سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :1

ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي

تعارف

 ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ نالي هيءُ ڪتاب، جيئن ان جي ذيلي عنوان مان ظاهر ٿي رهيو آهي، سو ”ڪاري ڇوڪري، خدا جي ڳولا ۾“ ، ڪتاب جو جوڙي دار آهي، جيڪو ”برنارڊ شا“ جو لکيل آهي، ۽ هن ڪتاب کي انهيءَ سان گڏي پڙهڻ گهرجي.

هيءُ ڪتاب، جيڪو ”مسٽر شا“ جي اُنهيءَ ڪتاب جو، هڪ مسلمان مفڪر جي طرفان جواب آهي، جيڪو سڀ کان اول ”ڪانسٽيبل ائنڊ ڪمپني لميٽيڊ (لنڊن)“ طرفان ”ڪاري ڇوڪريءَ جا خدا جي ڳولا ۾ ڏاکڙا“ جي نالي سان سنه 1932ع جي آخري ڏينهن ۾ شايع ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ وري اُهو ئي ڪتاب پينگئن بُڪس لميٽيڊ طرفان ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي مختصر نالي سان شايع ڪيو ويو آهي ۽ ساڻ ئي ڪجهه ٻيون ننڍيون ڪهاڻيون به شامل ڪيل آهن، مسٽر ۽ مسز آءِ . آءِ قاضيءَ ”ڀوري ڇوڪريءَ جا ڏاکڙا“، سنه 1933ع ۾ ”مسٽر شا“ جي ڪتاب جي جواب ۾ شايع ڪيو.

(1)

هن ڪتاب کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته مسٽر شا جي ڪتاب ۾ ڪن مذهبي عقيدن ۽ رستن جي جائز هئڻ متعلق، سندس ڪتاب ۾ بيان ڪيل انهيءَ عام دليل جو حوالو ڏنو وڃي، جن کي انسان ذات جي عالمي عقيدي ۽ عمل طرفان تقدس ۽ احترام ڏنو ويو آهي، مسٽر شا تي نسلي ”ارتقا“ واري نظريي جو اثر ٿيل هو،  جهڙيءَ طرح اُهو اِنهيءَ موضوع جي ليکڪن طرفان ويهين صديءَ جي اوائلي سالن ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ در حقيقت هن جي وڏي ۾ وڏي ڊرامائي ڪتاب  ”مئٿوسيلاه ڏانهن موٽ“ (1921ع) جي نظريي جو بنياد ئي سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي  مڪتبهء  فڪر جي پيداوار هو، جنهن کي ”تخليقي ارتقا“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هن جو ان کان اڳيون ڊرامون ”مئن ائنڊ سُپر مئن“ (1901-1903ع) زندگيءَ جي اهڙي فلسفي جي عڪاسي ڪري رهيو هو، جيڪو اُنهيءَ فلسفي سان ٽڪرائجي رهيو هو، جنهن جي ڊارون Darwin جي عقيدتمندن حمايت ڪئي هئي. انهن ٻن متضاد نظرين، يعني ڊارون جي نظريي جي حامين ۽ تخليقي ارتقاء جي درميان جيڪو فرق هو، سو مختصر طور هن طرح سان بيان ڪري سگهجي ٿو: ڊارونِ جي نون عقيدتمندن جو عقيدو اهو هو ته ڪائنات جي هيءَ ارتقاء هن ڳالهه ۾ هڪ مشين وانگر هلي رهي آهي، جو هڪ صنف محض ”اتفاقي“ تبديليءَ جي ذريعي جوابي عمل جو آلھ يا اوزار پيدا ڪري ٿي، جيڪو ان کي اتفاقي طور پنهنجي پسگردائيءَ جي ضرورتن لاءِ بهتر طريقي سان پاڻ کي تبديل ڪري سگهڻ جي قوت ڏيئي ٿو ۽ ان طرح ان کي پنهنجي بقا کي برقرار رکي سگهڻ جهڙو بنائي ٿو. انهيءَ نقطئه نگاهه کان انساني بهتري ۽ اصلاح، مثال طور” ڪنهن بي مقصد حادثي جو ڪم آهي، جيڪو حادثن جي سراسري تعداد جي اصول تحت، ڪنهن ٻئي وڌيڪ بي مقصد حادثي جي هٿان ڪنهن نه ڪنهن وقت ميسارجي وڃي ٿو.“ پر انهن ماڻهن جي مطابق، جن جو ”تخليقي ارتقا“ جي نظريي ۾ عقيدو آهي، اها قوت، جيڪا ارتقا  کي پيدا ڪري ٿي، سا تخليقي آهي، يعني اُها قوت پنهنجي ضرورت جي پختگيءَ ذريعي، شدت جي هڪ خاص درجي يا مقام وٽ پهچي، نئون سلسلو پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ در حقيقت پيدا ڪري ٿي، جنهن سان اهو تخليق ۽ تنظيم ڪري ٿي.“ مسٽر شا جي بقول، ”جيڪڏهن بار کڻندڙ پهلوان هڪ ورزشي ۽ جسماني مقابلي جي وقتي ضرورت ۽ خسيس مقصدخاطر، هڪ پٺو سامهون آڻي سگهي ٿو، ته پوءِ هي خيال ڪرڻ بلڪل معقول ٿيندو ته اهڙو ئي ضرورتمند ۽ سنجيده فيلسفو ۽ مفڪر ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ دماغ کي وجود ۾ آڻي سگهي ٿو. ٻنهي حالتن ۾ قوت، جا هڪ خاص مقصد ۽ ضرورت خاطر، مختلف رخ آهن. تخليق اسان کي ڏيکاري ٿي ته قوت جو اهڙو رخ هر قسم جا ڪم ڪري ٿو: مثلاََ سئو پيرين کي سئو سئو ٽنگون مهيا ڪري ٿو ۽ مڇيءَ کي وري هڪ به ٽنگ کان محروم ڪري صاف ڇڏي ٿو، ڌرتيءَ تي گهمندڙن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٽنگون ۽ ٻانهون ٺاهي ٿو، سمنڊ وارن لاءِ ڪَليون ۽ ڪَنڊا يا کنڀڙاٽيون ڏي ٿو، کير پيئاريندڙ جانورن کي سندن ٻچڙڻ کي پيٽ اندر ۽ پکين کي وري پيٽ کان ٻاهر (آني ۾) ٻچن کي پالڻ جي قوت ڏي ٿو، مطلب ته اسان کي پنهنجي حرڪت قائم رکڻ ۽ پنهنجن ذريعن ۽ وسيلن کي وڌائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي جسماني ترڪيب جي چونڊ ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿو.“

(هن جي ڪتاب ”مئٿو سيلاه ڏانهن موٽ“ جو مهاڳ ڏسو).

مسٽر شا جڏهن تخليقي ارتقا جو اِهو نظريو، مذهب سان لاڳو ڪري ٿو، تڏهن سندس اهو عمل هن کي اهڙن نتيجن تي پهچائي ٿو، جيڪي مذهب جي هزارن سالن جي قديم نظام کي، جيئن ان تي روايتي طور عقيدو ۽ ايمان رکيل آهي، نفرت ۽ بدناموسيءَ جي دائري اندر آڻي ٿو. مطلب ته مسٽر برنارڊ شا جي تخليق ڪيل ”ڪاري ڇوڪري“، پنهنجن ڏکن ڏاکڙن جي آخر ۾، هن نا اُميديءَ واري نتيجي تي پهچي ٿي ته مذهبي عقيدي تحت قائم ڪيل ديني ادارا ۽ اهو مذهب جنهن جي اُهي پيداوار آهن، نامعقول آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جي ملاقات، سندس مهم جوئي جي دوران دنيا جي ذري گهٽ سڀني وڏن مذهبن جي بانين سان ٿئي ٿي، پر ان هوندي به هن جي نگاهن ۾ انهن مان ڪنهن هڪ جي تعليم به ڪارگر ڪانهي، درحقيقت ، هن کان سڀني تي ٺٺولي ڪرائي وڃي ٿي.

