انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ شخص نالي فقير محمد حسن
رهندو هو، جنهن کي هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي ننڍڙن
ٻالڪن جي تعليم جو فڪر ۽ اونو رهندو هو. ان هڪ
ڏينهن اسڪول جي استادن سان گڏجاڻي ڪري انهن کي عرض
ڪيو ته منهنجي ڳوٺ جا ٻارڙا سڄو ڏهاڙو پڙهڻ بجاءِ
رُلن ٿا. اڳتي هلي انهن جو حشر الائي ڇا ٿيندو.
جڏهن ته دنيا وقت به وقت اڳتي ترقي ڪندي پئي وڃي.
پوءِ انهن اسڪولن جي استادن هن تعليم دوست مرد
مجاهد سان اهو واعدو ڪيو ته تون ڳوٺ جا ٻالڪ
اسڪولن ڏانهن وٺي اچ. باقي پڙهائڻ اسان جو ڪم آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته فقير محمد حسن ان ڳوٺ ۾ روزانو
صبح جو سوير اٿي ڪري هڪ، هڪ جي گهر وڃي ٻارڙن کي
وٺي اسڪول ڏانهن پهچائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻالڪن
جا والدين، فقير محمد حسن تي ڪاوڙجي چوندا هئا ته
تنهنجو اسان جي ٻارن سان ڇا وڃي. تون وڃي پنهنجي
گهر جو ڪم ڪار ڪر!
فقير محمد حسن مايوس ٿيڻ بجاءِ پنهنجي ڪم کي
ايمانداري ۽ سچائي سان جاري و ساري رکيو ۽ ڪيئي
تڪليفون برداشت ڪرڻ کان علاوه ڳوٺاڻن ۽ پنهنجي
اولاد جا کٽا مٺا لفظ سهڻ ۽ برداشت جو مادو پيدا
ڪيو. ان بزرگ شخص هڪ ڏينهن اسڪول ۾ ٻارن جي والدين
جو هڪ وڏو پروگرام ڪوٺايو. جنهن ۾ تعليمي ماهرن،
استادن، اديبن، صحافين، دانشورن، تعليمي آفيسرن ۽
والدين کي گهرايو. ان تقريب ۾ سڀني ٻارن جي والدين
کي سٺي نموني سان سمجهائيندي چيائون ته علم
کانسواءِ قومون ترقي نٿيون ڪري سگهن. اوهان پنهنجن
ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ استادن ۽ هن بزرگ شخص
جو ساٿ ڏيو ۽ تعاون ڪريو. پوءِ انهن ڳوٺاڻن شريڪ
مهمانن سان اهو واعدو ڪيو ته اڄ کان پوءِ اسان
پنهنجن ٻارن کي روزانو صبح جو اسڪولن ڏانهن
موڪلينداسين ۽ فقير محمد حسن ۽ استادن جي عزت،
احترام ڪرڻ سان گڏ اسڪولن ۾ مختلف وڻ ۽ گل پوکي
ساوڪ ۽ خوبصورتي کي وڌائينداسين.
اڄ اهي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ مڊل
اسڪول آباد آهن، جتي هر روز ڳوٺ جا گلن جهڙا ٻارڙا
اسڪول اچن ٿا ۽ محبت، امن، سڪون سان تعليم حاصل ڪن
ٿا. انهن اسڪولن جي بهتر تعليم، خوبصورتي ۽ ساوڪ
ڏسڻ لاءِ پري، پري کان ماڻهو اچن ٿا ۽ علم جي واس
وٺڻ بعد فقير محمد حسن سان علمي ڪچهري ڪري سڪون ۽
راحت حاصل ڪن ٿا.
گورنمينٽ ھاء اسڪول نمبر ون شڪارپور
استاد معاشري جو قابل احترام ڪردار آھي ۽ آئيندي
جي
شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ
پاڻ پتوڙيندوآھي.
استاد بادشاھه نه ھوندو آھي پر بادشاھه بنائي
ڇڏيندوآھي.
اسان کي پنھنجي استادن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ
۽
سکڻ گھرجي ڇاڪاڻ جواستاد جي بدولت ئي اڄ ھي
عبارت پڙھي رھيا آھيون.
