اهڙي سزا اسان جي انهيءَ استاد جي پسنديده سزا
هئي. ڪلاس ختم ٿيڻ تائين مان پنڊپهڻ ٿي ائين ئي
بيٺو رهيس. جنهنڪري منهنجي ڪنڌ ۽ پير ۾ ڏاڍو سُور
ٿيو، مان ٻيڻو غم ۾ وٺجي ويس. سوچيم ته ايندڙ آچر
تي ڪيئن به ڪري هِتان ڀڄندس ۽ آزاد ٿيندس. آچر تي
ڀڄڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ۽ ارادو ڪيم ته ڪڏهن به
هِتي واپس نه ايندس.
آچر ڏينهن ٽيپهريءَ جو، مون هاسٽل کان ڀڄڻ جو
پروگرام رِٿيو، ڇو ته عام طور تي هن وقت اسڪول جو
عملو ۽ ڇوڪرا سڀ آرامي هوندا آهن. ان گهڙي ڀڄڻ
لاءِ مون کي مناسب وقت سُجهيو. گهٽ ۾ گهٽ رات جي
مانيءَ تائين ته منهنجي هجڻ نه هجڻ جو ڪنهن کي پتو
ڪونه پئجي سگهندو. ايتري عرصي ۾ مان ڪٿان کان ڪٿي
نڪري ويندس. اسٽيشن کان گاڏي پڪڙي لنڊن ڏانهن پهچي
ويندس. ٻيو نه ته هن قيد کان ته آزادي ملندي.
آچر جي ٽيپهريءَ جو مان انتظار ڪرڻ لڳس. ٽيپهري
ٿيندي ئي، مون کي ٻاهر ڪوئي نظر نه آيو ته هاسٽل
جي پٺيان واري ڀِت تان ٽپو ڏيئي نڪتس. جتي تمام
گهڻا گهاٽا وڻ هئا، وڻن مان لِڪندو ٽپندو ٿي ويس.
اُتان پوءِ مون ڊوڙ لڳائي ۽ ائين پڳس جهڙوڪر
منهنجي پٺيان شڪاري ڪُتا ڪَڍ لڳا هجن. مان ڀڄندو
ڀڄندو. اينوسينٽ بريچ
(Innocent Breach)
وٽ پهتس. وري اڳيان هڪ روڊ نظر آيو، اتي آيس، مون
سوچيو ته هاڻي مان سڌو اسٽيشن جي طرف ويندس.
اسٽيشن هِتان کان تقريباً پنج ميل پري هئي. اسٽيشن
کان ريل پڪڙي سِڌو لنڊن پنهنجي گهر پهچندس. گهر
پهچي گهر وارن ڪوئي به نه چوندس ”مان زندگيءَ ۾
ڪڏهن به هاڻي اسڪول نه پڙهندس، چاهي ڪجهه به ٿي
پوي.“ ان وقت روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ نه هئي. مون
مينهن کان بچڻ لاءِ هڪ وڏي جيڪٽ پاتي هئي. جنهن جا
وڏا ڪالر هئا ته جيئن مون کي ڪير نه سڃاڻي سگهي.
ڪوئي منهنجي جهلڪ به نه ڏسي سگهي.
اڃا مان وڃي رهيو هئس ته مينهن وسڻ لڳو، مينهن جون
ڪڻيون مون مٿان ڪِري رهيون هيون. مان بنهه پريشان
ٿيس. منهنجي ذهن ۾ بس هڪ ئي ڳالهه هئي ته ڪيئن به
ڪري اسٽيشن تي پهچي وڃان. اڳيان روڊ پار ڪري ٻئي
طرف آيس، جتي ڪناري وٽ وڏي ڇٻر هئي ۽ تمام ڊگها وڻ
لڳل هئا. اڳتي هلي گاهه به هو، جنهن جي ٻئي طرف
کان سِرن جي هڪ ڀِت نظر آئي، جيڪا ڪافي پري تائين
پکڙيل هئي. روڊ جي موڙ طرف، ان ڀِت ۾ هڪ وڏو
محرابي دروازو لڳل هو. ڀِت تي هڪ گِهنٽي لڳل هئي،
جڏهن مان ان دروازي جي ويجهو پهتس ته دروازي جي
سامهون هڪ تمام وڏي شينهن جو مجسمو ٺهيل هو. جنهن
جو وات کُليل هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ اهو اجهو ٿو
حملو ڪري. وات مان ان جا وڏا ڏند نظر اچي رهيا
هئا، مان بيهي ان کي ڏسڻ لڳس. ان وقت هڪ ڪار کي
مون آهستي ٿيندي ڏٺو. مون بغير سوچڻ سمجهڻ جي وڏي
گيٽ کي ڌِڪو ڏيئي کوليو ۽ هڪ پٿر جي ٿنڀي پٺيان
پاڻ کي لِڪائي ڇڏيو. هاڻ اتان مان ڪار کي ڏسندو
رهيس. پر ڪار بيهڻ بجاءِ هلي ويئي، مون خدا جو شڪر
ادا ڪيو.
ان امير ڇوڪري جي باري ۾ سوچڻ لڳس ”جي، اڃان به
اسڪول ۾ هجان ها، ته نه صرف ان ڇوڪري کان مارَ
کائڻي پئي ها. بلڪ نه ڄاڻ سندس ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪرڻا
پون ها.“ سوچيم ته روڊ جي وَٽ کان هلڻ منهنجي لاءِ
خطرناڪ ٿيندو، پڪڙجڻ جو ڊپ لڳل رهندو. انهيءَ لاءِ
مان ائين ٿو ڪريان، جو روڊ کان ڏور ڳوٺ جي طرف
اسٽيشن ويندس، اهو رستو ڊگهو ته هوندو پر منهنجي
لاءِ محفوظ هوندو.
