ڌرتيءَ ڏانهن گهلين ٿا ۽ ان تي آباد ڪن
ٿا. هن کي دينوي زندگيءَ ۽ انهيءَ حياتيءَ
لاءِ، جنهن کي هو جنت سڏي ٿو، سڀ خواهشون
۽ آرزون ترڪ ڪرڻيون پونديون. خواهش کان
سواءِ انسان جا ٻيا ڪي به ابا ڏاڏا ڪينهن.
خواهش کان سواءِ ماڻهوءَ جو ڪو گهر گهاٽ
ڪونهي. ماڻهوءَ کي خواهش جي ٻچن ٻارن
کانسواءِ، ٻيا ڪي ٻچا ٻار ڪينهن. ماڻهوءَ
کي انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏيڻ کان
سواءِ، ڪڏهن به خوشي نصيب ڪانه ٿي
سگهندي.“
”پر خوشي ڇا آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”نئين جنم ۽ زندگيءَ کي نئين ڪرڻ، ۽
انهيءَ مصيبت جو انت آڻڻ، جيڪا هميشھ کان
ان سان گڏوگڏ رهي ٿي.“
ڀوري ڇوڪري اها ڳالهه ٻڌي مونجهاري ۾ اچي
ويئي. هن سمجهيو هو ته لاهين ۽ چاڙهين سان
ڀريل هن زندگيءَ ۾ جيڪا ٿوري گهڻي خوشي
کين لڌي هئي، سا سندس ديوتا-سروپ شهزادي
جي جستجو ڪرڻ هئي. انهيءَ جستجو کانسواءِ
کيس هيءَ زندگي ناقابل برداشت لڳي ها ۽ هن
کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڪنهن
شيءِ لاءِ آرزو ۽ تمنا ڪرڻ، ڏک ۽ مصيبت جو
سرچشمو ڪهڙيءَ طرح ٿي سگهيو ٿي؟ ان جي
باوجود هوءَ ائين نه پئي سمجهي سگهي ته
فقيراڻي لباس ۾ هي نئون شهزادو شريف،
خوبصورت ۽ بيان ڪرڻ کان ٻاهر عقلمند هو ۽
هوءَ پاڻ کي انهيءَ ڳالهه سوچڻ لاءِ آماده
نه ڪري سگهي ته هو جيڪي به چئي رهيو هو،
سو ڪڏهن به سچ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي
سگهيو ٿي، ۽ انهيءَ خيال هن جي دشوارين کي
اڃا به وڌيڪ ناقابلِ حل بنائي ڇڏيو.
هن سندس هٿ چميا ۽ کانئس دعا گهري، جيڪا
کيس گهرڻ سان هڪدم ملي ويئي ۽ کانئس اجازت
وٺي ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي ويئي.
جيئن ئي هوءَ ڳوٺ جي مندر ۾ داخل ٿي ته
سندس نظر هڪ اهڙي مجسمي تي پئي، جيڪو ڪنهن
ديوتا جو نظر پئي آيو ۽ جنهن جو رنگ ڪارو
نيرو هو ۽ هٿ ۾ بنسري پڪڙيل هيس. هن جي
مهانڊن ۽ بنسريءَ کيس انهيءَ شهزادي جي
ياد تازي ڪرائي، جنهن جي هوءَ ڳولا ۾ هئي،
هن کي پڪ هئي ته هن اها شبيهه اڳي ڪڏهن به
ڪنهن مندر ۾ نه ڏٺي هئي.
هن پوڄاريءَ اڳيان جهڪي کيس پرنام ڪيو ۽
انهيءَ ديوتا جو نالو دريافت ڪيو.
”هي ڪرشن (ڪارو) آهي، ۽ عظيم وشنوءَ جو
اٺون اوتار ۽ گوپين جو مالڪ آهي“،
پوڄاريءَ جواب ڏنو.
