”پاڻ کي هڪ ڪوٺيءَ اندر بند ڪر“، هن جواب
ڏنو ۽ چئو، ”اي اسان جا پيءُ، تون جيڪو
آسمان ۾ آهين، تنهنجي نالي جي سموري تعريف
آهي، تنهنجي بادشاهي برقرار رهندي، هن
زمين تي به تنهنجي مرضي پوري ٿيندي رهندي،
جيئن آسمانن ۾ ٿي رهي آهي، اسان کي اڄوڪي
ڏينهن جو رزق ڏي ۽ اسان کي پنهنجا سڀ قرض
معاف ڪر، جيئن اسان پنهنجن قرضين کي معاف
ڪريون ٿا، اسان کي لالچ ۽ هوسَ ڏانهن نه
وٺي وڃ، پر اسان کي برائيءَ کان بچاءِ“.
ڀوري ڇوڪري غور سان ٻڌندي رهي. هڪ دفعو
وري هوءَ منجهي پيئي. ”اسان کي اڄوڪي
ڏينهن لاءِ روزي ڏي“ جا لفظ، انهيءَ ساڳي
ماڻهوءَ جي وات مان هن کي عجيب لڳا، جيڪو
مسلسل چئي رهيو هو ته اسان کي کاڌي ۽ ڪپڙي
تي ڪو خيال نه ڏيڻ گهرجي، نه وري هن کي
اهي لفظ پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي نه سگهيا
ته ”اسان کي پنهنجا قرض معاف ڪر، جهڙيءَ
طرح اسين پنهنجن قرضين کي معاف ڪندا
آهيون“. هن خيال ڪيو، ته ڀلا اسين خدا جي
لاءِ مثال ڪيئن ٿا بڻجي سگهون؟ ان
کانسواءِ، اهو ”ڏي ۽ وٺ“ وارو خيال هن جي
دل کي نه آئڙيو.
ان کانپوءِ جيڪي وحشتناڪ واقعا پيش آيا،
انهن ۽ هن جي محبوب رهبر جي ختم ٿي وڃڻ هن
کي ڏاڍو ڏک رسايو. هوءَ وري وري انهن
ڳالهين تي غور ڪندي رهي، جيڪي هن ڀيري
سکيون هئائين ۽ جيئن وڌيڪ غور ڪيائين تيئن
وڌيڪ شدت سان احساس ٿيس ته ڪن ٿورين ننڍين
وڏين ڳالهين کان سواءِ، جهڙوڪ آسمان جي
بادشاهي ڳولڻ، ۽ خدا جي بادشاهي، جڏهن
راهنما نروان جون ڳالهيون ڪيون هيون، تڏهن
انهن ٻنهي عظيم رهبرن جون ڳالهيون ذري گهٽ
سڀني تفصيلن ۾ هڪٻئي سان ٺهڪي پئي آيون.
هن زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻو هو. هن دنيا کي
ٺڪرائڻو هو. مال- ملڪيت، مٽيون- مائٽيون،
گهر-تڙ سڀ پٺتي رهڻا هئا ۽ روزي ڪمائڻ ۽
شادي ڪرڻ جو خيال ٻنهي جي تعليم جي خلاف
هو، جيئن انهن ٻنهي پنهنجي پنهنجي شخصي
هلت سان ڪري ڏيکاريو.
هن خيال ڪيو ته انهيءَ قسم جا ٻه عظيم
رهبر، جڏهن سندن تعليم، ذري گهٽ هر هڪ
تفصيل ۾ هڪٻئي سان يڪراءِ ٿيڻ آهي، تڏهن
اهي ٻيئي غلط ٿي نٿا سگهن. فقط هڪ ئي ڪم،
جيڪو باقي ڪرڻو هو، سو انهن جي تعليمات کي
عمل ۾ آڻڻ هو.
