گُل ڦُل جھڙا سهڻا ٻار،
امڙ ابي جا نيڻن ٺار.
روزانو اسڪول وڃن ٿا،
ٿيلها ۽ ڪتاب کڻن ٿا،
سبق سارا ياد پڙهن ٿا،
ايندي ويندي خوب ٺهن ٿا،
ڄڻ ته گلابي گل ٽڙن ٿا،
چوڏهين جا سي چنڊ کڙن ٿا،
هيل جا جيڪي آهن ٻار،
آئنده جا آهن سي معمار.
ٿا امڙ ابي جو چيو مڃن،
۽ سڀني وڏن جو ادب ڪن،
هڪ جيڏن سان رانديون ڪن،
دل وندرائن، علم پُرائن،
علم سان پنهنجو شان وڌائن،
ڪي عالم، ڪي آفيسر ٿين،
پنهنجي وطن جي خدمت ڪن،
سِر تي کڻندا آهن بار،
رهندا آهن سي هوشيار.
جوڳي ڍارا، بختن وارا،
ٻار لڳن ٿا چنڊ ستارا،
پيارا پيارا، جيءَ جيارا،
ڏس ته سهي، سار سارا،
نينهن نيارا، سونهن سُوڀارا،
”معراج منگي“ جي اکين جا تارا،
آهن بڻيا خوب سهارا،
منهنجا ٻچڙا سڀ سچارا،
آئون جيان ٿو تن آڌارا،
گل ڦل جھڙا سهڻا ٻار،
امڙ ابي جا نيڻن ٺار.
بابا جو مون سان آھي پيار،
ھر وقت لھندو آھي سار.
خوش ٿي خرچي ڏيندو آھي،
مور نه کائيندو آھي خار.
دل جو حال ونڊيندو آھي،
بابا پنھنجو آھي يار.
پيار سان ويھي ٻول ٻُڌائي،
جنھن جي اکين جو
آھيان ٺار.
شام جي ويلي شھر
گهُمائي،
ظاھرڪري ٿو پنھنجو پيار.
کيچل گھر ۾ خوب ڪيان،
پوء به نه ڏيندو آھي مار.
”توفيق“ ابي جو آھيان گل،
ھن جومون سان
آهي پيار.
اُهو ڏينهن خير سان ايندو،
سندم پُٽ ڊاڪٽر ٿيندو.
خدا جي مهرباني سان،
هي سپنو ساڀيان ٿيندو.
مسيحا بڻجي منهنجو پُٽُ،
دُعا ڏيندو، دوا ڏيندو.
سموري زندگي سهڻو،
سگهو منزل ڏي هڪليندو.
ابو آهيان دعا ڏيان ٿو،
ڌڻي دعائن جو ڦَل ڏيندو.
نه رکندو چِڙَ نه ضِدُ، ڪاوڙِ،
محبت پيارُ پاڙيندو.
اسامه پُٽ سدا جيئي،
پيالا پيار جا پيئندو.
اها ’ياسين‘ حسرت آ،
ڪراڙپ ۾ هُو ڪم ايندو.
سهڻو ننڍڙو لڳي ٿو ٻار،
هر ڪو جنهن سان ڪري ٿو پيار.
مُرڪ ته اُن جي ڏاڍي وڻي ٿي،
جهٽ پٽ ۾ جا دل کڻي ٿي،
دل جو ڄڻ ته آهي دلدار.
صورت اُن جي پياري پياري،
جيجل اُن تان جان به واري،
ڀينر ڀائر ٿين ٻلهار.
ٻار جي ٻولي ٻاتي ٻاتي،
هر ڪنهن جي آ من کي ڀاتي،
سهڻو هِن سان آ سنسار.
راجا جيڪر ٻار هجان مان،
الفت جو اظهار هجان مان،
سونهن سڄي ڄڻ سينگار.
ٿا پيار پنهنجي اَمڙ سان،
اَمڙ ٿي ڪري پيار، پنهنجي ٻچڙن سان،
امڙ ٿي ڪري اَڇو اُجرو وهنجاري صفا،
امڙ پيار ڪري ٿي وڏڙو ڪري ٿي مٺا،
ڇو نه پيار ڪريان، مٺڙي اَمڙ سان.
*
منهنجو گهر ۾ ساهه آه منهنجو گهر ۾ چاهه،
منهنجو آ مائٽن ۾ چاهه پَنهنجو آ اُن ۾ ساهه،
مان پيار ڪريان ٿو، پيءَ ماءُ سان جاني،
روز اسڪول وڃان ٿو تعليم وٺان ٿو،
ڇو نه پيار ڪريان مان مٺڙي اَمڙ سان.