ڀوري ڇوڪري خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. نيٺ به
ته جنهن شهزادي سان هوءَ ملي هئي، سو
ديوتا ئي ته هو.
”آءٌ هن کي ڪٿي ڳولي سگهندس؟“ هن پوڄاريءَ
کان پڇيو، ”مون سمجهيو ته هو مري چڪو
آهي.“
”پنهنجي بدڪلامي بند ڪر“، پوڄاريءَ چيو،
”تو ڪڏهن به هڪ ديوتا کي نه ڏسي سگهي
هوندينءَ، ۽ نه ڪڏهن ديوتا مري سگهي ٿو.“
”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته آءٌ کيس ڪٿي ڳولي
سگهندس“ ڀوري ڇوڪريءَ فڪرمنديءَ سان پڇيو،
جنهن تي پوڄاريءَ ڪاوڙجي رڙ ڪئي، ”ڇا،
توکي اها عظيم شخصيت تنهنجي سامهون نظر نه
ٿي اچي؟ اڃا به پئي پڇين ته توکي ڪٿي ملي
سگهندو. ضرور تنهنجو هوش ٺڪاڻي ڪونهي!“ هن
سخت ڪاوڙ مان چيو، ”ڪو عجب ڪونهي ته زمانو
پنهنجو توازن وڃائي ويٺو آهي! جيئن قديم
زماني جي عظيم هستين پيشن گوئي ڪئي هئي،
دئت سچ پچ ديوتائن کي ناس ڪري ۽ اڳي اڻ
ٻُڌل عقيدن جو پرچار ڪرڻ لاءِ اُٿي چڪو
آهي، ۽ دئت کي ماڻهو ”ٻُڌ“ يعني راهبر به
سڏين ٿا!“
هن اهڙيءَ ته جوش ۽ جذبي سان ڳالهايو هو
جو مٿس جنون طاري ٿي ويو ۽ هن جو رويو
اهڙو ته خطرناڪ ٿي ويو، ڀوري ڇوڪري جلدي
مندر کان ٻاهر هلي ويئي.
”تنهن جي معنيٰ ته هي ماڻهو اهو عقيدو نه
ٿا رکن ته ڪو ديوتا ڄمي ۽ مري سگهي ٿو“،
ڇوڪريءَ دل ئي دل ۾ چيو، ”هنن پنهنجن
سمورن ديوتائن کي انساني شڪل ۽ صورت ۾ پيش
ڪيو آهي، پر ان هوندي به هو اِهو نٿا
چاهين ته ڪو خوبصورت ماڻهو ديوتا هجي. ته
پوءِ ڇا، اهو محض منهنجي دل جو وهم هو ته
باهه پاڻي ۽ ڪڪرن کانپوءِ مون سمجهيو ته
سچو پچو ديوتا خود انسان پاڻ ئي آهي؟ پر
هن پوڄاريءَ چيو ته ديوتائون نه ڪڏهن
ڄمندا آهن ۽ نه مرندا ئي آهن. اهو پٿر،
جنهن کي هو ديوتا سڏين ٿا، منهنجي جيئري
شهزادي جي مقابلي ۾، جيڪو سچ پچ ڄائو به
هو ۽ وري مري به ويو، ڪهڙو نه بڇڙو ۽
بيجان نظر اچي ٿو؟“ اتي پهچي هن جي خيالن
جو سلسلو اوچتو ٽُٽي ويو، ۽ هن کي راهنما
جا جبل تي چڙهڻ متعلق لفظ ياد آيا.
* * *
هن ڏاڍي بي دلي ۽ بيزاريءَ سان ماٿريون ۽
ميدان پٺتي ڇڏيا ۽ مٿي چڙهڻ شروع ڪيو.