* * *
انهيءَ گهڙيءَ، هن جي اکين اڳيان هڪ
تصوراتي منظر آيو. هن ڏٺو ته سڄو مشرق
گوتم ٻڌ ”راهنما“جي
انهن پوئلڳن سان ڀريو پيو هو، جيڪي پاڻ کي
”ڀڪشو“ (فقير) جي نالي سان سڏائي رهيا
هئا، ۽ جيڪو انتهائي معزز نالو هنن لاءِ
خود راهنما تجويز ڪيو هو ۽ هن ڏٺو ته سڄو
مغرب مڙهين ۽ گشتي فقيرن ۽ ٻاون سان پُر
ٿي ويو هو، جنهن کي انهيءَ دور جو انتهائي
عزت ڀريو مذهبي نظام سمجهيو پئي ويو.
مستقبل جي انهيءَ نظاري هن جي انهيءَ
ارادي کي اڃا به وڌيڪ طاقت بخشي ته هوءَ
هن دنيا جي ڪمن ڪارين کان دور ٿي گوشه
نشيني اختيار ڪري، جتي آسماني بادشاهيءَ
جي ڳولا مخصوص نموني ۾ ٿي پئي سگهي ۽
اهڙيءَ طرح هوءَ انهيءَ نظام ۾ داخل ٿيڻ
لاءِ گهربل ٽي قسم، يعني
غريبي، پاڪائي ۽ فرمانبرداريءَ جي حالت ۾
رهڻ جا حلف کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويئي.
هيڏي ساري آواراه گرديءَ کانپوءِ، پنهنجي
مٿان قيد جهڙي حالت جو پاڻ طاري ڪرڻ، جتي
هن جو ٻاهرين دنيا سان ڪو واسطو ناتو نه
رهيو، ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو. انهيءَ گوشه
نشينيءَ هن کي انهن سڀني ڳالهين تي غور و
فڪر ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو، جيڪي هن کي
درپيش اچي چڪيون هيون ۽ ساڻ ئي ساڻ هن کي
خود پنهنجي اندروني دل جي تحريڪن ۽ جذبن
جو جائزو وٺڻ لاءِ پڻ وقت ملي ويو. ساڻ ئي
ساڻ، هن کي ”ميٽرن“ جي فرمائش تي جيڪي نفس
کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ عبادتون ۽ رسمون
پوريون ڪرڻيون پونديون هيون، سي جيتوڻيڪ
هن کي فطري طور ناپسند هيون، ان هوندي به
هوءَ پنهنجي وفاداريءَ واري حلف ڪري
خوشيءَ سان برداشت ڪندي رهندي هئي. صليب
جي پوڄا کي هوءَ هر مصيبت کي ڪنهن شڪوه ۽
شڪايت کان سواءِ برداشت ڪري سگهڻ لاءِ کيس
تيار ڪرڻ جي سکيا طور سمجهي رهي هئي. پر
هن کي نزريني جي خدا جي حيثيت ۾ پوڄا
منجهائي وڌو، ڇاڪاڻ ته هن کي سندس هي
الفاظ ياد هئا: ”تون مون کي چڱو ڇو ٿي
سڏين؟ هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪوبه چڱو
ناهي.“ نزرينيءَ
جي انهيءَ پوڄا کيس پنهنجو اهو خواب ياد
ڏياريو، جنهن ۾ هن ”راهنما“ کي ديوتا جي
حيثيت سان ماڻهن کي پوڄيندو ڏٺو هو.
حالانڪه هن ڪنهن به ديوتا جي پوڄا ڪرڻ کان
سخت منع ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه هن کي
بنسريءَ واري شهزادي ۽ اهڙن ئي ٻين
ديوتائي شخصيتن جي ياد تازي ڪرائي، جن کي
هن پنهنجي سفر ۾ ڏٺو هو.