مون اڃا فيصلو ڪونه ڪيو هو ته ڪهڙي رُخ وڃان؟
منهنجي پٺيان هڪ وڏي عمر جي پوڙهي عورت بيٺي هئي،
سندس قَد مون جيترو هو. ان مون ڏانهن اک ٽيٽ ڪندي
ڏٺو، سندس اکيون ننڍڙيون ننڍڙيون نظر پئي آيون،
مان ڏانهس ڏسڻ ڪونه پئي چاهيو. پوءِ ان مون کان
پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“ مون ان کي جواب نه ڏنو.
ساڻس هڪ ڪُتو به هو. جيڪو مون ڏانهن گهوري ڏسي
رهيو هو. پوڙهي عورت وري چيو: ”پُٽ! هي ڪُتو چئي
رهيو آهي ته هي اوپرو ڇوڪرو ڪٿان جو آهي ۽ هِت
ڪيئن آيو آهي؟“ هُوءَ لاڳيتو ڳالهائيندي رهي، کيس
هٿ ۾ هڪ لَٺ به هئي. هُن لَٺ کي مون ڏانهن ائين
اُڀو ڪيو، جهڙوڪر مان ڪو ڏوهاري هجان! پوءِ هن
پنهنجي لَٺ منهنجي جيڪٽ کي هنئي ۽ منهنجي جيڪٽ
لاٿي ۽ چيائين ”پٽ! توکي ته اسڪولي يونيفارم پهريل
آهي، شايد تون اسڪول مان ڀڄي آيو آهين، مان صحيح
چئي رهي آهيان نه؟ اڪثر ٻارَ اسڪول کان ونئون
ويندا آهن. اهو مان توکي سچ چئي رهي آهيان ڀلي
توکي ڳالهه نه به وڻي!“
(ٻالڪ ناٽڪ)
ڪردار
1. جاويد
2. لاريب
3. ادي
4. ڇوڪرو
لاريب: ته پوءِ ڀلا هاڻي ئي ٽيوب لائيٽ ٻاري
روشنيءَ ۾ هن جا رنگين پَر ڏس ۽ پوءِ هن کي آزاد
ڪري ڇڏ.
جاويد: نه نه! هاڻي نه! رات جو روشنيءَ ۾ اُڏامندو
ته هن جا رنگين پَر چمڪندا... عجيب نظارو هوندو...
ڏسجانءِ
لاريب: توکي به ڏاڍو مزو ايندو.
لاريب: (حيرت مان پڇندي) ته پوءِ پوپٽ سڄي رات
ڪمري ۾ ئي هوندو؟
جاويد: پوءِ ڇاهي؟ مري ٿورو ئي ويندو. صبح جو پڪڙي
باغ ۾ ڇڏي ايندومانس.
لاريب: ويچارو مري ويو ته...!
جاويد: ته پوءِ سندس ڀاڳ!
لاريب: مان اديءَ کي ٻڌايان ٿي ته تنهنجا ڪهڙا
ارادا آهن.
جاويد: (ڪاوڙ ۾) ڀلي ٻڌائينس... مون کي ڪا پرواهه
ناهي!
لاريب! تون ته ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهين! هي توکي ڇا ٿي
ويو آهي...!
جاويد: (ڳالهه بدلائيندي) رات جو هن جا چمڪندڙ پَر
ڏسندينءَ ته حيران ٿي ويندينءَ!
لاريب: مان تو وانگر ظالم ٿورو ئي آهيان.
جاويد: ڇا... ڇا...؟ ڇا چيو تو؟ ظالم؟ مان ظالم
آهيان؟ بيهه ته!
(لاريب ڪمري مان نڪري وڃي ٿي ۽ پردو ڪِري ٿو)
ڏيک ٻيو
ڏيک- ساڳيو ئي ڪمرو- سانجهيءَ جو وقت آهي.ڪمري ۾
ٽيوب لائيٽ ٻري رهي آهي. جاويد ڪمري ۾ اڪيلو موجود
آهي. هو لاريب کي سڏيندو رهي ٿو، پر ڳچ وقت گذرڻ
جي باوجود به هوءَ ڪونه ٿي اچي. جاويد ميز ڏانهن
وڌي ٿو. ميز تي نظر وجهي ٿو ۽ پريشان ٿي وڃي ٿو.
هيڏي هوڏي ائين ڏسي ٿو ڄڻ ڪا شيءِ وڃائجي وئي
هجيس. اوچتو ميز جي ٻئي پاسي کان هڪ ڇوڪرو ظاهر
ٿئي ٿو. کيس رنگ برنگي لباس پاتل آهي ۽ سندس مٿي
هيرن، موتين ۽ شيشي سان جڙيل ٽوپي پاتل آهي.
ڇوڪرو: تون هن کي ڳولي رهيو آهين نه؟
جاويد: (گهٻرائجي وڃي ٿو) پ... پ... پَر تون آهين
ڪير ۽ هتي ڇو آيو آهين؟
ڇوڪرو: تون مون کي ڇڏ... رڳو ايترو ٻڌاءِ ته تون
پوپٽ کي ڳولي رهيو آهين نه؟
جاويد: (وائڙو ٿي وڃي ٿو)... پَر تون...
ڇوڪرو: (جاويد جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي) پوپٽ کي تون
باغ مان پڪڙي آيو آهين نه؟ ۽ هاڻي وري ٽيوب لائيٽ
جي روشنيءَ ۾ تون ان جا رنگين پَر ڏسڻ چاهين ٿو
نه؟
(جاويد ماٺ ڪيو ڇوڪري کي تڪيندو رهي ٿو)
ڇوڪرو: مان تو کان ڪجهه پڇيو.
جاويد: ها..! ها..!
