”آءٌ ساک سان ٿو چوان ته محبت کي انهيءَ
کان وڌيڪ شيرين جهلڪن سان ڏسڻ شروع ڪيو
اٿم، جيڪو محبت جو جواب ڏي ٿو.“
مون کي قسم آهي ته مون بهترين حقيقت بيان
ڪرڻ کان بهتر ڳالهه معلوم ڪري ورتي آهي ۽
اها ڳالهه هيءَ آهي ته ”بهترين حقيقت جو
ڪڏهن به اظهار ئي نه ڪر.“
”مون کي خبر ناهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو،
”آءٌ انهيءَ محبت کي ترجيح ڏيندس، جيڪا
محبت جو جواب نه ڏي.“
انهيءَ وچ ۾ گوئٽي، عظيم روسي ۽ غزالي
مجمعي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ سان گڏ هڪ دوست
کي وٺي آيا، جنهن کي روسي ٻين سان
وڪٽرهيو گو جي نالي سان متعارف ڪرايو.
”هيءُ لي مِز ربيلس
(Les Miserable’s)
جو مصنف اٿئي، جيڪو واقعي فن جو هڪ عظيم
شاهڪار آهي،“هن چيو، ۽ اتي اوچتو گوئٽي
خوشيءَ وچان، انهن ڏانهن ايندڙ ٻن ماڻهن
کي سڏ ڪيو، ”اوهو ڪاليداس! ۽ وِياس به!“ ۽
پوءِ هن انهن سان هٿ ملائي، وري ڪاليداس
کي مخاطب ڪرڻ شروع ڪيو، ”مون کان اهي
خوبصورت سٽون اڃان نه وسريون آهن، جيڪي
توهان شڪنتلا جي عاشق جي واتان ادا ڪرايو
ٿا:
”هوءَ خدا جي خالص خوشيءَ جو عڪس آهي،
جنهن کي هن پنهنجيءَ تخليقي خيال ۾ مرتب
ڪيو،
آءٌ جڏهن کيس ڏسان ٿو،
تڏهن هوءَ منهنجي تصور ۾ سمائجي وڃي ٿي،
خدا ڪيڏو نه عظيم آهي، ۽ هوءَ ڪهڙي نه
خوبصورت!“
”اوهان جي وڏي مهرباني، جو منهنجي ايڏي
تعريف ڪري رهيا آهيو،“ ڪاليداس چيو،
”منهنجو ته اهو خيال هو ته آءٌ ايڏو پراڻو
ٿي چڪو آهيان، جو ڪنهن جي دلچسپي جو مرڪز
بنجي سگهان!“
عين ان مهل شِلر ٻن قديم يونانين کي پاڻ
سان گڏ وٺي پهتو ۽ گوئٽي کي چيائين، ”هي
ڏسو اسان جي ايسچيلاس
(Aeschylos)
۽ يورو پائيڊس
(Europides)
آهن، جن سان اوهان کي ايڏي محبت آهي.“
”سچ پچ ته مون کي انهن سان ڏاڍي محبت
آهي،“ گوئٽي هن سان ڀاڪر پائيندي چيو،
”مون کي اوهان جي لاءِ جيڪو قدر آهي، تنهن
جو اظهار ڪرڻ لاءِ ئي توهان جي آئفيجينيا
(Iphyginia)
کي مون نئين قالب ۾ پلٽيو هو،“ هن يورو
فائيڊس ڏانهن نهاري چيو.
اتي هن ڪجهه وڌيڪ شاعرن کي پاڻ ڏانهن
ايندي ڏٺو ۽ چيو، ”منهنجن پراڻن دوستن،
يعني مسلمان شاعرن جو هڪ سڄو ٽولو پيو
اچي، جن ۾ رومي، حافظ ۽ عظيم محبتي ابن-
فريد شامل آهن.“ هن هڪ ٻيو به شاعر ڏٺو،
جيڪو ڪسر-نفسيءَ سبب ٻين جي پٺيان رهجي
ويو هو، ۽ جنهن کي هو سڃاڻي نه سگهيو.
