* اسان انهن اديبن ۽ فنڪارن کي سلام ڪيون ٿا، جن
جي ادب ۾ ضمير ۽ روح جي روشني ۽ تازگي موجود آهي.
جن جي فن ۾ اصليت ۽ حقيقت جي خوشبوءِ سمايل آهي،
پيار ۽ پريت جي خوشبوءِ، پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ جي
خوشبو، انسانيت ۽ محبت جي خوشبو. هن زمين تي وسندڙ
مظلومن سان همدرديءَ جي خوشبو، آفتن کان نجات
ڏياريندڙ حوصلي جي خوشبو، ظلم ۽ استبداد جي خلاف
نعره جنگ بُلند ڪندڙ، دعوتِ جهاد جي خوشبو.
(مولانا غلام محمد گرامي)
مٺو ڳالهائڻ
ڪنهن سان مٺو ڳالهائڻ نه رڳو پنهنجي خوش اخلاقي
آهي، پر ان سان اڳئين جي دل پڻ موهي سگهبي آهي.
چوندا آهن ته ”ٿڌو گهڙو پاڻهي پاڻ ڇانوءَ ۾
ويهاري“. سو مٺو ڳالهائڻ وارو به پنهنجي عزت ۽
برتري پنهنجي ئي اخلاق سان حاصل ڪري ٿو.
موڪليندڙ: رضوان حسين قاضي، کپرو
هڪ تمام پراڻو جهنگ هو. هُن جهنگ مان ٿورڙو پري هڪ
گهر هو، جنهن ۾ هڪ غريب موچي ۽ ان جي زال رهندي
هئي. اُهو موچي تمام غريب، سادو ۽ ايماندار هوندو
هو.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هو موچي ٻن جوتن جي جوڙن
جي لاءِ چمڙو وٺي آيو ۽ اُهي چمڙا ڪمري ۾ رکي پاڻ
۾ ڳالهائڻ لڳا. موچي پنهنجي زال کي چيو ته مان
اُهي چمڙا سبي انهن مان جوتا ٺاهيندس ۽ وڪڻندس.
انهن جي اها سڄي ڳالهه ننڍڙا جن ٻڌي رهيا هئا.
جڏهن موچي ۽ ان جي زال ٻئي سمهي پيا ته اُهي ننڍڙا
جن اندر آيا ۽ خوشيءَ سان ڳائيندي جوتا سبي هليا
ويا. جڏهن صبح ٿي ته موچي ۽ ان جي زال ڪمري ۾ آيا
ته اُهي جوتن جا جوڙا چمڪن پيا ۽ تيار ٿيا پيا
آهن. اڃا اهي ڳالهه ٻولهه ۾ هئا ته ٻاهريون دروازو
کُڙڪيو ۽ هڪ واپاري آيو. هُن جوتن جي گهُر ڪئي ۽
قيمت ڪڍي اڳيان رکي. موچي پيسا وٺي جوتا ڏنا ۽
انهن پيسن مان ٻيا چمڙا وٺي آيو ۽ وري ڪمري ۾ اُهي
چمڙا رکي سمهي پيا ۽ رات ٿي ته ننڍڙا جن آيا ۽
خوشيءَ سان ڳائيندي جوتا سِبي هليا ويا. ٻئي ڏينهن
موچي آيو ۽ وري اُهي جوتا کڻي وڪڻي ۽ چار چمڙن جا
جوڙا کڻي آيو ۽ ڪمري ۾ رکيا ۽ هاڻي اُهي ٻئي
دروازي جي پويان لِڪي بيٺا ۽ سڄو لڪاءُ ڏسڻ لڳا.
اُهي جن آيا ۽ پنهنجو ڪم ڪري هليا ويا. موچي ۽ ان
جي زال سوچيو ته ڇو نه انهن جي لاءِ ڪجهه ڪم
ڪريون. موچيءَ جي زال صلاح ڏني ته انهن جا ڪپڙا
پراڻا هئا ڇو ته انهن جي لاءِ نوان ڪپڙا سبيون.
