سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :10

تون هِن سڄي ڌرتيءَ تي فقط سفر ڪري ڏسندين، ۽ انهن گهرن جي وچان گهمي ايندين، جي هاڻي بلڪل ويران آهن ۽ اهو معلوم ڪندين ته انهن جي وجود ۽ زندگيءَ تي ڪهڙن قانونن جو ضابطو هو. توکي انهيءَ ۾ گهڻيون ئي نشانيون نظر اينديون. ۽ پنهنجي دل بابت ڇا ٿو چوين؟ جيڪڏهن توکي اُن جي ڪا ڄاڻ هجي ها، ته تون خدا کي به ڄاڻين ها. غور ڪر! ڇا، تون غور نه ڪندين؟ پوءِ خدا تنهنجي اڳيان اهڙي هر هڪ شيءِ ۾ موجود نظر ايندو، جيڪا تون پنهنجي چوڌاري ڏسين ٿو. اي منهنجا خوشنصيب انسان! سفر ڪر ۽ سوچ ويچار ڪر! هن کان پوءِ ڪوبه پاڻ کي تنهنجي اڳيان ظاهر نه ڪندو، جيسين تون پنهنجيون اکيون ۽ ڪن پنهنجي دل ۽ پنهنجو فهم ۽ ادراڪ ڪم نه آڻيندين.“

تاريخ جي لفظ ٻڌڻ تي ڀوري ڇوڪري ڇرڪ ڀري هوشيار ٿي ويئي. هن کي اوچتو ياد آيو ته کيس خدا جي ڳولا ۾ خود ”تاريخ“ ئي لڳايو هو، جنهن چيو هو ته هو پاڻ خدا جي هڪ نشاني هو، ۽ هاڻي کيس معلوم ٿيو ته انهيءَ چوڻيءَ جو سرچشمو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي قول ۾ ئي هو.

جڏهن اهو ماڻهو موڪلائي هليو ويو، تڏهن هن وري پنهنجيون ڳالهيون شروع ڪيون:

”آءُ اِنهيءَ شخص جي شڪر گذار آهيان“،  ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”منهنجي نظر ۾ هاڻي ڪيئي ڳالهيون توهان جي انهن جوابن جي ڪري، جيڪي توهان هن کي پئي ڏنا، اڳي کان گهڻيون صاف ۽ واضح ٿي ويون آهن، ڇا، اسان لاءِ پراڻن مذهبن جو مطالعو بلڪل ضروري يا لازمي آهي، ۽ ڇا، قديم دور جي نبين عليه السلام ۾ عقيدو رکڻ ضروري آهي؟“

”هائو“، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو، ”اهو تمام ضروري آهي ته تون سڀني نبين ۽ انهن جي سڀني ڪتابن ۾ اعتقاد رکين، پر انهن جي هڪٻئي سان ننڍن ۽ وڏن جي حيثيت ۾ ڪڏهن به ڀيٽ نه ڪر.“

”۽ ڇا، اهو مطالعو زندگيءَ جو مول مقصد ۽ ان جي آخري منزل آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”جنهن مقصد سان مرد ۽ عورت کي تخليق ڪيو ويو، سو آهي، ”خدمت“، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو، ”۽ ماڻهوءَ جي آخري منزل خود خدا آهي. اسين سڀ خدا جي طرف کان آيل آهيون، ۽ وري خدا ڏانهن موٽي وڃون ٿا.“

”ڇا، عبادت ڪرڻ ضروري آهي؟ ۽ اسان کي ڪيئن عبادت ڪرڻ گهرجي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ وري پڇيو.

