فصل ستون
مولانا رومي ۽ عطار وغيره جا حالات
اهڙا بيت اولياءَ الله جي حڪايتن ۽ صوفين جي
مڪتوبات ۾ آهن جيڪي دنيا جي ڪن ڪچري، غيريّت ۽
ٻيائي، خواهش نفساني ۽ نفسانيت کي دل جي صفحي تان
پري ڪن ٿا. ڇا لاءِ جو حق تعاليٰ ملڪ جي واڳ عدل ۽
انصاف وغيره انهن جي حوالي فرمائي آهي ۽ کين خلق
جو ڌنار چيو آهي. جيڪڏهن انهن کان عدالت جو
بندوبست، رعيّت پروري، عبادتون ۽ چلا ڪڍڻ نٿا ٿي
سگهن ته پوءِ ملڪ جي سنڀال جو نظام برطرف ٿي
پوندو، بلڪ ظالم انسان بگهڙ ۽ گدڙ وانگي خلق کي
نقصان پهچائيندا ۽ سڀ ڪجھ درهم برهم ٿي ويندو. هڪ
حديث پاڪ ۾ آهي: ”العدالة
ساعة خير من عبادة ستين سنةً“
[عدل جي هڪ گهڙي سٺ سالن جي عبادت کان بهتر آهي.]
عدالت جو مرتبو عبادت کان مٿاهون فرمايو ويو آهي.
انهيءَ ڪري هدايت ڪندڙ انسانن اڪثر طالبان حق
سلاطين جي قلب تي توجھه فرمايو آهي ۽ انهن کي صاف
بنائڻ ۽ نفس جي رعونت کي تڙڻ ۽ کين جلالي قهاري
نالن جي نورن سان منور بنايو آهي ۽ کين عقلمندي ۽
فڪر وَ تدبر سان آراسته ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين
طالبن کي پڻ حسب ضرورت مزاج ۽ طبيعت ۽ نفس جي هر
خراب چيز جيڪا عيبدار ڪري ان کان ڇوٽڪارو ڏياريو
آهي. جيئن مولانا شمس تبريزي مولانا جلال الدين
روميءَ جي مرشد سندس درسي ڪتاب آڏو کڻي پاڻيءَ ۾
ٻوڙي ڇڏيا. انهيءَ ڳالھه مولانا روميءَ جي دل تي
ڏاڍو اثر ڪيو ۽ کيس گهڻو ڏک ٿيو. انهيءَ کان پوءِ
الله تعاليٰ جي عنايت سان ۽ مرشد ڪامل جي توجھه ۽
ڪرم جي هڪ شعلي سبب بلڪ شمس جي خاص نظر ۽ اثر سبب
مولانا جلال الدين هڪ بيڪار پٿر مان قيمتي لعل
بنجي پيو. جيئن عمدة السالڪين، زبدة العارفين،
مولانا وقارالدين رحه مولانا رومي معنوي جي حالات
۾ پنهنجا سهڻا خيال شعرن جي صورت ۾ فرمايا آهن:
اَللّٰهُمَّ اهدنا هداية ابدية
و شرفنا بلقائک سرمدية
[اي الله! اسان کي هميشه رهڻ واري هدايت عطا
فرماءِ ۽ اسان کي پنهنجي هميشه وارو ديدار سان
مُشرف فرماءِ.] آمين.
مثنوي:
حبذا از اين کتاب مستطاب
مخزن اسرار وقانون صواب
حبذا از اين فرخنده فال
روشنائي بخش چشم اهل حال
نامه گنجينه اسرارِ عشق
تاقيامت گرم زو بازارِ عشق
سالکان راه را روشن سراج
يافته کالائي فقر از وي رواج
بهترين قانوني از سير سلوک
کار گاه فقر و آداب ملوک
چون نمودي غواص بحر مثنوي
شمه بر خوان ز حالِ مولوي
لازم آمد چون شنيدي قالِ او
از وقار از بشنوي احوال او
او جلال الدين محمد داشت نام
واز بهاؤالدين نسب بودش تمام
چون پدرش ازبلخ کرد آهنگ راه
کش ملول آمد دل از خوارزم شاه
او بطفلي نيز عزم راه کرد
ترک بيت وعزم بيت الله کرد
هرکه دارد عزم راهِ سالکان
کام اوّل گفت ترک خانمان [79]
لطف بسيار قدر داني کم
چه کند صاحب
هديٰ شبنم
چون به نيشاپور بگذشتند تفت
با پدر در محفل عطار رفت
شيخ بينا بود بس بنواختش
در بطفلي جانگه بشناختش
ديدش اندر کودکي علامه
داد از گفتار خويشش نامه
گفت زود کاين پسر غوغا کند
آتش اندر سوخته جانان زند
عزم حج کردند وحج بگذاشتند
سوئي شام آنگه علم افراشتند
پس به بيت المقدس آوردند روئي
خانه خانه جا بجا در جستجوئي
همچنين از خاک پاک انبياءَ
جسته همّت با دروني بيرياءَ
سيد ترمذ برهان داشت نام
بود پير عهد وايشان را امام
کرد شان بدرد و اندر نيمه راه
داد جان بر شوق ديدار
الـٰہ
ليک چون ميکرد آهنگ رحيل
شد بملک روم ايشان را دليل
کاندران بلک ار فرو آريد رخت
فتدها يا بيد از اقبال وبخت
پس بهاءُالدين ز روئي اعتميد
عزم قونيه کرد ورخت آنجا کشيد
بعد چندين عمر او آمد بسر
مولوي بنشست بر جائي پدر
جمله دانايان بفيضش معترف
گشته ازو دريائي علمش معترف
ليک نامد فضل وتدريسش پسند
مرغ طبعش داشت پروازي بلند
عزو جاهش در نظر بيهوده بود
جذبه عيني دلش بر بوده بود
جست ز اهل دل فروغ وفرحتي
چون صلاح وچون ابن اخي
همچنان جويا بود از بر ناؤ پير
تا حسّام الدين شد او را دستگير
چون زماني شورش انگيزي رسيد
دو سره شه شمس تبريزي رسيد[80]
کش اشارت شد ز پيري کامياب
که بسوئي رودم بايد شد شتاب
کاندران ملکت دل شوريده
طالب ومشتاق و صاحب ديده
ارني ارني چون دلي شد درد مند
خود طبيبان در پي او ميدوند
چون فروغ شمس اندر روم تافت
هر کجا نيک اختري زو نور بافت
ديد روزي مولوي را در طريق
کو سوار و در رکاب او فريق
هريکي ازوي ز هرسو مستفيد
شمس اش آمد عنان او کشيد
گفت مولانا زدانش سود چيست
طالبان را زين هنر مقصود چيست
گفت کشفِ معضّلات شرع ودين
گفت نئي نئي نيست بهبودي درين
گرنه علمت سوئي يزدان رهبر ست
جهل از آن علم صد ره بهتر ست
اين سخن بسرود عزم راه کرد
مولوي را شمه آگاه کرد
روز ديگر وقت بحث و گفتگوئي
سوئي نرم مولوي بنهاد روئي
بُد کتاب چند نزد آن همام
يک به يک را ديد وپرسان شد ز نام
گفتش اي درويش بگذر زين سوال
نيست آنهان غير علم قيل وقال
شمس را شد تيره خاطر زين جواب
نامها را زود افگند اندر آب [81]
مولوي ز اين کرده آمد دل غمين
گفت بيراهي چرا کردي چنين
دست بردان نامها را بيزيان
ز آب بگرفت ونهاد اندر ميان
مولوي را گشت حيرت بر مزيد
گفت هي هي کا چه کردي اي فريد
گفت اينها علم حال است اي کُبار
مر شما را چنين حالت چه کار
مولوي ز اين کرده آگه شد ز حال
کاين مگر باشد ز ابدال رجال
دست زد دامان او بگرفت سخت
شد مريد آن شه پيروز بخت
ترک عزت ترک لذت ترک کام
گفت وا سودا خيال و نيک نام
گشت از شمس حقيقت مستنير
تا که شد صوري نه بل بدر منير
در وجود شيخ شد محو و فنا
فقر را بگزيد هش آمد غنا
مدّتي با يار در خلوت نشت
بر رُخِ اغيار کُلي در به بست
از شراب وصل برخوردار شد
محرم خلوت سرائي يار شد
[هيءُ ڪيڏو نه بهترين ڪتاب مثنوي شريف آهي جيڪو
مقبول عام آهي، هيءُ ڪتاب رازن ۽ سنئين سُبتي
قانون جو خزانو آهي.]