پوءِ موچيءَ جي زال انهن جا ڪپڙا سبيا ۽ ان ئي ميز
تي رکيا ۽ اهي دروازي جي پويان لڪي بيٺا. جڏهن رات
ٿي ۽ جن آيا ته انهن ڪپڙا ڏٺا ۽ خوشيءَ سان
پائيندي هليا ويا ۽ ڪڏهن به نه موٽيا.
ٻارو! هن ڪهاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته
جڏهن به ڪا تڪليف اچي ته صبر ڪريون. بيشڪ رب پاڪ
صبر ڪرڻ وارن سان گڏ هوندو آهي.
فرحان روڊ جي ھڪ پاسي کان، وڻ جي ھيٺان سمھي پيو.
جڏھن سج جي روشني ھن جي اکين کي لڳي، ۽ ھو ننڊ مان
اٿيو.
ھن جا ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل ھئا، ھن جو جسم ۽ وار دز ۽
مٽي سان ڀريا پيا ھئا.
ھو مٿي اٿيو ۽ بازار طرف وڃڻ لڳو.
رستي تي ، ھن کي پنھنجي ڏھين درجي جا ھم ڪلاسي نظر
آيا ۽ ھو انھن ڏانھن ويو.
”ساٿيو
اوھان جا ڪھڙا حال آھن؟“ فرحان چيو.
”تون
ڪير آھين؟ انھن جواب ڏنو.
“ڇا توھان مون کي نه ٿا سڃاڻو؟ڇا مان توھان کي ياد
نه آھيان؟ اسان سڀئي اسڪول ۾ گڏ پڙھندا ھئاسين،“
فرحان چيو.
”ڇا
تون فرحان آھين؟“ اظھر پُڇيو.
”ھائو،
مان فرحان آھيان،“ ھن پنھنجي مک تي ڦڪي مرڪ آڻيندي
چيو.
پر اُھي فقط کلندا رھيا ۽ ھليا ويا.
فرحان وڃڻ لڳو ۽ ان دڪان تي اچي رڪيو جتي ٻاراڻي
عمر ۾ ويندو ھو ، پر دڪاندار، فرحان کي چڱي طرح
سڃاڻڻ باوجود، ھن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيئن ئي ھر ڪنھن فرحان کي گھوري ڏٺو ، ھن گھر
ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو.
آخرڪار جڏھن ھو گھر پھتو ۽ دروازو کُڙڪايائين،
ھن جي والده
در
کوليو.
ان کان پوء ھن جو والد آيو ۽ فرحان کي غور سان
ڏٺو.
”اسان
توکي پڙھائي ۽ سکيا طرف ڌيان ڏيڻ لاء چوندا ھئاسين
، پر تون سدائين چوندو ھئين ته اڃا وقت پيو آھي ۽
ھاڻي تون زندگي ۾ تمام گھڻو ڪجھه وڃائي چڪو آھين،“
فرحان جي والده چيس.
”امان،
مھرباني ڪري مون کي اندر اچڻ ڏي.“
فرحان چيو.
پر انھن ھن تي گھر جا در بند ڪري ڇڏيا جيتوڻيڪ ھن جي والده
رڙيون ڪري رھي ھئي ڇاڪاڻ جو ھن جي دل ڀڄي پئي ھئي.
فرحان جي اھميت ۽ قدر گھٽجڻ ڪري ھيٺ ڪري پيو ۽ اتي ڪجھه وقت لاءِ
هِن
رڙيون ڪيون.
ھن کي احساس ٿيو ته ھن جي پنھنجي خاندان ھن کان
ڪناره ڪشي اختيار ڪئي ھئي.
ھن ائين محسوس ڪيو
ڄڻڪه اتي ھن جي زندگي جو ڏيئو اُجھامي
ويو ھو ۽ ڪوئي به نه ھو جيڪو ھن کي مُڙي ڏسي.
ھن سڏڪا ڀريا ۽ دانھون ڪيون ،
”نه
......
نه!
مھرباني ڪري مون کي نه ڇڏ،امان!“
فرحان پوءِ
جڏھن پنھنجون اکيون کوليون ته پنھنجو پاڻ کي
پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي بستري تي ڏٺائين.“اُف! اھو
خواب ھيو،
”پنھنجي
مُنھن
تان پگھر اُگھندي.“
فرحان سوچيو.
