته
آءٌ ڄاڻان ٿو
مون کي نجات به ناهي ملڻي
پوءِ به
هي هٿ اکر
ثابتيءَ طور
رڪارڊ تي رهن
”پنهنجي وهايل رت جو جوابدار آءٌ پاڻ آهيان“
تنوير عباسي
منهنجي اک ۾ سج جو تيک
شرم ٻوٽي ڇهڻ ساڻ ڪومائجي
توکي هٿ لايان ٿو تون ٽِڙي ٿي پوين
مان ڪو مضراب آهيان ۽ تون ساز ڄڻ
جو ڇُهڻ ساڻ يڪدم ڇِڙي ٿي پوين.
هير جان ننڊ مان توکي جاڳيان ٿو
۽ تون مکڙيءَ وانگر ٽِڙي ٿي پوين
سِج جي روشنيءَ جو جهٽي اولڙو
چوڏهين چنڊ وانگر کِڙي ٿي پوين.
ٽيڙو
چهرو ڪاوڙيل،
۽ ڪالر تي ڪوٽ جي-
کلندڙ گُلّ لڳل.
هيءَ حياتي
رات
ڪنهن جي تات ناهي
وقت خالي ٿانءُ ناهي
ذهن ڪوئي نانءُ ناهي
هيءَ حياتي پوءِ به ڇاهي؟
ڪجهه ته آهي
ڪجهه ته آهي.
منهنجي اک ۾ سج جو تيک
مان ڪو ڪورو ڪاڳر ناهيان
جنهن تي چاهيندين جو لکندين
ٻار جي ڦَرهي ناهيان جنهن کي
ميٽيندين ۽ لکندو رهندين
اڻ ڊهندڙ تحرير مان آهيان
۽ پنهنجي تقدير مان آهيان
مان آهيان هڪ ازلي ليکُ
منهنجي اک ۾ سج جو تيکُ.
الطاف عباسي
وصيت
جي مران ڏيهه پُڄڻ کان اڳ ۾
موت منهنجي تي ڪو ماتم نه ڪجو
سنڌ ليءِ ساهه کي سيني ۾ سانڍي ايندم
روح کي جسم مان نڪرڻ کان جهليندم ڏاڍو
موت کي منٿ ڪندم:
”ايترا سال ڇڏيو ٿئي جيئرو
هاڻ ڪجهه ترس ته ساڻيهه رسان.“
منهنجي من جي اها منشا آهي
سنڌڙيءَ لاءِ مران
سنڌڙيءَ منجهه مران
سنڌ جي هنج ۾ ٻارن جيان مان ڪنڌ رکي ساهه ڏيان
۽ جي پوري ٿئي منشا منهنجي
لاش منهنجي کي دفن ڪين ڪجو
ساهه منهنجو آهي سنڌڙيءَ جي بِلي
پر مئل جسم به سنڌڙيءَ کي ڏنم
نيڻ منهنجا ڏجو ڪنهن انڌي کي
ايل ايم سي ڏي نِجو منهنجو لاش
مڙهه منهنجي کي ڪو چيري ڦاڙي
۽ ڏسي
منهنجي اندر ۾ ڪا سنڌڙيءَ جي به سڪ آهي يا
رڳو سڌڙيو آهيان
لاش منهنجي کي ڪو سنڌي چيري
۽ وڏو ويڄُ ٿئي
۽ وطن جا سوين بيمار صحتياب ڪري
۽ جي چاهيو ٿا قبر منهنجي اڏڻ
(توڙي اُن جو نه ڪوئي آهه ضرور)
سومري ڀاءُ جي ڀر ۾ ڪو منارو اڏجو
منهنجي جذبن جيڏو
پر انهن کان به اُچو!
تون ٿي چوين
مان پيڻ ڇڏي ڏيان!
ناممڪن
تيستائين
پيئندو رهندس
جيستائين
ڀريل آهن
تنهنجا نيڻ ڪٽورا!
تهمينه مفتي
تون ۽ مان
آد کان
هيڪلا هيڪلا
رڻ ۾ اُڃايل مورجان
رڙندا وتون.
تون ۽ مان
ڏکن سکن جا
گناهن ۽ ثوابن جا
کنيو لاشا
پنهنجي سوري پاڻ گِهليندا
زندگيءَ جي اڻ کُٽندڙ واٽ تي
هلندا ئي رهون ٿا
نه مرون ٿا نه جيئون ٿا!
نانگراڻي
ماٺار
ڌرتيءَ سان منهنجي صبر جي
ڀيٽ نه ڪيو—ڇو جو،
ڌرتي صبر ڪري ڪري
نيٺ ڦاٽي ٿي
اندر جي اُڌمن کي
اُلن جو روپ ڏئي ٿي
باهه ڪڍي ٿي
پر مان
اندران اندران کامان پڄران
ٻهران برف رهان!
شرجيل
ڪا خوشي آهي توکي
جو ويڙهجي سيڙهجي
پنهنجي خوبصورت هٿن ۾
ڪو پيڪيٽ کڻي آئي آهين
ڏاڍي فارمل
۽ پرائي پرائي پئي لڳين
ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي
مان ساڳيو آهيان
رڳو وقت جا فاصلا آهن
ها، مان کاوان ٿو
تو پيڪيٽ کولي
چاڪليٽي ڪِريم لڳل
خوبصورت ڪيڪ رکيو آهي.
مون وٽ،
چاقو، ڇُري ۽ ڪانٽو ڪونهي.
ها، ترس—
مون وٽ، پينٽنگ نائيف گهڻا آهن.
پوءِ تنهنجي خوبصورت هٿن ۾
پينٽنگ نائيف ڏسي
الائي ڇو
ائين محسوس ڪيم
ڄڻ تون
ڪنهن جو اندر چيري رهي آهين.
ڄڻ—
”گلن“ کان،
”ڪنڊن“ جو ڪم وٺي رهي آهين.
لکي سگهين ته لکجانءِ
جو تمام اڪيلو آهيان
پري ۽ پري تائين
ڪجهه ڪونهي
نه آواز—
نه جسم—
نڪو ٿڌي هير—
نڪو جهولا—
۽ مينهنُ—
اڪيلو آهيان ڏاڍو
لکي سگهين ته لکجانءِ.
نورالهديٰ شاهه
عبادت
ڏيئو جلائي ساري رات
گيان- ڌيان ۾ گم آئون
پئي نهاريان
تنهنجا نيڻ
جتان ڦٽندي پرڀات
منهنجي انگ انگ ۾
جرڪن ٿيون
تنهنجن هٿن جيون ريکائون
۽، ماڪ ڦڙا
ائين ڀرجي آيا آهن
منهنجين نيرين نسن ۾
جيئن- رت ڦُڙا
بند چپن ۾
جهونگاريان پئي
تنهنجي نانءُ جا ستئي سُر
گيان- ڌيان ۾ گم آئون
پئي نهاريان
صدين کان
تنهنجن هٿن جيون ريکائون
جتان ڦٽندي پرڀات
ڏيئو جلائي ساري رات
گيان- ڌيان ۾ گم آئون—
سُرٻاٽ
ڪالهه اڃا
منهنجا هٿ جهلي پنهنجن هٿن ۾
ٻئي چپ رکي ڇڏيا هيائين
منهنجين آڱرين تي
۽ چيو هئائين
ايترو نه لکندي ڪر—
جي اهي آڱريون به ٿڪجي پيون
ته ڪيئن اونداهين ۾
منهنجو چهرو ڇهي ڏسنديئن
۽ ڪيئن آئون محسوس ڪندس
تنهنجين آڱرين جي مينديءَ جهڙي خوشبو
تون—
منهنجي چهري جي بيحد ويجهو
(ساهه کان به ويجهو)
پنهنجا چپ رکي، ڇو نٿي جهونگارين
اُهي سڀئي سِٽون
جيڪي تون لکڻ ٿي چاهين—
آدم جي نانءُ
هرڪا عورت
ناهي تنهنجي هم بستريءَ لاءِ
هر عورت جو بدن
ناهي خلقيو ويو
رت جي هڪڙي بوند لاءِ
جنهن مان تنهنجو نسل وڌي سگهي
هرڪا عورت اوچي برانڊ جي سگريٽ ناهي
جنهن کي تون ٻن چپن ۾ اٽڪائي سگهين
جنهن جو بدن
بکايل ڪُتي سمان
لوئين ۽ چيرين ڦاڙين
هڏ هڏ چٻاڙين
هوءَ دانگيءَ جي ڪارنهن به ناهي
جو پنهنجي ٻوٿ تي مَلين
۽ آرسيون سڀئي ڇڏين
ڀور ڀور ڪري.
حوا
منهنجي بدن تي
ايترا گهاءَ
جيترا آڪاس جا تارا
هر گهاءُ
من جي ڀيد کان به
گهرو- اُٿاهه
ڪيتريون
بي نانءُ ڪهاڻيون
بکايل ٻار سمان
چٽين ٿيون
منهنجي بدن جي پوترتا
منهنجين اڪيلائين جا ساٿي
رات جي گهور اونداهين ۾
منهنجي بدن جا سڀئي ڦٽ چٽي
منهنجيءَ مُٺ ۾ ڇڏي
هر ڦٽ جو مُلهه
اونداهين ۾ گم ٿيو وڃن
نئين سج اُڀرڻ کان اڳ
آئون
آدم جي وندر جو
خوبصورت رانديڪو
آئون
حوا
ازل کان تنهاٰ!
سحر امداد
هن چيو هو:
”تون منهنجي راتين جو چنڊ
ڏينهن جو سورج آهن!“
اڄ مان
پنهنجي اَڀاڳ جي اُونداهين ۾
ٺوڪرن تي ٺوڪرون کائي رهي آهيان.
سنجوڳ
ماکيءَ لار جيان
نينهن ڳڙي پيو
اوسيئڙو
پل پل ڪوڪن جان
ماس ۾
ٽُنبجي رهيو آهي
اسپيس- ايج
بس جي فوٽ بورڊ تي
هڪ هٿ سان لڙڪيل
جيون.
پوز
جيئن ”ٻيا“ چاهن
سانول سپرين ائين ئي گهاريون
ٽريڊيشنل جيون.
امداد حسيني
منهنجو سڄو ڪٽنب رهيل هو ٽِماڙ تي
۽ هيٺ آءٌ هيکلو ويرين جي ور چڙهيل
ماڙيءَ مٿان اُگهاڙي مٿي ساڻ ڀينرون
ڪَپجي وئي نهار—رڳون تاڻجي ويون
ڌرتيءَ تي پير مون به کُپائي کڻي ڇڏيا
۽ دشمنن جي اک منجهان مون نه اک ڪڍي.
ڪارڻ اَڪارڻ
ماڻهو پهرين ڪارڻ ڳوليندا آهن
۽ اسان وٽ ڪوبه ڪارڻ ڪونهي
نه رئڻ جو
نه کلڻ جو
هلو سائين،
ته پوءِ اسان وٽ جيئڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
ڪارڻ ضروري به آهي؟
پر انهيءَ سوال جو ڪارڻ آهي؟
اهڙو سوال جنهن جو ڪو جواب ناهي
سڏ آهي بنا پڙاڏي جي
پنڇي آهي اڪيلو ۽ اُداس
وشال نيلاڻ کان پري
جنهن جو ڪنهن وڻ تي آکيرو ناهي
ته سائين منهنجا،
توهان انهن ماڻهن وٽ وڃو
جن جي کيسي ۾
چالو سڪا آهن
منهنجي مُٺ ۾
ڪجهه به ته ناهي
ليڪ به نه—
سٺو ٿيو جو مرڻ وارا مري ويا
ڪارڻ اَڪارڻ
بنا جواب طلبيءَ جي
ڪوڙي جيون سان سچا رهي
اُلهي ويا هُن پار.
منهنجي گگن نراڙ تان
سڀ ستارا کڙي ويا آهن
سائين،
توهان کي انهن ماڻهن وٽ وڃڻ گهرجي
جيڪي سورج ڪارو ڏسندا آهن
مٺڙا، ڀاءُ (اوري آءُ،
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ)
مان ڪا موونگ چيئر ناهيان!
برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا.
پياسا ئي رهجي ويا، سڀ تَرايُون تَلَ.
کوهر کنڊر ٿي ويا، پٿر ٿي پيا پَلَ.
هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان، کورن کاڻي کَلَ.
هونئن ته ڪيڏي هيج مان، کاڌي انگ اُڇلَ.
اڄ ته سجُ مٿي مٿان، پيرن ڌرُ تَتَلَ.
ملير موٽي مارئي، آس اها اَڻجهَلَ.
ڪيئن لنگهيا هوندا اَلا، پاڻياريءَ جا پَلَ.
ويڙهه وڃان ته کڻي وڃان، لينگها لينگها ڳَلَ.
برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا.
بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو.
مند به آ مٺڙي جيان، مند مٿي ڇا وس وو.
جتي وسي ٿو مون پرين، اُتي وڃي تون وس وو.
اکڙين بس ڪئي کڻي، بوندن ڪانهي بس وو.
جهڙ هجي جاني هجي، پوءِ ته ڪانهي ڪس وو.
بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو.
اُهو ئي لوڪ
منهن موڪ
آتما تائين
جُڳن جي ڪارنهن مَليو
کوهن جهڙا وات پٽيو
اکر اکر ۾ زهر ڀري
ڄِڀَ ڄڀي ڪري
ٿوهر ٻانهون ڦهلايو
سايو هيڊيون ڳاڙهيون
سگنلز اکيون مِرڪايون
رستو روڪيو بيٺو آهي
او مرگهه نيڻي
او سورج ونسي
اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ جيڪا ريکا آهي—ڏور
تنهنجي منهنجي نراڙ جي ريکا آهي
پٺيان نهارڻ سان
سڀ ڪجهه پنڊ پهڻ ٿي ويندو
ريک (ليک پيار جو) ڊهي ويندي
او جيڏي
او سرتي
پاڻ کي هلندو رهڻ گهرجي
هٿ ۾ هٿ پايو
اُن ريکا تي نيڻ کُپايو!
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو
۽ ترائيل لِکئي ڏينهن لنگهي ويا آهن
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن.
ڄڻ ته ٻيلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن
وڻ جي ٿُڙ جيان ساهه ۾ آهيان سوڙهو
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو.
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين
مان سڄو اُڃ سهي سُڃ سهي بر ئي سهي
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
هڪڙي سنسان گهٽيءَ منجهه ڦُريل گهر ئي سهي
ڇو نه ڪجهه دير وهي ٿورڙو آرام ڪرين
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين. |