هوءَ ڏاڍي دشوار ۽ ڊگهي سفر کانپوءِ هڪ
اهڙي هنڌ اچي پهتي، جتي تمام گهڻا ميويدار
وڻ ٻور جهليو بيٺا هئا. ڪي ماڻهو، جن کي
مٿن تي ڊگهيون چوٽيون هيون، تَڏن تي ويٺا
ننڍين چِٽيل پيالين مان ڪنهن گرم مشروب
جون سُرڪيون ڀري رهيا هئا ۽ هڪ نازڪ بدن ۽
ننڍڙن پيرن واري عورت انهن جون خالي
پياليون وري وري ڀري رهي هئي.
ڀوري ڇوڪري هڪ ڪُنڊڙي وٺي ويهي رهي ۽ ڪَن
لائي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. هڪ پيرسن
شخص، جنهن کي ٻيا سڀ ڏاڍي عزت ڏيئي رهيا
هئا، سو چئي رهيو هو:
”مون کي جنهن ڳالهه جو اوهان سان ذڪر ڪرڻو
آهي، سا ’اُها راهه‘ آهي. ماڻهو پاڻ کي هي
طرح جي خارجي سرگرمين سان ڳاري ڇڏين ٿا.
’اها راهه‘ کانئن ڪجهه نه ڪرڻ جي تقاضا
ڪري ٿي. ”اها راهه“ اها به تقاضا ڪري ٿي
ته توهان بڇڙائي جي بدلي ۾ چڱائي ڪريو.“
”منهنجا معزز دوست لائو-تِزي“، ڪجهه قدر
ننڍيءَ عمر واري ماڻهو چيو ”ڇا چيوَ،
ڀُرائيءَ جو بدلو چڱائي؟ برائي لاءِ سزا
ضرور ڏيڻ گهرجي. انصاف، اي منهنجا معزز
دوست، انصاف، ان کان علاوه، ڪجهه به نه
ڪرڻ جي ڇا معنيٰ؟ توهان کي ته پاڻ کي ۽
پنهنجي پاڙيسريءَ کي مدد ڪرڻ گهرجي. فقط
ايترو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته جيڪي اوهان
سان ٿيندي پسند نه ڪريو، سو ٻين لاءِ به
ناپسند ڪريو.“
”اها صحيح ڳالهه آهي، منهنجا معزز استاد
ڪنفيوشس،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو. ”پر ڇا،
اسان کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي روحن جي خدمت
ڪرڻ نه گهرجي، جهڙيءَ طرح اسان کان اڳ
رهندڙن سڀني ڪيو هو؟“
”منهنجا نيڪ بخت“، ڪنفيوشس جواب ڏنو،
”جڏهن اسين پنهنجي خدمت ڪري نٿا سگهون،
تڏهن روحن جي خدمت ڪهڙي طرح ڪري سگهون
ٿا؟“
انهيءَ بحث مباحثي ۾ گهڻن ئي حصو ورتو،
تان جو اهي پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪري نه سگهيا
۽ ائين ئي اُتي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
ڀوري ڇوڪري ”اها راهه“ جا فقط ٻڌي، جيڪي
لائو-تزي نالي واري ماڻهوءَ چيا هئا، ڏاڍي
متاثر ٿي، ڇاڪاڻ ته ان طرح هن جا خيال
انهيءَ بزرگ ”راهنما“ ڏانهن ويا ۽ اوچتو
هن جي اکين اڳيان هڪ خواب جهڙو منظر تري
آيو. هن سڄي ملڪ ۾، انهيءَ راهنما جي
اُڪريل مُجسمن جو سيلاب آيل ڏٺو ۽ هن کي
هڪ ديوتا وانگر پوڄيو پئي ويو. اهو منظر
جهڙي تيز رفتاري سان هن جي اکين اڳيان آيو
هو، تهڙيءَ ئي تيزيءَ سان گم ٿي ويو. هوءَ
مشڪي رهي هئي.