جڏھن ھو ڪمري کان ٻاھر آيو ، ھن جي والده چانھه تيار ڪري رھي
ھئي.
پر جڏھن ھن فرحان کي پگھر ۾ ٻڏل ڏٺو ، ھوءَ تڪڙي ھن ڏانھن وڌي
آئي.
”فرحان
، ڇا تون ٺيڪ آھين؟“ھن جي والده ھن کان سوال ڪيو.
”آءُ بلڪل ٺيڪ آھيان امان،“ فرحان ڪي قدر پريشان نظر ايندي
چيو.ان کان پوء فرحان تيار ٿيو ۽ اسڪول روانو ٿي
ويو.
جيئن ئي گھنٽي وڳي ، شاگرد ميدان مان ڪلاس ڏانھن
وڃڻ لڳا جتي اُھي اسيمبلي ۾ گڏ ٿيا ھ
”فرحان،
تون اڄ ايڏو اداس نظر ڇو اچي رھيو آھين؟“
اظھر پڇيس، ھن جو دوست جنھن کي فرحان خواب ۾ ڏٺو ھو.
”مون
کي ڪجھه ٻڌاءِ،
جيڪڏھن مون کي زندگي ۾ ڪاميابي نه ٿي ملي، ڇا توھان سڀئي مون کي
سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندؤ؟“
فرحان سوال ڪيو.
”اڄ
تون اھڙو عجيب سوال ڇو ڪري رھيو آھين؟“ اظھر کلندي
پڇيس.
”چڱو
، زندگي ۾ ڪنھن به قسم جي
ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آھي ۽ ڪنھن به طرح سان ان
کي نه وڃايو.
”تنھنجو
ڇا مطلب آھي؟“
فرحان سوال ڪيس.
”مان
توکي اھو ٻُڌائڻ
چاھيو ته تون پنھنجي پڙھائي تي ڪائي توجھه نه ڏئي
رھيو آھين ۽ شيون سڀاڻي تي ڇڏي رھيو آھين پر ڪنھن
کي ڪا خبر نه آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟“ اظھر کولي
سمجھايس.
“حقيقي زندگي ۾ رڳو ماضي ۽ حال جو ذڪر آھي، مستقبل
ڏسڻ ۾ اچڻو آ.
ھو سڀاڻي جي شروعات اڄ کان ٿئي ٿي.جيڪڏھن تون پنھنجو وقت وڃائيندو
رھندين، تون شايد پنھنجي والدين جي اميدن کي پورو
ڪري نه سگھندين.
فرحان،
عمل جو وقت ھاڻي آھي.“
جڏھن فرحان
پنھنجي دوست اظھر جون پنھنجي لاءِ اھي ڳالھيون ٻُڌيون
ته ھن کي اُھي
تڪليف
ڏيندڙ
۽
اذيتناڪ لڳيون، پر ھن پڻ اظھر
جي مهرباني مڃي،
جنھن ھن کي حقيقت کان آگاھه ڪيو ۽
جيڪي ھن جي زندگي ۾ ھميشه لاء تبديلي جو باعث
بڻيون.
ھيءَ تبديلي فرحان جي لاء سونھري موقعو ھئي.
”فرحان
جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ ھن اظھر سان مخاطب
ٿيندي چيو
تنھنجي وڏي مھرباني.“
انھيءَ ڏينھن اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان پوءِ،
فرحان زندگي ۽ جن شين کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت ھئي
تنھن حوالي سان نوان عزم کڻي گھر ويو.
ھن ۾ ھيءَ تبديلي
آئي جنهن
۾ ھن کي ڪامياب ۽ تعليم يافته شخص ٿيڻ جا موقعا
فراھم ڪيا جنھن تي ھن جي خاندان ۽ دوستن جو ڳاٽ
فخر کان اوچو ۽ بلند ٿيندو.