”اهو ڪير آهي؟“ هن پڇيو، ”آءٌ کيس سڃاڻان
ته ڪونه ٿو، پر هن جي شبيهه ڏاڍي حيرت
انگيز آهي.“
پوءِ هن انهن ٽن جي آجيان ڪندي، روميءَ جي
ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ هن جي اکين ۾ ڏسي چيو،
”اوهان ئي مون ۾ ٻوٽن جي ڪايا پلٽجڻ بابت
سوچڻ جو شوق پيدا ڪيو. مون جڏهن اوهان جون
هي سٽون پڙهيون، ته هڪ نئين دنيا مون لاءِ
کلي پيئي:
”انسان غير جسمي شين جي طبقي ۾ ظهور ۾
آيو،
اتان کان هو ٻوٽن جي طبقي ۾ داخل ٿيو،
طويل مدت تائين هو انهن منجهان هڪ ٿي
رهيو،
پوءِ هو ٻوٽن واري حالت کان نڪري حيواني
طبقي ۾ آيو،
پر کيس ياد نه رهي پنهنجي ٻوٽن جي زندگيءَ
واري حالت، سواءِ هن ڳالهه جي، ته هو انهن
لاءِ پاڻ ۾ رغبت محسوس ڪندو هو،
خصوصاً بهار جي موسم ۾، ۽ مٺي مٺي خوشبوءِ
ڏيندڙ گلن ٽڙڻ واريءَ مند ۾،
ان کانپوءِ انسان کي حيواني حالت کان ڪڍي
انساني حالت ۾ آندو ويو، پوءِ ڇالاءِ ڊڄجي
ته موت اسان جو رتبو گهٽائي هيٺ ڪندو؟
عين ممڪن آهي ته جڏهن آءٌ مران،
تڏهن موٽي اچان هڪ مڪمل فرشتي جي صورت ۾؟
رومي مشڪيو ۽ پنهنجي دوست جي سندس انهيءَ
تعريف لاءِ شڪرادائي ڪئي، پوءِ گوئٽي وري
ٻين کان چوٿين (ماڻهوءَ) نامعلوم شاعر جي
متعلق پڇيو.
اهو ٻڌي، ڀوري ڇوڪري، جيڪا هن کي سڃاڻي
رهي هئي، اڳتي وڌي آئي ۽ گوئٽي کي چيائين
ته هن جو نالو ”لطيف“ آهي، ۽ حق ته اهو
آهي ته هن کي انهيءَ کان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو
وڃي، جيترو هو سچ پچ ڄاتل آهي، ۽ ائين چئي
هن سندس هڪ بيت پڙهيو:
”نه ته خواهش جو ضابطو،
نه خود فراموشيءَ جي جذباتي حالت جو،
هاڻي مون سان ڪو واسطو آهي.“
”اها ته ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي، “ گوئٽي
چيو، ”ڇا توکي هن جي بيتن مان ڪي ٻيا به
ياد آهن؟“
اهو ٻڌي ڀوري ڇوڪريءَ وري پڙهڻ شروع ڪيو:
”جتي ڪا ’نه‘، ۽ ڪا ’ها‘، ۽ نه ڪا نيڪي ۽
نه ڪا بدي موجود آهي،
جيڪا اڃا انسان جي ذهن جي رسائي جي دائري
اندر آهي.
پر جنهن جاءِ تي اهو حسن آهي،
جنهن سان اسان کي شديد محبت آهي،
اتي ڪنهن جي به نظر پهچي نه ٿي سگهي.“
ان کانپوءِ هن وري چيو:
”مون کي هن جا اهي بيت بار بار ياد ايندا
رهندا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڊرامائي سُر
”سامونڊيءَ ۾ چيا آهن، ۽ جن ۾ هو چوي ٿو:
”ڏسجو، پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ کي روز تيل
لڳائجو،
جنهن کي هر دم انهيءَ پاڻي جو مقابلو ڪرڻو
آهي،
جنهن جي عين وچ ۾ اها بيٺي آهي.“
۽ هن جون اهي سٽون مون کي توهان جي انهن
سٽن جي ياد تازي ڪرائينديون آهن، جيڪي
توهان ”فاسٽ“ ۾ چيون آهن، جيڪو پنهنجي
زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ کانپوءِ چوي ٿو:
”فقط اهو ئي انسان آزادي ۽ زندگيءَ جو حق
رکي ٿو،
جيڪو انهن کي هر روز نئين سر حاصل ڪرڻ
ڄاڻي ٿو.“
”واهه واهه،“ گوئٽي چيو، ”منهنجي دل ۾ هن
جي وڌيڪ قريب اچڻ جي خواهش آهي.“
ڀوري ڇوڪريءَ ڏٺو ته هاڻي شِلر اڳتي وڌي
ٽن نون آيلن جي آجيان ڪري رهيو هو، جن مان
هڪ ڄڻو ڪو مشرقي عالم نظر اچي رهيو هو.
