”پئسا ڪونهن.“
”ادا ڏين نٿو.“ ڀيڻس ليلائي ٿي.
”وڃين ٿي يا هڻانءِ موچڙا. هڪڙو ڀيرو چيم به ته پئسا ڪونهن،
پوءِ به مٿو ٿي کائين. ڀڄي وڃ هتان.“ ڀيڻ تي اُلر
ڪري ٿو. ننڍڙي ڀيڻس روئندي ۽ شور ڪندي ٻاهر نڪري
وڃي ٿي ته هيانءَ ۾ سور محسوس ڪري ٿو. اکين ۾
ڳوڙها اچي وڃنس ٿا. وڌيڪ پڙهي نٿو سگهي ۽ ڪتاب کي
جاري ۾ اُڇلي، پاڻ کي کٽ تي ڪيري ڇڏي ٿو.
*
رات جو ٽائيم، سڀئي ستا پيا آهن.... ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون
ڦيري رهي آهي. هِن جون نگاهون ستارن ۾ کُتل آهن.
”ابا، هاڻي هڪڙي آس اٿم. شل، توکي پنهنجي جيئري ئي موڙ ڏسي،
پوءِ وڃي قبر ڀيڙي ٿيان!“ ماءُ کي ڪوئي جواب نٿو
ڏئي. چُپ پيو آهي.
”پر ابا، توکي ان جي ڪا ڳڻتي ئي ڪونهي! ٻه پئسا ٽاريندو اچين
تڏهن به چڱو. ڪنهن کان سڱ به گهرون ته ڪهڙي آسري
تي!“ ماڻس رهي نٿي سگهي، سندس لهجو ڏاڍو روئڻهارڪو
آهي.
”امان، توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم ته اجايون
ڳالهيون نه ڪندي ڪر. رڳو هجئي ماڻهوءَ کي خراب
ڪرڻو!“
”اهي اجايون ڳالهيون آهن ابا؟ ماڻهن جا ٻار اڃا آڱوٺي جيترا مس
ٿين ٿا، ته شادي شادي ڪندا وتن ٿا، ۽ تون آهين جو
ايڏي عمر اچي ٿي اٿئي، ته به شاديءَ جي نالي کان
به چڙين ٿو! ابا، مانکي ته....“
”مان چوانءِ ٿو بڪواس بند ڪندينءَ يا نه؟“ صفا باهه ٿي وڃي ٿو.
”مان بڪواس ٿي ڪيان.... ماءُ.... ماءُ سان ائين ڳالهائبو آهي_
چڱائيءَ جو...“ ماڻس سُڏڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي هلي
وڃي ٿي، ۽ هو سوچڻ لڳي ٿو ته، ماءُ کي ڇا سمجهائي
ته هن کي خود انهن موڙن ٻڌڻ جي ڪيڏي نه آس آهي!
ڳوٺاڻي هوٽل تي دوستن سان چانهه پي رهيو آهي. سياست تي بحث هلي
رهيو آهي. ڳوٺاڻا به دلچسپيءَ سان هنن جون ڳالهيون
ٻُڌي رهيا آهن، ته ڪريم ڪاسائي اچي ٿو.
”ابا چڱو جو ملي وئين. مان پاڻ توهان جي گهرئون ٿيو ٿو اچان.“
”خير ته آهي ڪاڪا؟“ ڪجهه ڪجهه سمجهندي به پڇي ٿو.
”ها ابا، ٻيو مڙئي کير آهي، مهاديءَ جا پئسا وٺڻ ويس ته پڻهين
چيو ته پئسا جاويد وٽ آهن، اچي ته موڪليانءِ ٿو،
سو ابا، هاڻي قسمت سان مليو آهين، ته هتي ئي ڏئي
ڇڏ ته چڱو.“
”پر چاچا، مون وٽ هن وقت ته ڪونهن، توهان ڏي موڪلي ڏبا، ڪوئي
خيال نه ڪيو.“
”پڻهين چوي تو وٽ آهن، تون چوين ته هن وقت ڪونهن! جي پئسا نٿا
لڀنو ته اهڙو گوشت کائو ڇو ٿا؟ مان ڪو ڪنهن جو
نوڪر ته ڪونه آهيان، مهربان! مون کي پئسا گهرجن
پئسا.“ سڄي هوٽل وارا کيس ڏسي رهيا آهن. پاڻ کي بي
عزتو محسوس ڪندي به زبان نٿي چريس. ڪريم ڪاسائيءَ
کي انور ئي سمجهائي ٿو: ”چاچا، تنهنجا پئسا ڪوئي
کائي ڪونه ويندو، ملي ويندئي، دلجاءِ ڪر.“
”دلجاءِ ڪريان! واهه اشراف واهه، ڄڻ ڪا مان خيرات ٿو ڪيان.“
ڪاسائي ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي هليو وڃي ٿو ۽ هو
محسوس ڪري ٿو، ڄڻ سندس سڀئي ڪپڙا ڪوئي لاهي ويو
آهي ۽ هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ننگو هجي.