”هائو توکي غلط ڪمن کان پري رکڻ لاءِ عبادت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته جائز ۽ صحيح ڪم ئي زندگيءَ جو سَت آهي ۽ فقط عبادت جي ذريعي ئي انسان کي حق ۽ سچ ڏانهن وٺي وڃي سگهبو ۽ ساڳي وقت کيس کڏن ۽ کوٻن کان بچائي سگهجي ٿو. جيڏي سخت ڪوشش ڪري سگهين، اوڏي ڪر ۽ ڪم ڪندي رهه. صحيح عقيدو، صحيح ڪم، صحيح ڪوشش توکي تنهنجي منزلِ مقصود ڏانهن وڌيڪ قريب پهچائيندي، جنهن جو نالو خدا آهي. پوءِ ڀلا اسين خدا کان خود کيس ۽ سندس معرفت حاصل ڪرڻ جي رستي ۽ سندس متعلق علم و عرفان ۾ اضافي کانسواءِ ٻيو ڇا ٿا گهري سگهون؟“ ان ڪري تون دعا گهر: .اي رحيم و ڪريم، مون کي اهو صحيح ۽ يقيني رستو ڏيکار، جنهن تي اهي گامزن رهيا، جن کي تو پنهنجي نعمت عطا ڪئي آهي ۽ نه گمراهن وارو رستو ۽ اي خدا، منهنجي التجا آهي ته مون کي علم ۽ حڪمت ۾ وڌاءِ، انهيءَ کي پنهنجي دعا ۽ عبادت بناءِ، هن چيو، ”۽ آءٌ توکي جيڪو آخري مشورو ڏيان ٿو، سو اهو آهي ته خدا جي تخليق تي غور ڪر، ۽ ائين ڪرڻ سان، تنهنجي اڳيان سڀ ڪجهه عيان ٿي ويندو.“

انهيءَ مهل هن مٿي نهاري، ۽ پنهنجي هٿ جي پرڪشش اشاري سان ڀوري ڇوڪريءَ جو ڌيان آسپاس جي فضا طرف ڇڪائيندي چيو، ”هن کي خدا سهڻي نموني ۾ تخليق ڪيو! هن جي انهيءَ تخليق ۾ ڪو نقص ڪونهي، ان کي تنقيدي نظر سان ڏس. ڇا، توکي ان ۾ ڪا وڏ نظر اچي ٿي؟ هاڻي ان لاءِ وري ڳولا ڪر، اڃا به ٻيهر تلاش ڪر. ان کان پوءِ ئي تنهنجي بصارت، ان جي ڪمال کان مجبور ٿي، موٽي پاڻ تي نگاهه ڪندي ۽ پنهنجي ناڪافي هئڻ جو احساس ڪندي ۽ پوءِ اندرين اک ڪم شروع ڪندي  اها اهڙيون ڳالهيون ڏسندي، جيڪي هن ٻاهرين نظر اڳي ڪڏهن نه ڏٺيون آهن ۽ اندريون ڪن اهي ڳالهيون ٻڌندو، جيڪي هن ٻاهرين ڪن ڪڏهن به نه ٻڌيون آهن. ان طرح تون ڏسين ٿي ته اندريون، ۽ ٻاهريون، ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ٻاهريون فقط اندرين ڏانهن پيشوائي ڪري ٿو ۽ ان کي ڇڏي نٿو سگهجي، نه وري اُهو، جنهن کي اسين ’اندريون‘ سڏيون ٿا، آخري ۽ قطعي آهي، هِتي ته پردي جي مٿان پردو ۽ نور جي مٿان نور آهي.“

”پر ڇا، خدا ڏک ۽ سور به ته خلقيا آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”يقيناََ“ جواب مليو، ”آخرڪار، هر شيءِ خدا ئي خلقي آهي- اها پڻ جنهن کي تون برائي ۽ نيڪي سڏين ٿي، پر انهن جون سڀ معنائون ۽ مفهوم تنهنجي لاءِ ان وقت واضح ٿيندا، جڏهن تون انهن تي غور ڪندينءَ، وري غور ڪندينءَ ۽ انهن طريقن سان غور ڪندينءَ، جن جي هي ڪتاب هدايت ڪري ٿو.“ ائين چئي هن کيس هڪڙو ڪتاب ڏنو ۽ چيو، ”هن ڪتاب جا ٻه ڀاڱي ٽي حصا بلڪل واضح آهن، پر ان جو باقي ٽيون حصو توکي آهستي آهستي سمجهه ۾ ايندو، جڏهن تون ان تي غور ڪندينءَ ۽ انهن هدايتن تي عمل ڪندينءَ جيڪي باقي ٻن حصن ۾ واضح طور سمايل آهن.“