[ڪهڙي نه بهتر خوشخبريءَ واري ڳالھ آهي. (انهيءَ
ڪتاب) اهلِ حال جي اکين کي روشني بخشي آهي.]
[اهو ڪتاب عشق جي اسرارن جو گنج آهي جيڪو قيامت
تائين عشق جي بازار کي گرم ڪندو رهندو.]
[تصوف جي راھه جي سالڪن لاءِ هڪ روشن چراغ آهي.
انهيءَ کان ئي فقر ۽ فقيري جو سامان حاصل ٿيو
آهي.]
[هن ۾ سلوڪ جو بهترين قانون موجود آهي. فقر جي ڪمن
۽ بادشاهن جي ادبن جو اصول موجود آهي.]
[جڏهن ڪو ٽوٻارو مثنويءَ جي درياءَ ۾ ٽُٻي ڏيندو
ته هو ڪجھه حصو مولوي (روميءَ) جي حال کان حاصل
ڪري سگهندو.]
[اهو لازم آهي جو جڏهن تون انهيءَ جي ڳالھه ٻُڌين،
ته هڪ وقار ۽ عزت سان انهيءَ جو حال ٻُڌ!]
[اُنهيءَ جو نالو جلال الدين محمد آهي ۽ انهيءَ جو
نسب بهاءُالدين (والد) تي پورو بيهي ٿو.]
[جڏهن سندن والد بزرگوار بلخ کان سفر جو ارادو
ڪيو، بلڪ هو خوارزم جي بادشاھ جي درٻار کان
نااُميد ٿيو.]
[هن پنهنجي ننڍڙي فرزند (مولانا روميءَ) کي به پاڻ
سان گڏ کنيو ۽ پنهنجي گهر کي ڇڏي وري گهر نه اچڻ
جو عزم ڪيو.]
[جيڪو به سالڪن جي راھه جو عزم رکي ٿو ته اُهو سڀ
کان پهريائين پنهنجي گهر کي ڇڏڻ جي ڳالھه ڪري ٿو.]
[هن راھ ۾ لُطف ۽ مزو گهڻو آهي، مگر هن ۾ قدر داني
گهٽ آهي. آخر هو ماڪَ جي ذري کي ڇا ڪن.]
[جڏهن نيشاپور مسڪينيءَ جي حالت ۾ آيا ته پاڻ
پنهنجي والد محترم سان گڏجي فريدالدين عطار جي
خدمت ۾ پهتا.]
[شيخ عطار دانا ۽ بينا هو. بس اُنهيءَ ان ٻار کي
هڪ ئي نگاھ ۾ سڃاڻي ورتو ۽ لائق سمجھي ورتو.]
[هن ٻارڙي ۾ (فقيريءَ جي) نشاني ڏٺي ۽ پنهنجي
گفتار سان ان جي دل کٽي ورتي.]
[هن چيو هيءُ ڇوڪرو وڏو هُل (غوغا) يعني مشهوري
ماڻيندو، هو دين ۾ باھ ڀڙڪائيندو.]
[حج جو ارادو ڪيائون ۽ حج ڪري ورتائون، (ان بعد)
هو وري شام جي ملڪ طرف علم پرائڻ لاءِ اُسهيا.]
[پوءِ هو بيت المقدس طرف ويا ۽ ايترقدر هو هر هنڌ
علم جي تلاش ۾ ويا.]
[اهڙيءَ طرح هو نبين سڳورن جي خاڪ پاڪ سر زمين
لتاڙيندي، وڏي همت سان هلندا رهيا.]
[اُتي سيد برهان نالي پير سان مليا. جيڪو پنهنجي
دور جو هڪ وڏي شان وارو شيخ هو. ۽ ترمذ شريف ۾ وڏو
پهتل بزرگ هو.]
[انهيءَ کي پنهنجو رهنما بنايائون (يعني مرشد
ورتائون.) جنهن الله تبارڪ و تعالي جي ديدار جي
شوق ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي.]
[ليڪن پاڻ اڳتي سفر جو ارادو ڪيائون ته روم جي ملڪ
ڏي وڃڻ جو اشارو ٻڌائون.]
[انهيءَ ملڪ مان نڪري سامان ٻڌي نڪتا ۽ فتح منديءَ
۽ بخت اقبال سان منزل تي پهتا.]
[تڏهن بااعتماد بهاءُالدين قزوينه شهر ڏانهن
پنهنجي سفر جو سامان تيار ڪيو.]
[پنهنجي عمر جا ڪيترا سال اتي گذاريائون، آخر
انهيءَ جاءِ تي ٿڏو ٻڌي ويهي رهيا.]
[سڀئي دانا ماڻهو سندن فضيلت ۽ شان جا معترف ٿي
ويا ۽ سندن علمي سمنڊ مان فائدو وٺي بهرور ۽ معترف
ٿي پيا.]
[ليڪن کين تعليم وتدريس جو عمل پسند هو. ان ڪري
سندس طبيعت ان طرف گهڻو پرواز ڪندڙ هئي.]