آخرڪار، هوءَ هڪ اهڙي باغ ۾ وڃي، مالهڻ جي زندگي اختيار ڪري ويهي ٿي، جنهن کي ”هڪ اهڙو جهانديده پيرسن شخص پوکي رهيو هو، جنهن جون اکيون اهڙيون حيرت انگريز هيون، جو هن جو سڄو منهن اکيون ئي اکيون نظر اچي رهيون هيون، هن جو نڪ اهڙو دلچسپ هو، جو هن جو سڄو منهن فقط نڪ ئي نڪ نظر اچي رهيو هو ۽ هن جو وات اهڙي سواد جو شيطاني مظاهرو ڪري رهيو هو، جو هن جو سڄو منهن فقط وات ئي وات نظر اچي رهيو هو، تان جو ڪاري ڇوڪريءَ انهن ٽنهي اڻ ٺهڪندڙ ڳالهين کي، هيءُ فيصلو ڪري هڪ ٻئي سان مطابقت ڏني ته هُن جو منهن مجموعي طور سڄو عقل ئي عقل هو. مسٽر شا جي ڪتاب ۾، ڪاري ڇوڪريءَ ۽ انهيءَ پوڙهي شخص جي درميان هليل گفتگوءَ جو هيٺيون رڪارڊ موجود آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها گفتگو، خدا جي ڳولا جي قدر و قيمت جي متعلق، مسٽر شا جي تعليم جي جوهر جي علامت آهي:

”اندر هلي اچ“، پوڙهي شخص چيو، ”مون ڪافي گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڏٺو آهي ته خدا جي ڳولا ڪرڻ جي بهترين جاءِ، هڪ باغ ۾ آهي. تون هُن جي ڳولا ڪرڻ، لاءِ هِن هنڌ تي کوٽائي ڪري سگهين ٿي.“

”خدا جي ڳولا ڪرڻ متعلق، منهنجو ڪو اِهو خيال ڪونهي.“ ڪاري ڇوڪريءَ نااُميد ٿي چيو، ”توهان جي مهرباني، آئون اڳتي وينديس.“

”ته پوءِ ڇا، تنهنجي خيال، جيئن تون ان کي سڏين ٿي، توکي ان تائين پهچايو آهي؟“

”نه“، ڪاري ڇوڪريءَ بيهندي چيو، ”آءُ اِئين نه ٿي چئي سگهان ته اُن اِئين ڪيو آهي. پر مون کي توهان جو خيال پسند ڪونهي.“

”گهڻن ئي اهڙن ماڻهن، جن خدا کي ڳولي لڌو آهي، کيس لهڻ کانپوءِ پسند نه ڪيو آهي ۽ اُنهن پنهنجي باقي زندگي هن کان دور ڀڄڻ ۾ گذاري آهي. ڀلا اِئين ڇو ٿي سمجهين ته تون هن کي پسند ڪندينءَ؟“

”مون کي خبر ڪانهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”پر هڪ مبلغ وٽ نظم جي هڪ سِٽ آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته جڏهن اسان کي اعليٰ ترين هستي نظر اچي، تڏهن اسان کي گهرجي ته ساڻس محبت ڪريون.“

”اُهو شاعر ڪو احمق هو، ”پوڙهي شخص چيو، ”اسين ان کان نفرت ڪندا آهيون، ان کي صليب تي چاڙهيندا آهيون، کيس زهر ڏيئي ماريندا آهيون ۽ هن کي زنجير سان ٿنڀ ۾ ٻڌي جيئرو جلائيندا آهيون. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ جي دوران پنهنجي ننڍڙي نموني ۾ خدا جو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ سندس دشمنن کي پنهنجي مٿان کِلڻ جو سبق سيکاريو آهي، پر جيڪڏهن تون مون کي چوندينءَ ته ”خدا رستو وٺيو پيو اچي ته آءٌ جيڪر ڪُئي جي ڪنهن قريب ترين ٻِر ۾ گهڙي وڃان، ۽ تيسين ساهه کڻڻ جي جرئت نه ڪريان جيسين هو اتان لنگهي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مون کي ڏسي وٺي يا منهنجي بوءِ سنگهي وجهي ته پوءِ ڇا، هو منهنجي مٿان پنهنجو پير رکي چيڀاٽي نه ڇڏيندو، جيئن آءٌ جيڪر ڪنهن ننڍڙي زهريلي چيز کي چيڀاٽي ماري وجهان، جيڪا منهنجا حڪم نه مڃيندي هجي ها؟ انهن ويچارن کي، جيڪي هن طرح دانهون ڪندا خدا جي پٺيان ڊوڙن ٿا، ته ”ڪاش مون کي معلوم هجي ته آءٌ کيس ڳولي سگهندس.“ پنهنجي متعلق تمام ڪو وڏو خيال هوندو، جو اهي ائين سمجهن ٿا ته سندس موجودگيءَ ۾ هن جي اڳيان بيهي سگهندا، ڇا، تبليغ ڪندڙ پادريءَ توکي جيوپيٽر ۽ سيميل جي ڪڏهن ڳالهه ٻڌائي آهي؟“

”نه“، ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”اها ڳالهه ڪيئن آهي؟“

”جيو پيٽر خدا جي نالن منجهان هڪ آهي،“ پوڙهي شخص چيو، ”توکي ته معلوم آهي ته هن جا ڪيئي نالا آهن، ائين آهي نه؟“

”جنهن ماڻهوءَ سان منهنجي سڀني کان پوئين ملاقات ٿي هئي، تنهن هن کي الله جي نالي سان پئي سڏيو“، ڪاري ڇوڪريءَ چيو.

”برابر“، پوڙهي چيو، ”چڱو ته ڀلا ٻڌ، جيو پيٽر کي سيميل سان محبت ٿي پيئي ۽ هن کي ايترو لحاظ پيو، جو هو سيميل وٽ هڪ ماڻهوءَ جي صورت ۾ اچي ظاهر ٿيو، ۽ ساڻس ماڻهوءَ وانگر هلت ڪئي پر پاڻ کي ايڏو ته وڏو سمجهيو، جو هن ڳالهه تي اڙجي بيٺي ته هو سندس سامهون هڪ ديوتا جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ۽ ساڻس ديوتا بڻجي محبت ڪري. جنهن ڪري هن انهيءَ ڳالهه تي اصرار ڪيو ته هو پنهنجي خدائيءَ جي پوري جلال سان هن وٽ اچي“.

”پوءِ جڏهن هو انهيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيو ته ڇا ٿيو؟“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو.

”بس، اُهو ئي ٿيو، جنهن جو هن کي اڳواٽ ئي خيال ڪرڻ گهربو هو ته اِئين ٿيندو“، پوڙهي شخص چيو، ”هوءَ سڄي سُسي ويئي  ۽ ائين ٺڪاءُ ڏيئي ڏري پيئي، جيئن ڪا ننڍي تِڏ باهه ۾ سَڙڻ مهل ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽندي آهي، تنهن ڪري خبردار ٿجانءِ. تون سيميل وانگر بيوقوف نه بڻجانءِ. خدا تنهنجي ٺونٺ وٽ موجود آهي ۽ هو هميشھ اتي موجود رهيو آهي. پر هن پنهنجي رحم و ڪرم سان پاڻ کي تنهنجي اڳيان ظاهر نه ڪيو آهي ته متان توکي هن جي حد کان وڌيڪ معرفت، هوش کان ڪڍي پاگل نه بڻائي ڇڏي،. تون پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙو باغيچو ٺاهه، ان ۾ کوٽائي ڪر، ۽ گل پوک، انهن جي ڪاٽ ڪُوٽ ڪر ۽ گُڏ ڪڍ، ان وقت شڪر ڪر، جڏهن هو توکي ڪنهن اناڙيءَ وانگر غلط نموني ۾ ڪم ڪندو ڏسِي تنهنجي ٺونٺ کي جهٽڪو ڏيئي ٿو ۽ جڏهن توکي ڪاريگريءَ سان باغباني ڪندي ڏسي ٿو، تڏهن توکي دعائون ڏئي ٿو.“

”ته پوءِ ڇا، اسين هن جي موجودگيءَ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهنداسين؟“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو.

”مون کي يقين آهي ته نه“، پيرسن مفڪر چيو، ”ڇاڪاڻ ته اسين ڪڏهن به هن جي موجودگيءَ کي ان وقت تائين سهي نه سگهنداسين، جيسين اسان هن جا سڀ مقصد پورا نه ڪيا آهن ۽ پاڻ ديوتائون نه ٿيا آهيون پر جيئن ته هن جا مقصد لامحدود آهن ۽ اسين پاڻ انتهائي محدود ۽ مخصر آهيون. ان ڪري خدا جو شڪر آهي ته اسين ڪڏهن به هن جي مقصدن کي پروڙي نه سگهيا آهيون، اسان جي لاءِ ائين ئي بهتر آهي. جيڪڏهن اسان جو ڪم پورو ٿي ويندو ته پوءِ اسين وڌيڪ ڪنهن ڪم جا نه رهنداسين، بس پوءِ اسان جو اَنت اچي ويندو. ان کانپوءِ هو اسان جهڙن بدصورت ۽ خسيس جيوڙن کي فقط ڏسڻ لاءِ جيئرو نه رکندو، تنهن ڪري اندر هلي آءُ، ۽ هن جي تعريف ۽ ساراهه ۾ هن باغ پوکڻ ۾ مدد ڪر، باقي ٻيو سڀ ڪجهه مٿس ئي ڇڏي ڏي.“