”ڀلي ڪري آيا مونٽيسڪ ۽ گبن،“ هن چيو، ۽
انهن ٻن منجهان پهرئين ڄڻي پنهنجي ساٿيءَ
جي هنن سان تعريف هيئن چئي ڪرائي، ”مون کي
پڪ آهي ته توهان پاڻ هڪ تاريخدان هئڻ جي
حيثيت ۾، هن عظيم انسان کي ضرور سڃاڻي
رهيا هوندؤ. هي عظيم عرب تاريخدان ۽ تاريخ
جي فلسفي جو پيءُ ابن خلدون آهي.“
انهيءَ ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ وڏي
دلچسپي پيدا ڪئي، جو هن انهيءَ عظيم انسان
بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، پر هاڻي هن کي
روبرو پنهنجي آڏو ڏسڻ وڏي مسرت جي ڳالهه
هئي. اتي ڀوري ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڪارلائيل
(Carlyle)
پڻ تاريخ دانن جي انهيءَ گروهه سان اچي
گڏيو هو ۽ هن گوري ڇوڪريءَ کي هيئن چوندي
ٻڌو:
”ڏس ته سهي، ته گوئٽي ڪيترن نه ماڻهن کي
سڃاڻي ٿو. ذري گهٽ سڀني قديم دورن وارن، ۽
انهن سان گڏ جديد دور جي اڪثر ماڻهن کي به
ڄاڻي سڃاڻي ٿو. مون کي هن جي ”نهر کي
مخاطب ڪيل“ سٽن سان ڏاڍي محبت آهي، جن ۾
هو ان کان پڇي ٿو ته اها ڪٿان آئي آهي ۽
ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ وري نهر جو سڌو
سادو جواب ڪهڙو نه وڻندڙ آهي:
”جنهن هستيءَ مون کي جبل جي وچان ڪڍيو
آهي،
سوئي، منهنجي خيال ۾، آئينده به منهنجو
رهبر ٿيندو.“
۽ اتي ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ڇا، هن جي ديوان
واريون سٽون، اڄ عملي صورت ۾ هڪ حقيقت
بڻجي سامهون نه اچي چڪيون آهن؟“
”جيڪو خود پاڻ کي ۽ ٻين کي ڄاڻي ٿو،
سو اها ڳالهه به هتي ضرورڏسندو،
ته مشرق ۽ مغرب ٻه ڀائر آهن،
جيڪي هڪ ٻئي کان علحده ڪڏهن نه رهندا!“
* * *
”اچ ته اڳتي وڌون،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو.
هيلتائين هنن مشرق توڙي مغرب جي شاعرن
منجهان سوين وڌيڪ شاعر ڏسي ورتا هئا، جن ۾
عورتون خواه مرد ٻيئي شامل هئا ۽ انهن مان
وڏي اڪثريت کي اهي سڃاڻنديون هيون. اهي سڀ
اتان جي عجيب نظاري جي خوبصورتيءَ ۾ مگن
هئا.
هاڻي سموريون جماعتون انهيءَ بلند و بالا
ٿلهي طرف وڌڻ لڳيون، جنهن تي ’نيلي آسمان‘
جهڙو قالين وڇايل نظر اچي رهيو هو. جيئن
جيئن اهي اڳتي وڌنديون رهيون، تيئن هجوم
اڳي کان وڌيڪ وڏو ٿيندو رهيو.