* * *
هن کي جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ڏکي لڳي، سا
اها هئي ته جڏهن به هوءَ پنهنجي بدن جي
ٿوري گهڻي صفائي ڪندي هئي، تڏهن کيس ڏاڍي
شڪ شبهي سان ڏٺو ويندو هو ۽ کيس ان کان
سختيءَ سان منع ڪئي ويندي هئي-ايتريقدر جو
عام رواجي ڌوپ ڪرڻ به دستور ۽ رواج کان
بلڪل ٻاهرنڪري ويو. نيٺ هن انهيءَ ڳالهه
جي صفائي ڪرڻ چاهي ۽ هڪ ڏينهن ”ميٽرن“ کان
پڇيو:
”ڇا، وهنجڻ گناهه آهي؟“
”هائو، کيس سخت جواب مليو،“ بدن جو ڪو به
خيال رکڻ گناهه آهي. ڇا، توکي اسان جي آقا
جو هي قول ياد ناهي ته اڻ ڌوتل هٿن سان
کائڻ ۾ ڪا پليدي ڪانهي؟“
ڀوري ڇوڪريءَ کي انهيءَ جواب بلڪل مطمئن
نه ڪيو، پر هن جيڪو فرمابنداريءَ جو حلف
کنيو هو، تنهن کيس خاموش رکيو.
وقت گذرڻ سان هن جا سڀ عمل، محض هڪ رسم
بڻجي ويا، جيڪي هوءَ ذري گهٽ هڪ بيجان
مشين وانگر ڪندي هئي. انهيءَ ڳالهه هن کي
غمگين ۽ سودائي ڪري ڇڏيو ۽ آزاديءَ، چرپر،
عمل ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجي وجود کي محسوس
ڪرائڻ جي ضرورت پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي
تقاضا ڪئي ۽ هوءَ هن جيل خاني کان ٻاهر
نڪرڻ لاءِ آتي ٿي ويئي.
جلد ئي هڪ ڏينهن خانقاه جي عمارت کي اوچتو
اچي باهه لڳي ۽ هر ڪنهن کي جان بچائڻ لاءِ
ڀڄڻو پيو، حالانڪه ڪن تارڪ الدنيا عورتن
خانقاه کي ڇڏي ٻاهر نڪرڻ کان باهه ۾ سڙي
مرڻ کي ترجيح ڏني پر ڀوري ڇوڪري، جنهن
اڳيئي پنهنجي مٿان پاڻ مسلط ڪيل انهيءَ
قيد جو ڪافي کان زياده مدو رهي پورو ڪيو
هو، سا ٻاهر ڀڄڻ ۾ ڏاڍي خوش ٿي ۽ جيستائين
ڪنهن کي هن جي عدم موجودگيءَ جو احساس
ٿيو، تنهن کان اڳيئي هوءَ ڪيڏانهن جو
ڪيڏانهن هلي وئي هئي.
* * *
هن پنهنجي پٺيان جيڪا دنيا ڇڏي هئي، تنهن
کان بلڪل مختلف نموني جي زندگي ڏسي هوءَ
ڏاڍو حيران ٿي. نوان عبادتخانا بتن سان
سٿيا پيا هئا. هن هر هنڌ نزرينيءَ جي ماءُ
جي بتن جي ديويءَ جي حيثيت سان پوڄا ٿيندي
ڏٺي، ۽ پيءُ ديوتا ۽ پٽ ديوتا هن کي
ماضيءَ ۾ ڏٺل سمورا بت ۽ انهن جي پوڄا جا
منظر ياد ڏياريا.
هن کي سندس آزاد ٿيڻ جي حالانڪه تمام گهڻي
خوشي محسوس ٿي رهي هئي، ان جي باوجود اها
آزادي گهڻي مدت لاءِ هلڻي ڪانه هئي. هن
اتفاق سان هڪ ماڻهوءَ سان مذهب بابت
ڳالهايو ۽ کيس چيو ته خانقاهن ۾ گوشه
نشيني ۽ ان جو سمورو نظام انتهائي
ٿڪائيندڙ هو. اها ڳالهه جڏهن بشپ تائين
پهتي، تڏهن کيس نوجوانن کي هرکائڻ ۽ سندن
عقيدن کي خراب ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪدم
گرفتار ڪيو ويو. جيئن ته هن جو ظاهري ڏيک
ويک به ڌارين وارو هو، ان ڪري هن تي
جادوگرياڻي هئڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ کيس
جيئرو ساڙي مارڻ جي فتويٰ صادر ڪئي ويئي.