جلد ئي پوءِ، ڪاري ڇوڪري مالهڻ جو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ جڏهن اُتي رهي پيئي، تڏهن سندس ملاقات ”سُرخ وارن“ واري هڪ آئرش نسل جي ماڻهوءَ سان ٿي، جيڪو پٺئين پاسي واري باغيچي ۾ بورچيخاني ۾ ڪم ايندڙ ڀاڄين پوکڻ جي ڪم ۾ مصروف هو.“ پڙهندڙن پاڻ ئي سڃاڻي سگهندو ته سرخ وارن وارو ماڻهو خود مسٽر شا کانسواءِ ٻيو ڪوئي ڪونه هو. ڪاري ڇوڪريءَ جي مهم جو ئي اِتي پهچي، ”سرخ وارن واري آئرش ماڻهوءَ“ سان شادي ڪرڻ تي ختم ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪتاب جو اختتام هن ڳالهه سان ٿئي ٿو:

”چنانچه، انهن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ۽ ڪاري ڇوڪريءَ آئرش ماڻهوءَ ۽ ٻارن کي (جيڪي وڻندڙ ڪارڙي رنگ وارا هئا) ڏاڍي عقلمندي سان هلايو ۽ انهن لاءِ سندس دل ۾ چاهت به پيدا ٿي ويئي. ڪاري ڇوڪري، ٻارن جي نگهبانيءَ، باغيچي پوکڻ ۽ مڙس جي پراڻن ڪپڙن جي مرمت ڪرڻ، (جيڪي هوءَ کيس لاهي اُڇلائڻ تي آماده ڪري نه سگهي) جي مصروفتين جي درميان سڄو وقت ايتري قدر رُڌل رهندي هئي، جو هن جي دماغ مان خدا جي ڳولا وارو خيال اڪثر وقتن تي ميسارجي ويندو هو، پر ڪي گهڙيون اهڙيون به اينديون هيون، خصوصاََ جڏهن هوءَ پنهنجي هڪ دلپسند ڪارڙي ٻار کي وهنجارڻ کانپوءِ، جيڪو ڏاڍو ماٺيڻو ۽ خاموش طبع هوندو هو، سُڪائيندي هئي، تڏهن هن جو خيال سندس ڳولا ڏانهن موٽي ويندو هو. هاڻي، فقط هن کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو هو ته هڪ ڇوڪري پاڻ کي دنيا ۽ جهان جو مرڪز سمجهي خدا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿي، جنهن جو اڃا تائين ڪو ٺڪاڻو به ڪونهي، ۽ جنهن کي هڪ تبليغ ڪندڙ پادريءَ ائين سيکاريو آهي ته هوءَ خدا کي هڪ اهڙي هستي سمجهي، جنهن کي اِنهيءَ ڪم کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪم ئي ڪونهي ته هو ڇوڪريءَ جي هر هڪ فعل کي جاچيندو رهي ۽ ان جي چوڪسي ڪندو رهي ۽ پاڻ کي هن (ڇوڪريءَ) جي نجات لاءِ پريشان ۽ فڪرمند ڪندو رهي. اهو سوچيندي ڇوڪريءَ پنهنجي ڪارڙي ٻار کي ڪِتِڪتائي به ڪئي ۽ کانئس پڇيائين، ”سمجهه کڻي ته مون خدا کي گهر ۾ موجود ڏٺو هجي ها، ۽ پوءِ جيڪڏهن هو مون کي اهڙو اشارو ڏئي ها ته مون کي اُتي ترسئي حد کان وڌيڪ وقت گذري ويو هو ۽ هُن کي ٻيا به ڪم ڪرڻا پيا هئا، ته پوءِ جيڪر آءٌ ترسي ڇا ڪريان ها؟“

اهو هڪ اهڙو سوال هو، جنهن جو ڪارڙو ٻار جواب ڏيڻ کان قاصر هو، هن فقط وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ سندس ڪَرايون پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. آخر جڏهن ڪارڙو ڇوڪرو وڏو  ٿيو ۽ هن کان آزاد ۽ خودمختيار بڻيو، ته آئرش ماڻهو بلڪل بي اختياري طور سندس عادت بڻجي ويو، گويا هو ئي هڪ حصو هو، تڏهن ئي انهن ٻنهي هن کي پنهنجي وجود کان دور ڪڍي وڃڻ کان بس ڪئي پر پوءِ هڪ دفعو ٻيهر اڪيلائي ۽ فرصت نصيب ٿيس، جنهن ۾ هن وري پاڻ کي انهن خيالن ۾ وڪوڙيل ڏٺو ۽ اهي ساڳيا سوال سندس ذهن ۾ اُڀرڻ لڳا، ۽ انهيءَ وقت تائين، سندس پختو ذهن ۽ دماغ هن کي انهيءَ منزل کان گهڻو پري ڪڍي ويو هو، جتي بُتن کي ڏنڊن سان ڀڃڻ ڀورڻ ۾ ڪو مزو هوندو آهي.“

(2)

مسٽر ۽ مسز آءِ. آءِ قاضي مذهب جي تنظيم کي انهيءَ منڪرانه نقطهءِ نظر سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي اُبتڙ ۽ ان جي مخالفت ۾، ديني عقيدي ۽ عمل جي ارتقا جي اهم ۽ مکيه خاصيتن جو هڪ صاف ۽ واضح بيان پيش ڪن ٿا، جيئن ماڻهو انهن کي تاريخ ۽ نفسيات جي روشنيءَ ۾ ڏسي. هنن جو ڍنگ عالمانه ۽ فاضلانه آهي، جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي ”ڏاکڙن“ جو غور سان مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن اُهي انسانذات جي مذهبي نظريي جا اهي اهم سنگ ميل نظر اچن ٿا، جيڪي تاريخ جي پردن هٽائڻ ۽ هڪٻئي پٺيان کولڻ سان ظاهر ٿيندا وڃن ٿا. جيئن هن ڪتاب جي ٻاهرئين پوش تي نڪتل تصوير ڏيکاري ٿي ته ”ڀوري ڇوڪري“ سان خود تاريخ هڪ شخصيت جو روپ ڌاري مخاطب ٿي رهي آهي. پڙهندڙ کي جنهن واحد ٻئي مڪتب جي روشنيءَ ۾ مذهبي ترقيءَ جي صرف و نحو کي سمجهڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي، سو علم نفسيات آهي. اسان جي ليکڪن انسان جي مذهبي فڪر جي مختلف زاوين کي سمجهائڻ لاءِ نفسياتي ڳالهين کان گهڻو ڪم ورتو آهي. تاريخ ۽ علم نفسيات اهي ٻيئي آخري اپيل جي اها عدالت آهن، جنهن جي حضور ۾ اسان جا ليکڪ ڀوري ڇوڪريءَ جي فڪري لاڙن کي فتويٰ لاءِ پيش ڪن ٿا ۽ کيس هن بنيادي حقيقت تي پهچائڻ لاءِ، ته دنيا ۾  مختلف ۽ گهڻا مذهب ڪينهن، بلڪه هڪ ئي مذهب آهي، هن کي مختلف نوعيت جي مذهبي تجربن مان گذارين ٿا. انسان ذات جي تاريخ ۾ مختلف مذهبن  کي محض انهن مختلف طريقن طور سمجهيو ويو آهي، جن ۾ دنيا جي مختلف قومن کي جدا جدا دورن ۾ عالمي دين جي پيغمبرن طرفان اها تعليم ڏني ويئي آهي ته اهي پنهنجي اصلي فطرت جي بهترين خدمت ڪهڙي طرح ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح انسان ذات جي ارتقا ۽ ترقيءَ جي رفتار ڪيئن تيز ڪري سگهن ٿا. ”هر دور لاءِ هڪ جدا ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ خدا ئي رضا جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ۽ منجهن انهيءَ مخصوص دور لاءِ گهربل خدائي قانون ڏنو ويو آهي، تان جو وري هڪ نئون ڪتاب وصول ٿيو آهي.“ (انهيءَ طرز جي فڪر لاءِ ڏسو صفحو 69 ۽ ان کانپوءِ ايندڙ صفحا). انسان جي مذهبي واڌاري کي، اهڙيءَ طرح ارتقائي پس منظر ڏيکاريو ويو آهي. الهامي ڪتابن کي الله تعاليٰ طرفان ابن آدم کي تعليم ڏيڻ ۽ کيس فڪري بلوغت جي انهيءَ نقطه تي پهچائڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن هن ۾ پنهنجي ارتقا جي مسئلي کي خود پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهڻ جي توقع رکي سگهڻ ممڪن ٿيو. اهو مقصد پڙهندڙ جي اڳيان، انسان جي مذهبي شعور جي مختلف ترقياتي منزلن جي تصوراتي تعمير کي نئون ڪري ۽ سامهون آڻي حاصل ڪيو ويو آهي، تان جو ڀوري ڇوڪري پنهنجي تلاش جي آخري منزل ۾ حضرت محمد (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) جي سامهون پهچي ٿي، جيڪو هن کي الله جو آخري پيغام ڏي ٿو. ”اهو پيغام آخري“ هن ڪري آهي، جو جنهن ڪتاب ۾ اُهي احڪامات شامل آهن، سو ڪوئي احڪامات جو ڪتاب نه، بلڪه اُهو جيڪو ڪتاب آهي سو  مختلف قسم جي طريقن جو مشورو ڏي ٿو، جنهن جي ذريعي هر هڪ ماڻهوءَ کي جدا جدا نموني ۾ الهام وصول ٿيندو رهندو ۽ اُنهن کي اهڙن ميعادي الهامن جي ضرورت نه رهندي جيڪي وقت بوقت ايندا رهيا آهن. انسان هاڻي چڱيءَ طرح سان بلوغت کي پهچي چڪو آهي. هاڻي هن کي آئنده لاءِ ائين نه چيو ويندو ته” تون هيئن ڪندين“ يا ”تون هيئن نه ڪندين“ پر هيءُ ڪتاب هاڻي هن کي ٻه وڏا ۽ ويڪرا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هُن کي انهن ٻنهي رستن مان پنهنجي مرضيءَ سان چونڊ ڪرڻي آهي پر جيڪڏهن هو غلط رستو چونڊي ٿو ته پوءِ هن لاءِ وڏي مصيبت آهي. مرد ۽ عورت کي هاڻي چونڊ ڪرڻ جي وڌيڪ آزادي حاصل آهي، پر اهي اوترائي وڌيڪ ذميدار آهن.“ (ڏسو صفحو 70)