هاڻي هنن جي ڪنن تائين موسيقيءَ جو هڪ
حيرت انگيز آواز پهچڻ لڳو. هڪ گهڙيءَ ائين
پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ انهن وٽ دور دراز وڻن
جي جهڳٽي ۾ ٽڙيل گلن وٽان موسيقي وارو اهو
آواز پهچي رهيو هو، جنهن کي چيني قوم وارن
جي موسمِ بهار واري تقريب جي موسيقي چيو
ويندو آهي. ٻي گهڙيءَ هنن کي اڃا به
ڏورانهين ڏيهه جي بڙن جي وڻن وچان قديم
انڊين جي ’راڳن‘ جو آواز محسوس ٿي رهيو
هو. ڪنهن گهڙيءَ انهن کي اطالوي ته ڪنهن
مهل اندلوسي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ڪنهن
مهل اهي ”باغ“
(Bach)
۽ موزارٽ
(Mozart)
جي موسيقي کي، ۽ ڪڏهن وري خانه بدوشن جي
”گيتنائن“ جي موسيقي ٻڌي انهن کي هڪ ٻئي
کان علحده محسوس ڪري رهيون هيون،“ جن جو
نالو ئي انهن کي قديم هندستاني موسيقيءَ
جي بنياد سان ملائي رهيو هو. انهن آوازن
جي وچ ۾ ڏکڻ جي هير سان ”روحانين“ جي
جهونگارڻ جو آواز به، انسانن جي ٿڌي ساهه
کڻڻ جهڙي آواز سان ملندڙ جلندڙ هو، جيڪي
ڄڻ ته ٻيءَ طرح پنهنجو اظهار نه پئي ڪري
سگهيا. ڪٿي ڪٿي، هنن کي ڪجهه وڏا موسيقي
ساز ٻين عظيم فنڪارن۽ سائنسدانن جي صحبت ۾
نظر اچي رهيا هئا. هنن کي شهيدن جي جماعت
به نظر آئي، جن پنهنجيون جانيون دين، حسن
و خوبصورتي ۽ نيڪيءَ لاءِ يا ظلم و ستم،
بدي ۽ بيماريءَ جي خلاف جهاد ڪندي قربان
ڪيون هيون.
انهن سڀني ۾ ٻين کان وڌيڪ نمايان انسان
ذات جا محسن نظر اچي رهيا هئا، انهن ۾
عظيم ۽ رحمدل بادشاهه، راڻيون، منتظم ۽
سپاهي شامل هئا. جيئن هو اڳتي وڌنديون
ويون، تيئن کين ولين، مفڪرن ۽ صوفين جا
ٽولن جا ٽولا نظر آيا، جن جي اڪثريت اهڙي
خاموشي ۽ صبر و سڪون سان اڳتي وڌي رهي
هئي، ڄڻ انهن جا چپَ سِبيل هئا ۽ هنن جا
سڀ عضوا هڪٻئي سان ملي اهڙيءَ طرح چرپر
ڪري رهيا هئا، جيئن خود ساهه کڻڻ جو ترنم
هوندو آهي. انهيءَ جي وچ ۾ ئي ڀوري
ڇوڪريءَ کي پنهنجين سهيلين سميت عظيم
حواري پال بيٺو نظر آيو. کين هو هڪڙي اهڙي
ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مصروف نظر آيو،
جنهن کي هو سڃاڻي نه پئي سگهيون.
”مون کي يوناني حڪمت ۾ ڪڏهن به اعتماد
ڪونه هو،“ هن چيو: ”مون هميشھ ان کي حڪمت
نه، بلڪه حڪمت جي نمائش ۽ ڏيک سڏيو، پر
آءٌ ارسطوءَ سان هن ڳالهه ۾ ضرور متفق
آهيان، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: ’اتر ۾ وسندڙ
قومون وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻن‘.