ڇوڪرو: تون هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ! جيڪڏهن ڪو ماڻهو
توکي پڪڙي وٺي وڃي ۽ توکي چئي ته هَوا ۽ پاڻيءَ تي
ڊانس ڪر ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟
جاويد: (ٿورو جذباتي ٿيندي) پر تون اهو ڇو ٿو پڇين
مون کان؟
ڇوڪرو: ان ڪري جو مان اُهو ئي پوپٽ آهيان، جنهن کي
تو پڪڙي هن ڪمري ۾ قيد ڪيو آهي.
جاويد: (حيران ٿيندي) ڇا..؟ تون واقعي پوپٽ آهين؟
ڇوڪرو: جي ها دوست! مان رب سائين کان دعا گهُري ته
مون کي ڪجهه دير لاءِ ڇوڪرو بناءِ. رب سائين
منهنجي ٻڌي ورتي ۽ اهڙيءَ طرح مان ڇوڪرو بنجي ويس.
جاويد: تون سچ پچ...!!
ڇوڪرو: مان سچ پيو چوان ته مان اهو ئي پوپٽ آهيان،
جنهن کي تون خانصاحب باغ مان پڪڙي آيو هئين.
جاويد: ٺيڪ آ... پوءِ؟
ڇوڪرو: مان تو کان ڪجهه پڇيو... ان جو جواب ڏي.
جاويد: ڇا پڇيو تو؟
ڇوڪرو: مان پڇيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو توکي پڪڙي وٺي
وڃي ته پوءِ تنهنجو حال ڇا ٿيندو؟
جاويد: (تڪبر مان) مون کي ڀلا پڪڙيندو به ڪير؟
ڪنهن کي مجال آهي، جو مون کي پڪڙي.
ڇوڪرو: ڇو ڪونه ٿو پڪڙي سگهي؟ تو جو مون کي پڪڙيو
آهي ته پوءِ توکي به ڪو پڪڙي سگهي ٿو.
جاويد: جيڪڏهن ڪنهن مون کي پڪڙيو به ته پوءِ ان
سان مان ويندس ئي ڪونه!
ڇوڪرو: مان به ته هتي اچڻ نه پئي چاهيو نه! پر تون
مون کي پڪڙي هتي وٺي آئين. توکي اهو احساس آهي ته
تو مون کي ڪيتري تڪليف ڏني آهي؟ مان هڪ اُڏامندڙ
پوپٽ ۽ تو مون کي هڪ رومال ۾ ويڙهي بند ڪري ڇڏيو؟
توکي خبر آهي ته مون کي هڪ کنڀڙاٽيءَ ۾ ڏاڍو سُور
ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو توکي پڪڙي تنهنجي
ٻانهن مروڙي ته پوءِ دانهون ڪوڪون ڪندين يا نه؟ پر
ويچاري پوپٽ جي توکي ڪهڙي پرواهه! ان جي ڀلي
کنڀڙاٽي پٽجي يا پَرَ پٽجن، توکي سُور ٿوروئي
ٿيندو! توکي ته رڳو پوپٽ جو رونشو ڏسڻو آهي. ائين
نه؟
جاويد: اوهو...!
ڇوڪرو: اوهو... مان ڀلا ڇا ٿيندو؟ تون ته هڪ ظالم
ڇوڪرو آهين! توکي ڪنهن به شيءِ جو احساس ناهي.
توکي اها به خبر ناهي ته مون کي گل سان ڪيترو پيار
آهي.
جاويد: مان ته گل ئي پٽڻ ٿي چاهيو.
ڇوڪرو: جيڪڏهن مان تنهنجي اڳيان نه اچان ها ته
پوءِ تون ضرور اهو گل پٽين ها!
جاويد: ته پوءِ ڀلا تون ڇو منهنجي اڳيان آئين؟
ڇوڪرو: تون ايتري ڳالهه به نه ٿو سمجهي سگهين؟ مان
هرگز نه ٿي چاهيو ته تون منهنجو پيارو گل پَٽي کڻي
وڃين. مان سوچيو ته تون مون کي پڪڙيندين ۽ گل جو
خيال لاهي ڇڏيندين.
جاويد: ته پوءِ تو اها قرباني گل لاءِ ئي ڏني؟
ڇوڪرو: جي ها بلڪل! ان قربانيءَ جو ئي نتيجو آهي
جو رب سائين منهنجي دعا قبول ڪري ورتي ۽ مان پوپٽ
مان هڪ ڇوڪرو ٿي ويس.
جاويد: (شرمندو ٿيندي) مون کي افسوس آهي!
ڇوڪرو: گل کي جڏهن پَٽبو آهي ته اهو ويچارو ڏاڍو
تڙپندو آهي. توهان ماڻهو سمجهو ٿا ته ساهه رڳو
اسان انسانن ۾ ئي ٿيندو آهي ۽ ٻيا سڀ بي ساهَه
ٿيندا آهن؟ ائين ناهي دوست! جهڙيءَ ريت اوهان
انسانن کي تڪليف ٿيندي آهي، تيئن اسان جيتن کي به
ٿيندي آهي. گلن، پوپٽن، وڻن ٽڻن، پکين ۽ جانورن کي
به ٿيندي آهي.
جاويد: ٺيڪ آ.
(هلندڙ)
هڪ ڀيري هڪ بادشاهه کي وڏي ڪهاڻي ٻڌڻ جو شوق ٿيو.