البت هڪ نوجوان منشي هن جي جادو ڀريل نيڻن
جو اسير بڻجي چڪو هو ۽ هن جي لڪ چوريءَ ۾
پهتل مدد جي نتيجي ۾ هن پاڻ کي هڪ دفعو
وري آزاد ڏٺو ۽ پوءِ ته هن هڪ ڏورانهين
ريگستاني ملڪ جو رستو کڻي ورتو، ته جيئن
کيس وري ساڳيءَ جاءِ تي نه ڏٺو وڃي.
هن جي پهرئين ئي ڳوٺ ۾ آمد، سندس آزاديءَ
لاءِ موت جو پروانو ثابت ٿي. هن کي ڳوٺ جي
سردار غنيمت جو مال سمجهي پنهنجي لاءِ
پڪڙي ورتو ۽ کيس پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي
اهو سردار پنهنجي مرحوم پيءَ جي زالن کي
به پنهنجن زالن ۾ شمار ڪري رهيو هو.
ڀوري ڇوڪريءَ جي اتي پهچڻ واري ڏينهن تي
انهيءَ ڪٽنب ۾ هڪ ڌيءُ جنم ورتو هو، جنهن
لاءِ هڪدم اهو حڪم صادر ڪيو ويو ته کيس
هتان کڻي وڃي جيئرو دفن ڪريو. جلد ئي
پوءِ، انهيءَ ماڻهوءَ ڀوري ڇوڪريءَ کي
وڪڻڻ چاهيو، ۽ هو کيس هڪ وڏي شهر ڏانهن
وٺي ويو، جتي انهن ڏينهن هڪ وڏو ميلو لڳل
هو. اُتي پهچڻ تي، هن هڪ ننڍو مندر ڏٺو،
جنهن ۾ رکيل پٿر جدا جدا ديوتائن ۽ ديوين
طور پوڄيا ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو انهيءَ
مندر جي زيارت لاءِ اچي رهيا هئا.
ڀوري ڇوڪريءَ، هيڏين سارين مشڪلاتن
کانپوءِ جو پاڻ کي اهڙن وحشي ماڻهن جي
انبوهه ۾ ڏٺو، ته هوءَ همت هاري ويٺي ۽
ڌرتيءَ تي ويهي روئڻ لڳي. هن جي آقا، جنهن
جي خواهش اها هئي ته هوءَ پُر ڪشش نظر اچي
ته جيئن کيس هن جي وڪري مان سٺي رقم حاصل
ٿئي، جڏهن کيس روئندو ڏٺو ته هڪدم چهبڪ
ڪڍي هن کي اولاريو ۽ ڌمڪي ڏني ته شرافت
سان اٿي پاڻ کي ٺاهي ٺڪي هل ۽ وڻندڙ نظر
اچ. عين انهيءَ موقعي تي ڀوري ڇوڪريءَ
ڪنهن کي هيئن چوندي ٻڌو:
”ڇا، آءٌ توکي اهڙو رستو ٻڌايان، جنهن مان
توکي هن ڇوڪريءَ جي قيمت کان ستر ڀيرا
وڌيڪ عيوضو ملي؟ ڇا، اهو بهتر ناهي ته
سلامتيءَ ۽ اوچائي واري مقام تي پهچڻ لاءِ
ڏکي چاڙهيءَ تي چڙهجي، بجاءِ ان جي، جو
ٿوري ويساهينءَ خاطر ”لاهيءَ“ واري رستي
تي گامزن ٿجي؟“
”۽ اهو ڪهڙو چاڙهيءَ وارو رستو آهي، جيڪو
تون چاهين ٿو ته آءٌ چڙهان؟“ ڇوڪريءَ جي
آقا پڇيو.
”انهيءَ رستي جو پهريون قدم اهو آهي ته
هِن ٻانهيءَ کي آزاد ڪر“، کيس جواب مليو.