سڪندراعظم جو قول آھي ته
”منھمنجي والد مون کي آسمان تان زمين تي آندو پر منھنجي استاد مون کي زمين
کان آسمان تي پھچايو.“
استاد دنيا جي عظيم ھستي آھي، تنھنڪري اسان کي
پنھنجي استادن جو احترام ۽ قدر ڪرڻ گھرجي ته جيئن
سماج ۾ سرخرو ٿي سگھجي.
”امان! هل ته هلي ڪمري ۾ ويهون. شام جو پاڻيهي اچي
نانا پرچائيندس.“ ادي، امان کي ڪمري ۾ وٺي ويئي.
شام جو نانا جيئن ئي ڪم تان واپس آيو ۽ مون کي
ٻاهر اڱڻ ۾ کٽ وٽ ويٺل ۽ دانهون ڪوڪون ڪندي ۽
روئندي ڏٺائين ته امان ۽ اديءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ته
هنن مون کي ڇو ڪونه گوليون وٺي ڏنيون. مون کي ڇو
ماريو اٿن؟
نانا جي همدردي ڏسي مون اڃا به وڌيڪ روئڻ جي ڪوشش
ڪئي... پر نانا مون کي وڌيڪ روئڻ ڪونه ڏنو ۽
پنهنجي ڪلهي تي ويهاري، هلي ڏهه گوليون وٺي
ڏنائين. تڏهن منهنجو ضد ختم ٿيو ۽ ٻنپهرن واري
ماني کاڌم.
منهنجي ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀيٽ ۾ منهنجي ناني جو
مون سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. هڪڙو اهو ئي ته
هو منهنجو نانو، جيڪو منهنجو هر ضد پورو ڪندو هو ۽
مان به نانا جي آسري تي پيو اجايا سجايا ضد ڪندو
هئس.
نانا هر روز شام جو مون کي پنهنجي ڪلهي تي ويهاري
ڪڏهن تلڪ چاڙهي، ڪڏهن گاڏي کاتو، ته ڪڏهن ميرن جا
قبا گهمائڻ لاءِ وٺي هلندوهو. پوءِ رستي پنڌ تي
جيڪا شيءِ مون کي وڻندي هئي، اها وٺي اتي کائي،
پوءِ اڳي وڌندا هئاسين.
نانا ڪابه شيءِ ايتري وٺندو هو، جو اسان ٻنهي ڄڻن
جي پيٽ ڀري کائڻ کان پوءِ به بچي پوندي هئي. اها
شيءِ وري مان وڏي فخر سان آڻي امان کي ڏيندو هئس
ته جيئن هو به کائين.
منهنجو هر ضد پورو ڪرڻ ڪري، ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل امان
۽ بابا، نانا کي چوندا هئا ته: ”تون ڇوڪر جا اجايا
سجايا ضد پورا ڪريو، پئسا پيو پاڻيءَ وانگي
وهائين. ٻار ته آهي، ٽڪي آني واري شيءِ تي ئي ماٺ
ٿي ويندو.“
ان تي نانا يڪدم پنهنجي کيسي مان هڪ رپئي جو
چانديءَ جو سڪو ڪڍي، مون کي ڏيندو هو ۽ چوندو هو:
”پئسي کي آئون ٿو ڪمايان. پئسا مون کي ڪونه ٿا
ڪمائين، جو ٻچن کان لڪايان. توهان کي ضرورت هجي ته
توهان کي به ڏيان.“
هڪ ڏينهن، پڙ ۾ محرم جهنڊي واڍو صبح ساڻ پڙ ۾
جهنڊيءَ جا سهڻا لاٽون ٺاهي، رپئي ۾ وڪڻڻ لڳو.
منهنجي مامي جي پٽ رفيق ان کان هڪ رپئي ۾ جهنڊيءَ
جو لاٽون وٺي، آڻي مون کي ڏيکاريو. مون جو ههڙو
سهڻو لاٽون ڏٺو ته ان تي مست ٿي پيس. گهر آيس، اچي
ضد ڪيم، پر ڪنهن به اُڌارو رپيو ڪونه ڏنو. هاڻي
نانا کان سواءِ ٻيو ڪوبه مون کي رپيو ڏيڻ وارو
ڪونه هو ۽ نانا ڪم تي وڃي چڪو هو.