ڀوري ڇوڪريءَ هن کي ايڏي تڪليف ڏيڻ لاءِ کانئس معافي ورتي، ۽ هن جي مشوري ۽ ڪسب جي تحفي لاءِ  سندس شڪر ادائي ڪري، اتان رواني ٿي ويئي.

*           *           *

جيئن هوءَ اڳتي هلندي رهي، تيئن سندس دل ۾ هڪ خيال آيو.

”عجيب ڳالهه آهي“، هن دل ئي دل ۾ چيو، ”هي ڪتاب اها تعليم ڏئي ٿو ته اسان کي خدا تعاليٰ ڏانهن ويندڙ رستو ڳولڻ گهرجي ۽ ان جي باوجود ائين به چوي ٿو ته خدا اسان کي ”شاهه رڳ“ کان به قريب آهي، هڪ اهڙي شيءِ ڏانهن، جيڪا اڳيئي مون کي ايتري قدر ويجهي آهي، آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنڌ ڪري وڃي سگهان ٿي؟“

انهيءَ سوال هن کي وري منجهائي وڌو ۽ کيس ان جو ڪوبه حل معلوم ٿي نه سگهيو. عين انهيءَ وقت جڏهن هوءَ ائين سمجهڻ لڳي هئي ته کيس سڀڪجهه معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن سندس مونجهارو اڳي کان به وڌيڪ هو. گهڻيءَ دير تائين پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، هوءَ پاڻ کي ڏاڍي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳي ۽ کجور جي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويهي رهي. هن اوڀر ڏانهن ڏٺو، ۽ وري اولهه طرف نهاريو، اتر ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن نظر ڪئي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هوءَ ڪا شيءِ ڳولي رهي هئي يا اها پڪ ڪري رهي هئي ته هوءَ ڪنهن خطري ۾ ناهي، هن پنهنجي اکين جي ڇپرن تي ڪجهه وزن محسوس ڪيو ۽ کيس ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪو سونهري ڌنڌ سندس اکين آڏو اڀري رهيو هو، جهڙو سج اڀرڻ مهل پيدا ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن کي ڌرتيءَ جي عين وچ مان جانبازن، شاعرن، واپارين، خلاصين ۽ مفڪرن جا بيشمار ڪٽڪ ائين ٻاهرنڪرندا زمين جي چوطرف ويندا معلوم ٿي رهيا هئا، جيئن سج مان روشنيءَ جا ڪرڻا نڪري ڌرتيءَ جي هر طرف ڏانهن ڦهلجندا آهن، اوڀر ۽ اولهه ۾ واقع هڪ جي پٺيان ٻيو ملڪ، کيس ائي چمڪندو نظر آيو، جيئن انهن کي ڪنهن باهه ڏني هجي. هن غلامن جي ڪٽڪن کي آزاد ٿيندي ۽ پنهنجي آزاديءَ تي خوشيون ملهائيندي ڏٺو. هن هڪ جي پٺيان ٻئي ملڪ کي ڀائپيءَ جي رشتي ۾ هڪٻئي سان متحد ٿيڻ کان انڪار ڪندي ڏٺو، تن کي به کليل ٻانهن سان دوستيءَ جي روشني ۾ قبول ڪيو ۽ نهايت فراخ دليءَ سان برداشت ڪيو پئي ويو. هڪ طرف کان چرپر، واپار ۽ سيرو سفر وقت جو دستور معلوم ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف شعر و شاعريءَ، فلسفي، سائنس ۽ تاريخ جي مطالعي کي رواج ڏنو ويو هو. ائين پئي لڳو ته ماڻهو هر شيءِ مان ماکيءَ جي مکين جي ولرن وانگر رس چوسي ۽ ان کي ماکيءَ جي شڪل ۾ ڏهوڻون وڌائي واپس ڪري رهيا هئا.