[مان، مرتبو ۽ شان شوڪت وارو ڏيکاءُ وٽن بيڪار هو.
ليڪن عيني جذبو به سندس دل ۾ گھر ڪري ويو.]
[هن پنهنجي دل لاءِ فرحت صرف اهل دل وٽ ڳولي ۽
ائين اصلاح ڪيائون جيئن ڪنهن ويجھي مائٽ جي ڪجي.]
[اهڙيءَ طرح شيخ وٽان هدايت خاطر حضرت حسّام الدين
جو دستگيريءَ لاءِ هٿ ورتائون.]
[جڏهن شورش انگيزيءَ جو دور دوران ٿيو ته انهيءَ
دور ۾ شمس تبريز اچي پهتو.]
[آخر مرشد جي اشاري سان هو ڪامياب و ڪامران ٿيو ۽
ملڪ روم طرف جلدي هليو آيو.]
[اُنهيءَ ملڪ ۾ هُو دل شڪسته هو ۽ ڪنهن صاحب دل
لاءِ مشتاق هو.]
[جڏهن هن جي دل هر گهڙيءَ پريشان رهڻ لڳي ته وقت
جا طبيب سندس پٺيان پئي آيا.]
[جڏهن شمس جو چراغ روم ۾ روشن ٿيو ۽ چمڪيو، ته هر
جڳھ تان ڀلي ڀاڳ جو نور چمڪيو.]
[هڪ ڏينهن ان مولوي (رومي) کي رستي ۾ ڏٺو جيڪو
پنهنجي رفيقن ۽ دوستن جي ٽولي سان گڏ هو.]
[هر هڪ روميءَ جي جلوس ۾ گڏ هلي رهيو هو. تان جو
شمس اچي هن جي واڳ ڇڪي.]
[مولانا رومي چيو ان (تصوف) مان ڪهڙو فائدو؟ ۽
طالبن کي انهيءَ هنر مان ڇا ملڻ وارو آهي.]
[فرمايائين ته منجھيل ڳنڍين کي کولڻ، شريعت دين
جون ڳالهيون سمجھائڻ، روميءَ چيو ته، نه نه انهيءَ
۾ ڪا به ڀلائي ناهي.]
[جيڪڏهن تنهنجو علم الله تعاليٰ ڏانهن رهبر نه
آهي، ته ان کان جِهلُ سؤ ڀيرا بهتر آهي.]
[اهو سُخن چئي هن پنهنجي راھه ورتي ۽ مولويءَ
روميءَ کي انهيءَ ٿورڙي ڳالھه کان آگاھه ڪيو.]
[ٻئي ڏهاڙي بحث ۽ گفتگوءَ وقت هن پنهنجو چھرو
مولويءَ طرف ڪيو.]
[هن وٽس چند ڪتاب ڏٺا ۽ هڪ هڪ ڪتاب ڏسي ان جا نالا
پڇيا.]
[مولويءَ چيس اي درويش! اهڙن سوالن کي ڇڏي ڏي،
انهن ۾ علم جي ڳالھه ٻولھه آهي.]
[شمس کي اهو جواب ٻڌي غصو وٺي ويو، ۽ انهن ڪتابن
کي پاڻيءَ ۾ کڻي ڦٽو ڪيائين.]
[مولوي رومي انهيءَ ڪاروائي جي ڪري غمگين ٿي پيو.
چوڻ لڳو ته اهو غير ذميوار ڪم تو ڇو ڪيو؟]
[شمس پاڻيءَ ۾ هٿ وجھي نالي سان ڪتاب ڪڍندو ۽ سندس
اڳيان رکندو ويو.]
[هاڻي مولوي رومي کي اڳئين کان وڌيڪ حيرت ٿي.
چيائين ته اهو تو ڇا ڪري ڏيکاريو؟]
[فرمايائين: اي نيڪ بخت! اِهو حال جو علم آهي پر
تو کي انهيءَ حالت جي ڪهڙي خبر!]
[مولوي انهيءَ صورت حال کان واقف ٿيو. کيس خبر پئي
ته ڪم ابدال ئي ڪري سگهن ٿا.]
[ان جي دامن ۾ مضبوطيءَ سان هٿ وجهي پڪڙيائين ۽
عالي بخت بادشاھه جھڙي پير جو مريد ٿي ويو.]
[عزت وَ لذت ۽ هر اُميد کي ترڪ ڪري. چيائين افسوس
نفعو، خيال ۽ نيڪ نامي سڀ اجايا آهن.]
[ائين انهيءَ حقيقت واري سج کان روشن ٿيو، تان جو
سندس سينو نه صرف روشن بلڪ چمڪندڙ چنڊ ٿي پيو.]
[پاڻ شيخ جي وجود ۾ فنا ٿي ويو ۽ فقر ۽ فقيريءَ کي
غنا يعني شاهوڪاري سمجھيائين.]
[ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون دوست سان گڏ خلوت يا
اڪيلائيءَ ۾ گذاريائين ۽ هر قسم جي غيرن کان
پنهنجو منهن موڙي ڇڏيائين.]
[ائين وصل يا ميلاپ جي شراب ۾ مخمور ٿي ويو ۽ دوست
سان خلوت ۾ محرم راز ٿي ويو.]
اصل ۾ شمس الدين تبريزيءَ ڪتابن ۽ درس
وتدريس جي معاملي ۾ نفس جي وڏائي سبب مولوي روميءَ
لاءِ عربي مقولي ”العلم حجاب الاڪبر“ [علم هڪ وڏو
پردو آهي.] موجب ان کي سمجھائڻ خاطر سندس ڪتابن کي
پاڻيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. جيئن شيخ عبدالحق محدث
دهلويءَ پنهنجي تصنيف ’اخبار الاخيار‘ ۾ لکي ٿو:
”هڪ مجذوب صوفي بزرگ شيخ برهان هو. هو ڪڏهن ڪڏهن
شعر ۾ به گفتگو ڪندو هو. هڪ ڏينهن انهيءَ کان ٻڌم
ته هو چئي رهيو هو: ”العلم حجاب الاکبر“ هو
انهيءَ شغل ۾ هو. مون ڄاتو ته: ”اهو حقيقي مجذوب
آهي، انهيءَ ڳالھه جو بيان انهيءَ کان پُڇيم ته
اُنهيءَ چيو ته، ’علم دُونِ حق است‘ [علم،
حق (الله) کان سواءِ آهي.] ۽ جيڪو حق کان سواءِ
آهي سو ’حجاب حق‘.
آنگه به تبريز يافت يک نظر شمس دين
طعنه زدند برو همه سخره کند بر چِلّه
[اُن وقت جڏهن شمس تبريز ان تي هڪ نظر فرمائي،
تڏهن ماڻهن طعنا ۽ سندس چله ڪشيءَ جو مذاق
اُڏايائون.]
آهي يعني حق جو پردو آهي.