ليکڪ:
وقار موسيٰ،
ينگ ورلڊ ، ڊان
ماءُ هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو هميشه ته گڏ نه هوندو
پر ان جو پيار هميشه گڏ رهندو آهي، ماءُ جو رشتو
اهڙو آهي جيڪو ٻئي ڪنهن به رشتي جي برابر نه هوندو
آهي، آءٌ پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندي
آهيان، اگر هڪ ڏينهن به مان پنهنجي ماءُ کان دڙڪا
نه کايان ته مزوئي نه ايندو آهي، انهيءَ ڪري مان
ٿورو غلط ڪم ڪندي آهيان ته منهنجي امان مون کي
دڙڪا ڏي. مالڪ سائين منهنجي ماءُ کي خوش رکجان ۽
مان پنهنجي ماءُ سان دل جي گهراين سان پيار ڪندي
آهيان. جيئن ته: ماءُ جي دعا جنت جي هوا هوندي
آهي.
فواد ڪلاس ۾ شرارتي شاگرد ليکيو ويندو هو ماء پيء
کي هڪ ئي پٽ ھئڻ سبب دادلو به ڏاڍو هيو سندس هر
خواهش پوري ٿيندي هئي اڪيلو، دادلو هئڻ ڪري ڏاڍو
شرارتي به بنجي ويو هو پيء جي لاڏ ڪوڏ ۽ ماء جي هر
وقت صدقو وڃڻ واري منطق کيس ڪجهه وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو
هو ڏينهون ڏينهن سندس عادتون بگڙجنديون ٿي ويون،
ڪڏهن پاڙي وارن جي گهنٽي وڄائي ڀڄي ويندو ڪڏهن وري
گهٽي ۾ بال ڪڏندي پاڙي جي گهرن جون درين جا شيشا
ٽوڙي ڇڏيندو هو، هر روز ڊزن کن ماڻهن جو سندس گهر
شڪايت کڻي ايندو هو سندس ماء به اچي تنگ ٿي هئي هڪ
ڏينهن کيس سمجهائيندي چيائين ته ”ڏس پٽ فواد“ تون
اسان جو هڪ ئي پٽ آهين ٻيو ڪوبه اولاد ناهي ان ڪري
توکي پيار ڏيڻ سان گڏ سڌارڻ جو ذمو به اسان جو آهي
پاڙي وارن کي تنگ نه ڪندو ڪر نه ئي اسڪول ۾
شرارتون ڪندو ڪر دوستن
۽ استادن کي تنگ نه ڪندو ڪر فواد ماءُ جون ڳالهيون
هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن
وري ڪوڙو واعدو ڪندو هو ته آئينده ائين نه ڪندس پر
وري ساڳي حالت هوندي هيس دادلو هئڻ ڪري سندس ماءُ
هن تي سختي به نه ڪندي هئي، پرهر روز جي شڪايتن به
سندس مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو هو، هڪ ڀيري فواد جي
ڏاڏي ڳوٺ مان سندن گهر گهمڻ آئي فواد جي ماءُ
چانهه ٺاهي رهي هئي ته سندس سس ڪنهن ڪم سانگي سڏ
ڪيو فواد جي دماغ ۾ هڪ شرارت اچي واسو ڪيو هن
چانهه ۾ مرچ وجهي ڇڏيا ۽ چانهه کي ملائي بورچي
خاني مان گولي ٿي ويو. فواد جي ڏاڏيءَ جيئن ئي اها
چانهه پيتي ته سندس وات مرچن سان سڙڻ لڳو هوءَ
ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳي فواد
جي ماءُ کي رڙيون ڪري چوڻ لڳي حميده ”حميده،
گهوڙا ڙي تو مون کي چانهه ۾ مرچ وجهي ڏنا
آهن، ڪنن مان دونهان پيا نڪرن دونهان“
اچي منهنجو پٽ ته ان کي چوان ٿي ”حميده
به حيران
پريشان ٿي سوچڻ لڳي ته آخر مرچ چانهه ۾ وڌا ڪنهن“؟
تڏهن کيس سمجهه ۾ آيو ته اها شرارت فواد ئي ڪري
سگهي ٿو گهٽي ۾ کيڏندڙ فواد کي سڏ ڪري پڇيائين ته
معصوميت مان چوڻ لڳو ته نه امان نه ”مان ته مرچ نه
وڌا آھن آءٌ ته ٻاهر گهٽيءَ ۾ کيڏي رهيو هئس تڏهن
ماڻس هڪ زوردار ٿڦڙ وهائي ڪڍيس. ٿوري دير اڳ تون
پاڻي پيئڻ جو آيو هئين پڪ سان تو ئي چانهه ۾ مرچ
ملايا هوندا، فواد ٿڦڙ کائڻ کان پوءِ معافي گهُرڻ
لڳو ته آئنده شرارت نه ڪندو.