درحقيقت، ڀوري ڇوڪريءَ جي سندس خدا جي ڳولا ۾ ڏاکڙن کي قرآن مقدس جي اِنهيءَ دعويٰ تي هڪ طرح جي تنقيد آهي، ته سمورا مذهب هڪ ئي طرح جي بنيادي ۽ ابتدائي مذهب ۽ حقيقت جي نموني جا مختلف طريقا آهن. ان ڪري هڪ معتقد کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو سڀني ڪتابن ۽ سڀني نبين تي ايمان آڻي، جي هو انسان ذات ڏانهن کڻي آيا آهن. انسان ذات کي اهو اختيار نه ڏنو ويو آهي ته اهي انهن منجهان ڪنهن به هڪ جي وچ ۾ امتياز يا فرق آڻي، جيئن اسان جي مصنفين جي طرفان ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀوري ڇوڪريءَ کي ديني ترقيءَ جي مختلف منزلن وچان گذاريو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هن کي اندروني طرح انهيءَ زحمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو جا ”اسلام“ دين جي ظاهر ڪيل آخري صورت طرفان منظور ڪيل شڪل ۽ صورت آهي. مذهب ۽ حقيقت جي نموني جا مختلف طريقا آهن. مختلف مذهبي نبين جي ڪانفرنس ۾ جيڪا مصنفين طرفان بنائي پيش ڪئي ويئي آهي، جن مان هر هڪ جي پيغام کي مذهبي ترقيءَ ۽ ترويج پيش ڪرڻي هئي، آخري پيغيمبر جي ننڍڙي تقرير (جيڪا هن ڪتاب جي ص 141 تي ڏسي سگهجي ٿي)، اسلام جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. آخري پيغمبر جي پيغام کي اهڙيءَ طرح ”انسانذات جي اڳوڻن سڀني مذهبي اڳواڻن جي ڏنل خاطري ۽ پڪ ڪري ڏيکاريو ويو آهي- انهن نبين مان ڪن جا نالا مقدس ڪتاب ۾  ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ اهڙا ٻيا (انبياءِ) به آهن جن جا نالا ان ۾ مذڪور نه ڪيا ويا آهن. اسلام کي ائين بيان ڪيو ويو آهي ته هو سڀني مذهبن جو عروج آهي، انسان ذات جي مذهبي ارتقا جو ڪمال آهي: ان جي بدولت جنهن کي مذهب چئجي اهو ائين پنهنجي آخري منزل تي رسي ٿو جيئن ڪو گل يا ڪو ميوو، هڪ ٻوٽي جي زندگيءَ جو ڇيهه هوندو آهي، جنهن پنهنجي زندگي اُن ٻج سان شروع ڪئي هجي جو زمين ۾ پوکيو ويو هجي.

جڏهن الله جي آخري رسول جي تقرير ختم ٿي ويئي، تڏهن اُن ڀوري ڇوڪري جو اهو عرض ته ”اڃا مون خدا کي ڳولي هٿ نه ڪيو آهي“، ان جو جواب تاريخ هن طرح ڏيئي ٿي، جو فاضل مصنف بيان ڪيو آهي:

”تاريخ زور سان ٽهڪ ڏيئي چيو ته ابن الانسان ضدي آهي،“ هن چيو، ”هن کانپوءِ به تو اهو محسوس نه ڪيو آهي ته آخري تڪميل ۽ هن دنيا جو آخري ڪم خدا کي ڏسڻ آهي.

”توکان وسري ويو آهي ته توکي اڳي.ئي خدا جي وجود جون جهلڪون نظر آيون آهن، حالانڪه اهي فقط ٿاڦوڙا هڻندڙن واريون جهلڪون آهن، جن کي اهي فقط ڇُهڻ جي حِسَ ذريعي ملن ٿيون. صحيح اهي ئي جهلڪون آهن، جن هڪ يا ٻيءَ صورت ۾ زندگيءَ  کي ممڪن بنايو آهي ۽ جيڪي ماڻهوءَ کي سندس منزل مقصود ڏانهن اڳتي وٺي هلن ٿيون.

”احساس: منهنجي ٻچڙي، احساس جنهن جي معنيٰ آهي، خدا جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ قريب ٿيڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مڪمل جهلڪ ڏسڻ، جيئن هن کي سندس مڪمل شان و شوڪت ۽ پوري پوري رعب ۽ دٻدٻي ۾ ڏسي سگهجي.“

اسلام کي، اهڙيءَ طرح ”خدائي رهنمائي“ جو پورو پورو احساس سمجهجي، احساس، سمجهه جي دور جو اسلام کان اڳين دورن جي ترقي خلاف افتتاح ڪري ٿو، جيڪو پڻ الهامي حقيقت جي ذريعي سان آندو ويو هو. قرآن مقدس، جيئن هن کان اڳ به چيو ويو آهي. بهرحال انهن ڪتابن جي نوعيت جو ناهي، جيڪي الله تعاليٰ جي طرفان احڪامات ڏين ٿا. اهو يقيناََ ”فرقان“ آهي، يعني اهو ڪتاب آهي، جيڪو اسان لاءِ هڪ طبقه وار قدر مقرر ڪري ٿو ۽ اسان کي هن لاءِ مدعو ڪري ٿو ته اسين پنهنجي ”آزادنه طور چونڊيل ۽ انتخاب جي ذريعي اخلاقي، مادي ۽ روحاني بهتري ۽ چڱائي حاصل ڪريون. اسان کي خدائي قانون جي ذريعي مقرر ڪيل حدن اندر اهڙيءَ طرح عمل ڪرڻو آهي، جو اسين چڱائيءَ جي قوتن جو طرف وٺي سگهون ۽ برائيءَ جي قوتن جو مقابلو ڪري سگهون.

جيڪڏهن ”ارتقا“ جو آخرڪار ڪو مفهوم يا معنيٰ آهي ته انسان کي ائين سمجهڻو پوندو ته هو هڪ اهڙي شيءِ آهي جا پنهنجي لهڻ جون منزلون طئه پئي ڪري، برعڪس، اُن شيءِ جي، جا مڪمل طور تيار ڪئي ويئي آهي. هاڻي سوال آهي ته اُن ڏس ۾ جو مطلوب آهي ته انسان کي ڪهڙيءَ طرح سان ارتقا ڪرڻ جڳائي؟ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ اهم سوال آهي.