مون کي جو امان ۽ ادي رپيو ڪونه ڏنو ته وري به
دانهون، ڪوڪون ڪري وڃي، کٽ تي اونڌو منهن ڪري سمهي
رهيس. ٻنپهرن جو امان مون کي اٿاري ماني کائڻ لاءِ
چيو. مون ماني کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته: ”مون
کي جيستائين رپيو نه ڏيندؤ ۽ آئون لاٽون نه وٺي
ايندس، تيستائين ماني ڪونه کائيندس.“
شام تائين ضد ٻڌيو ويٺو هئس، نڪو نانا آيو، نڪو
رپيو مليو، نڪو لاٽون ورتم. بک به اچي ورايو. پر
نانا جي اچڻ جو انتظار هو. شام ڦري رات ٿي، پر
نانا ڪونه آيو. بابا ڪم تان آيو. ان کير ۽ ڀت کائڻ
لاءِ چيو، پر ان کي صاف جواب ڏنم ته: ”مون کي
جيستائين لاٽون نه وٺي ڏيندؤ، تيستائين نه ماني
کائيندس ۽ نه ڪنهن سان ڳالهائيندس.“
بابا کي ڪم تان ايندي خبر پئجي ويئي هئي ته اڄ
نانا اتفاق سان شهر کان ٻاهر ويل آهي ۽ وري جو مون
بابا جو چوڻ ڪونه ڪيو ته ان کي به خار لڳي. سو
ماٺڙي ڪري وڃي، ٻين سان گڏ کير ڀت کائڻ لڳو ۽ مان
ڦلهڙو منهن ڪري انهن کي ڏسي رهيو هئس. سڀني کي کير
ڀت کائيندي ڏٺم، پر مون کي جو نانا جي اچڻ جو آسرو
لڳو پيو هو، سو ڇو ٿي انهن کي کير ڀت لاءِ چيم.
نانا نه اچڻو هو، سو نه آيو. سڀ کائي پي، کير ختم
ڪري، وڃي سمهڻ لڳا ۽ مان اڪيلو ڪن ڪڍيو ويٺو هئس.
سمهڻ کان پوءِ مون کي پڪ ٿي ته شايد اڄ نانا گهر
ڪونه ايندو. اهو خيال ايندي ئي مون کي لاٽون وٺڻ
وارو ضد ئي وسري ويو ۽ اچي بک ورايم. ڀانيان ته
هاڻي رڳو ڪو ٺلهي صلاح هڻي ته اٿي ماني کائيان، ۽
نه ئي مان پنهنجي ماڻهپي گهٽائڻ خاطر ڪنهن کي چئي
سگهيس ته مون لاٽونءَ تان هٿ کنيو، رڳو مون کي کير
ڀت ڏيو کايان ۽ پيٽ ڀريان.
گهر وارن کي به رو ز روز تنگ ڪندو هئس، سو انهن به
سوچيو ته اڄ نانا ته هونئن ئي گهر ڪونه ايندو، سو
ڀلي اجايو ضد ڪرڻ جي سزا مليس ۽ بک پيو مري. سو بي
فڪر ٿي سمهي پيا.
ڪابه اميد نه ڏسي گهر وارن جي سمهڻ کانپوءِ خيال
ڪيم ته پنهنجي مُڙسي ڪريان. سو اٿي آهستي آهستي
رڌڻي ۾ آيس. ڏٺم ته کير جي ديڳڙي بلڪل خالي پئي
هئي. منهنجي لاءِ کير جو چُڪو به ڪونه بچايو
هئائون. پوءِ وري جي ديڳڙيءَ جو ڍڪ لاهي ڏٺم ته ٻه
ٽي گرهه ڀت پيو هو. پاڻيءَ ۾ اُٻاريل سادن چانورن
جو گرهه کڻي وات ۾ وڌم. سڄي ڏينهن جي بک کان
منهنجي نڙي ئي خشڪ ٿي ويئي هئي. نڙيءَ کان گرهه ئي
هيٺ نٿي لٿو. زوريءَ زبردستيءَ ٻه چار گرهه کائي،
پاڻي پي وڃي سمهي رهيس.