هڪ ڏينهن اسڪول ۾ رسيس جي وقت فواد دوستن سان کيڏي
رهيو هو اسڪول ۾ ڪافي وڻ به
هئا اتي هڪ وڻ ۾ ماکيءَ جو مانارو به هو فواد کي
کيڏندي کيڏندي
ذهن ۾ هڪ
شرارت آئي ڇونه اڄ ماکيءَ جي مکين کي ٻه ٽي پٿر
هڻجن ته ڪو مزو اچي، اهو سوچيندي هن هڪ وڏو پٿر
کنيو ۽ ماکيءَ جي ماناري ۾ زور سان هنيائين ماکيءَ
جي مکين اچي سندس مٿان حملو ڪيو انهن ته فواد کي
صفا سڄائي رکيو کيس سڄي جسم ۾ شديد سور ٿيڻ لڳو
سڄو جسم خاص طور تي هڪ اک کان کيس ڪجهه به نظر نه
پئي آيو. ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کان پوءِ خبر پئي هڪ مک
سندس اک تي صفا سڌو حملو ڪيوآهي اک منجهه
چڪ لڳڻ سبب هو
هڪ اک کان ڏسي نه ٿو سگهي
اهو ٻڌي سندس ماءُ پيءُ مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي، ائين
لڳنس ڄڻ ته ڪو زلزلو آيو هجي پنهنجو تعليمي ڪيريئر
به تباهه ٿيندي محسوس ڪيائين روئڻ لڳو پڇتائڻ لڳو
ماءُ کان به معافي ورتائين ته آئينده ڪنهن قسم جي
شرارت کان پڻ توبهن ڪيائين.
اڄ
فواد اسڪول ويندو آهي پر هڪ پڇتاءَ
سان گڏ
ويندو آهي سندس اکين تي نظر جي عينڪ لڳي چڪي آهي
ڇو ته سندس هڪ
اک تي گهڻو اثر ٿيل آھي.
پيارا ٻارؤ! اوهان ڏٺو ته جيڪي ٻار وڏن جو چيو نه
ٿا مڃن
يا شرارتون ڪري ٻين کي ستائين ٿا انهن کي آخرڪار
پڇتائڻو پوي ٿو
تنهن ڪري توهان
به اڄ واعدو ڪيو ته توهان
به ڪڏهن
ڪنهن کي ڪين ستائيندو ۽ هميشه
وڏن جو چوڻ مڃيندو شاباش.
هڪ دفعي هڪ عرب واپاري چين ويو، چين ۾ هو هڪ شهر ۾
مسافرخاني ۾ ترسيو، مسافرخاني جي ڀر ۾ هڪ وڏو وڻ
هو. ان تي سوين طوطا رهندا هئا. طوطا صبح ۽ شام جو
گڏجي اڏامندا هئا ۽ انهن جي نغمن سان فضا مهڪي
پوندي هئي. واپاريءَ سامان خريد ڪيو ۽ واپس ٿيڻ
لاءِ تياري ڪئي. هن کي اهو خيال آيو، ڇو نه وڻ تي
ويٺل طوطن مان هڪ پاڻ سان کڻي وڃان. هن مسافرخاني
جي مالڪ کي فرمائش ڪئي، مسافرخاني جي مالڪ ڪوڙڪي
اڏي هڪ طوطي کي ڦاسائي واپاريءَ جي حوالي ڪيو.
واپاري واپس پنهنجي ملڪ پهتو ۽ طوطي کي هڪ پڃري ۾
قيد ڪيو. طوطو اڪثر ڪري اداس رهندو هو. هن جي دل
چاهيندي هئي چپ چاپ ويٺو هجان. ڪيتري ئي وقت کان
پوءِ هن جي طبيعت بهتر ٿي هو واپاريءَ جي ٻارن سان
ڳالهائڻ لڳو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو گيت به ڳائي وٺندو هو.