ملڪ ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ باغن جو وڏو تعداد هو ۽ هر بادشاهي درٻار، ڳائيندڙ شاعرن جو آکيرو نظر اچي رهي هئي، ماڻهو دنيا کي اهو سڀڪجهه ڏيڻ ۾، جيڪي وٽن موجود هو، هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوششن ۾ مصروف معلوم ٿي رهيا هئا، هر هڪ ليکڪ پنهنجين تصنيفن کي سوين جلدن جي صورت ۾ شمار ڪري رهيا هئا. هن ماڻهن کي دنيا جي هڪ ڇيڙي کان وڻن جا ٻوٽا کڻي، ٻئي ڇيڙي تائين پهچائيندي ۽ انهن کي ٻيهر اُتي پوکيندي ڏٺو. انهن مان هر ماڻهو، انسان کي هر طريقي سان بلند ڪرڻ ۽ هن دنيا کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪمرڪشي بيٺو هو. هن ماڻهن کي هر هڪ قوم جي ڪتابن جو، جيڪڏهن ان وٽ ڪي ڪتاب موجود هئا، ترجمو ڪندي ۽ هر قابل قدر مذهب جو مطالعو ۽ ان تي بحث مباحثو ڪندي ڏٺو.

هن ڪتاب جي ڍيرن کي پهاڙن وانگر وڌندي ڏٺو ۽ انهن جي رکڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ٿيندي ڏٺيون. هن درويش عورتون، شاعر عورتون ۽ آزاد ۽ عزت واريون عورتون پڻ ڏٺيون، هن سندن قدمن جي هيٺان بهادري ۽ محبت جا گل ڦل ٽڙندا ڏٺا. هن هارين نارين ۽ پيشوَر ڪاريگرن کي ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي ۽ ساڳئي وقت تي شعر و شاعري ڪندي ۽ انهيءَ فن تي خيال آرائي ڪندي ڏٺو، هن انتهائي نيچ هٿ جي پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ جي عزت ٿيندي ڏٺي. عزت ۽ فخر جا وڏي کان وڏا جيڪي لقب هن کي ٻڌڻ ۾ آيا، سي هن طرح هئا: ”پورهيت، مشقتي، عارف، خادم ۽ بانيڪار.“

هن هڪ عرب کي هڪ اهڙي نفيس تارازي هٿ ۾ جهلي هيئن اعلان ڪندي ٻڌو: ”ڏسو! هن سان آءٌ هڪ مثقال جي ٽئين حصي جو وزن به ڪري سگهان ٿو.“ هن هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هڪ محدب آرسي (Convex Mirror) هئي، ۽ هو روشنيءَ جي انعڪاس ۽ انعطاف جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ دريافت، ڳولا ڦولا ۽ تحقيقات ٿيندي ڏٺي.

هن ڏٺو ته ساڳيو ئي ليکڪ، جيڪو فلسفي تي ڪتاب لکي رهيو هو، سو گهوڙن، قيمتي پٿرن، ٻوٽن، گلن ۽ ستارن بابت پڻ ڪتاب تصنيف ڪري رهيو هو. هن ماڻهن کي مشرق ۽ مغرب ۾ قومن جي اصلي ۽ صحيح تاريخ جي تحقيق ڪندي ڏٺو.