”۽ سا به هڪ عورت؟“ هن جي پڪڙيندڙ حيرت
مان کلندي پڇيو، جنهن تي انهيءَ ٻئي
ماڻهوءَ وري چيو، ”ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ته
جنهن کي تون عورت سڏي رهيو آهين، تنهن ۾
گهڻي قدر چڱائي هجي. ان کان علاوه ڇا،
تنهنجي ماءُ به عورت ڪانه هئي؟ ڇا، مرد ۽
عورت هڪٻئي منجهان ناهن؟ جيڪڏهن توهان
سمجهو ٿا ته توهان کي هنن جي مٿان ڪي حق
حاصل آهن، ته ڇا، هنن جا توهان تي ڪي حق
ڪينهن؟ آءٌ ٿو توکي ٻڌايان ته جنت مائرن
جي پيرن هيٺان آهي.“
ڀوري ڇوڪريءَ کان ٿوري گهڙي لاءِ ته سندس
سڀ ڏک وسري ويا. هن مٿي ڏٺو ۽ ڳالهائيندڙ
کي گهوري نهارڻ لڳي، ڄڻ ته هو ڪنهن بلڪل
ٻي دنيا کان آيو هو. نه فقط ايترو، جو هن
پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ”غلام کي آزاد ڪر“،
جا الفاظ پهريون دفعو ٻڌا هئا، پر ان کان
علاوه هن اها ڳالهه به پهريون ڀيرو ٻڌي
هئي ته عورت اهڙي بلند و بالا رتبي واري
مخلوق هئي، جو مرد- ٻار لاءِ سندس جنت هن
جي قدمن هيٺان هئي.
پوءِ ته هڪ ناقابلِ فهم واقعو ٿيو. سندس
آقا اهي ڳالهيون ٻڌڻ سان ايتري قدر ته
متاثر ٿيو، جو هن کي ڌرتيءَ تان اُٿڻ ۾
مدد ڪيائين، ۽ چيائين ته هوءَ آزاد آهي، ۽
جيڏانهن به مرضي هجيس، تيڏانهن وڃي ٿي
سگهي.
هوءَ اجنبي شخص جي قدمن ۾ ڪري پيئي ۽ هن
جي شڪرادائي ڪرڻ چاهي، پر هن چيو، ”توکي
خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪو تنهنجو
حقيقي نجات دهنده آهي. مون ته فقط هن جا
لفظ دهرايا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيا، جنهن
توکي آزاد ڪيو، اهي لفظ منهنجا ناهن. آءٌ
فقط پيغام پهچائيندڙ آهيان ۽ انهيءَ کان
علاوه تو يا تو جهڙن ٻين ماڻهن وانگر هڪ
فاني انسان آهيان.“
ڀوري ڇوڪري هن جي خوبصورت آواز کي، اکيون
هيٺ جهڪائي غور سان ٻڌندي رهي، ڄڻ ته هوءَ
بيهوشيءَ جي حالت ۾ هئي ۽ جڏهن اکيون مٿي
کڻي ڏٺائين ته هو اتان هليو ويو هو ۽ هوءَ
وري انهن ناشائسته ماڻهن جي انبوهه جي وچ
۾ اڪيلي هئي.
هوءَ انهيءَ گوڙ گهمسان مان ٻاهر نڪرڻ، ۽
هڪ دفعو وري ٻيهر آزاديءَ جي هوا کائڻ
لاءِ، اتان هڪ پاسي واري گهٽيءَ مان نڪري
ويئي، جيئن ته هوءَ ڏاڍي اڃايل هئي، ان
ڪري هڪڙي گهر جو دروازو کڙڪايائين، جيڪو
ٻين گهرن کان ڪجهه وڌيڪ شاندار پئي لڳو.
هڪ شريف نوجوان عورت هن لاءِ در کوليو.
