3
نَڪو ڊيگهُه نه وِيلُ، نَڪو مُنھُ مُهَاڙَ ڪا،
اِيءُ اُهوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجهاڻي:
هن (ذات) جي نه ڊيگهه آهي ۽ نه ويڪر (هيڏو ۽ هيترو
ناهي) ۽ نڪي سندس ظاهري سڃاڻپ (صورت) جا اهڃاڻ
آهن. اهو حق حقيقت (بيچوني ۽ بي رنگيءَ جو) اهڙو
(پر اسرار) کيل آهي جنهن کي انڌو (بي سمجهه ۽ بي
شعور) ڪونه سمجهي سگهندو (ليڪن عارف ڪامل ان جو
شعور رکن ٿا).
4
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،
حُسنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجهاڻي:
حيرت (جي مرحلي) ۾ سمجهه (حقيقت جي) ادراڪ (سڃاڻپ)
کان عاجز ٿي پوي ٿي (حقيقي) حُسن جو حق (پوري پرک)
جيڪو انڌو (معرفت جي رستي کان اڻ واقف) آهي ادا نه
ٿو ڪري سگهي.
5
حوصلو حَيرَتَ ۾ ويڇُون ٿِي وِئو،
حُسنُ حَقَ سَندو، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجهاڻي:
حيرت (جي حالت) ۾ پهچڻ سان عقل پرزا پرزا ٿي وڃي
ٿو. انهيءَ ڪري (جيڪو معرفت جي رستي تي هلندڙ
ناهي) جيڪو انڌو آهي، اهو حقيقي حسن کي ڪيئن سڃاڻي
سگهندو.
]سُر
آسا- داستان پهريون[
]پيارا
ٻارؤ! جنوري 2020ع نئين سال کان گُل ڦُل رسالي ۾
سلسليوار
]شاهه
جو پيغام[
لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت سنڌي ادبي بورڊ
پاران ڇپرايل ”شاهه جو رسالو“ محقق ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سمجهاڻي - مفهوم ۽ شارح ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو تان ڏنا ويا آهن. ان ڪري آئينده بورڊ جي
ڇپرايل هن مستند رسالي مان بيت ڏنا ويندا.
ٻارڙن کي گذارش آهي، ته آئينده
”لطيفي لات“ جو نتيجو موڪلڻو آهي ته بورڊ طرفان
ڇپرايل هن رسالي ”شاهه جو رسالو“ مان ئي موڪليو
وڃي.[
(ادارو)
پيارا ٻارؤ!
اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
نيڪي ڪرڻ نه رڳو مالڪ جي حڪمن جي پيروي آهي پر
انسان ذات جي خدمت پڻ نيڪي جا ڪم آهن. نيڪي هڪ چڱو
ڪم آهي، جيتري نيڪي ڪندؤ اوترو اُن جو ڦَل ملندو.
نيڪي واري ماڻهوءَ کي هر انسان چاهيندو ۽ عزت
ڏيندو آهي. جيئن ڪنهن اڻ سونهي کي واٽ ڏيکارڻ،
ڪنهن لاچار جو عرض پورو ڪرڻ، ڪنهن بکايل کي کاڌو
کارائڻ، اگهاڙي جو انگ ڍڪائڻ، اڃايل کي پاڻي پيارڻ
به نيڪ عمل آهن. ماڻهن جي دل مان جيڪا دعا نڪري ٿي
اُها عرش تي پهچي ٿي، توهان جي ڪنهن عمل سان ڪنهن
جي دل خوش ٿئي ان کان وڌيڪ ڪا چڱائي ناهي.
توهان جو ڏينهن ڪيئن ٿو گذري؟ موڪل واري ڏينهن تي
ڇا ڪندا آهيو؟ ان ڏينهن جو احوال کي موڪليو ته
توهان جي رسالي گُل ڦُل ۾ ڇپيون. توهان ڪنهن ڳوٺ
يا شهر ۾ گهمڻ وڃو ٿا ته اُن جو احوال به لکي
موڪليو.