رُباعي:
گر تو خواني صد هزار کتاب
بر تو باشد چو صد هزار حجاب
جُز محبت همه سُست وناداني
دان همه را بزندگي و عذاب
[جيڪڏهن تون هڪ لک ڪتاب پڙهين تڏهن به تو تي هڪ لک
پردا (حجاب) جا هوندا. محبت وارن وٽ اهو سڀ ڪجھ
ڪاهلي ۽ ناداني آهي. ليڪن اهو سڀ ڪجھ ڄاڻڻ لاءِ
زندگيءَ ۾ دک درد گھرجي.]
اهڙيءَ طرح فريدالدين عطار پنهنجي طالب علميءَ
واري زماني ۾ نحوَ جي علمن ۾ تمام گهڻو عبور رکندو
هو. هڪ ڏهاڙي سندس ڏاڏي ان جي پرپُٺ هيٺين رُباعي
لکي هليو ويو.
رباعي:
در نحو ممان و در لغت هيچ مَهيچ
رو علم خدا خوان وزاين نايد هيچ
فردا گرت از معرفت بخواهند پرسيد
خواهي تو ز مگر آن شوي خواهي ازگيچ
[نحو ۽ لُغت ۾ مهارت ڪجھه به نه آهي، وڃُ وڃي
خدائي علم پڙهه. باقي هن مان ڪجھه حاصل نه ٿيندئي.
جيڪڏهن سڀاڻي تو کان ڪو معرفت جي علم بابت پڇا
ڪندو ته تون شرمندو ٿي پوندين.]
مطلب مولانا روم انهيءَ طريقي سان مرشد ڏي متوجھه
ٿيو، قرآن جي هن آيت موجب:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا
لِيَعْبُدُونِ
(الذاريات: 56)
[اسان جنن ۽ انسانن کي رڳو عبادت لاءِ خلقيو آهي.]
تڏهن پنهنجا سڀ ڪم ڪار مال ومتاع ڇڏي وڃي خلوت ۾
ويٺو. جيئن مثنويءَ ۾ پاڻ فرمائي ٿو:
علم تو در علم منطق صرف شد
نئي ترا حاصل ازان يک حرف شد
[(اي طالب!) تنهنجو علم منطق جي علم تائين محدود
ٿي ويو، انهيءَ مان توکي مقصد جو هڪ حرف به حاصل
ٿي نه سگهيو.]
علم يوناني همه طبّ ونجوم
اين همه از شامت شيطان شوم
[يوناني علم ۾ رڳو طب ۽ نجوم جو علم آهي ۽ اهو سڀ
ڪجھه بدبخت شيطان جي شامت ئي آهي.]
حق ترا از بهر عرفان آفريد
نئي ترا از بهر يونان آفريد
[(اي طالب!) الله تعاليٰ توکي عرفان جي لاءِ پيدا
فرمايو آهي. ٻڌي ڇڏ، هن توکي (علم) يونان لاءِ
ڪونه پيدا فرمايو آهي.]
علم نبود غير علم عاشقي
ما بقي تلبيس ابليس غوي
[علم ته صرف عاشقيءَ جو علم آهي، ان کان سواءِ
ٻيو سڀ ڪجھه شيطان جي جو کوٽ ۽ ٺڳي آهي.] [83]
معلوم هجڻ کپي ته علم پڻ طريقه اِلاهي ۾ هڪ وڏو
حجاب آهي. اهو ٻين حجابن جي مثل آهي. جيئن جِھل،
دنيا جو ڪم ڪار ۽ دنيا جا مال ومتاع، اسباب دولت
وغيره. جھڙيءَ طرح ڪتاب ’تذڪرة الاتقياءَ‘ ۾ حضرت
شيخ فريدالدين عطار آندو آهي. پڇيو ويو ته ”العلم
حجاب الله الاکبر“
[علم الله تعاليٰ کان وڏو حجاب آهي.] جي ڪهڙي
معنيٰ آهي؟ پاڻ چيائونس ته ”کل
ما سويٰ الله تعاليٰ حجاب“
[هر اُها شيءِ جيڪا الله تبارڪ وتعاليٰ کان سواءِ
آهي، اُهو حجاب آهي.] پر ٻيا حجاب قبيح (خراب)
آهن، ڪثيف (ميرا) آهن ۽ علم لطيف حجاب آهي. انهيءَ
تان هٿ کڻڻ ڏکيو آهي ۽ ان مان مراد علم نحوَ صرف،
حديث، فقھه ۽ تفسير نه آهي پر مراد علم الله (الله
تعاليٰ جو علم) آهي ۽ اُهو علم ذات ۽ صفات باري
تعاليٰ آهي جيڪو ڪنهن دليل ۽ برهان سان نه بلڪ
عيني مشاهدي سان واسطو رکي ٿو.
معرفت جي حصول بابت شيخ فريدالدين عطار جيڪو پاڻ
نحوي هو ان جي جيڪا نشاندهي پاڻ ڪئي اٿس ڪتاب
’نفحات الانس‘ ۾ ملي ٿي. هو پهريائين عطر ٺاهڻ ۽
وڪڻڻ وارو ڪم ڪندو هو. هڪ ڏينهن هڪ درويش اچي
کانئس ڪا شيءِ گهري ته عطار ڏانهس توجھه نه ڪيو،
تڏهن ان درويش چيس ته ’اي خواجه! اهڙين خواهشن سان
تعلق رکي ڪيئن مرڻ گهرين ٿو؟‘ عطار چيس ’تو
وانگر.‘ درويش چيو ’تون مون وانگر مرڻ ڪونه ٿو
گهرين.‘ اهو چئي ان وقت ئي ڪاٺ جو ڪشتو پنهنجي مٿي
هيٺان رکي، ’الله اڪبر! چئي جان ڏئي ڇڏيائين.‘
اُنهيءَ مشاهدي عطار تي اهڙي حالت طاري ڪري ڇڏي جو
پنهنجو دوڪان وغيره سڀ ڇڏي ڏنائين ۽ وٽس جو ڪجھه
هو سو سڀ ڪجھه الله جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيائين ۽
وقت جي مشهور بزرگ شيخ رُڪن الدين اڪافي رحه جي
خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. چند سال [84] اُتي
گذاريائين پوءِ حرمين جي زيارت لاءِ روانو ٿيو.
گهڻن ئي مشائخن جي زيارت ڪيائين ۽ آخر ۾ فخر
الشهداءَ حضرت شيخ مجددالدين بخاريءَ جي خدمت ۾
رهي خرقه خلافت حاصل ڪيائين. ’مجالس العشاق‘ جي
مصنف پنهنجي مذڪوره تصنيف ۾ آندو آهي ته ننڍيءَ
عمر ۾ حضرت شيخ قطب الدين حيدر جي نظرِ ڪرم تحت پڻ
تربيت حاصل ڪيائين ۽ ان جي نالي پويان نظم ’حيدر
نامه‘ به لکيائين ان کان پوءِ وڏي محنت ۽ خلوص سان
ستر سالن تائين ’صوفين جون حڪايتون‘ گڏ ڪيائين.