گل گلابيءَ ۾، انساني سلوڪ جي حوالي سان ڪجهه عام
رواجي ڳالهه ٻولهه ڪيون ٿا.
2. ڪڏهن به ڪنهن جي ڳالهه، ڪنهن ٻئي سان نه ڪندا
ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن جي ٻڌل ڳالهه، اڳيان
پهچائيندا ڪيو.
زندگيءَ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪو به ماڻهو، ڪنهن
به ماڻهوءَ سان جڏهن ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته دراصل
هو پنهنجي اندر جو هڪ راز ٻئي جي سامهون ظاهر ڪندو
آهي. اها سندس اعتبار جي حد آهي جو هو پنهنجي اندر
جي تڪليف کي، ڏُک کي، خوشيءَ کي ڪنهن ٻئي سان
سلهاڙڻ چاهي ٿو ۽ اهو به چاهي ٿو ته سندس اها
ڪيفيت ڪنهن ٻئي کي محسوس ٿئي، پر ان تائين ئي رهي.
هاڻ اها هڪڙي امانت آهي جنهن جو خيال رکڻ اسان
سڀني تي اخلاقي حوالي سان فرض بڻجي ٿو.
عام رواجي ڪيفيت ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته الائي ڇو
اهو راز اسان سانڍي نه سگهندا آهيون. ڪا گهڙي نه
ڪنهن جهڙي...! هڪدم چاهينداسين ته اها ڳالهه ڪنهن
ٻئي سان ڪيون ۽ پوءِ ڪري به وجهندا آهيون جنهن جي
ڪري، اسان سان پيار سليندڙ جي اندر ۾ تڪليف پيدا
ٿي سگهي ٿي ۽ خاص طور تي جي اوچتو اها ڳالهه مٿس
کُلي پوي ته اسان سندس ڳالهه کي پنهنجي سيني ۾
سانڍي نه سگهياسين ته پوءِ ورهين جا رشتا لمحن ۾
ختم ٿي ويندا آهن.
ڳالهه ڪرڻ کان وڌيڪ، ڳالهه ٻڌڻ جو فن اهم آهي.
توهان عام رواجي طور تي ڏٺو هوندو ته گفتگو ته
الاهي ماڻهو ڪندا آهن، پر انهن کي مڪمل نموني سان
ٻڌڻ وارا تمام گهٽ هوندا آهن. اسين ڳالهائڻ دوران
ٻئي جي ڳالهه ڪٽڻ ۾ جلدي ڪندا آهيون ۽ ان هڪڙي عمل
جي ڪري اسان کي ٻن مختلف مرحلن مان گذرڻو پوندو
آهي.
1. جي اها ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي سين ته وري شروعات کان
مڪمل ڪري ٻڌڻي پوندي.
2. جي اها ڳالهه مڪمل طور تي سمجهي نه سگهياسين ته
پوءِ سڄي گفتگو ئي اجائي ٿي ويئي.
دنيا جا ڏاها ماڻهو، ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته
جيڪڏهن ڪو ساڻن ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته هو کيس مڪمل
طور تي ٻُڌن. ڪنهن به ڳالهه کي مڪمل طور تي ٻُڌڻ ۾
جيڪو وقت خرچ ٿيندو، اهو هڪڙو ڀيرو ئي خرچ ٿيندو ۽
تنهن کان سواءِ ڳالهه به، پوري نموني سان سمجهه ۾
اچي ويندي. هاڻي سمجهائڻ واري کي به گهٽ تڪليف
ٿيندي ۽ مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ، وڌيڪ وقت ملي
پوندو.
هڪ ٻيو اهم جُز اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪير به، اسان
سان، اسان بابت ڪا به ڳالهه ڪرڻ آيو آهي ۽ اها
ڳالهه ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان تعلق رکي ٿي ته گهڻو
ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اهو وچون ماڻهو، جنهن
ماڻهو بابت اسان سان ڳالهه ڪرڻ آيو آهي ان سان
اسان بابت اڳ ۾ ئي ڳالهائي آيو آهي.