هن دل ئي دل ۾ چيو ته ”منهنجو تصور ڪم ڪري
رهيو آهي. مون هڪ شهزادي جي هڪ ديوتا
وانگر پوڄا ٿيندي ڏٺي آهي ۽ اهو خيال ڪم
ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجي اکين اڳيان هي
منظر آندو اٿائين.“
هوءَ پنهنجن انهن خيالن مان هڪ نوجوان
ڇوڪريءَ جي رحم جوڳين رڙين ٻڌڻ سان بيدار
ٿي، جنهن کي سندس پيءُ هڪ وحشي جهڙي پوڙهي
شخص جي هٿ ۾ وڪڻي رهيو هو ۽ اها ڇوڪري
پنهنجي سڄي طاقت سان انهيءَ سودي جي
مخالفت ڪري رهي هئي.
ڀوري ڇوڪريءَ کي اک چنڀ ۾ اهي سڀ
ڏهڪائيندڙ نظارا ۽ واقعا ياد اچي ويا،
جيڪي هن پنهنجي ٻانهپ واري زماني ۾ فرعون
جي ملڪ اندر ٻانهين کي زنده دفن ڪرڻ جي
صورت ۾ ڏٺا هئا. هڪ دفعو وري سندس اندر ۾
خطري جي گهنڊڻيءَ وڄڻ شروع ڪيو. ان هوندي
به هن ۾ ٻيو ڀيرو جبلن جي پار وڃڻ جي همت
ڪانه هئي، ان ڪري هن وري به رستو ورتو ۽
الهندي رخ ۾ هلڻ لڳي.
* * *
ٿورو ئي وقت گذريو ته هن پاڻي کي گوري رنگ
جي ماڻهن جي هڪ مضبوطيءَ سان ٺهيل شهر ۾
ڏٺو، جيڪي ان وقت خوشيءَ جي ڪنهن تقريب
ملهائڻ ۾ مصروف هئا.
”هيءَ خوشي ڪنهن جي اعزاز ۾ ملهائي پيئي
وڃي؟“ هن هڪ راهيگر کان پڇيو.
”ڊيئونيسس، جي اعزاز ۾، جيڪو انگور ڏيندڙ
۽ شراب جو ديوتا آهي“، هن کي جواب مليو.
اهو جواب ٻڌي هن کي هڪدم هوما ۽ سوما ۽ ان
سان گڏ شراب پيئڻ جي رواج ۽ رسم جي
يادگيري پئجي ويئي، جيڪي کيس چڱيءَ طرح
معلوم هئا.
” هن شهر ۾ ٻين ڪهڙن ڪهڙن ديوتائن جي پوڄا
ڪئي وڃي ٿي؟“ هن پڇيو.
”ڊيميٽر، جيڪا ڌرتيءَ کي اوسر جي طاقت
ڏيندڙ ديوي آهي، تنهن جي ۽ ان سان گڏوگڏ
ائپولو ۽ اٿيني جي پوڄا ٿيندي آهي“،
راهگير جواب ڏنو.
”پر تون ڪير آهين؟“ هن ڀوري ڇوڪريءَ کي شڪ
جي نظرن سان تاڙيندي پڇيو. ”ڇا، تون وحشي
آهين يا ڪا ٻانهي؟ ڇو ته تنهنجي عمر جي ڪا
شريف عورت گهٽين ۾ گهمي نٿي سگهي.“ پوءِ
ڄڻ ته اوچتو هن کي خوشيءَ جي تقريب جي
يادگيري پئجي ويئي، جنهن تي هن وري چيو،
”خوشيءَ جي ڏينهن تي به نه، گهٽ ۾ گهٽ
هيئن اڪيلي حالت ۾ نه، ۽ جيڪڏهن تون وحشين
منجهان آهين، ته پوءِ ٻڌاءِ ته تنهنجو
سرپرست ڪير آهي؟“
انهيءَ موقعي تي هڪ انتهائي بدصورت ننڍي
قدر وارو شخص اتي اچي پهتو، جنهن کي ڏسندي
ئي راهگير ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيو.