ايترو ڪمال ۽ مرتبو حاصل ڪيائين جو ٻيو اهل طريقت
انهيءَ مرتبي تي پهچي نه سگهيو. ان ڪري چون ٿا ته
هيءُ بزرگ واقعي طريقت جو عارف ۽ حقيقت جي واديءَ
جو واقف هو.
هڪ ڀيري سوال ڪيو ويو ته مجاهدي ۽ معاملات ۾ شيخ
فريدالدين عطار ۽ مولوي رومي قدس سرهما ۾ ڪهڙو فرق
هو؟ چيو ويو ته مولوي شهباز وانگر هو جيڪو اک ڇنڀ
۾ طريقت جي تخت ۽ حقيقت جي تاج تي پهتل هو. شيخ
عطار هڪ ماڪوڙيءَ مثل بلڪل آهستي آهستي انهيءَ
طريقت جي جُزن ذريعي حقيقت جي منزل تي پهتو. هن
چاليھه سال علم معرفت کي هڪ لک ويھه هزار مثنويءَ
جي بيتن کان به وڌيڪ چيا آهن. سندس ديوان ۾ چاليھه
هزار بيت آهن. جيڪي قصيدن، فردن ۽ رُباعين تي
مشتمل آهن. ايتريقدر توحيد جا اسرار سندس شاعريءَ
۾ ڳتيل آهن جو معلوم ٿئي ٿو ته هن ميدان ۾ ڪو به
کانئس اڳتي نه آهي. سندس ڪلام اهلِ سلوڪ لاءِ
نصيحت ۽ چهبڪ جو درجو رکي ٿو. ’تذڪرة الاتقيا‘ ۾
سندن وفات بابت هن طرح آيل آهي ته جڏهن نيشاپور ۾
چنگيز خان قتل عام ڪرائي رهيو هو. ساڳيو احوال
ڪتاب ’تذڪره دولت شاهي‘ ۾ اچي ٿو ته منگول شيخ جي
گھر ۾ گھڙيا ته جيئن کيس قتل ڪيو وڃي. انهيءَ وچ ۾
هڪ شخص ظاهر ٿيو، جنهن چيو ته ”هن شيخ کي قتل نه
ڪريو! انهيءَ جو خون بها هڪ هزار درهم آئون ڏيان
ٿو.“ شيخ وراڻيو ته ”نه وِڪڻ، انهيءَ کان اڌ بها ۾
وڪڻ.“ [85] وري ٻيو ڀيرو چيائين ته “هن مرد کي قتل
نه ڪريو. آئون هن لاءِ گاھه جو ڀريل توٻرو ڏيان
ٿو.” تڏهن شيخ چيو ته ”هاڻي ڀلي وڪڻ جو انهيءَ کان
سٺي ۽ بهتر آرزو نٿو ڪريان.“ منگول ڪاوڙجي پيو ۽
شيخ کي اُڀ کُڙين يعني پيرن ڀر ويهاريو ۽ تلوار
مياڻ مان ڪڍي مٿان وهائي ڏني. تڏهن شيخ هيٺين
رُباعي في البديھه چئي:
دلدار به تيغ دست بردي اي دل مبين
بر بند ميان بر سر پائي بنشين
وانگه بزبان حال ميگو که بنوش
جام از کف پاء شربت باز پسين
[محبوب جي هٿ ۾ تلوار آهي. اي دل! متان ڏسين،
پنهنجي چيلھ کي سوگهو ڪري پيرن ڀر چُپ ڪري ويھه.
اُن وقت حال جي زبان سان چئو ته هن جي هٿان ملندڙ
شربت جو جام وري وري پيءُ]
تلوار جي گهاءُ کائڻ کان پوءِ وري هيٺين رُباعي
چيائين ۽ ساھ حق جي حوالي ڪيائين:
رُباعي:
در راہ تو رسم سرفرازي اين است
عشاق تو را کمينه بازي اين است
با اين همه از لطف تو نوميد نيم
شايد که تو را بنده نوازي اين است
[(اي الله!) تنهنجي واٽ ۾ ڪاميابي جي اها ئي رسم
آهي. تنهنجي عاشقن جي گھٽ وڌائي به اها ئي آهي.
اسان هن مڙئي جي باوجود تنهنجي لطف کان نااميد نه
آهيون، شايد (اي مالڪ!) تنهنجي بندہ نوازي به اها
ئي آهي.
اِهڙيءَ طرح حضرت بايزيد بسطامي جي ڪمالات ۽ احوال
بابت هن طرح احوال ملي سگهيو آهي ته حضرت بايزيد
بسطامي جن جي عرفان، عبادتن رياضتن ۽ ڪمالات بابت
’تحفة الڪرام‘ ۾ اچي ٿو ته حضرت جنيد بغدادي
فرمايو ته ”حضرت بايزيد عارفن جي جماعت ۾ ائين هو،
جيئَن حضرت جبرائيل عليه السّلام ملائڪن ۾ آهي.“
شيخ ابوسعيد ابوالخير فرمايو ته ”ارڙهن هزار عالمَ
بايزيد جي وجود ۾ ڏسان ٿو پر وچ ۾ بايزيد کي ڪونه
ٿو ڏسان.“ چون ٿا ته هڪ ڏينهن حضرت بايزيد بازار
مان گذري رهيو هو ته ”هڪ شخص هوڪو ڏنو ته آئون
طبيب ۽ حڪيم آهيان ۽ هر درد جو دارون ڪندو آهيان.“
پاڻ پڇيائونس ته ”گناهن جو ڪو دارون ڪرين ٿو؟“
طبيب جواب ۾ چيو ته ”هائو، ليڪن اهو تمام ڪوڙو
آهي. انهيءَ نسخي ۾ ’درويشيءَ جي پاڙ، صبر جا پن،
ٻهيڙن جو حلم ۽ بليله (غمناڪيءَ جي هوا) جو علم
انهن چئني.
هڪ ٻي روايت موجب جڏهن هلاڪو خان نيشاپور ۾ قتل
عام جو آغاز ڪيو، تڏهن اُنهن مان هڪ تاتاري شيخ
عطار کي پڪڙي وٺي وڃي رهيو هو. تڏهن شيخ ڏاڍو خوش
هو جو مٿس توحيد جو غلبو هو ۽ قاتل ڏانهن منهن ڪري
فرمايائين تون ريشمي تاج سر تي رکندين ۽ هندي
تلوار چيلھه تي ٻڌي ترڪستان ويندين. ڇا تون دوستن
سان اهڙو مڪر وفريب ڪندين. ڇا توکي آئون ڪونه ٿو
سڃاڻان! ان کان اڳ جو هُو تلوار مياڻ مان ڪڍي ۽
شيخ کي پيرن ڀر ويهاري وار ڪري ته شيخ جي زبان مان
في البديھه اِها پهرين رُباعي نڪتي هئي.