ڇا، اها ڳالهه هن مان ظاهر نه ٿي ٿئي، ته
غير يهودي قومن وارا به، جيڪي انهيءَ
علائقي ۾ آباد ٻين سڀني کان وڌيڪ مهذب ۽
سڌريل هئا، سي به پنهنجي خدا جي نمائندگي
هڪ ڀالي جي شڪل ۾ ڪري رهيا هئا؟ مسيحي
قومون، جيڪي خدا کي ”محبت“ جو نالو ڏين
ٿيون، سي پاڻ محض نفرت ۽ ڌڪار ۾ مصروف رهن
ٿيون. ڇا، اها ڳالهه اچرج جهڙي ناهي ته
اهي مسيح کي رڍ جي نالي سان پوڄين ٿا، پر
ان هوندي به اهي پاڻ کي لومڙن، بگهڙن ۽
شينهن جي نالن سان سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا؟
اهڙا ئي انهن جا نشان به آهن. يعني بگهڙ،
شينهن يا عقاب، ۽ اهي انهن ۾ فخر محسوس ڪن
ٿا ۽ خوش ٿين ٿا. مون کي معلوم ٿيو آهي ته
انهن جي هڪ انتهائي ترقي يافته ۽ سڌريل
قوم جي وڏي ۾ وڏي شاعر جو نالو شيڪ-اسپيئر
(شيڪسپيئر ڏانهن اشارو آهي ۽ نالي جو جيئن
تجزيو ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ ان جي لفظي
معنيٰ ٿئي ٿي، نيزو
–ڦيراءِ)
۽ انهن سان قريبي تعلق رکندڙ هڪ ٻي قوم جي
هڪ عظيم ترين شاعر عيسائي جو نالو آهي،
”وولف گئنگ (بگهڙن جو ٽولو). اهي ماڻهو
عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان اڳي، هڪٻئي کي
ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجن مٿن تي ڍڳن جا سڱ
ٻڌندا هئا، ۽ اڄ ڪلهه اهي کوپرين کي،
منڌيئڙي وانگر هڪ ٻئي تي آر پار رکيل ٻن
هڏين جي تصوير لڳائي رکڻ ۾خوشي محسوس ڪن
ٿا. ڪهڙي نه ستم ظريفي آهي، جو اهي قومون
اڃا به هيءَ دعويٰ ڪن ٿيون ته انهن جي
عبادت جو مقصد ”محبت“ ۽ ماٺيڻي رڍ آهي.“
ڇوڪريون انهيءَ قسم جي گفتگوءَ ۾ ڏاڍي
دلچسپي وٺي رهيون هيون، خصوصاََ گوري
ڇوڪري، جيڪا پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو
اهڙي ڳالهه ٻڌي رهي هئي، جنهن تي هن اڳي
ڪڏهن ڪو غور ئي نه ڪيو هو.
جنهن هنڌ تي اهي بٺيون هيون، اتان کان ڪو
ٿورو ئي پرڀرو، کين مشرق ۽ مغرب جي ممتاز
مفڪرن ۽ درويش جو هڪ گروهه بيٺل نظر آيو.
انهن ۾ ’ڪيمپس‘ وارو ٿامس، سُويڊنبورگ،
ابنِ اعرابي، سهروردي، ڪبير ۽ عظيم مرتبي
وارو نانڪ خاص طور نمايان هئا، ۽ اهي ته
انهن منجهان فقط چند درويش هئا، جن کي
ڇوڪريون سڃاڻي پئي سگهيون.
اوچتو هنن ائين محسوس ڪيو ته انهن جي
سامهون جيڪو اوچو ٿلهو هو، سو سندن نظرن
کان غائب هو، ۽ ان جي مٿان هنن جن ماڻهن
کي اتي جمع ٿيل ڏٺو هو، سي هاڻي انهن سان
ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي، سندن ئي وچ ۾ بيٺا
هئا.
”آءٌ هنن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن يا چئن کي
سڃاڻان ٿي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ۽ ساڳئي
وقت گوري ڇوڪريءَ جون اکيون خوشيءَ وچان
چمڪڻ لڳيون.
”هو ڏسو!“ هن رڙ ڪري چيو، ”مون کي اتي اهو
خدا بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جيڪو اسان جي
گناهه ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي کي اسان
جي پاران برداشت ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي آيو
هو.“
پر ڀوري ڇوڪري بلڪل چپ چاپ ۽ حيرت زده
هئي، ڇاڪاڻ ته هن جي سڄي زندگي سندس نظرن
جي سامهون اڀري بيٺي، کيس پتوئي نه پئي
پيو ته ڪهڙي کي اڳ ۾ ڏسي، ڇاڪاڻ ته هن جي
دل ۾ انهن منجهان گهڻن لاءِ محبت ۽ احترام
جا شدت وارا جذبا موجزن هئا.