”ڀلي آيا، سقراط“. هن چيو ۽ اهڙيءَ طرح
مخاطب ٿيل ماڻهوءَ جواب ۾ سلام ڪيو ۽ پوءِ
مشڪندي پڇيو:
”ٻڌاءِ دوست، توکي اڃا ڪو اهڙو ماڻهو
مليو، جيڪو پوريءَ طرح ديوتا سان پُر ٿيل
نه هجي؟ ڇا، اهڙو ڪوئي ماڻهو بچيل آهي،
جنهن سان ڪو عقل جي ڳالهه ڳالهائي سگهي؟“
”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو
آهي“. انهيءَ ماڻهوءَ ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن
اشارو ڪندي چيو، ”پر آهي ڏاڍو متشبھ.“
”ڇا، تون هن شهر ۾ نئين نئين آئي آهين؟“
سقراط هن کي ڏسي پڇيو.
”هائو، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
”تنهنجا ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ سقراط پڇيو.
”سچ پڇين ته آءٌ خدا جي جستجو ۾ آهيان“،
ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”مون گهڻن ئي
ديوتائن جي پوڄا ڪئي آهي پر آءٌ جيئن پوءِ
تيئن هن باري ۾ وڌيڪ شڪ ۾ پوندي رهي آهيان
ته مون کي سچو خدا مليو آهي.“
سقراط هن جي ڳالهه ٻڌي کل ۾ ٻڏي ويو، ۽
خوب ٽهڪ ڏنائين.
”مون کي ڊپ آهي ته اسان منجهان به هتي
گهڻائي ماڻهو انهيءَ مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا
آهن“، سقراط چيو، ”انسان لاءِ اهي
ديوتائون، جيڪي ماڻهن کان به وڌيڪ خراب ڪم
ڪن ٿا، گهڻي فائدي وارا ڪين ٿيندا. اهي
جڏهن پنهنجي مدد نٿا ڪري سگهن، تڏهن ٻين
جي مدد ڪيئن ڪري سگهندا؟ پر مون کي معلوم
آهي“،هن چيو ته، ”ته ديوتائون غلطي نه ٿا
ڪن. اهي فقط شاعر آهن، جيڪي اُهي ڪوڙ بدوڙ
تخليق ڪن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي، حڪمت
حاصل ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته نيڪي خود حڪمت آهي.
پاڻ سان دليل بازي ڪريو ۽ ٻين سان به
دليلبازي ڪريو. فقط دليلبازيءَ جي وسيلي
ئي اسين سچ تائين پهچي سگهون ٿا. پر
مهرباني ڪري انهن کي سکڻ لاءِ پئسا نه
ڏجو، ڇاڪاڻ ته هتي اهڙا ڪيئي موجود آهن،
جيڪي توهان کي غلط ۽ ڪوڙا دليل سيکاري
توهان جي دولت ڦري وٺندا.“
”ڇا، اهو شراب وارو ديوتا هن شهر جو سڀني
کان وڏو ديوتا آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو،
جيڪا دليلبازي جي موضوع تي هن جي ڳالهه
چڱيءَ طرح نه سمجهي سگهي هئي.
”هائو، خاص طور سياري جي مهينن ۾ هو
ڊيلفيءَ جو عظيم ترين ديوتا هوندو آهي،“
هن کيس جواب ڏنو ۽ وري چيو، ”شراب سياري
جي سرد موسم ۾ ڪارآمد هوندو آهي. اڄ،
ماڻهو اناج جي ديوي، ڊيميٽر جيترو به زيوس
جو خيال نه ٿا رکن. اٿينس ۾ به، ٻين سڀني
هنڌن وانگر، ماڻهوءَ جو پيٽ سڀ کان اول
اچي ٿو.“
”ڇا، توهان جو هنن ديوتائن ۾ يقين آهي؟“
ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.
”ها ها، يقيناً، هن کي جواب مليو، ”آءٌ
انهن جي پوڄا ڪندو آهيان ۽ کين قرباني به
پيش ڪندو آهيان. پر مون کي اهو اقرار ڪرڻو
پوي ٿو ته ڪو ”آواز“ مون کي چوي ٿو ته ڪا
شيءِ هنن کان به وڌيڪ اوچي هوندي ۽ اها
قديم النسل هوندي.