هڪ سال کان پوءِ واپاري وري چين وڃڻ جو ارادو ڪيو.
هن پنهنجي گهر ڀاتين کان پڇا ڪئي ته هو هنن لاءِ
ڪهڙيون سوکڙيون وٺي اچي. هر هڪ پنهنجي پنهنجي
فرمائش ڪئي. واپاري طوطي ڏانهن پڃري جي ويجهو آيو
۽ هن کان پڇا ڪئي ته تولاءِ ڪهڙو تحفو آڻيان. طوطي
چيو، مون کي ڪوبه تحفو نه کپي. ها! اگر تون ساڳي
مسافرخاني ۾ وڃي ترسين ته وڻ تي ويٺل طوطن کي
منهنجو پيغام ڏجانءِ.
واپاريءَ پيغام ڏيڻ جي فورن هام ڀري. طوطي چيو،
چين جي طوطن کي چئجانءِ توهان جو هڪ ساٿي وطن کان
ڏور هڪ پڃري ۾ قيد پيو آهي ۽ ڏاڍو اداس آهي. هن جي
دل چوي ٿي ته هو توهان وانگر آزاد فضائن ۾
چهچهائي، گيت ڳائي ۽ طرحين طرحين آواز ڪڍي، ڇا هن
جي آزاديءَ جي ڪا تدبير آهي.
سوداگر چين پهتو ۽ هو انهيءَ مسافرخاني ۾ ترسيو،
هن جلد ئي وڻ تي ويٺل طوطن کي گڏ ڪيو، ۽ طوطي جو
پيغام پهچايو. پيغام ٻڌندي ئي سڀ طوطا اداس ٿي
ويا. ڪجهه طوطن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ ڪجهه
طوطن ڏک مان سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا، انهن مان هڪ طوطي،
وڻ جي ٽاريءَ تان هيٺ ڪري پئي ۽ مري وئي.
سوداگر اهو ڏسي پريشان ٿي ويو، سوداگر مال خريد
ڪيو ۽ وطن واپس موٽي آيو. هن پنهنجي گهر ڀاتين
لاءِ جيڪي تحفا خريد ڪيا هئا. اُهي انهن کي ڏنا
پوءِ پڃري ڏانهن راهي ٿيو. طوطي کي چيائين تنهنجو
پيغام طوطن کي پهچايو. اهو ٻڌي سڀ طوطا پريشان ٿي
ويا. هڪ طوطيءَ تي ايترو ته اثر ٿيو جو هوءَ
ٽاريءَ کان هيٺ ڪري پئي ۽ مري وئي. سوداگر طوطيءَ
جي مرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو، ۽ چيو هن کي طوطي
جو پيغام نه ڏيڻ کپندو هو. اجايو طوطي مري وئي.
طوطي سوداگر جي ڳالهه ٻڌي پر ڦڙڪايا ۽ پڃري ۾ ڪري
پيو. سوداگر اهو ڏسي تڙپي اٿيو ۽ ڪجهه دير کان
پوءِ طوطي کي کڻي پڃري کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. طوطو هڪ
دم اٿيو ۽ ٽاريءَ تي وڃي ويٺو.
* پنهنجا حق وٺڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪريو، البته
ٻين جا حق ڦٻائڻ کان بچو.
(حضرت امام علي عليه السلام)
* تلوار جو ڦَٽ جسم تي لڳي ٿو، پر خراب زبان جو
زخم روح تي لڳي ٿو.
(حضرت عثمان غني رضه)
* خراب دوستيءَ کان اڪيلائي تمام بهتر آهي.
(حضرت ابوبڪر صديق رضه)
* بي علم، يتيم کان به بدترين آهي.
(حضرت عبدالله)
* تعليم وارا ماڻهو، اڻ پڙهيل ماڻهن کان ايترا
بهتر آهن جيئن زنده ماڻهو مئل ماڻهن کان.
(يوسف رضا ڌاريجو)
* عطر سان ڪپڙا مهڪائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي سائين،
ڳالهه تڏهن ٺهندي جڏهن ماڻهوءَ جي ڪردار مان خوشبو
اچي.