هن پنهنجي وزير کي چيو ته تون سڄي ڳوٺ ۾ اعلان ڪري
ڇڏ. اهو ٻڌي وزير سڄي ڳوٺ ۾ اعلان ڪيو ته جنهن جي
به ڪهاڻي وڏي هوندي ان کي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جو
سڱ ڏيندو ۽ ڪوبه هڪ خواهش پوري ڪندو. جنهن جي
ڪهاڻي بادشاهه کي پسند نه آئي تنهن کي قيد خاني ۾
بند ڪري ڇڏيندو. اهو ٻُڌي پري پري جا ماڻهو ڪهاڻي
ٻڌائڻ لاءِ آيا. پر بادشاهه کي ڪنهن جي به ڪهاڻي
سٺي نه لڳي.
تنهنڪري انهن سڀني کي قيدخاني ۾ بند ڪري ڇڏيو.
انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو جو پُٽ به هو ان جو پٽ
پريشان ٿي رهيو هو. منهنجي پيءُ ايتري دير ڇو ڪئي
آهي ۽ ان کي خبر پئي ته ڪنهن بادشاهه منهنجي پيءُ
کي قيد خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. ان سوچيو ته آءٌ
بادشاهه کي سبق سيکاريندس. ان جو پٽ ٻئي ڏينهن تي
درٻار ۾ درٻاري ٿي پهتو ته بادشاهه کي چيائين ته
آءٌ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان. بادشاهه حڪم ڪيو
ته ڪهاڻي ٻڌاءِ. هن ڪهاڻي شروع ڪئي، هڪ هاري هوندو
آهي ان جي زمين هوندي آهي ته جيئن زمين ۾ اَن
ڇٽيندو هو، ته جهرڪيون اچي اَنُ کائي وينديون
هيون. هڪ ڀيري هاريءَ سوچيو ته آءٌ پنهنجي زمين جو
خيال رکندس هُن ٻيهر اَنُ ڇٽيو پر جهرڪيون به هار
مڃڻ واريون نه هيون. هڪ جهرڪي آئي اَنُ چڳي ڦُر، ۽
ٻي جهرڪي آئي اَنُ چڳي ڦرُ، وري ٻي جهرڪي اَنُ چڳي
ڦُر. بادشاهه چيو ته ڦُرڦُر بند ڪر. درٻاري چيو
ائين ڪيئن هڪ هڪ جهرڪي ايندي هڪ داڻو چڳيندي.
بادشاهه سمجهي ويو ته اڄ سيرَ کي سوا سيرَ مليو
آهي. بادشاهه دل ۾ چيو ته هن کي سزا به نه ڏئي
سگهبي. پوءِ ان کي انعام ڏئي جان ڇڏائڻي پوندي.
بادشاهه هن کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو ۽ پوءِ
درٻاريءَ چيو ته منهنجي هڪ خواهش پوري ڪر، جيڪي
ڪهاڻي ٻڌائڻ آيا انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. بادشاهه
انهن سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. بادشاهه درٻار ۾
فيصلو ڪيو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ هي ڇوڪرو منهنجي
ڌيءَ سان شادي ڪري بادشاهي جو وارث ٿيندو.
پيارا ٻارؤ! اسان کي هن ڪهاڻيءَ مان سبق ملي ٿو
ته، اسان کي هر وقت عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي.
هڪ ماڻهو جا ٻه پُٽ هئا، وڏي پُٽ جو نالو يوسف ۽
ننڍي جو بهرام هو. يوسف ۽ ان جو والد مڇيون پڪڙڻ
ويندا هئا، جڏهن ته بهرام کي لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق
هو. جڏهن بهرام وڏو ٿيو ته ان جي والد ان کي چيو
ته ”تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين،تون به مڇيون پڪڙڻ
هلندو ڪر.“ ان ڳالهه تي بهرام انڪار ڪندي چيو ته
”مان پڙهڻ چاهيان ٿو“. هن ڳالهه تي ان جي والد ان
کي سزا ڏني ۽ پاڻ سان گڏ مڇيون پڪڙڻ لاءِ وٺي ويو.
ڪجهه ڏينهن بهرام مڇيون پڪڙڻ لاءِ ويو پر هڪ ڏينهن
هو پنهنجي والد سان گڏ نه ويو. جڏهن ان جو پيءُ
گهر آيو ته ڪاوڙ ۾ بهرام جي ماءُ کان پڇيائين ته
اڄ بهرام مڇيون پڪڙڻ ڇو نه هليو، ته اُن جي ماءُ
وراڻيو ته، بهرام اڄ اسڪول ويو هو. ان ڳالهه تي
بهرام جي والد ان جي ماءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي ۽
چيائين ته ”اسان جي گهرن ۾ پڙهڻ لکڻ نه آهي، تون
گهر جا حالات ڏسين ٿي اگر بهرام پڙهڻ ويندو ته گهر
جو گذارو ڪيئن ٿيندو. توهان ماءُ پٽ کي اها ڳالهه
سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته پڙهڻ لکڻ ۾ ڪجهه ڪونه آهي.
هي ڏس منهنجو يوسف منهنجي هر ڳالهه مڃيندو آهي،
يوسف منهنجو هيرو آهي“. ان کان پوءِ يوسف ۽ ان جو
پيءُ اتان هليا ويا. اُهي سڀ ڳالهيون بهرام لڪي
ٻُڌي رهيو هو. اُهو پنهنجي ماءُ وٽ آيو ۽ چيائين
ته ”امان اگر يوسف بابا جو هيرو آهي ته مان ڇا
آهيان؟“ ان جي ماءُ چيو، ”نه تون به هيرو آهين.
تون ته ماءُ جو لعل آهين“. جڏهن به بهرام اسڪول
کان گهر ايندو هو ته يوسف ان کي چيڙائيندو ۽ تنگ
ڪندو هو، چوندو هو ته ”تون ته ڪم چور آهين ڪوئي ڪم
صحيح ناهين ڪندو، مون کي ڏس مان بابا جو هيرو
آهيان“. مان مڇيون پڪڙيندو ۽ پيسا ڪمائيندو
آهيان“. بهرام جي هن حالت جي ڪري ان جو پيءُ
پريشان ٿيو ۽ ان کي هڪ هوٽل تي بيهاري ڇڏيائين.