هن سحرزده نظرن سان مرليءَ واري شهزادي،
ڪرشن کي ڏٺو، اُتي ئي ’راهنما‘
،
’نزريني‘ (2) ۽ ’پيغامبر‘ (3) سڀ موجود
هئا. هن اسرائيلين جي عظيم قائد کي ڊگهي
اڇي ڏاڙهيءَ سان بيٺل ڏٺو، ۽ نيڪيءَ ۽
بديءَ جي پيغمبر زردشت کي به موجود ڏٺو،
جنهن جي هڪ ئي جهلڪ هوءَ ”اِنڊ“ ڏانهن
رواني ٿيڻ مهل ڏسي سگهي هئي. هن عظيم
منوءَ کي به ڏٺو، جيڪو هنن جي ”اِنڊ“ پهچڻ
کان پوءِ سندن پهريون رهبر بڻيو هو. ٻئي
ڪناري وٽ،هن کي ”لائو-ٽِزي“ ۽ ڪنفيوشس
نالن وارا اهي ٻه ماڻهو نظر آيا، جن سان
هوءَ خوشبودار اڇن گلن جي وڻن جي جهڳٽن ۾
ملي هئي، کيس اهو عظيم يوناني حڪيم،
سقراط به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کيس دليل بازي
ڪرڻ جو فن سيکاريو هو ۽ اُتي ئي هن کي
اخناطون ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سان هن جي
واڳونءَ واري ملڪ ۾ ملاقات ٿي هئي. هن کي
انگور جي وَلين وارو سهڻو شهزادو سليمان ۽
ٻيا به سوين شهزادا ڏسڻ ۾ آيا، جن مان ڪن
جي متعلق هن کي هلڪي ۽ جهڪي يادگيري هئي ۽
ٻيا اهڙا به هئا، جن کي هوءَ بلڪل ئي نه
پئي سڃاڻي سگهي. حيرت انگيز ڳالهه اِها
هئي ته جيتوڻيڪ اهي ماڻهو هڪ نموني ۾
سڌيءَ طرح سان انهن جي وچ ۾ هئا، ان جي
باوجود اهي سندن وچ مان بلڪل مٿي ۽ الڳ
بيٺل هئا، ۽ اهي جيڪي ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي
رهيا هئا، تن جو هر هڪ لفظ خلا جي ٻئي
ڪناري تائين ريڊيو يا مائڪروفون جي مدد
کانسواءِ پهچي رهيو هو.
اهي فقط پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مجمعي
کي خطاب نه ڪري رهيا هئا، جيڪو چئني طرفن
کان مڙي سڙي انهن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو هو
۽ جيڪو هاڻي آسمان جهڙي ڇٻر واري ميدان تي
بلڪل ساڪت ۽ بي حس و حرڪت ٿيو ويٺو هو.
* * *
”اهو ڪم اوهان جي مقدر جو حصو بنيو، ته
توهان هن زمين جي تختي تي هن جهڙو عظيم
الشان اجتماع ممڪن بنائي سگهو،“ زردشت
پيغامبر ڏانهن ڏسي چيو، “نزريني انهيءَ
ڳالهه تي مشڪيو ۽ چيائين ته:
”هائو، انسان اڃان به ضدي ۽ هوڏي ٻار
آهن،“ ۽ هن اسرائيلين جي قائد ڏانهن ڦرندي
چيو، “جڏهن توهان هن ڳالهه تي زور ڏنو ته
توهان جي پٺيان انبياءَ ايندا، تڏهن هيءُ
هر اهڙي نبي کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ کان انڪار
ڪندا رهيا، جيڪو سچ پچ وٽن اچي نڪرندو هو،
۽ جڏهن مون هنن کي چيو ته آءٌ اوهان ڏانهن
هڪ تسڪين ڏيندڙ موڪلي ڏيندس، تڏهن هنن اها
توقع رکي ته پرنَ وارو ڪو فرشتو انهن جي
درميان اچي پهچندو.“ پر هو ڪنهن به انسان
کي ڪنَ ڏيئي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين هئا، ۽
جڏهن ”پيغامبر“ کين هدايت ڪئي ته انهن
سڀني پيغمبرن ۽ سڀني الهامي ڪتابن ۾ عقيدو
رکڻ گهرجي، خواه انهن جا نالا کين ٻڌايا
نه ويا هئا، خواه انهن جو وٽن ڪو ذڪر نه
ڪيو ويو هو ۽ کين آئنده ٻئي ڪنهن نبيءَ جي
اچڻ جو انتظار ڪرڻ نه گهرجي، تڏهن هي
اصرار ڪندا رهيا ته نه، هو اُهو آخري نبي
ٿي نه پئي سگهيو، ۽ هن کانپوءِ اڃا به
ڪيئي ٻيا نبي اچڻ وارا هئا، هنن کي ته هوڏ
۽ ضد ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي.
ٻڌ.
(2) حضرت عيسيٰ عه، (3) پاڻ سڳورا
صلي الله عليه وآله وسلم
(وڌيڪ پڙهو)