ٻئي ڏينهن صبح جو منهن ڦلهڙو ڪري رڌڻي وٽ وڃي
اديءَ کان چانهه ماني گهريم. حقيقت ۾ منهنجو جنڊي
واري لاٽون لاءِ ضد ڪرڻ، نانا جو به نه هجڻ، سڄو
ڏينهن بک مرڻ ۽ شرمندو ٿي پاڻهي اديءَ کان چانهه
ماني گهرڻ ئي منهنجي لاءِ وڏي سزا هئي، ان ڪري في
الحال ڪير به ڪونه ڪڇيو ۽ اديءَ مون کي کائڻ لاءِ
چانهه ماني ڏني. پيٽ ڀري ماني کائي بس ڪيم ته اچي
لاٽون ياد پيم، پر پوءِ ماٺڙي ڪري نانا جي اچڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳس. شام جو نانا آيو. ان جهنڊيءَ جو
ٺهيل خوبصورت لاٽون وٺي ڏنو، تڏهن منهنجي هانوَ تي
ڇنڊو پيو ۽ خوش ٿيس.
نانا هميشه منهنجو ڪوبه ضد پورو ڪرڻ کان پوءِ مون
کي ڏاڍي پيار سان سمجهائيندو هو ته: ”پٽ! اجايو ضد
ڪرڻ، سٺن ٻارن جو ڪم نه آهي ۽ سٺا ٻار هميشه مائٽن
جي چَئي ۾ هوندا آهن ۽ ڪڏهن به ضد ڪونه ڪندا آهن.“
اڄ به جڏهن نانا لاٽون آڻي ڏنو هو ته مونکي
سمجهائڻ لڳو ۽ مون کان هاڻي وري ڪڏهن به ضد نه ڪرڻ
جو وعدو وٺڻ لڳو. تنهن تي موقعي مان فائدو وٺندي
نانا کي چيم:
”نانا هاڻي رڳو مون کي يعقوب جهڙو پٽاپٽي لغڙ ۽ هڪ
ڍيرو مانجهو لڳل وٺي ڏي ته پوءِ تو سان وعدو آهي
ته هاڻي ڪڏهن به ضد ڪونه ڪندس، ڪنهن کي به تنگ
ڪونه ڪندس ۽ امان، بابا، اديءَ جي چئي ۾ رهندس.“
اهو لغڙ وٺڻ به منهنجو ضد ئي هو، منهنجي لغڙ اڏائڻ
جي عمر هئي ڇا؟ جو لغڙ ٿي ورتم. وري جو ٻئي ڏينهن
سچي پچي نانا لغڙ ۽ ڍيرو وٺي ڏنو ته سڌو ڀڳس کُڏ
تي ۽ ڪٽهڙي تي بيهي پئي، صبح کان وٺي شام تائين
لغڙ کي جهٽڪا ڏنم. شبير يا خليل مون کان لغڙ اڏائڻ
لاءِ گهُريو ٿي ته دانهون ٿي ڪيم.
سڄو ڏينهن، بک ۾ تتل اُس ۽ لُڪ ۾ سڙڻ ڪري،شام جو
منهنجي مٿي کي ٿورو چڪر اچڻ لڳو ۽ جنهن ڪٽهڙي تي
بيٺي لغڙ کي جهٽڪا ڏنم، ان تان منهنجو پير ترڪي
پيو ۽ سڌو وڃي گهر جي اڱڻ ۾ پٽ تي ڪريس. هڪ زوردار
ٺڪاءُ ٿيو. دانهون ڪوڪون ٿيون ۽ مان ڪِرڻ سان ئي
غش ٿي ويس. جڏهن مون کي هوش آيو ته ڏٺم ته نانا جي
ٽنگ تي منهنجو مٿو رکيو هو. مان سڌو کَٽ تي ستو
پيو هئس. مٿي ۽ ٻانهن تي پٽيون ٻڌل هيون. گهر جا
سڀ ڀاتي منهنجي چوڌاري بيٺا هئا. منهنجي اها حالت
ڏسي امان ۽ اديءَ جون اکيون به آليون هيون. ائين
ٿي لڳو ته اڄ انهن مون کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. مون
اکيون بند ڪري ڇڏيون. پوري هڪ هفتي تائين پئي
پٽيون ٻڌايم، دوائون کاڌم ۽ سُيون هڻايم، تڏهن وڃي
چاق چڱو ڀلو ٿيس.
انهن ڌڪن لڳڻ ڪري ۽ امان ۽ اديءَ جو معاف ڪرڻ کان
پوءِ، مون پنهنجي نانا سان ڪيل وعدو پورو ڪيو، جو
وري ڪڏهن به اجايو ضد نه ڪيم ۽ پڙهائي ڏانهن توجهه
ڏيڻ لڳس. |