*
دال ماني کائي رهيو آهي ته ننڍي ڀاءُ جو روئڻ ڪن تي ٿو پويس.
”امان، اهو وري ڇا تي ٿو مِيڪي؟“
”ابا، عبدالقادر جي جي گهر مڇيءَ جو ٻوڙ ڏسي آيو آهي، چوي ٿو ته
مان روز روز دال ڪونه کائيندس، مان کي انهن کان
وٺي ڏيو.“
”اڙي بس ڪندين يا اچي هڻانءِ پادر؟“ ڀاڻس جو روئڻ جاري آهي. هو
تپي باهه ٿي وڃي ٿو، ۽ ٻاهر نڪري ننڍي ڀاءُ کي ٻه
ٽي چماٽون وهائي ڪڍي ٿو.
رات جو دوستن وٽان اٿي اچي ٿو ته ماڻس فرحت کي زور ڏيندي نظر
اچيس ٿي. فرحت ڳچيءَ تائين رِلهي ويڙهيون سُتي پئي
آهي.
”ڇو امان، خير ته آهي! ڇا ٿيو اٿس؟“
”ابا، بخار ٿي پيو اٿس!“
”بخار!“
”ها ابا، ڪجهه ڏينهن ڇڏي، وري هليو ٿو اچيس. مئو جند ئي نٿو
ڇڏيس!“
ماءُ ڏانهن مئل نگاهن سان ڏسي ڪجهه چوي نٿو.
”ڪوڊوپيرين مان ته ڪجهه وري ئي نٿو، هجن پئسا ته لاڙڪاڻي وڃي
ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچانس. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن وٺي
اهڙو ٿي کنگهي جو مان ته ڊڄي ٿي وڃان. ابا، ويچاري
ونڀرت مان جيڪي ڪمائين، سو هليو وڃي گهر جي خرچ
تي. دوا ته ٿي پوين، پر انهن پئسن مان جان لاءِ
ڪپڙو به نصيب ڪونه ٿو ٿئين! تو ۾ به ته آسرو ڪونهي
نه! ڪاڏي وڃون؟ بس ابا، خدا اٿن، اهوئي پناهه ڏئي
سگهي ٿو.“
اکيون ڀرجي اچنس ٿيون. بتي کڻي اندر هليو وڃي ٿو. ڀاڙي وارا
پئسا کڻي ٻاهر اچي ٿو. هان هي وٺ، سڀاڻي لاڙڪاڻي
وٺي وڃجوس.“
”نه ابا رکين، توکي ڀاڙو ڪري به ته وڃڻو آهي نه؟ پوءِ ڪيئن
ڪندين، ڪير ڏيندئي؟“
”تون هنن کي رک، مان مڙئي ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺي وڃي ڪراچي
نڪرندس، منهنجو خيال نه ڪر.“ هو کٽ تي پئسا
اُڇلائي وڃي پنهنجي هنڌ تي ڪري ٿو ۽ سندس نيڻ ڇلڪي
پون ٿا.
”منظور، ڳالهه ٻڌ، ڪجهه پئسا گهرجن، ڀاڙو ڪري ڪراچيءَ پهچڻو
آهي.“ ويچاري صورت سان منظور ڏي ڏسي ٿو.
”يار پاڻ وٽ ته پئسو ڪونهي، ڪنهن ٻئي کان اڌارا وٺي ڏيانءِ، پر
ڊڄان ٿو ته هن ڀيري به اڳي وانگر ڪندين. ٻن مهينن
کان پوءِ ڳالهه ياد پوندءِ، مون کي ٻين آڏو ذليل
ڪري وجهندين!“
”هن ڀيري ائين ڪونه ٿيندو منظور.“
”سدائين ائين چوندو آهين، رڙائي رڙائي پوءِ ڏيندين.“
”نه، هاڻي ائين ٿئي ته پوءِ هميشه لاءِ اهو سلسلو ختم سمجهه،
دلجاءِ ڪر وڃڻ سان موڪلي ڏيندومانءِ.“
”چڱو، مان ڪوشش ڪندس.“
”نه ڪوشش نه، ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪري ڏيڻا اٿئي. مون کي ڪراچيءَ
پهچڻ ڏي. باقي ٻي ڳالهه جو تون ڪو ئي خيال نه ڪر.“
”پر ٻيلي مڙس ٿجانءِ، ائين نه ٿئي جو مان ٻين ۾ ڏٺو ٿيان.“
”نه نه، تون خاطري ڪر.“
So you are going to your paradise.
