مادي ۾
پرواز پيدا ڪرڻ جو آهي ۽ هڪ اهڙو وقت
ايندو، جڏهن ٻاهريون دٻاءُ ان کي اعليٰ
ترين مقصدن لاءِ هڪ خوبصورت هيري جي صورت
ڏيئي ڇڏيندو. ”هر شيءِ جو پنهنجو وقت
هوندو آهي.“ عظيم فطرت هر شيءِ جو استعمال
ان جي موزون وقت تي ڪندي آهي، جڏهن اها
استعمال جي لاءِ پچي راس ٿي ويندي آهي.
”اهو ماڻهو
وڏو بي خبر ۽ جاهل آهي، جيڪو ائين سمجهي
ٿو ته اهو ئي محض هن ڪري ٻين سڀني کان خاص
طرح وڌيڪ سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ خاص
وقت تي، اهڙيءَ طرح استعمال جي شيءِ بنايو
ويو آهي، جهڙيءَ طرح اڇي رنگ کي هن دور ۾
بنايو ويو آهي.
”هاڻي
پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن واپس اچون ٿا،
آءٌ چوان ٿو ته جڏهن ”هوما“ ۽ ”سوما“ ۽
ڊيئونيسس کي، جيڪي شراب جا ديوتائون هئا،
پوڄا ڪرڻ لائق هستيون بنايو ويو هو، ته ان
وقت به، جيئن مون هن کان اڳ چيو آهي،
منهنجي قوم وٽ شراب جو ڪو ديوتا ڪونه هو،
ڇاڪاڻ ته عمل، اڳيئي انهن جي خاص خوبي
بنجي چڪو هو، پر ويجهڙائيءَ ۾، اهي تمام
آسانيءَ سان آفيم جي عادت ۾ ڦاسي ويا،جڏهن
اها شيءِ کين آڇي ويئي، ڇاڪاڻ ته آفيم
سڪون بخشيندڙ آرام ڏيندڙ شيءِ هئي، ۽ هنن
جي فطرت جي بلڪل خلاف ان جو ابتو طرف پيش
ڪري رهي هئي. جيئن ته منهنجي انهيءَ قوم
جي خوبي، جن جي وچ ۾ آءٌ رهندو هوس، عمل
هئي، ان ڪري منهنجو ڪم اهو هو ته آءٌ انهن
جي انهيءَ خوبيءَ کي قاعدي ۽ قريني سان
هلايان ۽ انهن جي عمل کي صحيح رخ فراهم
ڪريان، ۽ منهنجو دوست لائو-ٽزي پنهنجي
اندر جي معائني ۽ مطالعي لاءِ تجويوزون
پيش ڪندو رهندو هو. اهڙيءَ طرح اسين ٻيئي،
هڪ طرح سان هڪٻئي جا ٻه لازمي جز هئاسون.“
اهوئي موقعو
هو، جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي نگاهه عظيم
”راهنما“ تي وڃي پيئي، جيڪو پنهنجيون
اکيون بند ڪري سڪون ۽ آرام سان ويٺو رهيو
هو ۽ هاڻي هن سندس چپن تي وڻندڙ مرڪ جو
شائبو آڻي، نرميءَ سان مٿي ڏٺو ۽ ڳالهائڻ
شروع ڪيو.
* * *
”هيءُ غور و
خوض سچ پچ ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ هو،“ هن
چيو، ”ان طرح منهنجي اکين آڏو اهي سموريون
منزلون گذري ويون، جن مان آءٌ هڪ فرد جي
حيثيت ۾ گذريو هوس. انساني دماغ جي پرورش
عجيب و غريب انداز ۾ ٿي آهي. هن ڳالهه کي
عام طور نٿو سمجهيو وڃي ته انسان ذات جي
هڪ فرد ۽ جماعت ۽ آخر ۾ سڄي انسان ذات جي
هڪ ئي ڪٽنب وانگر ارتقا نهايت عجيب و غريب
۽ حيرت انگيز نموني ٿي آهي. مثال طور، خود
انهيءَ ملڪ ۾، جنهن ۾ مون جنم ورتو، اهڙي
وقت ۾ جڏهن خانداني-ديوتا جي پوڄا ۽ سخت
ترين مذهبي رسم و رواج ئي الهامي مذهب جي
واحد صورت هئي ۽ ٿي پئي سگهي، تڏهن به
ڪجهه اهڙا غير معمولي ۽ ڳاڻ ڳڻيا فرد
موجود هئا، جيڪي مذهب جي راهه تي گهڻو
اڳتي نڪتل هئا، پر انهن کي عام ماڻهن کي
انهيءَ پيغام پهچائڻ يا سندن تجربي ظاهر
ڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي.