شين کي معرفت جي کرل ۾ وجهي توفيق جي دستي سان
ڪُٽي [86] ۽ نيستيءَ جي ڪپڙي مان ڇاڻي،
هستيءَ جي ديڳڙيءَ ۾ پچائجي. ان کان پوءِ عشق جو
چمچو گهمائي ان کي شوق جي باھه سان جوش ڏياري،
وحدت جي قانون تائين پهچائي ۽ تسليم جي پيالي ۾
وجهي رکي ۽ ان کي پيئندو رهي ته جيئن گناهن کان
شِفايابي لهي.“ پاڻ اهو ٻڌي ڏاڍو ذوق حاصل ڪيائين.
جڏهن سندس عمر جو ڪجھه حصو گذريو ته عبادت ۽ رياضت
۾ مشغول ٿي ويو ۽ ٽيھ سال شام جي ٻهراڙيءَ ۾
گذاريائين. سندس اهو سارو عرصو بي خوابيءَ ۽ بک ۾
گذريو. هن بزرگ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ سؤ ڏينهن
بزرگن جي خدمت ڪئي. آخرڪار امام المسلمين حضرت
امام جعفر صادق ؓ جن جي ملازمت ۾ پهتو ۽ جو ڪجھه
به حاصل ڪيائين، اُتان حاصل ڪيائين. پاڻ جڏهن آقا
مصطفي ﷺ جن جي روضه اطهر تي پهتو ۽ ”السّلام
عليک يا سيدي المرسلين
ﷺ“ چيائين ته جواب ۾ آواز آيو: ”وعليک
السّلام يا سُلطان العارفين.“
جڏهن سندس ڪم انتهائي بلندين تي پهتو ۽ وڌيو ته
اهلِ ظاهر وٽ سندن سُخن ماپي نه سگهيو. (يعني
ماڻهن سندس صوفيانه گفتگو نه سمجهي) ان ڪري کيس ست
ڀيرا بسطام مان لوڌي ڪڍيو ويو. شيخ فرمايو ته ’مون
کي چيو ويو ته ٻاهر نڪر.‘ ماڻهن چيو ته ’تو خراب
رستو ورتو آهي!‘ (يعني خراب ڳالهيون ٿو ڪرين) پاڻ
فرمايائون ته ’اُهو شهر ڀلو آهي، جنهن ۾ بسطاميءَ
جھڙو بد هجي.‘
روايتن ۾ اچي ٿو ته هڪ ڀيرو سندس خلوت ۾ وحدت جي
باھه ڀڙڪو کاڌو ۽ سندن زبان مان ’سُبحاني
ما اعظم شاني‘
جا الفاظ نڪتا. جڏهن پاڻ انهيءَ بي خوديءَ واري
جذبي کان ٻاهر آيا ته مريدن کيس مٿيان الفاظ
ورجائي چيا ۽ عرض ڪيو ”قبلا! هي اوهان ڇا چئي رهيا
هئا؟“ پاڻ فرمايائون: ”خدائيان
خَصم و بايزيديان خصم“
[خدا جا دشمن بايزيد جا دشمن آهن.] جيڪڏهن هڪ ڀيرو
ٻيهر ٻُڌو ته مون کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجو. آخرڪار
هر هڪ کي ان مقصد لاءِ ڪاتي ڏني وئي. سندن ائين
چوڻ بعد ڪجھه ماڻهن سندن گهر طرف ڪاھهَ ڪئي. جڏهن
پاڻ گهر ۾ هو ماڻهن گهر جون سرون به اکيڙي ڇڏيون.
هر هنڌ ڪاتيءَ سان حملا ٿي ڪيائون. اڃا ٿورڙي دير
مس گذري ته حضرت بايزيد پاڻ پنهنجي گهر مان صحيح
سلامت ٻاهر نڪتو. ليڪن محراب ۾ ڪجھه ننڍا ڪُٺل ڪڪڙ
ڏٺائون. جڏهن کين اهو حال گوش گذار ڪيائون ته پاڻ
فرمايائون ته ”بايزيد ته هيءُ آهي، هُو بايزيد
ڪونه هو.“ [87]
اهڙيءَ طرح بزرگن ۽ سالڪن جون ڪيتريون عجيب
ڳالهيون آهن جيڪي سندن عبادت ۽ رياضت ۾ ملن ٿيون.
ڪي بزرگ نفس جي سرڪشيءَ کي دفع ڪرڻ لاءِ گدائي
ڪندا آهن. ڪي بزرگ وري گناهن کي ميٽڻ لاءِ عبادت
ڪن ٿا. ڪجھه الله وارا وري عشق مجازيءَ به فرمائن
جو کين لغزش جي طاقت ڪونه ٿئي. ڇاڪاڻ جو انهن جي
قلبن جي اختيار جي واڳ انهن جي مرشد جي هٿ ۾ هوندي
آهي. هنن پنهنجي عشق جا نتيجا ۽ محبت (مودّت) الله
جي واٽ ۾ وقف ڪئي آهي. ان کي ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي ۽
نٿو سمجھي. جيئن مولانا روميءَ مثنويءَ ۾ چيو آهي:
از محبت خارها گل ميشود
و از محبت سر گهائل ميشود
از محبت سنگ روغن ميشود
از محبت درد صافي ميشود
و از محبت رنجها شافي شود
بي محبت موم آهن کي شود
واز محبت مرده زنده ميشود
واز محبت شاه بنده ميشود
[محبت سان ڪنڊا به گل ٿي ٿا وڃن ۽ محبت سان سرڪو
ماکي بنجي پوي ٿو. محبت سان پٿر به تيل ٿي ٿا وڃن.
محبت سان بچيل شراب صاف ٿي وڃي ٿو. محبت سان ڏک سک
ٿي وڃن ٿا. محبت کان سواءِ لوھ ميڻ ٿي نه سگهندو
آهي. محبت سان مردا زندھ ٿي وڃن ٿا. محبت سان
بادشاھ به غلام ٿي وڃن ٿا.]
فصل
اٺون
عشق جا مرتبا ۽ درجا
بزرگن ۽ سالڪن حقيقت حالات عشق ۽ عشق جي مرتبن کي
ڏهن مرتبن ۽ پنجاھ درجن ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪي هر
باب لاءِ مفيد آهن. پهريون مرتبو لغوي معنيٰ وارو
آهي ۽ ”وهي
ميلان القلب اليٰ المالوف“
[اها قلب جي ڇڪ يا لاڙو آهي جيڪو محبوب ڏانهن
هوندو آهي.] انهيءَ جا پنج درجا آهن: پهريون درجو
ان جي افعال ۾ خوبصورتي آهي. اهو هن طرح آهي ته
جڏهن ڪنهن صاحبِ حسن جون صفتون ڪنهن سان بيان
ڪبيون آهن ته انهيءَ سبب جي ڪري ان سان دوستي لاءِ
دل ۾ خواهش پيدا ٿئي يا دل ۾ طلب ضرور پيدا ٿئي.