هڪ مثال ٿا وٺون: جيڪڏهن ڪو به مهربان مون کي اچي
چوي، ته ”ادا فرحان اوهان لاءِ هيءَ ڳالهه چئي
رهيو آهي“... جيڪا ڳالهه مون چئي نه هجي ۽ اهو به
ٿي سگهي ٿو ته ان ڳالهه ٻڌڻ سان مون کي ڏُک ٿئي ۽
مان ڀاءُ فرحان لاءِ دل ۾ مِير محسوس ڪيان. اُتي
ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته مون سان ڳالهه ڪندڙ
اهو مهربان، ڀاءُ فرحان سان اها گفتگو پهرئين ئي
ڪري آيو آهي ته ”ادا محمود توهان لاءِ هيءَ اکر
چئي چڪو آهي“. سچائي اها آهي ته ان ڳالهه ڪرڻ کان
پوءِ، هاڻ هو منهنجو ردعمل ڏسڻ چاهي ٿو. پوءِ هاڻي
جڏهن مون کي ادا فرحان جو ڏُک ٿيو ته هن جي دل جو
مقصد به پورو ٿيو. اهو ڏُک وڌي وڻ ٿيندو ۽ اختلاف
نيٺ پنهنجي جاءِ وٺندا.
اها ڳالهه سدائين ذهن ۾ رکجو ته جيڪڏهن ڪو به،
اوهان سان، اوهان بابت ڪنهن جي به ڳالهه ڪري ٿو ته
ان ڪنهن بابت هڪدم اعتبار نه ڪيو، بلڪه ان مهربان
کي هڪدم سامهون ڪري، پنهنجي اندر جي شڪ کي دُور
ڪيو. گِلا ڪرڻ هونئن به ڪنهن حوالي سان ڪو چڱو عمل
ڪونهي، پر ڪنن جي ڪچائي هڪڙي جي ڳالهه ٻئي تائين
پهچائڻ، حياتي ۾ وسوسن کي جنم ڏين ٿا، جن جي ڪري
زندگي گذارڻ ڏُکي ٿي وڃي ٿي.
مثال کي ورجائڻ چاهيان ٿو. ڪنهن چيو ”ادا محمود،
ادا فرحان توهان لاءِ هيئن پيو چوي“. اُن مهربان
کي اُتي ئي روڪيو ۽ سندس سامهون ئي ادا فرحان کي
ڪال ڪري پُڇو ”ادا، اوهان ايئن چيو آهي؟“.
گهڻي ڀاڱي اوهان ڏسندؤ ته اهو وچون ماڻهو پاڻهي ئي
گم ٿي ويندو.
سمجهي ڇڏيو ته گهڻو ڪري ”وچان ماڻهون“ گم ٿيڻ لاءِ
ئي هوندا آهن.
ڪنهن ”هِڪَ“ جي آڏو، پهنجي ”انا“
کي مارڻ ”عشق مجازي“ ۽ سڄي دنيا جي آڏو پنهنجي
”انا“ کي مارڻ ”عِشق حقيقي“
آهي. ”ولي“ ته اُهو اِنسان هوندو آهي، جيڪو ”عام“
ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي اهليت
رکندو هجي، جيئڻ جي اُمنگ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي،
چهري تي خوشين جو اهتمام ڪري، جڏهن به ڪڏهن
زندگيءَ ۾ ”بحث“ جو موقعو اچي ته سامهون واري جي
”دل“ کي ”ٽُٽڻ“ کان بچائي وٺي ۽ اُن جي دِل رکڻ
لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪيفيت
جو نالو آهي ”دل“ کي ٽٽڻ کان بچائڻ، ڀلا ان کان
وڏو ”ابدال“ ڪير ٿيندو؟ ڪنهن جي دل ٽٽڻ کان بچائڻ
ئي اصل ۾ انسان جي
”فتح عظيم“ آهي.
ڪنهن عزت دار
(White Collar)
انسان جي عزت بچائڻ خاموشي سان اُن جي مدد ڪري ڇڏڻ
۽ ان نصيحت تي عمل پيرا ٿيندي ته نيڪي اهڙي ريت
ڪريو جو هڪ هٿ سان ڪريو ته ٻي هٿ کي خبر نه پوي،
ته پوءِ اهو ئي اصل ۾ ”نيڪ عمل“ آهي ۽ اهڙي ئي عمل
جو رستو ”عشق حقيقي“
ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اهڙي عمل ادا ڪرڻ کان پوءِ
اُهو انسان سڌو سنئون ربّ سائين جي خاص عنايت هيٺ
هوندو آهي. اهڙو ئي انسان بزرگيءَ جي ڏاڪڻن کان
چڙهي ولايت جي منزلن تي پهچي ويندو آهي.