”۽ جڏهن
آخري پيغام سڄي زمين لاءِ هڪ ئي خالق ۽
خدا جي وجود جو اعلان ڪيو، تڏهن به هن
دنيا ۾ اهڙا ڪيئي انسان موجود آهن، جيڪي
اڃا تائين خانداني-ديوتائن جي پوڄا پاٺ
واري انتهائي پست منزل تي آهن، ۽ ڪي
قبيلائي- ديوتا جي پوڄا جي منزل تي آهن،
جن کي پنهنجي قبيلي جي دائري کان ٻاهر ڪا
چڱائي نظر ڪانه ٿي اچي، البت اڪثر انسان
قومي اخلاقيات جي مالڪ، قومي
–ديوتا
جي قربان گاهه آڏو جهڪن ٿا.
”سڀ کان
قابلِ توجهه ڳالهه اها آهي ته جيئن ئي
پيغام ظاهر ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ منزل پوري
اختياريءَ سان متعين ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ
انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي لاءِ ان جي ڪنهن
حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ان جي برعڪس عمل
ڪرڻ گناهه ٿي پوي ٿو. اهو عمل، جنهن کي
اسين گناهه سڏيون ٿا، سو هڪ فرد يا جماعت
جي مستقبل واري زندگيءَ يا ان جي بقا جي
معاملي ۾ فيصلا ڪن اهميت جو حامل ٿئي ٿو.
”افسوس اهو
آهي ته اڪثر وقتن تي ماڻهو پيغام آڻيندڙ ۽
تعليم ڏيندڙ جي تعليم ۾ دلچسپي وٺڻ جي
بدران، سندس شخصيت ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳن
ٿا. اها ڳالهه مونجهارو پيدا ڪري ٿي.
منهنجي معاملي ۾ اهائي ڳالهه ٿي هئي.
ماڻهن منهنجي زندگيءَ جي سڀني شخصي ۽ ذاتي
واقعن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ اهو فيصلو
ڪيو ته خوشيءَ جي ڳولا، منهنجي زندگيءَ جو
اصل مقصد هو. هو منهنجي زندگيءَ جي
ڪهاڻيءَ ۾ هيءَ حقيقت به نه پئي پڙهي
سگهيا ته ناراضپو، جيڪو بذات خود خوشيءَ
جو ضد آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ انتهائي
طاقتور عنصر ثابت ٿيو هو، جيڪڏهن اهو ڏک
نه اچي ها، ته ڇا، آءٌ ڪنهن چيز جي جستجو
ڪريان ها؟ ان ڪري اوهان ڏسو ٿا ته ڏک ۽
غمگيني آخرڪار اهڙي خراب ناهي. اها حقيقت،
جديد دور جي انسان کي به، ڪڏهن واضح نظر
نٿي اچي.
”لاشعوري
ذهن، جنهن جمالياتي طور تحت الشعوري نموني
۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، تنهن کي هاڻي
”خودي“ ۽ انهيءَ ”ٻئي“ جي متعلق پوريءَ
طرح شعور حاصل ڪرڻو هو ۽ کيس سمجهڻو هو ته
شعوري بيداريءَ جي منزل، نراسائيءَ،
ناراضپي، ۽ دک درد کانسواءِ ڪڏهن به ماڻي
نه ٿي سگهجي. اوائلي منزلن ۾ مذهبي رسم و
رواج جي ادائگيءَ، ساٺ سؤڻ ۽ ان جي ظاهري
شڪل و صورت نسل جي افزائش، شخصي جائداد
وغيره تي جيڪو حد کان وڌيڪ زور ڏنو ويو
هو، ، تن سڀني پنهنجو پنهنجو ڪم سرانجام
ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ هاڻي انهن کي رد ڪرڻو هو.