پيراڊائيز! هون! پڻس جي جنت. حراميءَ ڪڏهن هتي جي حالت ڏٺي هجي
ته ائين چوي ئي نه. سمجهي ٿو ته ڄڻ مصيبتن جو ٺيڪو
ڪراچيءَ ئي کنيو آهي. هتي هجي ته خبر پويس ته مان
جنت ۾ آهيان يا دوزخ ۾!“
پهريائين هن کي پنهنجي دوست تي سخت مٺيان لڳي؛ پر پوءِ هن کي
لڳو ته ان ۾ هن جي دوست جو ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه
هو. ڏوهه ته هن جو پنهنجو آهي. ڄاڻندي به ڪراچيءَ
مان بيگ کڻندي، هن به ته ائين ئي محسوس ڪيو هو نه،
ته سچ پچ پنهنجي پيراڊائيز ڏانهن ٿو وڃي. اها جنت،
جتي وڃي سڪون نصيب ٿيندس، جتي آنند ماڻيندو. آنند،
جنهن جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ تصور ئي نٿو ڪري
سگهجي. ها، اها هن جي ڀُل هئي. نه، ان کي ڀُل نه
پر چشم پوشي چوڻ گهرجي. خبر هوندي به هو ائين ئي
ڪندو آهي. اصل پاڻ کي اهو زوريءَ بانور ڪرائيندو
آهي يا کڻي ائين چئجي ته اهو مڃرائيندو آهي، ۽
سڪون ماڻڻ جو مزو وٺندو آهي. هن کي لڳو ته اها
انساني فطرت آهي ته هو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪاڪ
محل جوڙيندا آهن ۽ ان ۾ ڪا مومل ويهاري ڇڏيندا
آهن، ۽ ائين ڪري خوشي ماڻي مصيبتن ۽ تڪليفن کان
چند لمحن لاءِ (خيالي ئي سهي) پاڻ آجو ڪري مڪتي
حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. نه ته هن کي ته اڳ ۾ ئي اها
خبر هئي ته ڳوٺ ۾ اهو هفتو ڪيئن گذرندو؟ پر پوءِ
به هُن هميشه جيان اهو مڃي ورتو هو، ته اتي حالتون
بدلجي ويون هونديون ۽ ان سلسلي ۾ اهو به يقين ڪري
ورتو هئائين ته اتي وڃي هاڻي سک ماڻيندو سک جيڪو
هن کان کسيل آهي، ڦريل آهي، جيڪو هن کي ڪٿي به اڃا
تائين ملي نه سگهندو آهي، جنهن کي هن هر هنڌ هر
جاءِ هر وقت حاصل ڪرڻ جي سَڌ ڪئي آهي، ملڻ جو
ويساهه ڪري وڌيڪ دک ڀوڳيو آهي. هاڻي به هو اهو
محسوس ڪري رهيو آهي ته ڪراچيءَ وڃي سک ماڻيندو.
جيتوڻيڪ هن کي خبر آهي ته ڪراچي وڃي ڪري جهنم ۾
داخل ٿيندو. وري به ساڳين مصيبتن ۾ ڦاسندو. پوءِ
به هن کي ائين ٿو لڳي ته اتي وڃي هڪڙي نئين
زندگيءَ جي شروعات ڪندو. نئين زندگيءَ، پُرسڪون،
پُرلطف، شاندار زندگي! هن جي چهري تي هڪ ڪوڙي مرڪ
ڦهلجي وڃي ٿي.
جاويد او جاويد!
ڇاهي؟ ننڊ مان ٿو اٿارين!
ننڊ مان ٿو اٿاريانءِ، ڪمال آ سج چڙهي آيو آهي، تڏهن به خانصاحب
ستو پيو آهين. بابا، اٿي ماني پچاءِ. اسان تنهنجا
نوڪر ڪونه آهيون، جو تنهنجي واري جو ڪم به اسان
ڪري ڏيون.