بس اهڙي هڪ لمحي جي ضرورت هوندي آهي، انسان زمين
کان آسمان تائين پهچي ويندو آهي ۽ ”عرش عظيم“ کان
صدائون بُلند ٿينديون آهن ۽ اهڙو انسان سڌو سنئون
ربّ پاڪ جي بخشيل ٻانهن منجهه شمار ٿي ويندو آهي،
پاڻ وڃائي، هيٺ نظر سان نياز ۽ نِوڙت سان، نهٺائي
۽ عاجزيءَ سان، استطاعت هوندي به پاڻکي هيڻو ثابت
ڪري به اڳيان بيٺل سچ پچ ”هيڻي ۽ ڪمزور“ جي مدد
ڪرڻ ئي اصل ۾ ”حقوق العباد“ جي زمري ۾ اچن ٿا.
پنهنجي ”تن، بدن ۽ من“ کي ماري مسڪينن/ غريبن،
مجبورن، لاچارن ۽ معذورن کي گڏ کڻي هلڻ ئي اصل ۾
”انا“
کي مارڻ هوندو آهي، پنهنجي محدود کاڌي پيتي ۽ لٽي
ڪپڙي ۽ آمدني هوندي به ٻئي پاڻ کان هيڻي ۽ ڪمزور
جي مدد ڪرڻ ئي اصل ۾ ”وڏو جهاد“ آهي. لِڪ ڇُپ ۾
مدد ڪرڻ، ڪنهن ”سُفيد پوش“ جو ڀرم رکڻ ئي اصل ۾
”عين عبادت“ جي برابر آهي، هڪ تاريخي سوال ۽
اسلامي حوالو هيٺ ڏجي ٿو، پڙهڻ کان پوءِ ۽ واضح ٿي
ويندو ته ڪنهن جي سخت ضرورت ”لِڪ ڇُپ“ ۾ پوري ڪرڻ
جو ڪيڏو نه وڏو ”اجر عظيم“
آهي.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جڏهن حضرت جنيد بغدادي
رحه اڃا پهلواني ڪندو هو ۽ منزلن تي نه رسيو هو،
ته ڪهڙو واقعو پيش آيو هو؟
”جنيد بغدادي دراصل پهلوان هو ۽ شاهي درٻار طرفان
منعقد ڪرايل پهلواني واري شغل ۾ حصو وٺندو هو، هڪ
دفعي ڏاڍي عجيب ڳالهه پيش آئي، اُها اِها ته سندس
مدِمقابل ڪو پهلوان نه پر هڪڙو سخت لاغر ۽ ضعيف
انسان هو. تماشائين سان گڏ بادشاهه به اتاولو هيو
ته اڄ جنيد بغدادي پڪوئي پڪو ميدان ماريندو ۽ اُهو
به ڏاڍيءَ آسانيءَ سان، پر ٿيو سڀ ڪجهه اُن جي
برعڪس ڇو ته ٿيو ائين ته ميدان ۾ اچڻ شرط اُن لاغر
انسان جنيد بغدادي کي هڪ عرض ڪيو ته بيشڪ مان لاغر
آهيان ۽ تون پهلوان پر منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ،
ٻه ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڌيءُ جي ڄڃ اچڻي آهي ۽
مون وٽ اڃا سوڌو ڪوبه انتظام نه ٿي سگهيو آهي،
هاڻي مان اها آخري اُميد کڻي هن ميدان ۾ آيو
آهيان، بادشاهه جيئن ته تمام وڏا انعام ڪرام
کٽيندڙ کي ڏيندو آهي، سو تون منهنجي حق ۾ هارائي
وڃ ته جيئن منهنجي عزت بچي وڃي.“
”محبتون جيڪي ”آسمان“ جي بُلندين کي ڇُهنديون
هيون، نفرتن جي پاتال ۾ لهنديون ويون، محبت جڏهن
اهڙيءَ منزل تي پهچي وڃي ته پوءِ ”نفرت“ جي به ڪا
انتها نه ٿي رهي.
نه ”محبت“ ڪرڻ تي اختيار آهي، نه نفرت کي ڪو روڪي
سگهي ٿو. ٻئي عمل صرف سرزد ٿي ويندا آهن.
”خود بخود“
ڇو ته محبت به خاموش هوندي آهي، خاموشيءَ جي ابتدا
به پوءِ وري ”نفرت“
جي ”انتها“ به ”خاموشي“.
ڪائنات ”خلقيندڙ“ کي ”خاموشي“ پسند آهي. |