”هاڻي اهڙو
وقت اچي ويو هو، جو انساني دل، جنهن
احترام وارو ’توجهه‘ ڏيڻ سکيو هو، تنهن کي
هاڻي پنهنجو ڌيان هڪ هنڌ ’مرڪوز‘ ڪرڻ سکڻو
هو ۽ وڌيڪ ڇڙواڳيءَ وارن گهڻن ناتن پيدا
ڪرڻ بدران، فقط مڪمل ’علحدگي’ ۽ ’نفسي
جائزي‘ جي ذريعي هر خارجي شيءِ کان پري ٿي
وڌيڪ اڳتي قدم کڻي پئي سگهيو، هڪ لفظ ۾
چئجي ته هو پنهنجي ابتدائي منزل ۾ داخل
ٿيڻ لاءِ تيار هو. مون کي مشرق ۾ انهيءَ
ابتدائي منزل جي شروعات ڪرڻي هئي، جهڙيءَ
طرح منهنجي محترم ڀاءُ، ’نزريني‘ (حضرت
عيسيٰ عه) کي مون کان ڪجهه پوءِ مغرب ۾
ڪرڻو هو.
”اها راهه،
جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ’آريائي-راهه‘ سڏيو
ويندو هو، سا هاڻي انهيءَ نئين ڏيکاريل
منزل جي ڀيٽ ۾ رسمن رواجن ۽ لڳ لاڳاپن جي
ور وڪڙ کائيندڙ گهاٽي ٻيلي ۾ رلڻ ۽ ڌڪن
کائڻ ۽ ان ۾ گم ٿي وڃڻ جيان هئي، ۽ اها سچ
پچ ته اڻ-آريائي يا خانه بدوشيءَ واري
راهه هئي.“
”لفظ
’منهنجو‘، جيڪو اصل ۾ خوديءَ جي تعمير ڪرڻ
جو ذريعو ۽ سرچشمو هو، سو هاڻي انهيءَ
’خوديءَ‘ جي وڌيڪ اوسر ۽ واڌاري جي راهه
روڪي رهيو هو، جنهن کي ٿوري گهڻي حد تائين
جسم ۽ خارجي تعلقات سان شناخت ڪيو ٿي ويو.
هاڻي زمين جي هر کيڙ يا تعلقات ۽ لڳ
لاڳاپن وڌائڻ جي نه، بلڪه خود پاڻ کي کيڙڻ
جي ضرورت هئي. اها شروعات هڪ فرد سان فرد
جي حيثيت ۾ واسطو رکي رهي هئي، ۽ عالمي
صورت سان فقط ان صورت ۾ واسطو رکي رهي
هئي، جيئن اها مخصوص حالت ۾ ۽ خاص حالت
لاءِ عڪس ڏيئي رهي هئي، پر ان جو تعلق
انبوهن، انهن جي باهمي تعلقات ۽ لڳ لاڳاپن
سان واسطو ڪونه هو. اها فقط انفرادي
انساني ذهن سان ان جي تارڪ ٿيل حالت سان
واسطو رکي رهي هئي. ذهن ۾ خوديءَ جو پورو
پورو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ، ان جو اظهار
متضاد هئڻ گهربو هو.
”هر اهڙي
عمل ۽ فعل کي ناجائز ۽ ممنوع قرار ڏيڻ
ضروري هو، جنهن لاءِ انساني دل، خود ذهن
تي صفائي ۽ پاڪائيءَ لاءِ شعوري طور ۽
ارادي سان حڪم نه ڏنو هو. ظاهري طور
طريقي ۽ رسم و رواج کي زهريلو سمجهڻو هو.
ڇاڪاڻ ته ذهن ۽ دل جي مڪمل بيداري ۽ ان جو
شعور مول مقصد هو. اهو ئي هڪ رستو هو،
جنهن سان انساني دل ۽ دماغ، مستقبل جي عمل
لاءِ پوپٽ وانگر ڪامل ٿي ٻاهر نڪري پئي
سگهيو. مون کي ديوتائن جي پوڄا کي به بند
ڪرائڻو پيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي پوڄا منهنجي
ماڻهن لاءِ هڪ دستور ۽ رواج بنجي چڪي هئي.