سنگ مرمر جا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز محلات، پرين جي رهائش لائق محلن وانگر ڌرتيءَ جي سيني تي کڙا ڪيا ويا ۽ بادشاهه فقط انهيءَ احساس کان پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري رهيا هئا، ته انهن پنهنجي گذر اوقات لاءِ گهربل پئسا ملڪي خزاني مان کڻڻ بدران، پنهنجي حق حلال جي پورهئي مان ڪمايا هئا. هن مشرق ۽ مغرب ۾ بتن کي ڊهندي ۽ ڪرندي، ۽ ساڳئي وقت تي مشرق توڙي مغرب ۾ ديني سڌارڪن ۽ مُصلحن کي ظهور ۾ ايندي ۽ پنهنجن پراڻن مذهبن کي سڌاريندي ۽ انهيءَ ڪتاب  سان هم آهنگ بنائيندي ڏٺو، جيڪو انهيءَمهل سندس قبضي ۾ هو.

هن هڪ وِير اُٿندي ڏٺي، جيڪا پنهنجي زور سان مڙهين کي انهن جي سمورن ڄارن ۽ شراب جي جامن سميت وهائي کڻي ويئي ۽ ٻاوا ۽ تارڪ الدنيا راهب پنهنجي سموري ساک وڃائي ويٺا، در در پنڻ ۽ آواره گردي ڪرڻ واري نظام جي عزت نه رهي، جن جاين تان مڙهيون ۽ گرجائون غائب ٿي ويون هيون، اُتي تعليم گاهه ۽ شفاخانن جو ظهور ٿيو ۽ جتي جتي بيٺل پاڻيءَ جا دُٻا ۽ سم جي پاڻيءَ ۾ ڪانا ۽ ڪنڊا ڪرڙ هئا، اُتي هاڻي تازه بتازه، سرسبز چراگاهه، ڦوهارن ۽ چشمن وارا باغ  باغيچا، ڦل ڦول ۽ ميوا اڀريا بيٺا هئا. هن مرده ٻولين جي جاين تي نيون زبانون ۽ ٻوليون استعمال ۾ اينديون ڏٺيون، جن جي ذريعي رومانوي نظام ۽ شعر جو اظهار ٿيڻ لڳو. پوءِ هن انهن جدت پيدا ڪندڙن جي هر هڪ تنظيم ۽ اداري جو، خصوصاََ مغرب طرفان نقل ۽ اختيار ٿيندي ڏٺو.

انهيءَ وچ ۾ هن مشرق طرف ماڻهن جا وڏا ڪٽڪ اُڀرندي ڏٺا، جن سڀ ڪتاب ساڙي رک ڪري ڇڏيا، ۽ انهيءَ منزل تي هن هڪ عظيم جُسي واري جاندار جي جسم کي، جيڪو زندگيءَ جي توانائي سان پُر هو، اُڀرندي ۽ تقدس حاصل ڪندي ڏٺو، جنهن جي حفاظت لاءِ ان کي هڪ پنڃري اندر رکيو ويو، تان جو هن اهو به ڏٺو ته اهو جاندار آهستي آهستي پنهنجن عضون جي استعمال جي قوت ۽ ڪم جي صلاحيت وڃائي ويٺو ۽ هڪ اهڙو مردو بڻجي ويو، جيڪو پاڻ کي هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي حملي کان بچائڻ ۽ ڪنهن به واڌاري ڪرڻ جهڙو باقي نه رهيو.

هن ڏٺو ته هر هڪ اداري کي، جيڪو قائم ۽ شروع ڪيو ويو هو، اڃا به وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو پئي ويو. هن ڏٺو ته مغرب جا ماڻهو واپار ۽ سير و سفر ڪرڻ ۾ مصروف آهن، وڏيون وڏيون مشينون هزارين ڪتاب شايع ڪري رهيون آهن ۽ لتاڙيل ۽ ظلم جا ستايل غلام جيئن پوءِ تيئن آزاد ٿي رهيا آهن، ۽ مرڪزي ماڻهن طرفان شروع ڪيل هر هڪ شعبي ۾ جيڪا تفتيش شروع ڪئي ويئي هئي، سا مغربي ملڪن جي ماڻهن طرفان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جوش و خروش ۽ جذبي سان اڳتي وڌائي پئي ويئي.