اسلام چوي ٿو ته ”هو ارتقا جي ذريعي اعليٰ تر در جي ڏانهن ترقي ڪري وڃي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو هن زمين تي پنهنجي زندگي، آزاديءَ سان رهڻ لاءِ، انهيءَ خدائي ۽ دور دراز منزلِ مقصود ڏانهن انهيءَ زندگيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ رکي ٿو، جيڪا بهتر ۽ دائمي آهي.“ احسان جي زندگيءَ يا حياتياتي احساسن کي نفرت سان ڏسڻو ناهي، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جنهن کي اسين نفرت سان ڏسون- پر ان کي انهن جي مطالبات ۽ توقعات کان وڌيڪ مٿي چڙهي هلڻ جو ذريعو بنائڻو آهي. ڪو به تعجب ناهي، جو قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو آهي. ”اسان زندگي ۽ موت هن لاءِ خلقيو آهي ته جيئن آزمائي ڏسون ته اوهان منجهان ڪهڙا ٿا سهڻن سُٺن ڪمن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ گوءِ کڻي سگهن.“ (ڏسو سورة 67،ع 2)

ماڻهوءَ کي ان لاءِ هيٺ موڪليو ويو آهي ته جيئن هو پنهنجي انهيءَ خالق ۽ مالڪ جي بهترين طريقي سان خدمت ڪري سگهي، جنهن هن کي باقي ٻي مخلوقات جي مٿان اختيار ڏنو آهي. هو هت ڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهي، ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيو آهي، جهڙي طرح ڪارلائيل چوندو هو ته هو الله تعاليٰ جي هن سُڪل ڌرتيءَ کي سائي زمين ۾ بدلائڻ لاءِ آيو آهي. هن کي سڀ ڪم الله  جي نالي ۾ ڪرڻا آهن، جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي. ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي، اهڙيءَ طرح کيس انهيءَ موقعي  سان نوازي ٿي، جيڪو هن کي ”ملڪوتي زندگيءَ“ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. زمين تي سندس زندگي، هن کي انهيءَ ٻج واري ڪونڊي سان نوازي ٿي، جنهن ۾ اهي ٻج ڦُٽي نڪرن ٿا، جيڪي اڳي يا پوءِ کيس دائمي زندگيءَ جو فصل ڏين ٿا، انهيءَ صورت ۾ اهو هڪ اهڙو ميدان پڻ بڻجي وڃي ٿو، جنگهن ۾ سندس نيڪين کي چڱاين ۽ بدين کي بُراين جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان مقابلي ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو.

(3)

ڳالهين جي انهيءَ نقطهءِ نگاهه ۾ ماڻهو پڇي سگهي ٿو، ”ته پوءِ ڀلا انهيءَ نقطهءِ نگاهه ۾، جنهن ۾ ڪاري ڇوڪري ۽ ڀوري ڇوڪري، انتهائي مخالفانه سوال ۾ رد عمل ظاهر ڪن ٿيون. فرق ڪهڙو آهي؟“ يعني ته ”خدا ڪٿي آهي؟“ ڪاري ڇوڪريءَ کي سندس مسئلي جو حل هڪ باغيچي پوکڻ ۾ ملي ويو يعني ته زمين تي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ڪم ڪرڻ ۾ ملي ويو. ڀوري ڇوڪريءَ ٻئي طرف نبي آخر الزمان صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻڌڻ ۽ کين غور سان سمجهڻ سان خدا جي معتقد ٿي پوي ٿي، انهن ٻنهي جوابن جو نسبتي قدر ڪهڙو آهي؟

ابتدائي طور، جيڪڏهن ڪم ۽ پورهئي جي اصول جي مطابق نجات ملڻي آهي ته پوءِ اسان کي برنارڊ شا کان پڇڻ گهرجي ته هو اسان کي ٻڌائي ته ڇا، کيس هڪ مالهيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ ۾، جيڪو خدا جي سُڪل ڌرتيءَ کي ڦيرائي، سرسبز زمين جي صورت ۾ آڻي ٿو ۽ هڪ اهڙي ڏوهاريءَ جي ڪم ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو، جيڪو عوامي امن امان ۽ اخلاقي تنظيم جي بنيادن کي لوڏائڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ظاهر آهي ته مسٽر شا جي نقطهءِ نگاهه کان اصولي طور ڪنهن به ڳالهه يعني هڪ قسم جي ڪم ۽ ٻئي قسم جي ڪم ۾ ڪوبه فرق روا نه هئڻ گهرجي. اخلاقي ۽ بداخلاقي ڪمن جي درميان جيڪو فرق آهي تنهن کي تخليقي ارتقا وارو اصول چڱيءَ طرح بيان ڪري نٿو سگهي پر پوءِ انسانذات صدين جي دوران گهڻن ئي قسمن جي ڪمن جي درميان تفريق جي ليڪ پيدا ڪئي آهي. ان مان ڪي سٺا ۽ صحيح سمجهيا ويندا آهن ۽ ڪي ٻيا وري خراب ۽ بڇڙا سمجهيا ويندا  رهيا آهن. مسٽر شا تخليقي اصول جي لحاظ کان انهن جي درميان اهڙو سنهو ۽ باريڪ فرق ڪيئن پيدا ڪري سگهندو؟ اچو ته ڀلا هي مثال وٺو ته هڪ ماکيءَ جي مک، جيڪا ماکي گڏ ڪري  ٿي ۽ هڪ پکي، جيڪو پنهنجو آکيرو ٺاهي ٿو ۽ هڪ ڪوريئڙو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڄار اُڻي ٿو، تن جو ڪم هڪ اهڙيءَ ماڻهوءَ کان  مختلف ٿي ڪيئن ٿو سگهي، جيڪو مثال طور هڪ رازي جي حيثيت ۾ پٿر ڪُٽي ٿو ۽ انهن مان گرجا گهر تعمير ڪري ٿو؟ انهيءَ جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته ماڻهوءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو انهيءَ قسم جي اخلاقي هوشياريءَ جي قسم کي، انهيءَ تياريءَ جي نموني کان باخبر ڪري ٿو، جنهن سان هو ڪم ڪري ٿو، اهو سڄو دارو مدار انهيءَ روح ۽ جذبي تي آهي، جنهن سان هو ڪم ڪري ٿو.

”تخليقي ارتقا“ جي نقطه ءِ نگاهه کان، جن قياس آرائين جي مٿان مسٽر شا پنهنجن مذهبي قلعن جي تعمير ڪري رهيو آهي، ائين پيو معلوم ٿئي، ته اهڙي ڪابه تعمير ڪانهي، جنهن نقطهءِ نگاهه کان اهڙي ڪنهن قسم جي قابلِ اطمينان ۽ ٻين سوالن جو جواب ملي سگهندو، اهو بلڪل صحيح آهي ته مسٽر برنارڊ شا ڪاري ڇوڪريءَ جي باغبانيءَ لاءِ پڪ باغ جي مالهيءَ کان هيئن چوائي پورائي ڪرائي ٿو ته کيس هن جي خوبيءَ ۽ خلصت لاءِ باغ جي باغباني ڪرڻ گهرجي ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجهه هن جي پنهنجي سمجهه لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.“ سوال آهي ته  ڇا، ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اها اميد رکي سگهجي ٿي، جيڪو باغ جي باغباني ڪري سو اهو ڪم فقط هن جي مقدس نالي ۾ ڪري ۽ هن جي پنهنجي شان و شوڪت لاءِ ڪندو رهي ۽ هو پاڻ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اِهو آسرو نه رکي ته هو موجود آهي ۽  اِن کان علاوه،  اِهو خود انهيءَ جو ئي قانون آهي ته ماڻهو فقط سندس مقدس نالي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سندس شان و شوڪت لاءِ محنت ۽ مشقت ڪرڻ سان ئي نجات حاصل ڪري سگهندو!

پوءِ، ته سڄي معاملي جي پاڙ اِهائي آهي سمورا غير مذهبي فلسفا اسلام سان انهيءَ معاملي ۾ متفق ٿيندا نظر ايندا ته اسلام وانگر اهي پڻ ماڻهوءَ کي هن ڌرتيءَ تي محنت ۽ مشقت ڪرڻ جو فرض عائد ڪن. پر اسلام ان کان ڪجهه اڳڀرو وڃي ٿو. اهو چوي ٿو ته محنت ۽ مشقت ڪافي ناهي، جيڪڏهن اُها خدا تعاليٰ جي مرضيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ نه ٿي ڪئي وڃي. انسان فقط تڏهن ئي خدا تعاليٰ جي قربان گاهه تي پاڻ کي نوائي پورو پئجي سگهي ٿو، جيئن انسان جي مرضي، نه پر خدا تعاليٰ جي رضامندي پوري ٿي سگهي، جتي اسلام اسان کي خدائي موجودگيءَ جي، خدا کي ”لاشريڪ لھُ“ طور تسليم ڪرائي ته جنهن جو ٻيو ڪوبه ثاني ڪونهي، اتي اها ڳالهه خواه انبياءِ عليهم السلام يا غير مذهبي فيلسوفن جي تعليم جي بنيادن تي به تسليم ڪرائي ٿو، خواهه اهي پنهنجو موقف مادي يا ڪهڙي به بنياد تي رکن. وٽن اهڙو ڪو  تاريخي لاڳاپو، سندن قياس آرائين جي حلقي ۾ نه آهي جو ابدي ۽ الاهي وجود جي متعلق هجي، جنهن ڏانهن اسلام ئي رهنمائي ڪري ٿو.