ان کان علاوه، اها پوڄا انساني ذهن کي
ڪيترين ئي شين جي درميان ورهائي رهي هئي.
”ساڳيءَ طرح
مون کي انهن کي هن کان پوءِ ايندڙ زندگيءَ
سان واسطو رکڻ ۽ ان لاءِ فڪرمند ٿيڻ جي
خيال تان لاهڻو پيو، ڇاڪاڻ ته هنن کي
اڳيئي انهيءَ سان هڪ غلط نموني ۾ واسطو ۽
تعلق هو، جو اهي ايندڙ زندگيءَ کي عيش
عشرت واري دنيوي زندگيءَ جي توسيع ۽ شاخ
سمجهي رهيا هئا. اهو غلط تصور سندن دماغ ۾
پيدا ٿيل نئين تعلق جي صورت ۾، جنهن لاءِ
سندن ذهن کي تيار ٿي ڪيو ويو، ۽ جنهن کي
انهن جي طاقت جي ذري پرزي جي ضرورت هئي،
مونجهارو پيدا ڪري رهيو هو.
”جيئن توهان
سڀيئي ڄاڻو ٿا، انهيءَ منزل جي باري ۾ اڃا
گهڻو چئي ٿو سگهجي، جنهن جو مطلب اهو هو
ته جيستائين انساني ذهن عام شين جي معنيٰ
کي سمجهڻ، ۽ خود پنهنجي دل کي پاڪ ۽ صاف
ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي عزم نه ٿو
ڪري، تيستائين ظاهري طور ۽ طريقا يا
ٻاهرين مدد ان جي لاءِ، ڪنهن ڪم جي ٿي نه
ٿي سگهي.“
*
* *
نزريني چيو
ته ”منهنجي مهم ۽ منهنجو ڪم، منهنجي ڀاءُ،
’راهنما‘ جي ڪم سان مشابهت رکندڙ هو، هن
کي به مون وانگر جسماني طور آواره گردي
ڪرڻ ۽ هڪ خانه بدوش وانگر نظر اچڻ ۽ هر
قسم جي مِٽين مائٽين ۽ پنهنجي گهر ٻار کان
جدا ٿيڻو پيو هو. هن کي سندس بيک وٺڻ واري
ڪشڪول کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ساڻ کڻڻو
هو، ۽ نه ملڪيت ۽ مال گڏ ڪرڻو هو. اها
ڳالهه هن جي لاءِ ضروري ڪانه هئي، پر سندس
مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ اِهالازمي هئي. مون
سان به ساڳي حالت هئي.
”مون پنهنجي
قوم جي ماڻهن کي صاف طور چئي ڏنو ته آءٌ
سندن گهرن گهاٽن ۽ مِٽين مائٽين کي ناس
ڪرڻ ۽ پيءُ کي سندس ٻار کان، ۽ ٻچي کي
سندس ماءُ کان جدا ڪرڻ لاءِ آيو هوس.
”مون کين
چيو ته هڪ طرف، جيسين هو پاڻ کي پنهنجين
چلهين جي ديوتائن، اناج-ديوتائن ۽ ڪٽنبي-
ديوتائن کان جدا نه ڪندا، ۽ ٻئي طرف هو
ظاهري رسم و رواج ۽ طور ۽ طريقن ۽ کين
ڌرتيءَ تي مليل زندگيءَ ۾ محو ٿي رهڻ جي
خيال کان پاڻ کي ڇني جدا نه ڪندا، تيسين
هو اهي ڳالهيون سمجهي نه سگهندا، جيڪي
منهنجي پيغام ۾ شامل آهن. مون کي، منهنجي
ڀاءُ، راهنما جي ابتڙ، اسرائيلين جو ڌيان
آئينده جي زندگيءَ ڏانهن ڇڪائڻو هو، ڇاڪاڻ
ته ’راهنما‘ جي قوم جي برعڪس، هنن ڪڏهن به
انهيءَ زندگيءَ جي باري ۾ ڪونه سوچيو هو.