هن ڏٺو ته مغرب ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ تعليم لازمي بنائي ويئي هئي ۽ ساڳئي وقت هن ”مساوات“ ۽ ”اخوت“ جو نعرو بلند ٿيندو ٻڌو، جنهن جو پڙاڏو اُتي ٻڌجڻ ۾ پئي آيو.

هن ڏٺو ته علم ۽ جھاڻ لاءِ جيڪا تلاش ٿي رهي هئي، تنهن جي جواب ۾ انسان کي قدرت جي قوت ۽ طاقت جي ذريعن جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پوشيده رازن ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انعامات ملي رهيا هئا، ۽ هن ائنگلوسئڪسن نالي هڪ اهڙي قوم ڏٺي، جيڪا قديم جي خلاف احتجاج ڪندڙن جي پهرين صف جي منڍ ۾ هئي ۽ جديد کي قبول ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آماده هئي،  هن انهيءَ قوم کي غلاميءَ جي رواج کي ختم ڪندي ۽ عورت جي انفراديت کي تسليم ڪندي ۽ کيس پنهنجي علحده ملڪيت ۽ جائداد رکڻ جا حق ڏيندي ڏٺو. پر پوءِ هن اوچتو انهيءَ نظاري ۾ تبديلي ايندي ڏٺي، هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اهو اعلان ڪري رهيو هو ته اسين سڀ باندر جو اولاد آهيون.جيتوڻيڪ انهيءَ نظريي ۾ ڀوري ڇوڪريءَ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پر ان جي باوجود انهيءَ خيال سڄي مغرب جو توازن بگاڙي ڇڏيو، ۽ اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ اهو خيال گهر ڪرڻ لڳو ته اهي سڀ ڀولڙا آهن، ۽ جيئن ته ڀولڙن کي خدا جو ڪو خيال ڪونه هو، ۽ ان هوندي به اهي زنده هئا، ۽ گذارو ڪري رهيا هئا، ان ڪري سندن لاءِ به خدا جي وجود ۾ عقيدو رکڻ ڪا ضروري ڳالهه ڪانه هئي.

اُهي ائين چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن اهي ڀولڙن ۽ باندرن وانگر کائي پي، وڙهي جوڙي ۽ نسل پيدا ڪري رهيا هئا، ته هنن لاءِ بس ايترو ڪافي هو، ۽ ائين ڪندي جيڪو ڏاڍو، سو گابو، ۽ پنهنجي مرضيءَ جو مختيار هو.

هڪ ڄڻي چيو، ”زندگيءَ جي بقا لاءِ جدوجهد“، ته ٻئي وري ائين چيو، ”ڏاڍو سو گابو.“

ٽئين ڄڻي وري ائين پئي چيو ته ”اخلاقيات پوڙهين عورتن جي تخليق آهي، جيڪي پنهنجو بچاءَ پاڻ نه ٿيون ڪري سگهن.“

هن هر قسم جون تباهي آڻيندڙ مشينون ۽ ڪلون ڏٺيون، هن اهڙا جهاز به ڏٺا،  جيڪي خونخوار شارڪ مڇين وانگر پاڻيءَ جي هيٺان هلي رهيا هئا، ۽ ڪي ٻيا جهاز وري هوا ۾ پرواز ڪندڙ شڪاري پکين وانگر اڏامي رهيا هئا، هن تباهي ۽ بربادي آڻڻ جا هزارين ٻيا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز اوزار به ڏٺا، جن جي آڌار تي مغرب جو انسان پنهنجي طاقت ۽ اهميت جي نشي ۾ مدهوش نظر اچي رهيو هو. هن انهن مان هر هڪ کي، پاڻ مان ٻين کي ختم ڪرڻ لاءِ، هڪٻئي جا گلا پڪڙيندي ڏٺو ۽ انهن جي قبضي ۾ جيڪي به اوزار هئا، تن مان هر هڪ اوزار کي هڪ ٻئي جي مٿي ڦاڙڻ لاءِ اڇلائي رهيا هئا.