(اميت ڪمار)
* پاڪائي نصف ايمان آهي.
(محمد حنيف گهانگهرو)
* مون پنهنجي گهر واري کي چيو مون کي ان ڊاڪٽر جي
دوا اثر نٿي ڪري.
مڙس: جڏهن 40 سال جي آهين ته ڊاڪٽر کي پنهنجي عمر
20 سال ٻڌائيندي ته پوءِ دوا ڪيئن اثر ڪندي.
(حمزه وسيم، حيدرآباد)
* گهر واري صبح صبح مڙس کي جاڳائي چيو: اهو مولانا
صاحب جنهن اسان جو نڪاح پڙهايو هو، مري ويو.
مڙس پاسو بدلائيندي چيو: بيشڪ رب بهتر انصاف ڪري
ٿو.
(محمد ڪيف، حيدرآباد)
* پيءُ: منهنجا چار پٽ آهن.
هڪ:
MBA
ڪيو آهي.
ٻئي: انجنيئرنگ ڪئي آهي.
ٽئين:
Phd
ڪئي آهي.
۽ چوٿون چور آهي.
دوست: ته پوءِ چور کي گهر مان ڪڍين نٿو.
پيءُ: اهو ته ڪمائي ٿو، باقي سڀ ته بيروزگار آهن.
(عباس، ڪلاس اٺون)
* پيءُ پنهنجي پٽ کي چيو: پٽ اچ ته ٻاهر هلي هوا
کائي اچون. پٽ چيس، بابا توهان وڃون منهنجو پيٽ
ڀريل آهي.
(ريان يونس پنهور، ميرپورخاص)
* هڪ هوٽل واري وٽ هڪ ماڻهو آيو ۽ هوٽل واري کي
چيو ته ڪجهه گرم ته ڏي. هوٽل وارو ويو ۽ ٽانڊو کڻي
آيو. اُهو ماڻهو ڪاوڙ ۾ اُن مان سگريٽ دُکائي هليو
ويو.
(رابيلا حميد، حيدرآباد)
* استاد شاگرد کان پڇيو ته ٻڌايو سڀني مان ڏکيو
سبجيڪٽ ڪهڙو آهي. شاگرد چيو، سر مئٿ. استاد پڇيو
ته مئٿ ڇو. شاگرد چيو ڇو ته اهو توهان کي به نه
ايندو آهي.
(حسنين اقبال پنهور، ڳوٺ محمد بخش پنهور)
* هڪ امير ماڻهو 5 ماڙ بلڊنگ تي بيٺو ڪتاب پڙهي
رهيو هو. اوچتو هُن جي نظر هيٺ پئي، هڪ فقير هُن
کي هيٺ اچڻ جو اشارو ڪيو، جڏهن امير ماڻهو هيٺ
پهتو ته فقير هن کي چيو ته، ”خدا جي نالي تي خير
ڏي، امير ماڻهو فقير کي چيو هيڏي اچ ۽ مٿي وڃي
چيائين ته ”معاف ڪر“.
(خليل شاهد، ميرپورخاص)
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اميد ته گُل ڦُل جي ٽيم خوش هوندي. ڪافي وقت کان
پوءِ مان ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، مهرباني ڪري
شايع ڪجو. انشاء الله اڳتي به اوهان سان علمي
معاملات ۾ ساٿ هوندو.
رابيل مينگهواڙ
گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪنڌرا ضلع سکر
محترمه ايڊيٽر گل ڦل
ادي ڏاڍي خوشي ٿي جو ڊسمبر جو رسالو ڊسمبر جي
مهيني ۾ ئي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. ان ۾ هڪ نواڻ
ڏسڻ ۾ آئي ته اسان جي وڏن ليکڪن به ٻارڙن لاءِ لکڻ
شروع ڪيو آهي. اها سنڌ جي ٻارن لاءِ هڪ خوشيءَ جي
ڳالهه آهي. ٻي هڪ خاص ڳالهه ته هاڻي اوهان سان گڏ
اسان جا سڄاڻ اديب، علم جا همدرد ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي
جهڙا مور ماڻهو اوهان سان شامل آهن. اُميد ٿو
ڪريان ته هاڻي گل ڦل وري اوج ماڻيندو.