منهنجي مهم جو اظهار پڻ متضاد صورت ۾ ٿيڻو
هو.
”مون کي
انهيءَ ڳالهه جي خلاف ردِ عمل پيدا ڪرڻو
هو، جنهن کي اهي اهڙي سختيءَ سان چنبڙيا
پيا هئا. هنن جو خاص خيال ظاهري رسم و
رواج ۽ دستور تي، ۽ ساٺ سوڻ، تقريبات ۽
ظاهرداريءَ تي هو، جنهن تي سختيءَ سان عمل
ڪندا هئا، اها اهڙي هلت هئي جو مون کي ان
جي ابتڙ هلت تي زور ڏيڻو پيو. خسيس ۽ بي
وقت ظاهري فعلن ۽ طريقي تي ايترو ته گهڻو
توجهه ڏنو ويندو هو، جو مون کي مفيد ظاهر
ڪمن کي به بي وقت ۽ بي فائده ظاهر ڪرڻو
پيو، ڇاڪاڻ ته ’علحدگي‘ ۽ ’خيال جي
يڪسوئي‘ فقط دل ۽ دماغ جي سرگرمي اصل مقصد
واري هئي. مون انهن کي صاف لفظن ۾ چيو ته
جيڪڏهن هو فقط خيال ۾ ئي ڪنهن سان زنا
ڪندا ته جيتوڻيڪ اهي سچ پچ انهيءَ گناهه ۾
شرڪت نه به ڪندا، تڏهن به انهن گناهه جو
ڄڻ ارتڪاب ڪري ڇڏيو.
”هو ڪنهن به
زيادتيءَ جي انتقام وٺڻ تي ايتري سختيءَ
سان عمل ڪندا هئا، جو مون کي ان جو اثر
زائل ڪرڻ لاءِ کين ٻيو ڳل اڳيان ڪرڻ جي
تعليم ڏيڻي پيئي، تنهن کان سواءِ، جيئن ته
مغرب کي هڪٻئي سان وڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا
خبر ئي ڪانه هئي، ان ڪري مون کي محبت جو
خاص پيغام ڏيڻو پيو. پر اهي سڀ ڳالهيون
منهنجي مهم ۽ مقصد جون فروعي ۽ ضمني
ڳالهيون هيون، ۽ نه اصل ۽ ضروري ڳالهيون.
اهي ته فقط انهن ابتدائي رڪاوٽن کي هٽائڻ
۾ مدد ڏيندڙ هيون، جيڪي اصل راهه جي منهن
۾ رنڊڪ بڻيون بيٺيون هيون.
”انهن مقامي
تفاوتن سان، منهنجي مهم جو اصل مقصد بلڪل
اهو ئي هو، جيڪو منهنجي ڀاءُ ’راهنما‘ جو
مشرق ۾ هو، يعني ذهن کي ابتدائي منزل ۾
داخل ٿيڻ جو سبق ڏيڻ ۽ ان کي جسم جي
زندگيءَ کان الڳ، سندس ذاتي انفرادي
باشعور حيات جو احساس ڏيارڻ هو. توهان اڳ
۾ ننڍڙي زندگيءَ کي ناس ڪرڻ کان سواءِ
وڌيڪ وڏي زندگي تعمير نٿا ڪري سگهو. خانهء
خدا جو ٿي رهڻ لاءِ رت جا رشتا ٽوڙڻ جي
ضرورت هئي.
”ابن ڏاڏن ۽
شجرن جي اهميت جو خيال ايتري قدر ته پختو
۽ مستحڪم هو، جو خدا جو ذڪر پيءُ جي رشتي
۽ مائٽيءَ جي ذڪر سان گڏوگڏ ڪرڻ ضروري هو،
پر ان ۾ فقط اهو امڪان هو ته اهي اهڙي
رشتي جو احساس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن دنيوي
ابن ڏاڏن کي گهٽ قدر جي نگاهن سان ڏسن ها،
منهنجو واسطو صرف هڪ فرد سان هو. جهڙيءَ
طرح منهنجي ڀاءُ ’راهنما‘ جو واسطو هو.