چنانچه، اها ئي اُها عظيم ديوار آهي، جيڪا هڪ معتقد خدا جي موجودگيءَ جي نه هئڻ جي غير مذهبي نقطهءِ نگاهه جي وچ ۾ حائل آهي، مذهبي نقطهءِ نگاهه، الله تعاليٰ جي مرضيءَ ۽ خواهش جي پوري پوري تعميل جي تقاضا ڪري ٿي. جنهن جو مقصد انسان ذات جي مجاهدانه شاندار ۽ انسان جي ضرورتن لاءِ اهڙن مقصدن خاطر محنت ۽ مشقت جي اعليٰ ترين ضروريات جي ذريعي انهيءَ پهچ لاءِ پورائي ڪرڻ گهرجي، جن جي رسد اعليٰ ترين ۽ خاص طرح پهچ کان ٻاهر هوندي، اهي سمورا فلسفا، جيڪي مذهبي خيالن ۽ نظرين کي رد ڪن ٿا، بهرحال انسان ذات جي هن زمين تي محنت ۽ مشقت ڪرڻ واري وعدي تي زور ڏين ٿا. اهي ائين نه ٿا چون ته انسان ذات خود کي تاريخ جي قربان گاهه تي ڇو ٿو قربان ڪري، يا ته هو ڇو اهڙن خيالن جي تحاصل لاءِ ڪشالا ٿو ڪڍي جن جي تڪميل جو ثمر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن انسان هڪ ماده ۽چر پر کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي ته پوءِ کيس ان ڏينهن کان بعد لاءِ ڪابه اميد رکڻ نه جڳائي جڏهن سندس ڏينهن هن زمين تي ختم ٿين! سو، هو ان واحد زندگيءَ کي ڇو قربان ڪري! ان لاءِ ته جڏهن هُو نه هوندو تڏهن جنهن قبيلي ۾ هو ڄائو هوندو اهو ڪجهه حاصل ڪري! انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيسين هڪ معتقد عمل ڪندو ٿو رهي ته اهو ڪي حاصل ڪري جو تاريخ جي مادي تشريح جي احاطي ۾  يقيناََ گذر جو مڪان آهي. اگر انسان جو ضمير آزاد نه هجي ۽ خدائي روشنيءَ جو پهلو سندس اندر محض هڪ مشروط ڳالهه هجي، جيئن هو فقط ماحول جي ماده جو تحرڪ هجي ته هو آخر ڪيئن ڪو عمل ڪري سگهندو، مجال جو هو تاريخ جي پيچري کي متاثر ڪري سگهي!

ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر رابرٽ بريفالٽ، (جيڪو هڪ وڌيڪ ارتقا پسند آهي) جيڪو پڻ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته اسان لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪم، ارتقائي مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ آهستي آهستي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ آهي، انهيءَ ڳالهه کي سمجهائڻ ۾  مشڪل محسوس ڪري ٿو ته آخرڪار انسان کي ارتقائي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انهن کي ترقي ڏيڻ ئي ”ڇو“ گهرجي؟ ۽ انسان جي ارتقا جو آخرڪار ثبوت ئي ڪهڙو آهي؟ سندس چوڻ مطابق ان جو مقصد انسان ذات کي ٺاهڻ آهي ۽ ڊاڪٽر بريفالٽ جي مطابق، اها هڪ نهري شيءِ آهي، ڪجهه قدر سخت شيءِ آهي، ڪجهه قدر چيز آهي، جنهن لاءِ اخلاقي قانون صاف ۽ شفاف شعوري اظهار ڏئي ٿو. اهو ڪو ڌڪ ڌڪ ڪندڙ اظهار يا فراخدليءَ جي اظهار جو ڪو خيال ڪونهي، جيڪو خود پنهنجي لاءِ ٿي رهيو آهي، پر اها انسان جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ مٿس پيل اڻ چرندڙ ضرورتن جو ڳرو وزن آهي، جيڪو ان تي حڪمراني هلائي ٿو، ”اخلاقيات“ ۽ ”نيڪ نيتيءَ“ جي لفظن هيٺ ايندڙ سوال ۽ مسئلا انهيءَ ئي ڪم مان پيدا ٿيندڙ مسئلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن، اخلاقياتي نقطهءِ نظر جي ضرورت، حقيقتن سان ٺهڪي اچڻ جي سخت ضرورت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، پوءِ وري هڪ ماڻهوءَ ۽ ٻئي ماڻهوءَ جي درميان تعلق ۽ ٻين انهن ۾، جيڪي سچين پچين حقيقتن سان ٺهڪيل ناهن تن جو حاصل ٿيل نتيجو ناڪامي ۽ ارتقائي واڌارو ۽ زندگي آهي.“ (ڏسو سندس ڪتاب ”ميڪنگ آف هيومئنٽي“ صفحو -261 جارج ائلين انون لنڊن سن 1919ع)

ڊاڪٽر بريفالٽ جي دل ۾ انهيءَ قسم جي ارتقائي مقصدن جي اخلاقي امر جو نتيجو ماڻهوءَ جي اخلاقي مڪتب جي مقصد ڏانهن ماڻهوءَ جي يڪسانيت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ”بهاني“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اصل سوال، بهرحال اڃا به رهجي وڃي ٿو ۽ ان جو جواب وري به ڏيڻو آهي: يعني ته ”آءُ انهن اخلاقي امرن سان مطابقت رکان ئي ڇو؟“

ڊاڪٽر بريفالٽ جي مطابق جواب اهو آهي ته جيڪڏهن آءٌ مطابقت نٿو رکان ته پوءِ اها برادري يا قوم، جنهن سان منهنجو تعلق آهي، منهنجي طرفان انهن اخلاقي امرن سان مطابقت نه کائي سگهڻ جي ڪري، مفلس ٿي ويندي، يا ان جي قوت ختم ٿي ويندي ۽ آخرڪار اها اڳتي هلي دنيا مان ئي فنا ٿي ويندي. هو اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته اهو ڪو ضروري ناهي. ته آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ هروڀرو ”مون کي“ ڪا سزا ملندي. هو وڌيڪ اهو به تسليم ڪري ٿو ته هڪ فرد بلڪل بي پرواهيءَ سان اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته اهڙن ماڻهن جون حالتون جن اخلاقي قاعدن جي حڪمن ۽ امرن جي بلڪل بي پرواهيءَ سان ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تن جا ڏينهن سندن زندگين جي آخري ايام تائين، جيئن جو تيئن گذري پورا ٿيڻ، انساني تاريخ ۾ ڪا اڻڄاتل ۽ اڻسڃاتل حقيقت ڪانهي. هن جي مطابق، اخلاقيات جي اهم ترين منظوري انهيءَ ڪري هن حقيقت ۾ مضمر آهي ته اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي، آخرڪار انهيءَ عظيم تر ڳانڍاپي، يعني انسانيت جي زندگيءَ جي تباهي آڻي ڇڏيندي، جيڪڏهن انهيءَ ۾ اهو ئي سڀڪجهه آهي، ته پوءِ ڀلا اوهان هڪ اهڙي غير اخلاقي انسان کي، جيڪو ان لاءِ علي الاعلان غير اخلاقي قدرن کي هلائي ۽ سڃاڻي ٿو، ڪهڙيءَ طرح محض هن دليل جي بنياد تي آماده ڪندا ته انهيءَ قوم يا برادريءَ جي، جنهن جو هو هڪ فرد آهي،سندس غير اخلاقي هلت جي نتيجي ۾ تباهه ٿيڻ جا امڪان انهيءَ حالت کان وڌيڪ آهن، جنهن ۾ هو اخلاقي قدرن تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي هلندو. اهڙو ماڻهو بلڪل پڇي سگهي ٿو ته ”ميان مون کانپوءِ جيڪڏهن کڻي سج نه اڀري (وڏي ٻوڏ اچي) ته ان جي مون کي ڪهڙي پرواهه؟“

(4)

اسلام طرفان پيش ڪيل مذهبي نظريو، انهيءَ سوال تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مستقل نظريو اختيار ڪري ٿو، جو اهو حڪم ڪري ٿو ته اخلاقي قانون جي تعميل انسان جي فطرت جي عين مطابق آهي ۽ ٻيو ته اخلاقي عمل جي پٺيان جيڪا منظوري مليل آهي، تنهن جو نشان، اخلاقي تنظيم جي حفاظت ڪندڙ جي دائمي موجودگيءَ ۾ ملي ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن هت نه، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ٻئي هنڌ اخلاقي فرض ۾ جيڪي به ڪوتاهيون ڪيون وڃن ٿيون، تن لاءِ سزا ڏني ويندي ۽ سڀني انسانن جو حساب ڪتاب ڏاڍي بي رحم سختيءَ سان ورتو ويندو.