اُن هوٽل تي
هڪ آفيسر آيو جڏهن هن بهرام کي ڏٺو ته ان کي سڏ
ڪري چيائين ته تون پڙهندو آهين؟ بهرام ان کي سڀ
ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ان تي آفيسر چيو ”تون پنهنجي
والد کان موڪل وٺ ته مان توکي پڙهائيندس.“ جڏهن
بهرام گهر ويو ۽ پنهنجي والد کي اها ڳالهه
ٻڌايائين ته ان جي والد ان کي سزا ڏني ۽ انڪار ڪري
ڇڏيائين. اڳئين ڏينهن آفيسر وري هوٽل تي آيو ۽
بهرام کان اجازت جي باري ۾ پُڇيائين ته بهرام کيس
سڄي ڳالهه ٻڌائي، آفيسر چيو ”توکي اگر پڙهڻو هجي
ته منهنجي گهر اچي وڃجان“. آفيسر، بهرام کي پنهنجي
گهر جو پتو ٻڌايو. بهرام اها ڳالهه جڏهن پنهنجي
ماءُ کي ٻڌائي ته ان جي ماءُ ان کي ڪپڙا ٻڌي ڏنا ۽
چيائين ته ”ان آفيسر جي گهر وڃ ۽ ان کي چئو ته
توکي پڙهائي“. بهرام پنهنجي ماءُ سان موڪلائي هليو
ويو. 16 سالن تائين ان جي ڪا خبر نه ملي، ان کان
پوءِ انهن جي گهر جي ٻاهريان هڪ وڏي آفيسر جي گاڏي
آئي. ان مان بهرام لٿو، ان کي ڏسي
ان جو ڀاءُ ۽
والد ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ بهرام کان معافي
گهريائون ۽
پنهنجن ٻارن کي پڙهڻ لاءِ چيائين. بهرام پنهنجي
ماءُ ڏي ويو ۽ چيائين ”امان تنهنجو ’لعل‘ آيو آهي“. ان کان پوءِ انهن پنهنجي زندگي آرام
سان گذاري.
سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ ۽ ڪوڙ جي
مُنهن ۾ ڌوڙ“ انهيءَ چوڻي کي بيان ڪرڻ کان اڳ اسين
سچ جي حقيقت معلوم ڪريون ته سچ ڇا آهي؟ عربيءَ ۾
سچ کي ”صدق“ ۽ سچار کي ”صادق“ چون ٿا ۽ سچ انسان
جي اعليٰ ڳُڻن مان هڪ آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر قدم
تي کيس ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ٿو. سچ چوڻ سان انسان
گمراهيءَ کان بچي وڃي ٿو، بندي توڙي خدا جي اڳيان
سرخرو ٿي وڃي ٿو. سچي ماڻهوءَ تي هميشه خدا جي
رحمت وسندي آهي ۽ ڪوڙي تي لعنت! ”سچ ۾ ڇوٽڪارو ۽
ڪوڙ ۾ تباهي آهي“. ڪوڙ کي ڪو بنياد نه آهي، ڪوڙي
ماڻهو جي مُنهن ۾ هميشه ڌوڙ هوندي آهي، پر سچ هر
هنڌ چمڪندڙ ۽ سرخرو هوندو آهي. اسلام ۾ سچار انسان
کي وڏي اهميت آهي. سچ ايمان ۽ ڪوڙ ان جي قينچي
آهي.
مُرڪ جا ممي پپا ٻئي نوڪري ڪندا هئا. ٻئي پڙهيل
ڳڙهيل ۽ سخي هئا. صرف موڪل واري ڏينهن گهر ۾ رهندا
هئا. مُرڪ موڪل واري ڏينهن پئي ماءُ کان سوال ڪندي
هئي. سندس ماءُ جسوتي به خوشيءَ وچان لاڏلي ڌيءُ
کي پئي جواب ڏيندي هئي. کيس لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق
هو، پئي محنت ڪندي هئي.
اَڄ جسوتي ڏاڍي خوش هئي. ڏياريءَ جي موڪلن ڪري
پنهنجي لاڏلي ڌيءَ کي سوکڙيون ۽ مٺايون خريد ڪري
ڏيڻ لاءِ کيس بازار وٺي ويئي هئي. گهر گهٽيون روڊ-
رستا، دڪان ڏياريءَ جي روشنيءَ سان جڳمڳائي رهيا
هئا. خريداري ڪري جڏهن واپس وري رهيا هئا ته
چَوواٽي تي ڳاڙهي بتيءَ ڪري هنن جي ڪار بيهجي
ويئي. اُن وقت هڪ ننڍڙي ٻارڙي ڦاٽل ميرا ڪپڙا
پهريل، هٿ جوڙي چوڻ لڳي، ”ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيو
نه...“
مرڪ جي مميءَ مٺائيءَ جا ڪجهه پئڪيٽ ورتا هئا،
اُنهن مان هن هڪ پئڪيٽ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنو.
غريب ٻالڪيءَ جي اکين ۾ چمڪ اَچي ويئي. خوشيءَ
وچان ٺينگ ٽپا ڏيئي پنهنجي ماءُ وٽ ڊوڙي ويئي.
مرڪ ماءُ کي چيو، ”ممي، هيءَ ڪيتري نه خوش ٿي
آهي!“
سندس ماءُ چيو، ”مٺڙي! اَهڙن ڏڻن تي غريبن کي
خيرات ڏيڻ گهرجي. کائي ڪري دعا ڪندا.“
مُرڪ اٻوجهائيءَ وچان پڇيو، ”ممي، رڳو سال ۾ هڪ
ڀيرو ئي ڇو؟“
جسوتيءَ چيو، ”نه مٺڙي! اَهڙي ڳالهه نه آهي. وت
آهر جڏهن به ٿي سگهي تڏهن دان ڪرڻ گهرجي.“
مُرڪ: ”نه نه، ائين نه آهي. روٽي، ڪپڙو- لٽو به
ڏيئي سگهجي ٿو. خيرات ڪرڻ ته سُٺو ڪم آهي.“
مرڪ وري معصوميت سان سوال ڪيو، ”ڇا اسين ڪاپيون،
ڪتاب به خيرات ڪري سگهون ٿا؟“
جسوتي: ”پاس ٿيڻ کان پوءِ نئين ڪلاس ۾ وڃڻ کان
پهرين پوئين سال جا ڪتاب ڪاپيون غريب شاگردن کي
خيرات ۾ ڏجن.“
مُرڪ: ”اسڪول ۾ ٽيچر کي جيڪي ڪتاب ڏيندا آهيون،
اُهي به تن کي ئي خيرات ڪري ڏيندا آهن نه؟ هيءَ
جيڪا غريب ڇوڪري آهي اَهڙن غريب بکارين کي به ڪتاب
خيرات ڪري ڇڏيون ته؟“
جسوتي: ”ڇو نه. اَهڙن ٻارن کي، جن کي پڙهڻ اَچي ته
ڪتاب ضرور خيرات ڪجن. علم کان وڏي ٻي ڪا خيرات
ڪونه ٿيندي آهي.“
مرڪ جي ڪومل من ۾ ماءُ جي نصيحت سمائجي ويئي.
اسڪول کان واپس ورندي هڪ ڏينهن مُرڪ اُن غريب
بکارڻ ڇوڪريءَ کي رنگين چترن وارو ڪتاب وٺي ڏنو ۽
کانئس پڇيو، ”تون، ا... ب... ٻ... وارو هيءُ ڪتاب
پڙهندينءَ؟“
اُن ٻالڪيءَ به خوشيءَ وچان ڪتاب وٺندي مُرڪ کي
چيو، ”ادي، توهان مون کي ا... ب... ٻ...
سيکاريندا؟“
مُرڪ چيو، ”ها. توکي ضرور سيکاريندس.“
ائين اسڪول کان واپس ورندي مُرڪ هر روز هڪ اَکر ان
غريب ڇوڪريءَ کي سيکارڻ شروع ڪيو. هوءَ به شَوق
وچان هر روز انتظار ۾ ويٺي هوندي هئي. مُرڪ کي
ايندو ڏسي ڊوڙ پائي سندس ڀرسان ايندي هئي. اُن
بکارڻ نه صرف پنهنجو نالو پر ماتا- پتا جو نالو ۽
ڪيترا بيت به سکي ورتا. رونشي ڪري نه صرف هن پر
جهوپڙين جي ٻين ٻارڙن به بيت سکي ورتا ۽ ڳائي ڪري
پيا ٻُڌائيندا هئا.
واٽ ويندڙ ڪيترا ماڻهو ۽ اسڪولي ٻار جڏهن غريب
ٻارڙن جي واتان بيت ٻُڌندا هئا ته پري کان ئي هٿ
لوڏي ٻارن جي ساراهه ڪندا هئا. غريب ٻار به خوشيءَ
۾ نه ڍاپندا هئا. اَصل ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندا هئا.
اُهي ٺينگ ٽپا ڏيئي زور زور سان بيت پڙهندا هئا.
وقت گذرڻ لڳو. ڏينهن ۽ مهينا گذرڻ لڳا. ڏياريءَ جو
ڏڻ موٽي آيو. مُرڪ جي مميءَ ڏياريءَ جي موڪلن ۾
وري پنهنجي سٻاجهڙي مٺڙي ڌيءُ کي پاڻ سان ڏڻ لاءِ
مٺايون ۽ سوکڙيون وٺڻ لاءِ وٺي ويئي.
مُرڪ پنهنجي مميءَ کي چيو، ”ممي، توهان جيستائين
مٺايون وٺو، مان سامهون دڪانن تان سوکڙيون وٺي ٿي
اچان.“
هوءَ ٻارڙن جي سوکڙين واري دڪان تي وڃي رنگين آرٽ
وارن ڪتابن جا پئڪيٽ خريد ڪري آئي. رنگ برنگي پنن
۾ ويڙهيل سوکڙين جا پئڪيٽ ڏسي هن جي ماءُ پڇيو،
”هيءُ ڪهڙيون سوکڙيون خريد ڪيون اَٿيئي؟ ڏسان ته.“
مُرڪ چيو، ”ممي، مان توهان کي پوءِ ٻڌائينديس.“
گهر واپس ورندي چَوواٽي تي جهوپڙين ڀرسان بيهي
مُرڪ چيو، ”ممي، مون سان گڏ هلو نه.“
جسوتيءَ جيڪي مٺائيءَ جا پئڪيٽ ورتا هئا، تن مان
غريب ٻارن کي ڏيڻ لاءِ هڪ پئڪيٽ کنيو.
مُرڪ چيو، ”ممي، مٺائي نه کپي.“
هوڏانهن ٻار به خوشيءَ وچان انتظار ڪري رهيا هئا.
اُتي پهچي هن پنهنجي ٿيلهي مان رنگ برنگي پنن ۾
ويڙهيل رنگين آرٽ وارن ڪتابن جون سوکڙيون غريب
ٻارڙن ۾ ورهائڻ شروع ڪيون.