ادي هڪ عرض آهي ته اڳ اسان جهڙن کي به اعزازي
ڪاپيءَ سان نوازيو ويندو هو، پر هاڻي اسان کي
الائي ڇو وساريو ويو آهي. اسان اوهان جي خدمت ۾
مواد رجسٽري ڪري موڪليندا آهيون، پر اسان جي
موڪليل مواد کي شامل ئي نٿو ڪيو وڃي. ٻارڙن جا
انٽرويو، سهڻا سخن ۽ ساروڻيون وڏي محنت سان رسالي
لاءِ موڪليون ٿا. اوهان جي خدمت ۾ ڪجهه مواد، سهڻا
سخن ۽ کل ته سهي موڪلي رهيو آهيان اميده ته اڳ
موڪليل مواد سان گڏ هيءُ مواد به شامل ڪندا.
علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه، شاهپور چاڪر، ضلع سانگهڙ
محترمه ڀيڻ نجمه پنهور صاحبه
اميد ته ڏاڍيون خوش هونديون. احوال عرض ته توهان
جي طرفان ڊسمبر جو گُل ڦُل مليو. پڙهيم ڏاڍو پسند
آيو. ايڊيٽوريل بورڊ ۽ سهڪاري/ ٻانهن ٻيلي به تمام
سٺا شامل ڪيا ويا آهن. هاڻي ته گُل ڦُل ماهوار ۽
پابندي سان ملندو رهي ٿو. اسان جون دعائون آهن ته
وڌيڪ سگهارو ٿئي. سو هاڻي به ڪجهه نڪور مواد موڪلي
رهيو آهيان ۽ ٻيو ته شيخ سعدي شيرازي رحه جو ”ٻه
درويش، ٻه ڪهاڻيون“
سنڌي ۾ ترجمو ڪري موڪلي رهيو آهيان. ساڻ گڏ ڊسمبر
2019ع گُل ڦُل جي لطيفي لات جو جواب به موڪلي رهيو
آهيان.
نصير احمد فقير چنا
گهوٽڪي.
لطيفي لات
ڪوڙيين ڪايَائُون تُنهنجيُون، لَکَڻَ لَکَ هَزارَ،
جِيءُ سَڀَڪَنھِ جِيءَ سِين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ،
پِرِيَمِ تُنهنجا پارَ، ڪِهِڙا چَئِي ڪِيئَن
چُئان.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح
جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي
موڪلي ويندي.
جنوري 2020ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان ٽئين جو
ٽيون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
آءٌ سان يعني ’مان‘ (پنهنجي هستيءَ جي دعويٰ) سان
ڪوبه (سلوڪ جي راهه طئي ڪري) هن (حق ۽ حقيقت جي)
طرف پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ’بيشڪ الله ئي هڪ
آهي ۽ هيڪڙائي کي پسند ڪري ٿو‘ مطابق پنهنجي دوئي
۽ شرڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏ (ان کان بلڪل آجو ٿيءُ).
(اي راه سلوڪ جا پانڌيئڙا) تون هيڪڙائيءَ جي آڏو
پنهنجي هستيءَ ۽ ’هئڻ‘ واري هر قسم جي احساس کي
روئي ختم ڪري ڇڏ.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* اقراء بانو چنا: گهوٽڪي.
* بشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
* محمد مينهل چنا: گهوٽڪي.
* محمد ذڪر چنا: گهوٽڪي.
* محمد امين چنا: گهوٽڪي.
* محمد يامين چنا: گهوٽڪي.
* محمد سچل چنا: گهوٽڪي.
* نادر علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* عبدالرحمان بالادي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ساجد علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* رابيل ميگهواڙ: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
ڪنڌرا، ضلع سکر
* ظهير احمد لاکو: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* شاهين شهزاد: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان حماد جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* علي اڪبر جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ڊاڪٽر عبدالرحمان جتوئي: گورنمينٽ هائير
سيڪنڊري اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* سلميٰ افضل مري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، حيات
خان مري، تعلقه سڪرنڊ، ضلع شهيد بينظيرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان رابيل
مينگهواڙ جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي
بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |