پيارا ٻارؤ! حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
سيوهڻ سن 1300 ۾ هجريءَ مطابق 1882ع ۾ ڄائو. سندس
پيءُ جو نالو ميان محي الدين عباسي هو، جو هڪ وڏو
عالم ۽ زبردست حڪيم هو. جڏهن فتح محمد پنجن ورهين
جي ڄمار جو ٿيو، تڏهن هن کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو
ويو، پندرهن سالن جي ڄمار ۾ هن قرآن شريف ختم ڪيو
۽ سنڌي ۽ پارسي زبانن تي به پورو عبور حاصل ڪيو.
ان کان پوءِ ضلع دادوءَ جي سيتا شهر جي مدرسي ۾
مولانا محمد صادق سيتائيءَ وٽ ڇهه سال لاڳيتو عربي
جي تعليم ورتائين. سن 1321هجريءَ ۾ هيءَ فارغ
التحصيل ٿيو. ان بعد سيوهڻ شريف جي جامع مسجد ۾
وڃي اسلامي مدرسو کوليائين. اتي هن وٽ ڪافي شاگرد
اچي ڪَٺا ٿيا ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو.
مطالعي جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. هن جي قابليت جي
شُهرت سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويئي، انهيءَ ڪري کيس
ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ عربيءَ ۽ پارسي (فارسيءَ)
جو معلم مقرر ڪيو ويو. ڪُجهه عرصي کانپوءِ حڪيم
صاحب ڪراچي ڇڏي ڳوٺ هليو ويو ۽ وري نوڪريءَ تي نه
چڙهيو. سال کان پوءِ وري ڪراچيءَ ويو، جتي ڪچهري
روڊ تي پنهنجو
”شفاخانو“
کوليائين، جتي دهليءَ واري حڪيم اجمل خان جون
سِڪون لاهيندو هو.
حڪيم صاحب جي وطن دوستي به مشهور آهي. هُو سنڌ جي
ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهيو. هيءُ هڪ بلند پايي
جو شاعر به هو. پهريائين ”صغير“ ۽ پوءِ
”حڪيم“ تخلص رکيائين. شروع ۾ عربي ۽ فارسي ۾ ۽
پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ لڳو. حديث، تفسير، تاريخ، اَدب،
شاعري، سياست ۽ حڪمت تي پڻ مهارت حاصل هُيس.
پاڻ مُلڪ جي غُلاميءَ تي ڏاڍو اَفسوس ڪندو هو ته:
”اها هڪ لعنت آهي، جا اسان جي بَد اعماليءَ جو
نتيجو آهي“. هيءُ هميشه آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندو
هو. انگريزن کان سخت نفرت هوندي هُيس. اهو ئي سبب
هو، خلافت تحريڪ ۾ تمام گهڻو بهرو ورتائين. حڪيم
صاحب چوندو هو ته: ”انگريزن جي غُلاميءَ مان نڪرڻ
لاءِ واحد طريقو آهي، هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾
اتحاد ڪرڻ“.
جيستائين انهن جو پاڻ ۾ ميلاپ نه ٿيو آهي،
تيستائين آزادي ملڻ محال آهي. هُو، انهيءَ ڪري
هندو، مسلم اتحاد جو هميشه حامي رهيو.
محترم جي. ايم. سيد 1920ع ۾ سَن ۾ خلافت ڪانفرنس
گهُرائي ته، ان جي صدارت به حڪيم فتح محمد صاحب
ڪئي. هِن بعد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي ڪراچي مان
بمبئي ڪائونسل تي چونڊرائڻ ۾ بهرو ورتو ۽ ڪراچي
ضلعي ڪائونسل بورڊ جي صدر لاءِ جي. ايم. سيد کي
چونڊرايو.
کڏي واري مدرسي کي زور وٺرائڻ، جمعيت علماء هند ۾
زوردار ڪم ڪرڻ، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺڻ سندس
ڪارناما هئا. هُو کڏي ۽ لياري ڪوارٽرن مان ميونسپل
ڪارپوريشن ڪراچيءَ جو ميمبر به چونڊجي آيو ۽ 1937ع
۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کان هڪ يوناني دواخانو
۽ هڪ ويدڪ دواخانو منظور ڪرايائين. مسلم ليگ جي
زور وٺڻ تي گهڻائي سياسي ۽ مذهبي ماڻهو ان ۾ داخل
ٿيا پر رڳو حڪيم صاحب ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارا
ئي اوڏانهن نه ويا، ۽ حڪيم صاحب جمعيت علماءِ سنڌ
جو ناظم اعليٰ ٿي ڪم ڪندو رهيو. هُو وڏو خوددار
هوندو هو ۽ انگريز سامراج سان بنهه ڪانه لڳندي
هُيس. هن ڪچهري روڊ تي رهڻ جي باوجود ڪڏهن به
ڪچهري يعني (انگريز دؤر ۾ ڪليڪٽر جي آفيس) جو
مُنهن نه ڏٺو. جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ کان آزادي ملي
ته خوشيءَ وچان هڪ زبردست طويل نظم لکيائين، جيڪو
الوحيد جي سنڌ آزاد نمبر ۾ ڇپيو.
حڪيم صاحب 1913ع ۾ ڪراچيءَ مان ”الاسلام“ نالي
ماهوار رسالو ۽ 1925ع ۾ ”الجامع“ نالي هڪ ماهوار
رسالو ڪڍيو جن ۾ جديد علمن جي مُفيد معلومات هوندي
هُئي. هنن رسالن قومي هلچل ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
”الجامع“ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾
نڪرندو هو. ان کان سواءِ هُو شهيد الله بخش سومرو
جي اخبار جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. داستان قوم، ڪمال
۽ زوال، بهار اخلاق، احوال حضرت لال شهباز قلندر،
طِب فتح محمدي، اخلاق محمدي، ابو الفضل فيضي، ميرن
جي صاحبي، آفتابِ ادب ۽ تنوير اليمان سندس ڪتاب
آهن.
سنڌ جو عظيم اڳواڻ مانجهي مرد 13 ڊسمبر 1942ع تي
هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
فوٽوگرافي يا عڪاسي موجوده دؤر جي سڀ کان وڏي
ضرورت آهي. جنهن جو انڪار ممڪن ڪونهي. فوٽوگرافي
جي بدولت ٽيليويزن جهڙو تفريحي ذريعو ميسر ٿيو،
جنهن جي ذريعي سوين ميل پري ويٺل ماڻهو جي آواز
سان گڏ تصوير به ڏسي سگهون ٿا.
ڪيمرا جي بناوٽ، اک ۽ ڪيمرا جي جوڙجڪ تقريباً هڪ
جهڙي هوندي آهي. عڪس ٺهڻ جي عمل جي روشني ۾ ٻارهين
صدي عيسوي ۾ هڪ عرب سائنسدان
”الحظان“ پهريون دفعو بنا فلم واري ڪيميرا ٺاهي.
ڪيميرا جي اصول هوندو آهي ته هن جي شيشي تي هميشه
ابتي شڪل ٺهندي آهي. اڄڪلهه ڪيميرا جون ترقي يافته
شڪليون آهن، پر انهن ۾ پري بدران فلم وڌي ويندي
آهي ۽ انهن ڪيمرائن ۾ هڪ نظام هوندو آهي، جنهن ڪري
علم وقت ۾ ڪيميري جي اک بند هوندي آهي ۽ جنهن سان
فوٽو ڪڍڻو هوندو آهي ته هڪ مخصوص بٽڻ کي دٻايو
ويندو آهي. جنهن مان ڪيميرا جي اک سا يڪدم تصوير
ڪڍي وٺندي آهي ۽ فوٽو ڪڍائيندڙ جي شڪل فلم تي اچي
ويندي آهي. ڪيميرا جو استعمال سولو هئڻ سان گڏ
نازڪ به آهي. اگر لاپرواهي سان ڪيميرا لڏي وڃي ته
هڪ کان وڌيڪ تصويرون نڪري وينديون ۽ فلم خراب ٿي
ويندي آهي. ان کان سواءِ فوٽو ڪڍڻ وقت مفاصلي جو
به خيال رکڻ ضروري آهي. تصويرون ڪڍڻ کانپوءِ
استعمال شده فلم کي اونداهه واري ڪمري ۾ صاف ڪيو
ويندو هو.
اڄڪلهه ته ڪيميرا گهٽ استعمال ڪئي ٿي وڃي ڇو ته
جديد کان جديد ڪيمرائون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ۽
موبائيل ۾ به ڪيميرا آهي. جنهن ذريعي تصوير ڪڍي ان
مهل ئي ڏسي سگهجي ٿي ۽ ان مهل ئي پنهنجي ڪنهن عزيز
کي موڪلي سگهجي ٿي، ٻيو ته ان مهل ئي وڊيوز ڀري
وڃي ٿي ۽ ان مهل ئي ڪمپيوٽر تي يا موبائيل تي
لاڳيتو يا سڌو سنئون ڏسي سگهجي ٿي.
ربّ
پاڪ جي ڏنل نعمتن مان صحت سڀ کان اُتم ۽ انتھائي
اھم نعمت آھي.
صحتمند انسان ئي ھرڪم ۽ سرگرمي وقت تي ڦڙتي سان سرانجام ڏيندو
آھي.
صحتمند رھڻ جو سڀ کان پھريون رھنما اصول
اسان کي پنھنجي مذھب اسلام سھڻي نموني سان سيکاريو
آھي ته کاڌو کائڻ کان پھريون ۽ پوء ھٿن کي چڱي طرح
صاف ڪيو.پائخاني واري جاءِ
تي ھاجت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ
نڪرڻ تي ھٿ صابڻ سان ڌويو.گھر کي روزانو صاف سٿرو رکڻ سان انسان سدائين تندرست رھندو جنھن کي
اسلام
نصف
ايمان قرار ڏنو آھي.
ان سان گڏوگڏ تازا
موسمي
ميوا ۽ ڀاڄيون واپرائڻ گھرجن،
ڇاڪاڻ جو خراب کاڌا ۽ ميوا استعمال ڪرڻ سان صحت تي
ناڪاري اثر پوندا
آهن.
سٺي صحت کي برقرار رکڻ لاء روزانو وھنجڻ ، سوير سُمھڻ ۽ سوير اٿڻ ۽ پنج وقت نماز جي ادائگي کي پنھنجي عادت بنائڻ گھرجي.
صحتمند زندگي گذارڻ لاء باقائدگي سان ورزش ڪرڻ به
بيحد ضروري آھي.
صحت جو قدر ڪرڻ لاء نشي کان دوري اختيار ڪرڻ ضروري
آھي.
ماڻھو صحت بغيرڪنھن ڪم جو ناھي
رهندو.
توڙي جو بادشاھه ڇو نه ھجي ، دولت جا انبار، سون ۽ چانديءَ جا ڍير به ھن جي صحت جي واپسي جو سبب نه ٿا بڻجي سگھن.صحت وڏو سرمايو
۽ دولت آھي ، ڄڻ سون ۽ چاندي آھي.تڏھن ئي ته چوندا
آھن ته
تندرستي ھزار نعمت آھي.
اچو ته زندگيءَ
۾ صحت جي مٿين اعليٰ اصولن کي اپنائي پنھنجي جيءَ
۽ جھان ٻنھي کي خوش رکون.
ماڻهو اڪثر ڪري ٻن قسمن جي زندگي گذاريندا آهن.
هڪڙي شهري ۽ ٻيا ڳوٺاڻي زندگي. ڳوٺاڻي زندگي شهري
زندگي جي ڀيٽ ۾ نهايت پر سُڪون ۽ فطرت جي ويجهو
هوندي آهي. ڳوٺن ۾ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ۽ وڻ ئي
وڻ هوندا آهن. جنهن ڪري اتان جي ماحول ۾ ڪنهن به
قسم جي گدلاڻ نه هوندي آهي. ڳوٺن ۾ اڪثر ڪچا ۽
ڪکاوان گهر هوندا آهن. ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻهو ٻني ٻارو
ڪندا آهن ۽ گهرن ۾ چوپايو مال پاليندا آهن. ان ڪري
هنن کي اَنُ، ڀاڄيون، تازو کير ۽ مکڻ گهر ويٺي
ملندو آهي. تنهن ڪري ڳوٺاڻا چُست توانا ۽ تندرست
هوندا آهن. منهنجي ڳوٺ ڏانهن شهر جو پڪو رستو وڃي
ٿو ۽ شهر وڃڻ ۽ اچڻ لاءِ چنگچي رڪشائون، ٽانگا،
سوزوڪيون ۽ بسون استعمال ٿين ٿيون. اسان جي ڳوٺ ۾
200 گهر آهن اتي ٻه پرائمري اسڪول به آهن، هڪ
ڇوڪرن لاءِ ۽ ٻيو ڇوڪرين لاءِ آهي. منهنجي ڳوٺ ۾
ٻه مسجدون آهن، جن ۾ نماز سان گڏوگڏ ٻارن کي قرآن
شريف جو درس پڻ ڏنو ويندو آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ واٽر
سپلاءِ جو هڪ تلاءَ به آهي. ان کان سواءِ پاڻي
حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه پڪا کوهه ۽ چار واٽر پمپ به لڳل
آهن. منهنجي ڳوٺ ۾ هڪ باغ به آهي جنهن ۾ انبن،
زيتون ۽ نارنگين جا وڻ آهن. ڳوٺ ۾ تازو ۽ نِج کير
ملي ٿو، ڀاڄيون به تازيون ئي تازيون ملن ٿيون.
حضرت بيبي خديجه رضه فرمايو:
”عورت جو سڀني کان بهترين زيور پردو آهي ۽ پردو
ڪرڻ واري عورت جنت ۾ منهنجي ڌيءَ فاطمه رضه سان گڏ
هوندي.“
اڄڪلهه جي هن روشن خياليءَ جي دؤر ۾ جتي عورت پردي
کي غير اهم ٿي سمجهي، اُن جي حساب سان اگر عورت جي
نظرن ۾ حيا آهي ته هُن کي پردي جي ضرورت نه آهي،
هتي ڪجهه اهڙيون عورتون به موجود آهن جيڪي نه صرف
پردو ڪن ٿيون پر پردي ۾ رهي ڪري پنهنجو هر فرض
بخوبي انجام ڏين ٿيون چاهي اُهي ديني هجن يا
دنياوي.
پردي جو اصلي مطلب بچاءُ آهي، پنهنجو ۽ ٻين جو بي
پردگيءَ جي ڪري جيڪي فتنا ٿين ٿا اُهي اڄڪلهه جي
دؤر ۾ واضح نظر ٿا اچن. پردي جي چادر جي اندر هڪ
عورت جي نجات نه بلڪه چادر جي اندر هڪ قوم جي
ڀلائي آهي.
هر عورت کي گهرجي ته هو جيترو به پردو ڪري اُن جو
مقصد ٻين کي گمراهيءَ کان بچائڻ ۽ ربّ پاڪ کي راضي
ڪرڻ هجي. ديندار عورت جو دين نسلن تائين ويندو
آهي، ان ڪري پنهنجي عورتن کي دين جي تعليم ڏيو ته
جيئن هڪ بهترين معاشرو قائم ٿئي. ڏسجي ته هميشه
قيمتي شين کي ئي پردي ۾ رکجي ٿو، چاهي اُهو قرآن
پاڪ هجي يا ڪعبة الله شريف.
ڪنهن عقلمند چيو آهي ته اگر ڪا عورت خوبصورت نظر
اچڻ چاهي ٿي ته هُن کي گهرجي ته هو نظر نه اچي.
عورت جي پردي ۾ رهڻ سان ربّ پاڪ جي مومنن ۽
مومنياڻين لاءِ جاري ڪيل حڪمن جي پوئواري ٿئي ٿي.
عرب ۾ اسلامي دؤر جي شروعات وقت برقعي جو رواج نه
هو.
پردو سماج ۾ حيا جا بنياد مضبوط ڪري ٿو. پردي مان
مُراد اُها بلڪل نه آهي ته عورت گهر کان ٻاهر نه
نڪري، بلڪه تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ کان وٺي
سماج ۾ سڀ ڪم مردن سان شانه بشانه ڪرڻ گهرجن. قرآن
مجيد ۾ جتي جتي به پردي جو حڪم آهي اتي عورت کي
پنهنجي روزگار، واپار ۽ مالداري کان وٺي علم پرائڻ
تائين ڪنهن به ڪم لاءِ منع ڪيل نه آهي. اسان جي
سنڌي سماج ۾ عورتن کي گهرجي ته هو ربّ پاڪ ۽ ان جي
رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي ڪندي پنهنجي پاڻ کي دنيا
جي بهترين عورتن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾
بهادري، بردباري، عزت ۽ همت سان هلن.
اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول
قاسم آباد حيدرآباد آهي. اسان جي اسڪول جي عمارت
وڏي ۽ مضبوط آهي، اسان جي اسڪول ۾ 10 ڪلاس آهن،
اسان جي اسڪول ۾ هيڊمسٽريس جي آفيس ۽ ٻه وڏا اسٽاف
روم آهن. اسان جي اسڪول ۾ ٻه ورانڊا ۽ هڪ راند
کيڏڻ لاءِ وڏو ميدان آهي. اسان جي اسڪول جي پڙهائي
ڏاڍي سُٺي آهي. اسان جي اسڪول جو ماحول تمام سُٺو
آهي، اسان جي اسڪول ۾ 35 ٽيچرز موجود آهن، اسان جي
اسڪول ۾ هڪ هيڊمسٽريس به آهي اسان جي اسڪول ۾ 1000
ٻار پڙهندا آهن، اسان جي اسڪول جون ٽيچرز ڏاڍيون
سُٺيون ۽ اسان کي پيار ۽ محنت سان پڙهائينديون
آهن.، اسان جي اسڪول جي هيڊمسٽريس ڏاڍي مهربان،
نيڪ ۽ شفيق خاتون آهي. اسان جي اسڪول ۾ خاص ڏينهن
به ملهايا ويندا آهن. جهڙوڪ: 14 آگسٽ، عيد ميلاد
النبي، ثقافتي ڏهاڙو، يوم دفاع ۽ ٻيا به خاص ڏينهن
ملهايا ويندا آهن. اسان جي اسڪول جي رزلٽ تمام سٺي
ايندي آهي ۽ هر سال ٻارن کي انعام به ڏنا ويندا
آهن. رب پاڪ سائين اسان جي اسڪول کي اڃا به وڌيڪ
ترقي ڏي. (آمين)
منهنجي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول
قاسم آباد حيدرآباد آهي. اسان جو اسڪول قاسم آباد
۾ آهي. اسين اسڪول 8:00 وڳي ايندا آهيون. اسان
اسيمبلي ۾ قطارون ٺاهي بيهندا آهيون، قرة ۽ نعت
پڙهندا آهيون، حديث، شاهه عبداللطيفرحه
جو بيت پڙهندا آهيون. اسان جي ٽيچر ان بيت جي
سمجهاڻي ٻڌائيندي آهي. ان کان پوءِ اسين سڀ پنهنجن
ڪلاسن ۾ ويندا آهيون ۽ پنهنجي پڙهائي شروع ڪندا
آهيون. اسان جي اسڪول جو ماحول تمام سٺو آهي. هر
سال اسان جي اسڪول ۾ نعت خواني، عيد ميلاد النبي،
رانديون ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن. اسان
انهن سڀني ۾ ڀرپور حصو وٺندا آهيون. اسان جي اسڪول
جو ورانڊو تمام وڏو آهي، جنهن ۾ مختلف قسم جا وڻ ۽
ٻوٽا لڳل آهن. اسان جي اسڪول جون ٽيچرز تمام
گهڻيون محنتي آهي، اسان کي ڏاڍي پيار سان
پڙهائينديون آهن. اسان جي هيڊ مسٽريس ڏاڍي شفيق ۽
مهربان آهي. اسان جي اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد 600
آهي ۽ ٽيچرز 52 آهن. هر سال اسان جي اسڪول جي رزلٽ
تمام سٺي ايندي آهي. شال رب سائين اسان جي اسڪول
کي اڃان به وڌيڪ ترقي ڏي.
والدين خدا جي طرفان ڏنل هڪ نعمت آهن. جنهن وٽ
هيءَ نعمت آهي. اُهو ماڻهو دنيا جو خوشنصيب ترين
انسان آهي. جنهن وٽ ماءُ پيءَ جي ڇانوَ آهي. ان کي
ڇت جي ضرورت ئي ناهي. ڇو ته ڇپر ڇانوَ والدين ئي
آهن. خدا ڪري ته ماءُ پيءَ هن دنيا ۾ هر ڪنهن وٽ
موجود هجن. روزي ته ربّ پاڪ پاڻ ٿو ڏئي پر ذريعو
پيءُ جو آهي. پيدا ته هو پالڻهار پاڻ ٿو ڪري پر
وسيلو ماءُ جو آهي. جنهن وٽ ماءُ پيءُ آهن ان وٽ
خدا آهي. جنهن وٽ والدين جي دعا آهي اُن وٽ دنيا
آهي ماءُ پيءُ جا اولاد تي اڻ ڳڻيا احسان آهن.
جيڪي ڳڻي نٿا سگهجن. اگر انهن احسانن کي لکجي ته
ڪيترائي ڪتاب جُڙجي وڃن. اسان تي به فرض آهي ته
پنهنجي خدا جي عبادت دل سان ۽ سچائي سان ڪريون.
مطلب ته مائٽن جي فرمانبرداري ڪريون. انهن جي عزت
ڪريون انهن سان بي انتها محبت ڪريون تڏهن ئي
مسلمان سڏرائڻ جا ۽ جنت جا حقدار بڻجي سگهنداسين.
منهنجو نالو شفاء آهي آءٌ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهان ٿي،
اصل ۾ اِهو ضروري نه آهي ته آئون وڏي ٿي ڪري هڪ
ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج يا وري هڪ حڪمران ٿيان.
پر زندگي ۾ هڪ سٺي انسان جو ٿيڻ به هڪ اعليٰ ڳُڻ
آهي. سٺي انسان ٿي ڪري مان دنيا جي ماڻهن جي ڀلائي
۽ چڱائي به ڪري سگهان ٿي ۽ هڪ سٺي انسان جي معاشري
۾ عزت به رهي ٿي. جيئن ته عبدالستار ايڌي وانگر،
ڇا عبدالستار ايڌي هڪ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج يا
هڪ حڪمران هو؟! نه هي هڪ سٺو انسان هو ماڻهن جي
ڀلائي ۽ چڱائي ڪري رهيو هو. ائين ئي مان به زندگي
۾ عبدالستار ايڌي وانگر ٿيڻ ٿي چاهيان. منهنجي
زندگي جو مقصد هڪ سٺي انسان ٿيڻ آهي. سٺي انسان
کان پوءِ هڪ بهترين ڊاڪٽرياڻي ٿينديس ۽ ملڪ جي
ماڻهن جو علاج ڪري، سندن خدمت ڪنديس، اسان جي ملڪ
کي سٺن ڊاڪٽرن جي ضرورت آهي ته جيئن بيمارن جو سٺو
علاج ٿي سگهي. الله سائين مون کي سٺي انسان سان گڏ
هڪ سٺي ڊاڪٽرياڻي ۾ شمار ڪري. (آمين) |