خود برنارڊشا کي اهو معلوم ڪونه هو ته انهيءَ قسم جي مذهبي اعتقاد جي واقفيت مان جان ڪيئن ڇڏائجي. هن پنهنجن مختلف مذهبي ڊرامن جهڙوڪ: ”ميٿو سيلا ڏانهن واپسي“، ”ائنڊروڪلس ائنڊ دي لائن“، ”سينٽ جون“ ۽ خود سندس ”ڪاري ڇوڪريءَ جي سندس خدا جي ڳولا ۾ تلاش“ جي مقدمي ۾ پڻ، هو وري وري انهيءَ اهم ڪردار ڏانهن موٽي ٿو. (انهيءَ ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪا ماڻهو بنا ڪنهن ضرورت جي، مجبوريءَ کان سندس انفرادي زندگيءَ جي ڍانچي ۾ محسوس ڪري ٿو، جهڙيءَ طرح هو پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تنظيم کي هلائڻ لاءِ محسوس ڪري ٿو) انهيءَ اهم ڪردار کي محسوس ڪرڻ لاءِ، مذهبي اندازو، جيڪو انهن اختلافن ۽ دماغي بدمزگين ۾ جيڪي سندس انهيءَ سماجي نظام کي اٿلائي پٿلائي رکڻ واريون آهن، جن سان هن جو واسطو هوندو آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته مسٽر شا جنهن مذهبي اندازي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ۽ جنهن بابت هو ايڏي وڏي واڪي سان ڳالهائي ٿو، سو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جنهن کي هو مابعد الطبيعات کان وڌيڪ اهميت وارو مذهب سڏي ٿو.

زندگيءَ جي قوت جي طريقي طور ارتقاء جي اصول جي دريافت ٿيڻ، مابعد الطبيعات جو مذهب آهي مابعد الطبيعات جي مذهب کي اها يقينيت ۽ ظاهرداري وڌيڪ کان وڌيڪ ملندي ۽ حاصل ٿيندي رهي آهي، جيڪا ان کي هڪ تعليم يافته ۽ تنقيدي ماڻهوءَ طرفان قابل قبول بنائي سگهي، سو اها اسان سان هميشھ کانوٺي گڏ رهي آهي. اُهي مذاهب، جي مڃيل چئجن، جن کي موقع پرست پادري ۽ بشپن بدنام پئي ڪيو آهي، تن کي ظاهر پسند سَنت وري معتبر بنائي رکندا آيا آهن. جن جو ڳجهه مذهبن متعلق سندن پنهنجي سمجهه آهي. ڄڻ ته الهائي طاقت جا ڦيٿا اهي پاڻ آهن. هي اها سمجهه يا ٻُڌي آهي جا وقتي طاقت جو هڪ تجربو چئجي.

انهن کان مٿي ۽ انهي کان هيڍ ڪروڙين اهڙا انسان آهن جي گمنام آهن. نماڻا آهن، بعضي اهي بلڪل اڻ پڙهيل هوندا آهن. بعضي اهڙا، جن کي اها ٻوجهه به ڪين هوندي ته کين ڪو مذهب آهي يا نه. بعضي پنهنجيءَ اٻوجهه پائيءَ جي بدولت ته سندن خطي جا عبادتگاهه، مندر، مڙهيون ۽ سندن ٺاڪر ان لاءِ ئي آهن جو اهي سچار آهن ۽ ان روايت تي قائم آهن ته جي چڱا انسان آهن سي هڪ اهڙي روشنيءَ جا پيروڪار آهن، جا سندن ارد گرد به آهي ته سندن اندر به ٻهڪي ٿي. ان جي برعڪس خراب انسان پنهنجي لاءِ ئي خراب هوندا آهن. جڏهن ته چڱا ماڻهو بچي ٿا وڃن ۽ مٿن رحمت ٿي وسي ۽ بڇڙا ماڻهو تباهه و برباد ٿين ٿا ته ناخوش زندگي گذارين ٿا. يورپ ۾ ”پراٽيسٽنٽس“ واري تحريڪ فقط ان روشنيءَ جي حاصل ڪرڻ لا هلائي ويئي هئي، جنهن کي ”اندر جي روشني“ چئجي ٿو ته جنهن کي هر انسان ڪنهن به پادريءَ جي چوڻ کان سواءِ ڏسي سگهي ۽ ان جو تذڪرو ڪنهن گرجا ۾ ٿئي. سوال درحقيقت ڪنهن نئين مذهب جو هرگز نه آهي، پر مذهب جي دائمي تت يا جوهر کي دوباره چڪائي، ان کي دنيوي ۽ روايتي رهٻٽ کان پاڪ ڪرڻو آهي، جو اهي شيون يقين کي ناممڪن بنائين ٿيون، خواهه سڀني گرجائن ۽ مڪتب فڪرن جون اهي ئي سرمايو آهن.

ائين عجيب لڳي ٿو: نه ته ”شا“ اهڙي نتيجي تي اچي ته ”نئين مذهب“ جو سوال ڪونهي. غالباََ سوال آهي مذهب جي دائمي جوهر جو، دوباره عرق ڪڍڻ جو ۽ ان کي دنيوي ۽ روايتي ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جو. ساڳيءَ طرح سان الله جي آخري رسول صلعم قرآن پاڪ ڏئي، ان جي تڪميل ڪئي آهي ۽ پاڻ به اها دعويٰ نه ٿا ڪن ته هنن ڪو نئون مذهب آندو آهي. ليڪن مذهب جي اعتقاد واري عظيم روايت: ”الله واحد آهي، جو جوهر ڪڍيو ويو آهي، هي اها ساڳي روايت آهي جنهن کي اسلام کان اڳ وارن پادرين ناپاڪ ڪيو هو ۽ ان ۾ ملاوٽ ڪئي هئائون. وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان حد تائين، جيستائين الله جو آخري رسول صلعم، مذهب جي انهن سڀني نقطهءِ نظر کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هو، جن جو تعلق مختلف مذهبن سان هو. مختلف مذهبن جي ڪريا ڪرم سان هو. اوترو ان کان اڳ ڪنهن به برداشت ڪين ڪيو هو. اهو الله جو آخري پيغيمبر صلعم هو، جنهن پهريون ڀيرو انسان ذات کي اها سکيا ڏني ته مذهب جي معاملي ۾ جبر هرگز ڪرڻو نه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”اوهان جو خدا ۽ منهنجو خدا هڪڙو آهي ۽ اوهان جا اعمال اوهان سان ۽ منهنجا مون سان آهن.“ هن ايمان وارن کي فرمايو هو ته ”توهين هنن بت پرست ماڻهن جي ڪوڙن خدائن کي برو نه چئو، مباداََ هو توهان جي سچي خدا کي برو چون.“

اسلام جي آدرشن جي ڪشادگي لامحدود آهي. اوهان قرآن ڪريم جي هيٺين عبارت ڏسو جا گواهي ٿي ڏئي.

”۽ اسان توکي اهو ڪتاب (قرآن شريف) سچائيءَ سان پهچايو، جو جيڪو ان کان اڳ جو آهي، ان جي تصديق ڪري ٿو ۽ ان جو محافظ آهي. سو تون انهيءَ جي وچ ۾ انصاف ڪر، جيڪي خدا توتي نازل ڪيو آهي، انهن جي ادنيٰ خواهشات جو پيرو نه ٿجانءِ، ۽ جيڪي سچ تو وٽ پهچايو ويو آهي، ان کان متان ڦري وڃين.

”اسان اوهان مان هر هڪ جي لاءِ مقرر ڪيو آهي هڪ قانون ۽ هڪ رستو. جيڪڏهن الله چاهي ته هو اوهان کي واحد قوم بنائي ها ليڪن هو ان ۾ امتحان وٺڻ چاهي ٿو، جيڪي هن ڏنو آهي. جنهن ڪري نيڪيءَ ۾ سبقت حاصل ڪريو. اوهين سڀ الله تعاليٰ وٽ واپس ايندا ۽ هو اوهان کي اهو ڪي ٻڌائيندو جنهن ۾ توهان اختلاف ڪيو هو.“  (V.V.48)

(5)

”ڪاري ڇوڪريءَ“ کي مسٽر شا جهڙي هوشيار مصنف آخري نبيءَ جي مهم لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جي عنايت کان منع ڇو ڪئي ۽ هن کي ان کان ڇو محروم ڪيو؟ خاص طور جڏهن هوءَ واقعي هن جي شان ۾ باغ جي آبادي ڪرڻ لاءِ ويهي به رهي هئي، ۽ اهو هڪ اهڙو ڪم هو، جيڪو آخري نبيءَ کي راضي ڪري ها؟ شايد انهيءَ جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اسلام جي منشور ۽ پروگرام کي سڄيءَ دنيا جي طرفان انتهائي مٿاڇري طريقي ۾ قبول ڪيو ويو آهي. حالانڪه ان جي روح کي اڃا تائين پوري طرح نه ڏٺو ويو آهي ۽ نه سمجهيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو جديد دور جي انسان کي ان جي سلسلي ۾ اڻ کٽندڙ پيچيدگين ۽ تضادات ۾ الجهايو ويو آهي.

مسٽر ۽ مسز آءِ آءِ قاضيءَ انهيءَ حق تي زور ڏيڻ ۽ ان کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو سڀني کان اوچو ۽ مٿانهون آهي. اهم ڳالهه اها آهي، جيڪا انسان ڪري ٿو، پر فقط انهيءَ حد تائين، جيسين اها انهيءَ روح ۽ طريقي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ اسلام جي رسول صلعم اها سمجهائي ۽ پاڻ ڪئي آهي.

(6)

انگريزيءَ جي مصنفين ۽ مبصرين ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ کي فلسفيانه ڪتابن جي قطار ۾ رکيو آهي، جيتوڻيڪ وڌيڪ باريڪيءَ سان ان تي نظر ڪري ڏسجي ته اهو ڪتاب ”تقابل الاديان“ جي لسٽ ۾ اچڻ گهرجي. البته انسان ذات جي مذهبي ترقيءَ ۽ سڌاري تي ڌيان، جيڪو هن ڪتاب ۾ سمايل آهي، فلسفانه تصورات ۽ خيالات آهن، پر اهي بلڪل مختصر، ٿورن لفظن ۾ اهڙي ته طريقي  سان بيان ڪيا ويا آهن، جو اهي ڄڻ ته محض ڪي اشارا آهن ۽ انهن فلسفيانه بنيادن کي وڌائي سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ويئي آهي، جنهن تي اهي بيٺل آهن، ان جي باوجود، انهن مسئلن جي پيش ڪرڻ جي طريقي سان، جن جو واسطو تقابل الاديان سان آهي، ارتقائي جوڙجڪ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ ڪوبه اهڙو سنجيده مطالعي ڪندڙ، جيڪو اسان جي مصنفين جي ڪتاب جي باريڪ بينيءَ سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، تنهن کي ان ۾ ڪي نه ڪي اصلوڪا خيال ۽ نظريا يقيناَََ نظر ايندا، ۽ کيس ”تقابل الاديان“ جي موضوع جي متعلق ضرور ڪي نيون ۽ حيرت انگيز ڳالهيون نظر اينديون.

(7)

علامه آءِ آءِ قاضيءَ هن مقدمي جي لکندڙ سان اڪثر ڪري اهڙو اظهار ڪيو آهي، کيس ڀوري ڇوڪريءَ جي ڏاکڙن جي پٺيان هڪ ٻيو ڪتاب لکڻو آهي. هي اهو ڪتاب ٿيڻو هو، جنهن ۾ کيس ڀوري ڇوڪريءَ جي روزانه زندگيءَ جي حالات لکڻي هئي، جيڪا هوءَ مسلم مذهب ۽ حقانيت ۾ متعقد هئڻ ۽ ”تاريخ“ سان ملاقات ڪرڻ جي نتيجي طور مذهب اسلام جي سچائيءَ ۽ اهميت کان واقف ٿيڻ جي نتيجي طور گذاري رهي آهي.

علامه صاحب هميشھ اهو خيال رکيو هو ته ”ڀوري ڇوڪريءَ جي ڏاکڙن“ کانپوءِ هو اسلام جو دين، شان و شوڪت ۽ بنياد نهايت ئي باريڪ تفصيل سان ڏيکاري  سگهندو، جيڪو هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن سندس خيال جي طريقي مطابق اهڙن حقائقن جي احساس جي دور جو افتتاح ڪيو هو، جيڪي انسان ذات کي آخري پيغيمبر صلعم جي پيغام جي بنياد تي ظاهر ڪري ٻڌايا ويا هئا. هو علمي طور اهو ڏيکارڻ چاهي رهيو هو ته خاص طور، ڪهڙيءَ طرح، ”ڀوري ڇوڪري“ قرآن ڪريم جي نصيحتن، هدايتن ۽ طريقن تي سندس روزمره جي زندگيءَ کي ڪهڙيءَ طرح عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان کان علاوه هن جي اها خواهش هئي ته هو اهو ڏيکاري ته هوءَ ”قدرت ۾، ۽ خود پنهنجي اندر خدا جي نشانين کي ڏسڻ ۽ معلوم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪري ٿي ۽ انهيءَ احساس تي ڪيئن ٿي پهچي ته انسان ذات جو خدا هڪ ئي خدا آهي. جيڪو هن ڪائنات کان مٿانهون آهي پر ان جي باوجود ان جي اندر سمايل آهي. اها زندگيءَ جنهن تي اسلام اسان کي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، تنهن جو عڪس انهيءَ زندگيءَ ۾ نظر اچڻ کپندو هو، جنهن ۾ ڀوري ڇوڪريءَ کي سندس زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪيو ويو هو. اها زندگي، الله تعاليٰ جي قانون اڳيان مڪمل طور پيش پوڻ واري زندگي هئي ۽ پوريءَ طرح فقط هن مقصد لاءِ منسوب ڪرڻي هئي ته انسان ذات جي تاريخ ۾ فقط سندس مقصد ئي حاوي رهن، پر بدقسمتيءَ سان اهو ڪم، جنهن کي هو ايڏي شوق سان پورو ڪرڻ چاهي رهيو هو، سو پورو ٿي نه سگهيو ۽ اڄ اهو اسان وٽ موجود ڪونهي، پر ان جي بدران، هن جا ڪي هيڏانهن هوڏانهن جا خيالات ۽ ڪجهه ڳالهيون لکيل مليون آهن، جيڪي آءٌ هن جي ڪن ڪاغذن مان هٿ ڪري سگهيو آهيان، جيڪي هو منهنجي لاءِ پٺيان ڇڏي ويو آهي ۽ جيڪڏهن خدا چاهيو ته آءُ اسلام جي تعليمات کي سندس سمجهه موجب موضوعات جي مطابق قابل فهم طريقي سان پيش ڪرڻ لاءِ منظم ڪري پيش ڪندس.

علامه قاضيءَ جي خيال مطابق، اسلام وٽ انهن مسئلن ۾ ضروري سڀ جواب موجود هئا، جيڪي اڄ به ويهين صدي جي وچ ڌاري بهترين قانون دانن کي درپيش آهن، پر افسوس جو اهي هن وقت مون وٽ موجود ڪونه آهن.

(8)

”ڀوري ڇوڪريءَ جا حق جي ڳولا ۾ ڏاکڙا“ هڪ بهترين تمام سادو، پر ان هوندي به ڏاڍو ڳوڙهو ڪتاب آهي. هن حقيقت جي باوجود، اهو طبعزاد آهي، حالانڪه ان جو واسطو مذهب ۽ ان جي معقوليت ۽ تعميل ۽ تربيت سان آهي. ان جي اها اشاعت، جنهن کي انهيءَ ڏينهن کان وٺي 35 سال وچ ۾ گذري چڪا آهن، جڏهن اهو ڪتاب سڀ کان اول آرٿر. ايڇ. اسٽاڪ ويل لميٽيڊ (28-لڊ گيٽ هل، اي. سي -4) طرفان ڇاپيو ويو هو، هاڻي اسان جي هن عزيز وطن ۾ اسلامي نظريي تي حضور نبي ڪريم صلعم جن جي طريقي ۽ انهن بيشمار مسلم مفڪرن، ليکڪن ۽ فيلسوفن جي عظيم لکڻين جي  نموني ۾ عمل ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي، جيئن ان جو اسان لاءِ انهيءَ مقدس ڪتاب ۾ چوڏهن سئو سال اڳي اظهار ڪيو ويو هو جن جي دوران انهن مشهورو معروف مفڪرن ۽ ليکڪن ان تي سوچ ويچار ڪيو. اسلام جي انهن عظيم ۽ حيرت انگيز مفڪرن ۽ ليکڪن جي درميان، موجوده ليکڪ جي نگاهه ۾ مسٽر ۽ مسز آءِ آءِ قاضي هڪ انتهائي لاجواب مقام رکن ٿا. درحقيقت ٻنهي کي مشرقي ۽ مغربي فڪر جو پس منظر حاصل ٿيل آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻي ڳالهه وري اها آهي ته انهن ٻنهي جي سڄي زندگي مذهبِ اسلام جي اهم ترين ڳالهين کي سمجهڻ جي پرخلوص ڪوشش ۾ گذري ويئي.

 

12 آڪٽوبر سن 1968ع                         اي. ڪي. بروهي

75-76 مسلم آباد، ڪراچي،

پاڪستان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com