”مون کي
جماعتن جي زندگيءَ سان ڪو واسطو رکڻو ڪونه
هو، ان ڪري منهنجي منزل مقصود، انهن جي نه
سياسي زندگي هئي ۽ نه سماجي زندگي، منهنجو
مقصد هر دل ۽ دماغ کي انفرادي حيثيت سان
سندس نئين زندگيءَ لاءِ ترتيب ڏيڻ هو،
منهنجو مکيه ڪم اهو هو. اهو ئي سبب هو جو
جڏهن آءٌ سماجي، سياسي ۽ خانداني زندگيءَ
سان واسطو رکندڙ ڳالهين جو ذڪر ڪندو هوس،
ته هميشھ بيپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندو هوس.“
هن وڌيڪ چيو
ته منهنجي مهم جو موضوع هو، ”انسان جو
ڪمال، خود پنهنجي وجود ۾“ آهي. هن
اسرائيلين جي اڳواڻ موسيٰ عه ڏانهن مُنهن
ڪندي چيو ته ”مون هنن کي صاف لفظن ۾ چيو
ته آءٌ اهو ضايع ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان،
جيڪو هنن وٽ اڳيئي موجود هو، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ کان سواءِ هيءَ نئين تعليم ناممڪن
ٿئي ها،- پر ظاهري رسم و رواج ۽ ساٺ سوڻ
جيڪي کين سيکاريا ويا هئا، تن هيلتائين
گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي رڪاوٽ بڻجي
رهيا آهن. هنن پنهنجو سبق وري وري ياد ڪيو
هو ۽ هاڻي ٻئي سبق کان سواءِ واڌارو ممڪن
نه پئي ٿي سگهيو.“
* * *
”منهنجا
معزز دوستو“، ’پيغامبر‘ چيو، ”اسان جي هن
ڌرتيءَ تي گڏجاڻي وڏي خوشيءَ جو باعث ٿي
آهي، جيئن اوهان پاڻ آسانيءَ سان سمجهي
سگهو ٿا. اها خوشي جيڪڏهن ٻئي ڪنهن سبب
کان نه، ته گهٽ ۾ گهٽ هن سبب ڪري ٿي آهي،
جو هيءُ پيغام آڻڻ منهنجيءَ قسمت ۾ آيو ته
انسان جي وڌيڪ ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ههڙي
گڏجاڻي انتهائي ضروري هئي. انهيءَ ڳالهه
مان منهنجي خصوصي مهم بابت پڻ سمجهاڻي ملي
وڃي ٿي. جيڪا هيءَ آهي ته منهنجي مهم
انسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه آندي آهي،
بلڪه جيڪي ڪجهه اڳي ئي چيو ويو آهي، تنهن
کي ئي دهرائي ٿي. مون کي اوهان جي پيغامن
کي دهرائڻو هو. پر انهن سڀني پيغامن جي
موزون تناسب جي ميلاپ انسان لاءِ هڪ بلڪل
ئي نئون منظر پيش ڪيو آهي.
”منهنجي اچڻ
جو مقصد، اهو مجموعي پيغام پهچائڻ هو،
جنهن ۾ سڀ مخصوص پيغامات شامل ڪيل آهن ۽
جن کي گڏي هڪ مڪمل پيغام بنايو ويو آهي.
ان ڪري آخري الهامي پيغام ۾ هن ڳالهه تي
زور ڏنل آهي ته دنيا ۾ مختلف مذهب نه،
بلڪه هڪ ئي مذهب آيو آهي. انهيءَ آخري
پيغام ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته انسان هاڻي
بالغ بنجي چڪو آهي.
”هائو“، هن
”راهنما“ ۽ ”نزريني“ ڏانهن منهن ڦيرائيندي
وري چيو، ”انسان توهان جي مهربانيءَ سان،
ابتدائي ابهم واري منزل مان لنگهي چڪو آهي
۽ هاڻي هو بلوغت واري اوستا کي پهچي ويو
آهي ۽ هن کي هڪ فرد جي حيثيت ۾ (مرد ۽
عورت، ٻنهي کي) ذميوار بنايو ويو آهي ۽ هن
کي (مرد ۽ عورت، ٻنهي کي) چونڊ ڪرڻ جي
آزاديءَ جي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي.
”جيئن اوهان
فرمايو، هنن لاءِ ڪنهن به فعل ۽ عمل کي
ابتدائي ۽ معصومانه اوستا ۾ به، ڪو قدر
قيمت ڪونه هو، بشرطيڪ اهو عمل ارادي سان
ڪيل هو ۽ انساني دل ۽ دماغ ان جو شعوري
طور امر ڏنو هو. هڪ خودمختيار ۽ آزاد
انفراديت جي ارتقا لاءِ، توهان جنهن
”علحدگي“ تي ايڏو زور ڏنو هو ۽ جنهن کان
سواءِ انساني دل ۽ دماغ هڪ آزاد ايجنٽ طور
ڪڏهن به وجود ۾ نه اچي سگهي ها، سا اڄ به
اوتري ئي اهميت واري آهي، جيتري توهان ان
کي اهميت ڏيئي پيش ڪيو هو، پر فرق فقط
ايترو هو ته هاڻي انسان کي، انفراديت جي
انهيءَ علحدگيءَ سان مسلح ٿي پاڻ کي
انهيءَ عالمي ڪُل جو هڪ حصو تصور ڪرڻو هو،
۽ نه انهن جزوي ڪُلن ۽ لاڳاپن جو حصو
سمجهڻو هو، جنهن کان ابتدائي عمر وارن
مرحلن جي علحدگيءَ ۽ جدائيءَ کان هن کي
نجات ڏيارڻي هئي.
”خاندان،
پاڙيسري، قوم، اهي سڀ اڄ به اتي موجود
آهن، پر هن کي انهن جي عالمي حيثيت سان گڏ
رهڻو ۽ عمل ڪرڻو آهي، جيڪا هن جي اصل بيخ
و بنياد آهي، ۽ جيڪا پوءِ به سندس گهر
ٿيندي. آخري پيغام وري به ابن ڏاڏن جي
پوڄا، گهر ۽ چُلهه جي پوڄا جي اصول ۽
نظريي جي ٻيهر تصديق فقط هن فرق سان ڪري
ٿو، ته هاڻي فقط حقيقي ابي ڏاڏي ۽ سچي پچي
گهر کي پوڄا ۽ پرستش جون شيون بنايو ويو
آهي.
”اهو سڄي
صورتحال جي حقيقت جو تت هنن لفظن ۾ بيان
ڪري ٿو: ’اسين الله جي طرف کان آيل آهيون
۽ الله ڏانهن واپس وڃون ٿا.‘
”جيئن توهان
پاڻ منهنجا پيارا دوست نزريني، چيو ته
توهان ناس ڪرڻ نه، بلڪه اڳئين ڳالهه جي
تصديق ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تيئن آءٌ هر
انهيءَ ذري پرزي جي تصديق ڪرڻ لاءِ آيو
هئس، جيڪو ڪڏهن هيو، آهي ۽ هن کان پوءِ
هوندو، انسان سچ پچ ته هميشھ پنهنجن ابن
ڏاڏن جي پوڄا ڪئي آهي. چاهي اها هن جي
پيئرن جي صورت ۾ رهي آهي، يا جانورن ۾ يا
وڻن ٽڻن، پاڻيءَ يا مٽيءَ ۾، خواه اها سج
۾ رهي آهي يا چنڊ ۾، ”ورونا“ يا ”ايٿر“ جي
صورت ۾ رهي آهي، هر صورت ۾ اها ابن ڏاڏن
جي پوڄا رهي آهي. فقط ماڻهوءَ جي نظر سڀني
شين جي اصلي ابي ۽ انهن جي حقيقي گهر
تائين پهچي نه پئي سگهي. مرد نوجوان هو ۽
عورت وڌيڪ نوجوان هئي.
”آخري
الهامي پيغام هنن جي فطرت سان رابطو پڻ
برقرار رکي ٿو، جنهن کي اهي بيشمار ۽ واضح
شين جي صورت ۾ پوڄيندا هئا. اها انسان جي
(وڌيڪ پڙهو)