حديثِ حسن او ناگه فرو خواندند درگوشم
در آمد عشق ويکباره ببرد از عقل و از هوشم
[جڏهن ان جي حسن جي ڳالھ اوچتو منهنجي ڪنن ۾ اچي
پئي، تڏهن عشق گهڙي آيو ۽ هڪ ڀيري ۾ ئي منهنجو عقل
۽ هوش کڻي اُڏامي ويو.]
بسا کين دولت از گفتار خيزد
نه تنها عشق از ديدار خيزد
[گهڻو ڪري اها دولت ڳالھ ٻُڌڻ سان ٿئي ٿي، ڇو ته
عشق فقط ڏسڻ سان ڪونه ٿيندو آهي.]
ٻيو درجو محبت جو لڪائڻ آهي. اِهو مشقت ۽ محنت کي
کڻڻ آهي ۽ برداشت ڪرڻ آهي. ٽيون درجو تمنا آهي. هي
هوس جو مقام آهي، اِهو قريب ٿيڻ جي آرزو ۽ ديدار
ڪرڻ جي خواهش آهي. جڏهن جان جو فڪر ۽ هلاڪت
[88] جو خوف نه هجي پر جيڪڏهن واصل ٿيڻ ۾ ڪو
عُذر يا حيلو هجي ته مرڻ جي آرزو ۾ خوش هجي.
اگر فرهاد را حاصل نه شد پيوند با شيرين
هم آخر جان شيرينش بر آمد در تمنايش
[جيتوڻيڪ فرهاد کي شيرين جو وصل حاصل نٿي سگهيو،
پوءِ به آخرڪار شيرين جي تمنا ۾ جان ڏئي ڇڏيائين.]
درجو چوٿون خبر رکڻ يا حاصل ڪرڻ ۽ استخاره ذريعي
روحانيت جو حال معلوم ڪرڻ. درجو پنجون عاجزي آهي.
هن ۾ عاجزي ۽ انڪساريءَ سان پيش اچڻ ۽ آھ وَزاريءَ
سان پيش اچڻ آهي. زبان سان عاجزي ۽ نماڻائي به ان
۾ شامل آهي. درجو ڇهون صداقت يا سچائي آهي. ”وهي
استواءُ القلب في الوفا والخطاءَ والجفاءَ والمنع
والعطاءَ“
[قلب جو وفا، خطا، جفا، منع ڪرڻ ۽ عطا سان مضبوط
رهڻ آهي.] ان جا پڻ پنج درجا آهن. پهريون درجو صفا
جو آهي: ”وعلامت
بغض النفس والهويٰ ومخالفت المراد والمنيٰ وترک
الشهوات بعينِ الرضاءَ والخروج بالکليّه من حب
الدنيا“
[ان جي نشاني نفس جو بغض، حرص (خواهش)، مراد ۽
احسان جي مخالفت ۽ شهوتن کي ترڪ ڪرڻ آهي. بلڪ رضا
خوشيءَ سان انهن سڀني کي ڪڍڻ ۽ دنيا جي محبت کي
ڇڏڻ آهي.]
اي منهنجا عزيز! هتي دوست جي هر نعمت کي نعمت ۽ غم
کي خوشي سمجھي.
زهر از کف دست دوست چون شهد
با شوق فرو بر م دگر هم
[دوست جي هٿ کان مليل زهر ڄڻ ماکي آهي، انهيءَ شوق
سبب ٻيو وڌيڪ زهر به پي ويس.]
ٻيو درجو غيرت آهي. نوجوانن کي محبت جي مقام تي
غيور بڻائي ٿي. غيرت جي ڪري هو نه چاهيندو ته سندس
محبوب جو نالو ٻيو ڪو وٺي يا هن ڏانهن نگاھ کڻي
ڏسي.
من باد نخواهم که و زد بر تو باغي
تا از تو نسيمي برساند بدماغي
[آئون نٿو چاهيان ته تنهنجي چراغ مٿان هوا گھلي
جيڪا صبح جي ٿڌي هير بنجي ٻئي ڪنهن دماغ تائين
پهچي.]
هن مقام جي آخر ۾ محب خودبخود محبوب تي غيرت ڪندو.
جيئن شرف الدين بوعلي قلندر فرمائي ٿو ته:
غيرت از چشم برم روئي تو ديدن ندهم
گوش را نيز حديثِ تو شنيدن ندهم
گر بيايد ملک الموت که جانم ببرد
تا نه بينم رُخ تو روح رميدن ندهم [89]
[اکين جي غيرت سبب توکي ٻئي ڪنهن کي ڏسڻ نه ڏنم،
مان پنهنجي ڪن کي پڻ تنهنجي ڳالھه ٻڌڻ نه ڏني.
جيڪڏهن ملڪ الموت اچي منهنجي ساھ ڪڍي ته جيستائين
آئون توکي نه ڏسان تيستائين کيس روح ڪڍڻ نه
ڏيندس.]
اهڙو افسوس کائيندي خواجه شبليرحه
فرمايو آهي: ”اللّٰهم
احشرنيِ اعميٰ فانک اجل واعظم من ان تراک عيني“
[اي الله! مون کي انڌو ڪري اُٿارج، ڇاڪاڻ جو تون
عظيم آهين (مون کي ڪهڙي طاقت) جو تنهنجي ذات کي اک
سان ڏسان.] ٻئي ڪنهن وري انهيءَ کان به وڌيڪ
مبالغو ڪندي غيرت بابت چيو:
غيرتم با تو چنان ست که هنگام وداع
رشکم آيد که ترا چون بخدا سپارم
[مون کي تنهنجي باري ۾ اهڙي غيرت آهي جو موڪلائڻ
وقت اهو رشڪ اٿم ته توکي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪيئن
ڪريان!]
ٽيون درجو شوق آهي. هن مقام ۾ آتشِ شوق زبان ذريعي
ٻاهر اچي ٿي ۽ عشق شعلي جي صورت وٺي ٿو. ان ڪري
بيوس بنجي آھ وزاري ڪندو آهي.
مشتاقي وصبوري از حد گذشت ما را
گر تو شکيب داري طاقت نماند ما را
[شوق ۽ صبر اسان جي سهپ جي حد کان ٻاهر آهي، تو وٽ
ڀلي آرام ۽ صبر هجي پر اسان اها طاقت نٿا رکون.]