”آءٌ هن شهر ۾ اجنبي آهيان“، ڀوري ڇوڪريءَ
هن کي چيو، ”مون کي وڃڻ لاءِ ٻي ڪا جاءِ
نظر نه ٿي اچي ۽ آءٌ ڏاڍي اُڃايل آهيان.“
”ادي، اندر اچ“، نوجوان ڇوڪريءَ دوستانه
نموني ۾ مشڪي هن کي چيو، ”هڪ مهمان وانگر
تنهنجي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض به آهي ۽
خوشي به.“
ائين چئي هوءَ کيس گهر جي مرڪزي ڪمري ۾
وٺي ويئي، جتي ٽي ٻيون نوجوان عورتون پاڻ
۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. نوجوان ڇوڪريءَ
هن کي شهر ۾ تازو آيل هڪ اجنبي عورت طور
متعارف ڪرائي، هن جي ڪپڙن ۽ پيرن کي ڏسي،
جيڪي مٽيءَ ۽ دز ۾ سفر ڪرڻ جي دوران ميرا
ٿي ويا هئا، هوءَ کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويئي
۽ کيس هٿ منهن ۽ پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڏنو
۽ پوءِ هوءَ پنهنجو ڌوتل ۽ صاف ٿيل چوغو
کڻي آئي ۽ هن کيس ميرا ڪپڙا لاهڻ ۽ سندس
صاف چوغو ڍڪڻ لاءِ چيو.
ڀوري ڇوڪري هٿ منهن ۽ پير صاف ڪري ۽ ڪپڙا
بدلائي جڏهن ٻاهرين ڪمري ۾ آئي، تڏهن هن
جي سامهون کارڪن ۽ کير جو سادو سودو کاڌو
کائڻ لاءِ رکيو ويو.
اڄوڪو سڄو ڏينهن هن جي لاءِ حيرت انگيز
واقعن جو ڏينهن ٿي گذريو هو. هوءَ ايڏي ته
ٿڪل هئي ۽ هنن ماڻهن جي رحمدليءَ هن کي
ايڏو ته متاثر ڪيو، جو هوءَ هڪ لفظ به
ڳالهائي نه سگهي ۽ فقط هنن جي آڏو هيٺ
جهڪي ۽ اکين جي اشاري سان سندن مخلصانه
احسانمنديءَ جو اظهار ڪري سگهي ۽ پوءِ
ڏاڍي اطمينان سان کاڌو کائڻ ويٺي. کير جون
سرڪيون ڀريندي هوءَ مشڪي ۽ چيائين، ”مون
کي هي کاڌو خانقاه ۾ ملندڙ شراب جي ڀيٽ ۾
گهڻو وڌيڪ پسند آهي.“
بهرحال، هوءَ اهو ڄاڻڻ لاءِ آتي هئي ته
سدس نجات دهنده ڪير هو ۽ کاڌو کائڻ
کانپوءِ هُن انهن کي صبح وارو واقعو ٻڌايو
۽ انهن کان پڇيو ته آخر اهو ”پيغامبر“ ڪير
هو.
لفظ ”پيغامبر“ جي ذڪر سان ئي انهن عورتن
جي جوش ۽ جذبي جي ڪا حد ۽ حساب ڪونه هو.
”هائو“، هن جي ميزبان عورت چيو، ”ڇا، توکي
معلوم ناهي ته هو خدا جو پيغامبر ۽ رحمة
العالمين آهي؟ تُنهنجي وات مان شراب جي
نالي جي ذڪر سان مون کي پنهنجي اڳوڻي حالت
ياد پيئي، جيڪا هن جي اچڻ کان اڳ هئي.