مُرڪ چيو، ”ممي! ڏياريءَ تي مان ڪتابن جا پئڪيٽ ٿي
خيرات ڪريان. توهان ئي ته چيو هو نه، خيرات ڪرڻ
گهرجي ۽ علم جي خيرات سڀ کان وڏي خيرات ٿيندي
آهي.“
جسوتيءَ پنهنجيءَ مٺڙي مُرڪ کي ڇڪي ڪري ڇاتيءَ
لاتو. ديپن جي مالا سان گڏ رنگ برنگي ڦٽاڪن ۽
ڦلجهڙين ترت ئي آڪاش سان گڏ ٻارڙن جي چهرن تي نُور
ڦهلائي ڇڏيو. انڌيرو مٽائي علم جي روشنيءَ سان تن
من ٻهڪائي ڇڏيو.
گلڻ جڏهن ڄائو هو ته ڳاڙهو ڳٽول هو ۽ سندس ڄمڻ جي
گهر ڀاتين کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي ۽ ان خوشيءَ ۾ هنن
پنهنجي مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي جي سڀني گهرن ۾
پنهنجي اڀري سڀري حال هوندي به مٺايون ورهائي سندن
وات مٺو ڪرايو هو. سندس گهر جي وڏڙن هن جي ڇٽيءَ
جو نالو ته رنگ جي مناسبت گل محمد رکيو هو، پر سڀ
گهر ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي وارا پيار مان کيس گلڻ
سڏيندا هئا. اهو گلڻ نالو ايڏو ته مشهور ٿي ويو،
جو سندس اصل نالو گل محمد پاڙي وارن کان ڇا پر گهر
ڀاتين کان به وسري ويو هو.
گلڻ اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو. آزاد رهي، مچي مست ٿيو هو.
پر چوندا آهن ته آخر ڪوئي جي ماءُ ڪيترو خير
ملهائي، سو گلڻ کي به علم جي زيور سان سينگارڻ جون
تياريون ٿيون، پر گلڻ رسا ڇنائي وٺي ٿي ڀڳو ۽
اسڪول جو در ئي نه ٿي ڏسڻ چاهيائين. اسڪول وڃڻ کان
۽ پڙهڻ کان نابري واري بيٺو هو. جيئن ته گلڻ جي
پيءُ جي سرڪاري نوڪري ٻئي شهر ۾ هئي، ان ڪري هو
صبح جو سوير ئي گهران نوڪريءَ لاءِ نڪري ويندو هو
۽ نماشام جي وقت موٽندو هو. گلڻ کي اسڪول پهچائڻ
جو فريضو سندس ماءُ ئي ادا ڪندي هئي، جنهن کي پاڙي
وارا مامي ۽ بوئا سڏيندا هئا، تنهن گهر جي سامهون
رهندڙ بوئا ڪشمير جي هڪ پٽ مرد مجاهد زاهد احمد جي
حوالي ڪيو. گلڻ جي ماءُ، گلڻ جو هٿ ڏيندي کيس چيو
ته ”هن کي اسڪول ۾ وڃي داخل ڪراءِ، ته جيئن ٻه چار
اکر پيٽ ۾ پونس.“
زاهد، جي مامِي، ان ڳالهه تي عمل ڪندي گلڻ جي هٿ
کي، پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ کيس اسڪول
وٺي هلڻ لڳو. اسڪول جو نالو ٻڌڻ سان ئي گلڻ
ککراٽيون هڻڻ ۽ ليٿڙيون پائڻ لڳو. پر هيڏانهن به
سائين زاهد صاحب پنهنجي قول کي پاڙڻ جو پڪو پهه
ڪيو هو. جڏهن گهٽيءَ کان نڪري، ٻاهر پاڙي جي ميدان
تي پهتا ته گلڻ جو هٿ سندس ڪانچ جي پاچي ۾ پئجي
ويو ۽ ڇڏ ڇڏاءَ ۾ ان مسڪين مجاهد زاهد جي ڪانچ ئي
گوڏي تائين ڦاٽي پيئي. جڏهن ساڻس اها جُٺ ٿي، تڏهن
ان گلڻ مان هٿ ڪڍيا، نه ته تيستائين هٿ ئي نه پئي
ڪڍيائين. ائين گلڻ ڀڄي اسڪول مان جان ڇڏائي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اوڻٽيهه ڏينهن چور جا ٽيهون
ڏينهن ساڌ جو. آخر ڪيستائين، چور جا ڏينهن رهندا،
نيٺ ٽيهون ڏينهن ساڌ جو به اچي ويو ۽ گلڻ کي جيئن
تيئن ڪري اسڪول پهچايو ويو. کيس پهرئين درجي جي
استاد سائين عبدالرسول جي حوالي ڪيو ويو. (سائين
عبدالرسول کي سائين مٽر به چوندا هئا، سائين مٽر
ڇو چوندا هئا، تنهن جي گلڻ کي اڄ تائين خبر پئجي
نه سگهي آهي) ڪلاس ٻارن سان ڀريو پيو هو، ٻار، ٻار
سان ڪلهو ملائي ويٺو هو، واڌو ٻار جي ويهارڻ جي
جاءِ ئي نه هئي. پر استاد صاحب سوڙهه سڪوڙ ۾ يعني
ٻارن کي سوري پوري ڪري، گلڻ کي سندس ئي پاڙي جي هڪ
ڇوڪري نياز احمد (عبدالحئي) جي ڀرسان ويهاريو.
گلڻ، نياز احمد سان پاڙي ۾ رانديون کيڏندو هو ۽
تنهن ڪري ان سان رلي ملي ويو ۽ اسڪول جو ڊپ لهي
ويس. جڏهن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته کيس پنهنجي
پاڙي جا ڪافي ٻار ويٺل نظر آيا، جن مان هڪ شمنو به
هو، جنهن جو اصل نالو ته سلطان احمد هو، پر پاڙي ۾
سڀ کيس شمنو شمنو چوندا هئا.