”سلام آقا! آءٌ توهان کي هر هنڌ ڳوليندو
رهيو آهيان!“ وڌيڪ ننڍيءَ عمر جي هڪ
نوجوان هاڻي هن جي پٺيان بيٺي چيو.
سقراط ڦيرو کائي هن کي ڏٺو ۽ خوشيءَ وچان
رڙ ڪري چيو، ”ڀلي ڪري آئين، اي آرسٽن جا
پٽ، تنهنجي ”ري پبلڪ“ جو ڪهڙو حال آهي؟
ڇا، توکي اڳيئي ڪمال حاصل ٿي ويو آهي؟“
”هن وقت تائين“، انهيءَ نوجوان جواب ڏنو،
”بهرحال، مون وٽ پنهنجي ”ري پبلڪ“ ۾ شاعرن
لاءِ ڪو مقام ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي انسانن
کي خراب ڪندڙ آهن ۽ هڪ دفعوجڏهن ماڻهوءَ
جو روح خراب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ اهو فقط
ڪنهن جانور يا ڪنهن عورت ۾ ئي ٻيهر ظاهر
ٿي سگهي ٿو. فقط: هڪ ئي اهڙو طبقو آهي،
جنهن کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي، سو آهي،
ٻانهن جو طبقو. قدرتي طور، سڀني کان وڌيڪ
اهميت رکندڙ طبقو فقط. قدرتي طور، سڀني
کان وڌيڪ اهميت رکندڙ طبقو فقط فوجين جو
طبقو آهي، اهو هڪ ئي طبقو تعليم ڏيڻ لائق
آهي ۽ دراصل ان کي احتياط سان تعليم ڏيڻ
گهرجي، خصوصاََ هن ڪري، جو منهنجو نوجوان
شاگرد، ارسطو چوي ٿو ته اترين علائقن جا
ماڻهو وحشي آهن ۽ انهن جو واحد ڪم وڙهڻ
آهي. هو مون سان هن ڳالهه ۾ به يڪراءِ
آهي ته واپاري، ڪاريگر ۽ پورهيت طبقي جا
ماڻهو ڪڏهن به چڱين خوبين ۽ خصلتن وارا ٿي
نه ٿا سگهن. آءٌ، بهرحال، هن نتيجي تي
پهتو آهيان ته حقيقي دنيا، هيءَ مادي دنيا
نه، بلڪه ”خيال ۽ نظريي“ جي دنيا آهي.
’خيالن جي دنيا‘ مادي شين جي دنيا کان اڳي
موجود هوندي. خيال ۽ نظريا، انهن نمونن
وانگر آهن، جن جي پٺيان دنيا جون مختلف
شيون ٺاهيون وينديون آهن.“
”معاف ڪجو“، ڀوري ڇوڪريءَ هڪدم هوشيار ٿي
چيو، ”آءٌ ڀانيان ٿي ته توهان کي پنهنجو
اهو بيان دليلن جي ذريعي ثابت ڪرڻو پوندو.