يار مون کي بخار ٿي پيو آهي، تو ئي کڻي پچاءِ، شام جو ماني مان
ڪندس، ننڊ به ته اڃا اڳهن آئي هئي.
بابا اهي نخرا هتي ڪونه هلندءِ. ماني اٿي ڪر ته واهه، نه ته وڃي
هوٽلون سنڀال ته خبر پوئي ته گهڻي ويهين سو آهي!
چڱو ناراض نه ٿيءُ، مان ماني ڪيان ٿو.
جاويد!
هون.
پگهار مليئي؟
نه يار اڃا ڪونه مليو آهي.
يار ڪمال آهي! ٻين کي ملي وڃي، باقي توسان ڄڻ دشمني اٿن. بابا
مسواڙ ڏيڻي اٿئي، ڪٿئون به پئسا آڻي پورا ڪر.
يار اهڙو ڇو ٿيو آهين! پئسا هجن ته مان ڏيانءِ. خبر اٿئي راتوڪي
کاڌي تي آهيان ۽ مٿان اچي رات ٿي آهي، تڏهن به
کائڻ پيئڻ جو ڪو آسرو ڪونهي ۽ تون وري پيو......
ٻُڌ جاويد، مان تنهنجي بک سان ٻڌل ڪونه آهيان. بابا ائين ڪم
ڪونه ٿيندو، جي رهڻو اٿئي ته پئسا هلاءِ، نه ته وٺ
ٽڪيٽ، ٻيا به کوڙ پارٽنر ٿي رهڻ لاءِ پيا ايلاز
ڪن. رڳو تون ڪونهين. هڪ ايترو سستو رهايانءِ، مٿان
وري......
ناراض نه ٿيءُ يار، مان ڪٿان نه ڪٿان پئسن جو بلو ڪري ٿو وٺان.
هٿ ڪجانءِ ڪنهن به صورت ۾، نه ته هتان پنهنجا ٽپڙ ٻڌ.
غلام محمد!
ڇاهي
ڪم چوان ڪندي؟
ڪهڙو ڪم؟
يار اڄ وري هٿ پير سڙڻ لڳا آهن. مهرباني ڪري اسٽور تان هيءَ دوا
ته وٺي ڏي. منهنجو مٿو ٿو ڦري نه ته جيڪر مان پاڻ
ئي وٺي اچان ها.
بابا مون کان اهو ڪونه پڄندءِ، مان پاڻ توکان وڌيڪ ٿڪل آهيان.
اهڙو شوق اٿئي ته پنهنجن ڄنگهن کان ڪم وٺ. مان
سمهان ٿو، متان جاڳائين......
جاويد
هون
ڇا ٿو ڪرين
پڙهان پيو
ٻڌ هاڻي اهو پڙهڻ ٻڙهڻ ڇڏ. مون کي ننڊ نٿي اچي. مهرباني ڪري بتي
وساءِ.
پر اڃا ته ڏهه ٿيا آهن. هيترن ڏينهن ۾ اڄ ئي ته پڙهڻ لاءِ ٽائيم
مليو اٿم.
بابا مان چوانءِ ٿو مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ ڪانه ايندي آهي. پڙهڻ
جو اهڙو شوق اٿئي، ته وڃي پنهنجي لاءِ خلاصي جاءِ
هٿ ڪر. هيءَ منهنجي جاءِ آهي ۽ هتي منهنجي ئي
هلندي. سمجهيئي يا........
ارباب !
چئه
يار اڄ ته هڪڙي مهرباني ڪجانءِ.
ڪهڙي؟
يار منهنجا مهمان آيا آهن. انهن کي مان پاڻ واي کٽ ڏيندس، تون
مون کي پاڻ سان سمهڻ ڏجانءِ. مڙئي هڪڙي رات جو
مسئلو آهي، ڏکي سکي گذري ويندي.
نه بابا. مون کي ٻئي سان گڏ سمهڻ ۾ آرام ڪونه ايندو. تون وڃي
پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو بِلو ڪر.
ان ڏينهن تنهنجا مهمان آيا هئا ته مون سان ڪونه سمهيو هئين؟ مڙس
ٿيءُ، ائين نه ڪر ني. مهمان ڇا چوندا؟
تون وري يار عجيب ڳالهيون پيو ڪرين، هڪڙو پنهنجي جاءِ ۾ رهايون،
ٻيو وري اهي نخرا. اهو آهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جو
بدلو؟
ڪشور ڳالهه ته ٻڌ.
چئه.