ٻارؤ! گُل ڦُل رسالو توهان ٻارن جو ئي رسالو آهي
هن ۾ گهڻي کان گهڻو لکو. اسڪيچ ٺاهيو، ڪهاڻي لکو،
انٽرويو وٺي موڪليو ۽ پنهنجي باري ۾ لکو ۽ اسڪولن
۾ ٿيندڙ سرگرمين جون رپورٽون تصويرن سميت ڏياري
موڪليو ۽ وڌ کان وڌ گُل ڦُل جا خريدار ٿيو.
اسان جو هيءُ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
سڃاڻ ربّ ڪائنات ٻالڪ.
انھيءَ جا
اٿئي جھنگلات ٻالڪ.
زمين ۽ آسمان دنيا،
خدا جا ٿي ڏينھن رات ٻالڪ.
سڀن جو خالق عظيم مالڪ،
رکو انھيءَ جي ئي تات ٻالڪ.
نگاه مؤمن اندر سمائي،
ڪيو خداوند جي بات ٻالڪ
خدا جا ڀل حمد پاڻ ٺاھيو
ثنا
جي لئه ڪا نعت ٻالڪ.
ذرا تون ڪن لائي ٻُڌ جھان ۾،
پکين ۾
”الله ھو“ لات ٻالڪ.
ڏئي ڪڏھن به نه پچاري
مالڪ،
اُتم انھيءَ جي ٿي ذات ٻالڪ.
جتي ڪٿي پاڪ ربّ جي
’عادل‘،
ھجي سدا وائي وات ٻالڪ.
بي سھارن جو سھارو
اسانجو
نبي
آ،
پيارن
کان
وڌ
پيارو
اسانجو نبي
آ.
نيٺ ته منزل تي ضرور رسائيندو آخر،
سھڻو ئي سونھن وارو اسانجو نبي آ.
اعليٰ
اُتم
رتبو سڀ نبين کان مٿي آھي،
نيارن کان ئي وڌ
نيارو
اسانجو نبي آ.
اونداھين
۾ روشنيون پکيڙي ڇڏيون،
اھو ئي ته
ڀاڳن
ڀلارو
اسانجو نبي
آ.
گناھن کان ڏياريندو امتين
کي،
سدائين ڏُکن
۾ ڇوٽڪارو اسانجو نبي آ.
غريبن يتيمن تي پيو رحمتون وسائيندو،
سڄي ھن ڪائنات ۾ سوڀارو اسانجو نبي آ.
”ڀٽي“
تي سدائين رحم ڪندو پيو،
دعائن لاءِ
ته ھي ٻاجھارو اسانجو نبي آ.
ڪِڪو امان کي ڄائو رات،
ڀاڳ ڀلاري ٿي برسات.
ٻاتا ٻول ڳالهائڻ سکندو،
مارئيءَ کي هو مالئي چوندو.
رات کي ادڙو چوندو ’لات‘،
ڪِڪو امان کي ڄائو رات.
ننڍڙي مان هو وڏڙو ٿيندو،
پاڻ جيڏن سان پڙهڻ ويندو.
علم پرائيندو ڏينهن رات،
ڪِڪو امان کي ڄائو رات.
ڇٽيهه لکڻو شينهن جوان،
ٿيندو دودو درياء خان.
ڪندو هر مشڪل کي مات،
ڪِڪو امان کي ڄائو رات.
ڀيڻ ڪري ٿي ڀاءُ لاءِ دعائون،
شال ماڻين تون روشن راهون.
’گُل‘ پتاشا تنهنجي وات،
ڪِڪو امان کي ڄائو رات.
رنگ ثقافت جي ۾ رڱجي،
اجرڪ ٽوپي پايون ٿا پيا.
پنهنجي سنڌي ٻولي ٻولي،
پيار پريت ورهايون ٿا پيا.
سنڌ وطن جا ٻالڪ گڏجي،
گيت وطن جا ڳايون ٿا پيا.
سرمد، سومر ۽ احمد گڏجي،
ايڪي ساڻ نڀايون ٿا پيا.