مون کي ته شڪ آهي ته توهان ڪنهن چيز کي سچ
پچ ڏسڻ کان اڳ ۾، ان جي متعلق ڪو خيال يا
تصور ڪري سگهندا. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ
۾ ڪيئي شيون ڏٺيون آهن ۽ منهنجي وات مان
جيڪي پهريان پهريان لفظ نڪتا آهن، سي هئا:
”اڙي، مون کي ته هن کان اڳي انهيءَ ڳالهه
جو ڪو خيال ئي ڪو نه هو.“ تنهن ڪري مون کي
هن لاءِ معاف ڪجو، جيڪڏهن اوهان جا اهي
لفظ، جيڪي اوهان اجهو هاڻي ئي چيا آهن، سي
مون کي اونڌا نظر اچن ٿا.“
”آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڇوڪري بلڪل صحيح
چوي ٿي، اي آرسٽن جا پٽ!“ سقراط چيو، ”تو
جيڪي ڪجهه هاڻي چيو، تنهنکي ثابت ڪرڻ لاءِ
تو ڪي قابل فِهم دليل پيش نه ڪيا آهن، پر
مون کي خوف آهي ته تون پاڻ به ڪجهه ڪجهه
شاعر آهين.“ پوءِ هن ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن
منهن ڦيرائي وڌيڪ چيو. ”ڇا، تو وٽ پنهنجي
انهيءَ راءِ جي حمايت ۾ ڪي وڌيڪ دليل به
آهن؟“
”آءٌ دليل بازي جي فن جي ڪا ماهر ڪانه
آهيان،“ ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”پر
منهنجو شخصي تجربو انهيءَ سچيءَ ڳالهه کان
بلڪل برعڪس آهي. ٻاراڻي عمر ۾، مون سڀ
شيون فقط ائين پئي ڏٺيون، جيئن اهي آهن ۽
انهن جي متعلق مون وٽ ڪي خيال يا نظريا
ڪين هئا. مون کي هر هڪ شيءِ کي انهيءَ
فيصلي ڪرڻ کان اڳي، هڪ کان وڌيڪ دفعا ڏسڻو
پوندو هو، ته اها شيءِ فقط مختلف وقتن تي
ڏٺل اها ساڳي ئي شيءِ آهي ۽ ان کان پوءِ
ئي ڪنهن شيءِ جو خيال يا تصور منهنجي دل ۾
اُڀريو. آءٌ فقط پنهنجي شخصي تجربي جي
متعلق ڳالهائي رهي آهيان.“
”آءٌ ڀانيان ٿو ته هوءَ سچي آهي،“ سقراط
ٻئي ماڻهوءَ کي چيو. ”تنهنجا دليل اڃا
ايتري قدر يقين ڏياريندڙ ناهن، جيستائين
اسان جي سچي پڇي تجربي جو تعلق آهي، اثرات
خيالن کان اڳ ۾ اچن ٿا.“
”مون کي اهو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته منهنجا
دليل ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ کي مطمئن ڪرڻ
جهڙا ڪينهن“، آرسٽن جي پٽ چيو، ”پر باوجود
ان جي، آءٌ پاڻ شخصي طور پوري طرح مطمئن
آهيان. پر آقا، آءٌ اوهان کي انهيءَ لاءِ
ڳولي رهيو هوس ته اوهان کي ڊيلفيءَ ڏانهن
وٺي هلان، ۽ منهنجو خيال آهي ته اسان کي
هاڻي اوڏانهن هلڻ گهرجي.“
سقراط، ڀوري ڇوڪريءَ کان هن لاءِ معافي
گهري، جو هو کيس پنهنجي ۽ ايڪسئنٿپ
(Xanthippe)
جي گهر نه پئي موڪلي سگهيو. پر هن کيس
ائسپاسيا
(Aspasia)
جي گهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، جتي هن کيس
ٻڌايو ته سندس هر طرح جي ٽهل ٽڪوڙ ڪئي
ويندي ۽ جتي هو کيس وري اچي ڏسڻ ۾ خوشي
محسوس ڪندو.
ائسپاسيا جي گهر ڏانهن ويندي هوءَ رستي ۾
هڪ مندر جي پاسي کان اچي گذري، جتي ماڻهن
جو هڪ وڏو انبوه اچي گڏ ٿيو هو ۽ جيئن ته
هوءَ هن ملڪ ۾ هڪ مندر ڏسي حيران ٿي ويئي،
ان ڪري هوءَ ان کي ڏسڻ لاءِ ويئي، اندر
داخل ٿيندي ئي، هن هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي
قربان گاهه تي قربان ٿيندي.
(وڌيڪ پڙهو)