اسين به شراب جي نشي ۾ مدهوش، جوا جا
شوقين ۽ وحشي هجوم هوندا هئاسين! هن اسان
کي ٻڌايو ته شراب، خواه ڪن حالتن ۾ ڪهڙو
به چڱو هجي. پر اهو انسان جي ارادي، نفس
تي ضبط ۽ دل و دماغ کي مائوف ڪري انهن جي
ڪم ۾ مداخلت ڪري ٿو، ان ڪري بهتر ائين ئي
آهي ته ان کان پاسو ڪجي. هن جوا به بند
ڪرائي، ڇاڪاڻ ته هن فرمايو ته اها خود
دوستن جي وچ ۾ به فساد ۽ دل جو ساڙ پيدا
ڪري ٿي ۽ اسان عورتن لاءِ ته هو واقعي هڪ
وڏي رحمت ثابت ٿيو آهي. هن ڏانهن ڏس“، هن
هڪ نوجوان عورت کي ڳراٽڙي پائي چيو،
”جيڪڏهن پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم
مداخلت ڪري ائين نه چوي ها ته ڪنهن به
عورت کي خواه اها بيوه هجي يا ڪنواري،
سندس مرضيءَ کانسواءِ ڪنهن به حالت ۾ شادي
ڪرائڻي ناهي، ته اڄ هن کي هڪ اهڙي مرد سان
شادي ڪرائي وڃي ها، جنهن سان هن کي شادي
ڪرڻ تي مرضي ڪانه هئي، ۽ نه هن جو پيءُ ۽
نه سرپرست، سندس مرضيءَ جي خلاف مجبور ڪري
ٿو سگهي ۽ نه مڙس هن لاءِ حق مهر مقرر ڪرڻ
کانسواءِ شادي ڪري ٿو سگهي. ڇا، توکي اها
خبر ناهي ته هِن ملڪ ۾ مرد ڪيترين به
عورتن سان شادي ڪري سگهندا هئا؟ هائو، ۽
هاڻي پهريون دفعو پيغمبر صلي الله عليه
وآله وسلم اچي زالن جو تعداد چئن تائين
محدود ڪيو آهي، ۽ اهو به هن حالت ۾ جڏهن
مرد سڀني زالن سان هڪ جهڙي محبت ڪري سگهي
۽ جيڪڏهن عورتون هن سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ
تيار هجن پر ڏس نه، ڪتاب فرمائي ٿو ته هڪ
انسان لاءِ ٻن زالن کي هڪ جهڙي محبت ڏيڻ
ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان کان سواءِ، ڪتاب
ائين به چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻه شادي شده
انسان هڪ ٻئي سان ٺهي نٿا رهي سگهن، ۽
انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ لاءِ
آماده نٿو ڪري سگهجي، ته پوءِ بهتر ائين
آهي ته انهن کي بيعزتيءَ سان هڪ ٻئي سان
گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ بدران، شرافت سان هڪ
ٻئي کان جدا ٿيڻ گهرجي، ۽ ڪابه عورت خواه
هوءَ بيوه آهي، يا طلاق مليل، ٻنهي حالتن
۾ هوءَ بنا ڪنهن بيعزتيءَ جي خيال کان،
ٻيهر شادي ڪري سگهي ٿي ۽ هوءَ هر وقت
پنهنجي ملڪيت ۽ جائداد جي مالڪه بڻجي رهي
سگهي ٿي، ۽ سندس مڙس يا ڪو ٻيو هن جي
انهيءَ حق ۾ ڪا مداخلت ڪري نه ٿو سگهي، ۽
سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هاڻي مردن ۽
عورتن ٻنهي کي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، ڇو ته
ٻنهي تي اهو هڪ جهڙو فرض عائد ڪيو ويو
آهي.“
ڀوري ڇوڪريءَ اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍي غور سان
ٻڌيون. ”پر منهنجو خيال آهي ته اهي سڀ
ڳالهيون توهان جهڙين آزاد عورتن لاءِ
آهن“، هن چيو، ”پر مون وانگر جيڪي ٻانهيون
۽ فقيرياڻيون آهن، جن جي حفاظت ڪرڻ وارو
ڪوئي ڪونهي، تن جو ڇا ٿيندو؟“
هن جي ميزبان خاتون کلي ڏنو ۽ چيو:
”اُهي غلام، جيڪي ايمان وارا آهن، ۽
ٻانهيون، جيڪي ايمان واريون آهن، سي سڀ
اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن. ڇا، توکي
معلوم ناهي ته اڄ اسان ۾