هنن هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي هيٺان، ۽ زمين جي مٿان وار پئي ڪيا، تان جو سڄو مغرب لاشن سان ڀريل ڪنهن جنگ جو ميدان نظر اچڻ لڳو، ان کانپوءِ هن ماڻهن کي ڳوڻين جي ڪپڙي ۽ رک ۾ ٿڦيل ڏٺو.

بهرحال، هن جيڪي ڪجهه هاڻي پئي ڏٺو، سو دل کي ڪجهه ڏڍ ڏيڻ لاءِ ڪافي هو. هن ڏٺو ته هڪ ”قُقنَس“ پکيءَ وانگر، جيڪو پنهنجي سڙيل جسم جي رک مان وري زنده ٿي اٿندو آهي، جسماني محنت ۽ پورهئي جو قدر ۽ قيمت تسليم ٿي رهي هئي ۽ هٿ جو پورهيو ڪندڙ ماڻهو ان کي معزز ۽ محترم انسانن طور پنهنجو قدر ۽ قيمت ڪرائي رهيا هئا.

هن ڏورانهين الهندي ۾، هڪ عظيم قوم ڏٺي، جنهن شرابخوريءَ کي يڪسر ممنوع قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ افراد جي انهيءَ حق کي تسليم ڪيو ته جيڪڏهن کين اهڙي خواهش هجي، ته اهي شاديءَ وهانوَ جا تعلقات ختم ڪري ڇڏين.

پر هن ڏاڍي افسوس سان ڏٺو ته مجموعي طور روح ۾ ڪا خاطر خواه تبديلي وري به ڪانه آئي. علم ۽ ڄاڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ اڃا به جاري هئي، پر اها سڄي فقط شخصي مقصدن ۽ شخصي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ هئي. انهيءَ ڳولا جو اصلوڪو مقصد ۽ صحيح رستو گم ٿي ويو آهي.

هن کي هاڻي اهو سڄو نظارو ائين نظر اچڻ لڳو، جيئن ڪا هڪ تمام وڏي ۽ اٿاهه مشين هجي، جنهن جا بريڪ ۽ ڦري گَهري سگهڻ وارا اوزار ڀڄي پيا هجن، ۽ جيڪا انهيءَ ڄاڻ کانسواءِ نهايت تيز رفتاريءَ سان هلي ۽ ڊوڙي رهي هئي، ته اها ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، حالانڪه اها سڄي اکيون جهانورائيندڙ تيز برقي روشناين سان جرڪي ۽ چَمڪي رهي هئي. انهيءَ ۽ طاقتور خطرناڪ مشين جي ور وڪڙ کائيندڙ حرڪتن کان دهشت زده ٿي، ڀوري ڇوڪري وٺي اتان مٿئين طرف ڀڳي ۽ اوچتو ئي اوچتو هن پاڻ کي پنهنجي پراڻي ساهيڙي، ڪاري ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ڏٺو.

*           *           *

”اوهو، توکي هن ڇانوري ۾ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي!“ ڀوري ڇوڪريءَ هن کي چمي ڏيندي چيو، ”مون کي ته هاڻي خوف محسوس ٿيڻ لڳو هو.“ ۽ هن کي پيار ڀرين نظرين سان ڏسندي ڀوري ڇوڪريءَ وري چيو. ”ڇا، اسان کي انهيءَ عظيم ڊراما نويس جي شڪرادائي ڪرڻ لاءِ سبب ڪونهي،

(وڌيڪ پڙهو) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com