استاد جڏهن زباني ڪلمي وغيره پڙهائڻ کان پوءِ
ڇوڪرن کي ڪتاب کولائي کين الف انب، بي بلا، ٻي
ٻُڪُ، ڀي ڀت، تي تارو، ٿي ٿنڀو، ٽي ٽنڊڻ، ٺي ٺونٺ،
ثي ثواب، پي پلو، سُرَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. (پر
هاڻي الف اک، بي بدڪ، ٻي ٻڪري، پڙهايو ٿو وڃي) پر
جيئن ته ان وقت گلڻ وٽ ڪتاب نه هو، تنهن ڪري نياز
احمد جي ڪتاب تان ساڻس گڏجي پڙهڻ لڳو. هاڻي ته
سرڪار سڳوري ڪتاب به مفت ڏئي ٿي، پر ٻار ڪلاس ۾
نظر ئي نه ٿا اچن، بس والدين جو پرائيويٽ اسڪولن ۾
پڙهائڻ تي زور آهي.
رسيس ٿيڻ کان ٿوري جهٽ اڳ ۾ گلڻ جي ڏاڏي، سندس
لاءِ آنڪ خرچي کڻي آئي. گلڻ آنڪ ملڻ تي گد گد ٿي
ويو. استاد صاحب گلڻ جي ڏاڏيءَ کي، گلڻ کي ڪتاب،
سليٽ، پٽي، قلم، ڪلڪ ۽ مَس وٺي ڏيڻ لاءِ چيو. گلڻ
آنڪ ملڻ کان پوءِ ان کي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏاڍو
اُتاوَلو ٿي ويو. هڪدم بينچ تان اٿي، بنا موڪل وٺڻ
جي ٻاهر گهُور ڪيائين. اسڪول جو گهورڙيو شاهه صاحب
اڃا پنهنجي ريڙهيءَ تي ٽول رکي رهيو هو. گلڻ جڏهن
اسڪول جي گهورڙيي شاهه صاحب وٽ پهتو ئي مس هو، ته
هيڊ ماستر، آفيس جي اندران ئي ويٺي کيس تنبيهه
ڪئي. گلڻ هيسجي وٺي واپس ڊوڙيو ۽ ڪلاس ۾ پهچي دم
پٽيائين. استاد سندس انهيءَ حالت تي مشڪڻ لڳو ۽
کيس پيار ڪندي چيائين ته ”پٽ! جڏهن ٻاهر وڃين ته
موڪل وٺي پوءِ وڃ. هڪ ڪرڻ لاءِ هڪ آڱر مٿي ڪري
موڪل وٺبي آهي.“
گلڻ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائين
”هڪ ڇا ٿيندو آهي؟“
استاد سندس اڻ ڄاڻائيءَ تي مُرڪي پيو. کيس
سمجهايائين هڪ ڇا ٿيندو ۽ ٻه ڇا کي چئبو آهي.
پاڻيءَ پيئڻ جي موڪل ڪهڙيءَ ريت گهرڻ گهرجي، اهي
سبق گلڻ کي ياد ٿي ويا.
جڏهن رسيس جو گهنڊ وڳو ته سڀيئي ٻار ڪلاسن مان
نڪتا. ڪي راند کيڏڻ لڳا ته وري ڪي شاهه صاحب کان
ٽول وٺڻ ۾ مشغول ٿي ويا. گلڻ به سوڙهه سڪوڙ ۽ پيهه
۾ نيٺ ڇولا ۽ پاپڙ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ منٽ ۾
ڇولا ۽ پاپڙ کائي ڇڏيائين جڏهن سندس وات تيز مرچن
جي ڪري سڙڻ لڳو، ۽ سوساٽ ڪرڻ لڳو، پوءِ ته ڊوڙي
وڃي پاڻيءَ جي مٽن تي پهتو. گلاس کڻي هڪ مٽ مان
پاڻي ڀري پيتائين، تڏهن سندس وات جو سڙڻ ڪجهه گهٽ
ٿيو.
رسيس کان پوءِ جيڪي ٻار پٽيون کڻي آيا هئا، تن جون
استاد پٽيون لکيون ۽ ٻارن کي ڏيئي کين ميدان تي
ويهي ڪري لکڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ مٿن نظر داري ڪرڻ
لڳو. ٻارن کي مس نه هارڻ، انڊا پاتل لفظن مٿان لکڻ
جون هدايتون ڪندو ٿي رهيو.
جڏهن سڀ ٻار پٽين لکڻ کان واندا ٿي ويا ته استاد
کين اندر ڪلاس ۾ گهُرائي راند کيڏائڻ لڳو. ٻارن کي
پئي چيائين ته اٿي بيهو، ويهي رهو، ٻارن کي اٿ
ويهه ۾ ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. گلڻ به مست ٿي ويو.
وري استاد کين لغڙ اڏائڻ، هٿ مٿي ڪري هلائڻ سميت
ٻيون ڪيتريون ئي رانديون ڪرايون. ايتري قدر جو
بينچون اڀيون ڪري کين گسڪڻيون به ٺاهي ڏنيون. ٻار
انهن گسڪڻين تي گسڪڻ ۽ ترڪڻ لڳا.
اهڙيءَ ريت ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گلڻ اهڙو ته هري مري
ويو جو اسڪول کان سواءِ کيس مزو ئي نه ايندو هو.
گهر وارا به سندس شوق ۽ دل لڳي وڃڻ جي ڪري ڏاڍا
خوش هئا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ استاد سندس ڏاڏيءَ
کي گهرائي سندس نالو پڇي اسڪول جي رجسٽر ۾ داخل
ڪيو. ڏاڏيءَ ويچاري گل محمد کي گلڻ بڻائي ڇڏيو. |