سڏ ڪري جڳ جي ٻارن کي،
سيني ساڻ لڳايون ٿا پيا.
علم ادب جا گيت سموهي،
سيني منجهه سمايون ٿا پيا.
وقت اسان جو ساٿي آهي،
وقت جي واڳ ورايون ٿا پيا.
”غازي“ آه اسان جو سنگتي،
خلق کي خوب کِلايون ٿا پيا.
ڏس ڪيئن ٿي رَيل هلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي.
ڪٿي ڪراچي ڪٿي آ ڪوئيٽا،
شهر ڇڏيا ٿئين رَلي رَلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي.
ڀڄندي منزل ڏانهن وڃي پئي،
خوشيءَ مان ٿي ٽِلي ٽِلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي.
ماڻهن کي هوءَ تيار ڏسي پوءِ،
ڪُوڪَ ڪري ٿي کِلي کِلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي.
پاڻ تي ڪيڏو بار کڻي ٿي،
سور نه ڪنهن سان سَلي سَلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي،
واهه واهه سائين بَلي بَلي.
اوهان لاءِ آهي ضروري پڙهڻ،
جُڳائي نٿو پيو اوهان کي رُلڻ.
علم جيڪو پرائي چڱو ٻارَ سو،
جو رُلي ٿو پيو آ گندو ٻار سو.
علم عرش مٿي ٿو پڄائي ڇڏي،
زماني ۾ عزت، وڌائي ڇڏي.
پڙهي علم جيڪو سو انسان آ،
رُلي ٿو پيو جيڪو سو نادان آ.
پڙهي علم انسان سڌري پوي،
نظر نور واري ٿو نکري پوي.
رکو ياد ”ساجد“ سندي ڳالهه کي،
نصيحت ڀري هِن سٺي ڳالهه کي.
گهر جي ٻلڙي ٻچڙا ڪيا هن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
هڪڙو ڊوڙي ٿڃ وٺي ٿو،
هڪڙو ڊوڙي پُڇ جَهلي ٿو،
ماءُ سان انگل ڪندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
ماءُ سان کيڏي چڪڙا پائين،
ڀڄي ڊڪي هو ٻکڙا پائين،
دريءَ تي ٿا ڪَن ورائين،
راند رچي ۾ ڪڏندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
ماءُ انهن تي ساهه ڏئي ٿي،
ڏاڍو تن سان چاهه ڪري ٿي،
مياؤ مياؤ ٺاهه ڪري ٿي،
ڀڄندي ڊڪندي ڪِرندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
هڪڙو چِٽ چِٽيلو آهي،
ٻيو رنگ رنگيلو آهي،
پاڻ ۾ کيڏن چڪڙا پائين،
هڪٻئي کي دسيندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
ماءُ کڻي نو ڪنڊون مٽايون،
هيڏانهن هوڏانهن جايون مٽايون،
آخر ۾ هي اسان وٽ آيون،
ٻين ٻلن کان لڪندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
رات ٿيڻ تي لڪي وڃن ٿا،
مون سان ڊوڙي سمهي پون ٿا،
هيڏي هوڏي ڪونه وڃن ٿا،
کُر کُر مياؤ ڪندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
شل نه مڇي اسان گهر ۾ آڻيون،
ڀڄندا ايندا ڊوڙون پايون،
هُل هنگامون مياؤن مياؤن،
مڇي ڏي ته اسان به کائون،
انگل آرا ڪندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
ماءُ انهن کي راند ڪرائي،
ڊُڪي ڊُڪي هو ڀت ٽپرائي،
تربيت کين ٿي خوب ڏياري،
جنگ جدل جا هنر سيکاري،
همٿ جرئت تن کي پڙهائي،
شگل سمورا ڪندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن.
کڏڙا کوٽي مياؤ ڪن ٿا،
هڪٻئي جي مٿان ڪِرن ٿا،
کُڙڪي تي هو لڪي وڃن ٿا،
پيتيءَ هيٺان لڪي ڏسن ٿا،
پيرن ۾ پُڇ هڻندا آهن،
مون کي ڏاڍو وڻندا آهن. |