جاويد ته ڪڏهن ڪا فلم ڪونه ڏيکاري اٿي نه؟
اهو سُڃو ڇا فلم ڏيکاريندو! پاڻ ته پالي، هڪڙي جوڙي کي به سڄو
هفتو ٿو هلائي. ڏس ڪپڙا ڪهڙا ٿي ويا اٿس. ماريو
جهڙو ڀنگي. ٻڏي به نٿو مري!
اڙي هوريان ڳالهاءِ ته ٻڌي نه وٺي. ٻڌندو ته وري ڇا ڪندو. مان
ڪوڙ ته ڪانه ٿي ڳالهايان. تون ئي چئه اٿس ڪو
افعال؟
ها اهو ته سچ آهي، تڏهن ته ڪا به ڇوڪري لفٽ ئي ڪانه ٿي ڏئيس نه؟
ڇوڪرين جو اٽو کٽو آهي، جو اهڙي ڀنگيءَ کي منهن لڳائينديون.
باقي نازلي جي تون مهربان ٿئينس ته ٻي ڳالهه آ.
منهنجي مهربان ٿئيس جُتي، مان اهڙي ڪنجوس تي کنگهان به ڪونه.
تون ٿي مون کي ائين چئين. دنيا ڇا کُٽي آهي. کِلي
ڳالهاءِ ته سڀئي مرد پيرن ۾.
جاويد اڙي جاويد.
جيءُ... ڇا کپئي؟
جلد نِڪر، مون کي وهنجڻو آهي. اڄ نوشيءَ سان پروگرام آهي، دير
ڪيم ته ناراض ٿي ويندي.
ٿورو ترس، باقي ٻه ڪپڙا وڃي بچيا آهن. منٽن ۾ ٿو ڌوئي وٺان.
نه بابا، پري ٿيءُ_ مون کي تڙ ڪرڻ ڏي، پوءِ ڌوئجانءِ ۽ اهي
ڪپڙا.
صبح جو به ته تڙ ڪيو هُيئي نه.
ته پوءِ هاڻي نه ڪيان. اٿي اٿي جلد ڪر نِڪر.
جاويد!
هون.
يڪو غسلخاني ۾ ڇا پئي ڪيئي؟
”............... ..!“
اڙي مري ويندين ڇورا! پئسا ڪڍ، کوڙ ڇوريون. ڪراچيءَ جهڙو شهر،
جتي ڇورين جو سمنڊ ٿو وهي، اتي به تون پياسو...!؟
ڇورين تي پئسا خرچ ڪريان ته گهر ڇا موڪليان. پاڻ ڇا کاوان بک
مرڻو ته ڪونهي؟
اڙي پوءِ ڪا چڱي نوڪري هٿ ڪر نه، ائين ته مري ويندين. ڏس ته ليڙ
ڪتيڙ ٿي ويو آهين.
چڱي نوڪريءَ لاءِ سفارش ۽ پئسو ڪٿان اچي، اهو سوچيو به اٿي.
ته بابا پاڻ ڄاڻ، مون سان ڇو ٿو وڙهين!
سر توهان سڏايو؟
مسٽر جاويد، توکي نوڪري ڪرڻي ناهي ڇا؟
سر.
سر ڇا، اڄ به دير ڪري آيو آهين. مون کان اهو برداشت ٿي نه
سگهندو.
سر صبح جو ماني ڪرڻي ٿي پوي. وري بس جو اوسيئڙو. بسون اهڙيون
ڀريون ٿيون اچن، جو لڙڪڻ جي جاءِ به نٿي ملي،
سر........ .
ٻُڌ مان بهانن سان ٻڌل ناهيان. آئيندي ائين ٿيو ته پگهار ڪٽجڻ
کان به وڌيڪ سزا ملندئي، اهو ذهن ۾ ويهاري ڇڏ، ته
هيءَ ڪراچيءَ آهي، تنهنجي سنڌ ناهي!
ييس سر.
جاويد سنڌ ٿو وڃين؟
سنڌ ٿو وڃان! ته ڪراچي سنڌ ناهي ڇا؟
ڪراچي وري سنڌ ڇا جي آهي، ڪراچيءَ جي الڳ حيثيت آهي مسٽر جاويد.
ڀائي سنڌي ڪراچيءَ کي کائي ويا، جيڏانهن ڏس اتي سنڌي حاضر.
هي پنهنجي حڪومت اٿن، مستيون ڪرڻ ڏين، باقي سندن حڪومت ڊهي، ته
اهڙا موچڙا هڻنداسين، جو وري ڪراچيءَ ڏانهن منهن
نه ڪندا.
اڙي هوريان ڳالهاءِ ڪو سنڌي... ويٺو نه هجي بس ۾.
هن سان ملو، هي مسٽر جاويد آهي، سنڌ کان هتي آيو آهي. پنهنجي
حڪومت اٿن، تڏهن هتي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ نوڪري ملي
اٿس، نه ته هن ويچاري ته خواب ۾ به ڪراچي نه ڏٺي
هوندي. ها ها... ها! مسٽر جاويد، مان چرچو پيو
ڪيانDont
mind it.
ڇا ٿو ڳولهين جاويد؟
ماني ڪانه ٿي نظر اچي!
نه اڄ ڪونه ڪئي اٿسي.
ڇو؟
بابا پئسا ختم ٿي ويا. هاڻي سڀڪو وڃي پنهنجو بندوبست پاڻ ڪري.
ماري ڇڏيو، پگهار ۾ اڃا ايترا ڏينهن پيا آهن. هاڻي ڇا ٿيندو؟
اوڌر به ته وڏي مصيبت ۽ ذلت کڻڻ کان پوءِ ٿي ملي.
ڀلا سدائين ايڏو جلدي ميس جا پئسا ڪيئن ٿا ختم ٿي
وڃن؟
ڪيئن ٿا ختم ٿي وڃن! يعني مان ٿو کپائي ڇڏيان؟ اها آهي شرافت،
رهندو مون تي الزام ٿو هڻين!
يار تون هر ڳالهه انهيءَ طرف ڇو کڻي ويندو آهين، ڪڏهن ڳالهه جو
مطلب سمجهڻ جي ڪوشش به ته ڪندو ڪر.
يعني مان ڀوڪ آهيان ۽ تون...
يار منهنجو اهو مطلب ناهي. خير ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اڳتي مون
کان اهڙي غلطي ڪانه ٿيندي. مان...
چڱو هاڻي مٿو نه کاءُ، جان ڇڏ.
”هونءِ مان به وڏو ذليل آهيان. وڏو ڪميڻو، اصل نئود. ڪراچيءَ
وڃڻ لاءِ تنگ پيو ڇنان. صبح کان وٺي ڪيڏي نه خوشي
شروع ٿي وئي آهي. ڇڏ اتي وڃي ڪو لڪل خزانو لهندس.
نئين زندگيءَ جي شروعات_ پر لطف_ پر سڪون_ شاندار
زندگي ۽ ڪراچيءَ هوندي ايڏي خوشفهمي!“
هن کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي وئي. هن جا ٻئي هٿ پنهنجن
ڊگهن وارن ۾ کپي ويا. هن وارن کي ائين سٽ ڏني، ڄڻ
اُهي وار هن جا نه پر ڪنهن دشمن جا هجن. وارن پٽجڻ
تي ڇرڪي هن وارن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. نئين زندگيءَ جي
شروعات ڪرڻ ۽ پراڻي زندگيءَ جي لاش کي دفنائڻ لاءِ
انسان ڪيڏو نه ڀوڳي ٿو. اهو سوچي هن جي چهري تي
ويچارپ واري اُداس مرڪ اچي وئي. هن سوچيو، پر اها
نئين زندگي شروع ئي نه ٿئي! اها پراڻي بيزار ڪندڙ
زندگي ڪراچيءَ ۾ هُج، ڳوٺ ۾ هج يا ڪٿي به_ چچڙ
جيان چنبڙيل جند ڇڏڻ جو نانءُ ئي نه. کيس لڳو ته
سندس اها سوچ، ته ڪراچي وڃي شانتي ماڻيندو، هڪ
خيال کان وڌيڪ ڪجهه ناهي؛ رڳي اٺسٺو آهي. اتي
پهچڻ سان ساڳيون ذلتون، ساڳيو احساس جو ڏنگ سهڻو
پوندس، ساڳي هر شيءِ لاءِ سڪڻو پوندس.
”نڪا چڱي نوڪري ٿي ملي، نه ئي ڪو آسرو يا اميد آهي! اميد به
ڪهڙي رکان! ان پوزيشن ۾ به ته ناهيان. ته ڪنهن
وڏيري کي ڪنهن لالچ ۾ ڦاسائي ڪا چڱي نوڪري هٿ
ڪيان. نه، سٺي نوڪري مون کي ڪانه ملندي. اها اُميد
رکڻ پاڳلپڻو آهي، بيوقوفي آهي ۽ خوشفهمي.هن حالت ۾
ڪراچيءَ ۾ رهڻ اڃا به وڏي چرائپ.“
هن کي ڪراچيءَ تي جک اچڻ لڳا ۽ انهيءَ تي جنهن ۾ نوڪري ملڻ تي
هن وڏي خوشي محسوس ڪئي هئي. جنهن سان هو ڪئين
اميدون رکي آيو هو ۽ جتي هن کي ذلتون سهڻيون پيون
آهن. جتي ته پنهنجو گهر ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي ڪو
سٺو پارٽنر ٿو مليس. جيترا پارٽنر بدلايا اٿئين،
انهن ۾ ڪوبه فرق ڪونه. جيترا گهر مٽايا اٿئين،
انهن ۾ به ڪوئي فرق ڪونه. هر هنڌ ساڳي ڪار، هر هنڌ
گهر نه هجڻ ڪري طعنا ۽ تنڪا. ذليل ٿيڻ. جتي به ويو
آهي اتي نئين بدمعاشي، نئين ذلت جو منهن ڏٺو
اٿائين. هڪ پنهنجن جا سور ٻيو ڪراچيءَ ۾ هر هنڌ
ڌاريائپ جو احساس، جيڪو وک وک تي نه رڳو محسوس ڪيو
اٿائين، پر ڪرايو ويو اٿس. نه، ڪراچي ڪونه ويندس.
جهنم ۾ وڃي ڪراچي. هتي ڳوٺ ۾ ئي رهندس. ها ڳوٺ ۾
ئي...
کن پل ڪاڻ هن خوشي محسوس ڪئي، پر وري هن جي خوشيءَ کي موت اچي
ويو. هن کي ياد آيو ته گهر توڻي ڳوٺ، هن لاءِ دوزخ
کان گهٽ ناهن. ڪراچيءَ ۾ ته هن کي نوڪري ملي سگهي
آهي، پر هتي ته پتيوالي يا بيلداريءَ جو آسرو به
رکي نٿو سگهجي. سڀئي جايون ڀريون پيون آهن. ڳوٺ ۾
بيروزگار رهڻ، ۽ ان بيروزگاريءَ کان پوءِ جون
ذلتون، گهر وارن جي ذري ذري تي ڦٺ لعنت، جنهن مان
هن الائي ڪيئن جند آزاد ڪرائي هئي وري شروع ٿي
ويندي ۽ اهو هن کان سٺو نه ٿيندو. هن کي خبر آهي
ته سندس سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو. کيس لڳو ته
ڪراچيءَ وڃڻ ئي هن لاءِ ٺيڪ رهندو ۽ هتان کان،
انهيءَ بدمعاش پارٽنر شائلاڪ سان زندگيءَ جو ٽياس
کڻڻ ئي مناسب ٿيندو، جنهن کان سواءِ هن لاءِ ٻيو
ڪو رستو ڪونهي.
”پر مان شائلاڪ سان وڌيڪ رهي ڪونه سگهندس. انتها درجي جو ڪريل
آهي. سيڪو. آڱوٺي ڇاپ. هر وقت منهن تي لعنت وسندڙ،
ذليل، خود غرض.“
هن سوچيو ته هاڻي ڪنهن ٻئي سان رهندو. انهيءَ ڳالهه هن کي خوشي
هڪي ڪئي؛ پر هن کي وري ياد آيو ته اتي سڀ هڪجهڙا
آهن. بڻيا آهن، يا بڻايا ويا آهن. سڀ هڪجهڙا
خودغرض، لالچي، ڪميڻا، ماڻهپي جي ڌپ کان سواءِ.
نه ڪراچيءَ ڪنهن به صورت ۾ نه ويندس_ ته پوءِ ڪاڏي وڃان؟ ڳوٺ،
نه! ڪراچي، نه! ته ڪيڏانهن وڃان!؟
مون کي يقين آهي ته جتي به ويندس اُتي اهي حالتون، ذلتون،
محروميون جند نه ڇڏينديون، ۽ اهو سڀڪجهه منهنجي
ذليل طبيعت ڪري ئي آهي.
”الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
ها، مون جهڙو حساس هنن حالتن ۾ رهي نه سگهندو. پاڻ ايڊجسٽ ڪري
نه سگهندو. ته پوءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيان؟ ڪهڙو!؟
هو ڪافي دير تائين منجهيو ويٺو رهيو. ڪوبه حل ڳولي نه سگهيو.
ڪابه روشني ڏسي نه سگهيو. سندس نهار وهندڙ واهه تي
هئي، جيڪو هاڻي اوندهه ڪري ڪارسرو ٿيندو ٿي ويو.
ها هڪ رستو آهي. آخري رستو. جيڪو مون کي اختيار ڪرڻ گهرجي يا
ڪرڻو پوندو. خودڪشي... ها آپگهات ئي سڀني مرضن جي
دوا آهي. ۽ مون کي اها دوا استعمال ڪرڻ گهرجي. ان
۾ ئي نجات آهي. ٻي ڪا واٽ ڪانهي. تازو هڪ مصور به
ته ائين ڪيو نه؟ واهه جي ڳالهه ڪيائين:
prefer to die rather than live a life of shame
I
ها مون کي به ائين ڪرڻ کپي.هن شرمسار زندگيءَ مان ائين ڇوٽڪارو
ملندو. اهوئي واحد طريقو آهي. ”موت ۾ ابدي سڪون
آهي.“ ڪيڏي نه شاندار فلاسافي آهي. هر مسئلي جو
حل. هر مونجهاري جو خاتمو. آنند ئي آنند. شانتي ئي
شانتي. مڪتي، هميشه لاءِ مڪتي!
پر مان اڃا ماٺڪو ڇو ويٺو آهيان!؟
ڇو!
ڇو؟
شايد مان ڊڄان ٿو. گيدي. يا اڃا جيون سڌرڻ جي آس! نئين شروعات
جي اميد. جيتوڻيڪ مون کي ڄاڻ آهي ته اهو سڀڪجهه
سوچڻ اجايو آهي. واريءَ تي ڪوٽ اڏجي نٿو سگهجي....
پوءِ به جيئڻ ٿو چاهيان!.... هيتري واهيات، ذليل ۽ ڪريل زندگي_
پوءِ به زندهه رهڻ جي چاهنا. پوءِ به
جيون سان پريم!...؟... نه هاڻي مون کي حياتي ڪونه کپي. ڪونه
گهرجي هيءُ جيون. واهيات... پر منهنجي خودڪشيءَ
سان گهر جي ڇا حالت ٿيندي؟ امان ۽ بابي سان ڇا
وهندو؟ ڀينرن ۽ ڀائرن جو آئيندو ڪيڏو نه اونداهون
ٿي ويندو؟ هنن کي ڪجهه نه ڏنو اٿم پوءِ به ته هنن
جون اميدون، آسون ۽ تمنائون مون سان لاڳو آهن نه؟
هنه هنه...هه...نه.....
هو پاڻ تي کلڻ لڳو.
وري ڏس، ڪهڙا نه آرگيومينٽ ٺاهڻ شروع ڪيا اٿم. اصل مان پاڻ ذليل
آهيان. مون ۾ ايڏي اخلاقي جرئت آهي ڪانه.
ڊڄڻو....؟ ها گيدي آهيان. انهيءَ شيءِ کان ٿو
ڊڄان، جيڪا هڪ ڏينهن ته هونئن به اچڻي آهي. ته
پوءِ جڏهن هن زندگيءَ ۾ ڪابه سونهن، ڪابه سُرۡهاڻ
ڪانهي، ته موت اچڻ کان اڳ ان جي آجيان ڇو نه ڪرڻ
کپي. مصيبتن مان پاڻ ئي پنهنجي جند آزاد ڇونه ڪجي؟
ڪنهن شيءِ جي انتظار جو فائدو ڪهڙو آهي؟ فائدو به
ڪهڙو آهي؟....
مونجهه_
سوچ_
ها آپگهات ئي_
پوءِ؟...
ڳوٺ ۾ رهان؟... ڳو....
ڳوٺ ۾ وري.... ڀلا ڪراچيءَ ۾ وري....
نه ڪراچيءَ ۾ ....
ته ڪاڏي وڃان؟ ڪجهه ته ڪرڻ کپي. ڪوته ڇوٽڪارو هجي. ڪوته هوندو.
ڪهڙو آهي!؟
ڇا ڪيان! هان؟...
آپگهات... ڳوٺ... ڪراچي...
آ... ڳـ... ڪ...ڱـ.... ڪ....آ...؟
آخر ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪجهه ته ڪرڻ ئي کپي_ ڪوبه هڪ فيصلو... ها، ڪوبه
هڪ... پر ڪهڙو؟ ڪاڏي وڃان؟ ڇا ڪريان؟
انهيءَ پل تي منجهيو ويٺو آهي.
سوچ لوچ ۽ آنڌ مانڌ جي ٽياس تي ٽنگيل هُو! |