چوٿون درجو ذڪرِ محبوب جو آهي. ”من
احب شيئاً اکثر ذکره“
[جيڪو ماڻهو جنهن سان محبت ڪندو آهي ته انهيءَ کي
گهڻو ياد ڪندو آهي.]
جيئن هڪ ٻيو استاد چوي ٿو ته:
اي تازه پسر رنگ سمرا
غيرت زدهان تست سمرا
از دستِ تو عاشقانِ بيدل
خوردند چونئي شکر سمرا
[اي ڪڻڪ جي رنگ
وارا
محبوب! تنهنجو وات سُئي جي پاکڙي کان به تنگ آهي.
تنهنجي هٿ کان ملندڙ زهر مٺي ڪمند کائڻ برابر
آهي.]
ڪن عارفن اِئين به چيو ته: ”عند
مرضهٖ اطلب لک طبيباً فقال طبيبي ذکر حبيبي.“
[مرض وقت پنهنجي طبيب کي گهراءِ، ان تي هن چيو ته
منهنجو طبيب منهنجي حبيب جو ذڪر آهي.]
اي نامِ تو ام شفاءِ امراض
و ز نام تو ام حصولِ اغراض
[اي (محبوب!) تنهنجو نالو ئي منهنجي مرضن جي شِفا
آهي. تنهنجي ئي نالي سان منهنجا سڀ ڪم ڪار حاصل ٿي
سگهندا.]
پنجون درجو حيرت جو آهي. عجب کائيندي آقا مصطفيٰ ﷺ
انهيءَ جي جلالت بابت فرمايو:
يا دليل المتحيرين
[اي حيرت زدن کي رهنمائي ڪندڙ!] وري آخر ۾
فرمايائون: ”ربّ
زدني تحيراً“
(اي منهنجا رَبَّ! مون کي زيادھ حيرت عطا ڪر!)
اي دوست! جيئن ته حضرت محبوب ڪريم ﷺ جن وڏي همت
وارا هئا ۽ وصول سخت هو ان لحاظ سان حيرت ۽ دهشت
کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالھه ٿي نه پئي سگهي.
توئي سلطان ملک وحسن من بيچاره درويشم
بجز حيرت دگر نه بود نصيبِ جان بي خويشم
[تون ئي حسن جي ملڪ جو بي پرواھه بادشاھه آهين ۽
آئون لاچار درويش آهيان. حيرت کان سواءِ هن لاچار
ساھ جو ٻيو ڪهڙو نصيب ٿي سگھي ٿو.]
وري حافظ شيرازي فرمائي ٿو:
عشق تو نهال حيرت آمد
وصلِ تو کمالِ حيرت آمد
[اي محبوب! تنهنجي عشق حيرت جي خوشخبري آندي ۽
تنهنجي وصل وري حيرت جو ڪمال آندو.]
ٽيون مرتبو مَوَدَّت يعني محبت ۽ پيار جو آهي.
اِهو قلب جو هيجان آهي، جيڪو قلب جي صفائيءَ سان
واسطو رکي ٿو ۽ هن جا به پنج درجا آهن. پهريون
درجو نياحت يعني روئڻ وَاِضطرار يعني پريشاني آهي.
هتي هر قسم جي آھ وَزاري فرياد ۽ بيقراري مقصود
هوندي آهي.
در ياد تو اي بُت مَه روئي
ميکند نوحه برتنم هر موئي
[اي چنڊ جي چهري وارا محبوب! تنهنجي ياد ۾ منهنجي
بدن جو هر وار لڙڪ لاڙي ٿو.]
ٻيو مرتبو بُڪاءُ يعني گريو ڪرڻ آهي. ”وکان
عليه الصلواة واالسّلام دائم الحزن والبکاءِ وقال
في دعائهٖ اللّٰهم ارزقني عيناً باکيةً.“
[آقا مصطفي ﷺ جن هميشه غمگين رهندا هئا ۽ روئندا
هئا. پاڻ پنهنجي دعا ۾ فرمايائون: ’اي الله! مون
کي روئڻ واريون اکيون عطا فرماءِ‘!]
جانان من از فراق تو چندان گريستم
کِين آب چشم من همه روئي زمين گرفت
[اي منهنجا محبوب! آئون تنهنجي جدائيءَ ۾ ايترو
روئي ويٺو آهيان جو منهنجي اکين جي پاڻيءَ سان سڄي
زمين ڀرجي وئي آهي.]
ٽيون درجو حسرت جو آهي. هن مقام تي صاحبِ محبت
اُهي گھڙيون جيڪي (انهن کان) ضايع ٿي ويون، انهن
تي حسرت ڪندا آهن ۽ هر پل جيڪو محبوب کان سواءِ
گذريو ان تي پشيماني ظاهر ڪندا آهن.
عمري که بي تو ميرود از مرگ بدتر است
روزي که بي تو بگذردم روز محشر است
[(اي محبوب!) منهنجي عمر جيڪا تو کان سواءِ گذري
ٿي اها موت کان وڌيڪ خراب آهي ۽ اُهو ڏينهن جيڪو
تو کان سواءِ گذري ٿو ڄڻڪَ محشر جو ڏينهن آهي.]
آخر اي تازي ٽاري! تو کان وڌيڪ ڪيترا حسرت جا ڪنڊا
کانوان ۽ مٺين کارڪن جي حسرت رکان.
چوٿون درجو ”تفڪر در محبوبنا“ [محبوب ۾ فڪر ڪرڻ
آهي.] جيئن فرمايو ويو:
إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ
يَتَفَكَّرُونَ
(الجاثية:13) [بيشڪ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي
فڪر ڪن ٿا.] ”تفکر
ساعة خير من عبادة ستِّين سنةً وقال بعض العارفين
التفکر محب المحب اليٰ المحبوب“
[محبوب جي فڪر جي هڪ گهڙي سٺ سالن جي عبادت کان
بهتر آهي ۽ ڪجھ عارفن جو چوڻ آهي ته مُحب جو فڪر
محبوب ڏي آهي.]
اي جوان مرد! (طالب) تفڪر قربت جو سبب آهي.
نخواهم جُز تو يک ساعت تفکر در دگر کردن
که هر دوجهان جانان ندارم چون تو دلداري
[هڪ گهڙي به توکان سواءِ ٻئي ڪنهن جو فڪر نه اٿم،
ڇو ته ٻنهي جھانن ۾ تو جھڙو دلدار (محبوب) ٻيو
ڪونهي.]
پنجون درجو محبوب جو مُراقبو آهي. اي منهنجا عزيز!
اِهو هڪ نيارو مقام آهي. اِهو ٻڌو ويو آهي ته هڪ
ڏينهن جڏهن حضرت علي ڪرَّمُ الله وجھه جن نماز
پڙهي رهيا هئا ته سندن چھرو مبارڪ زرد ٿي ويو ۽
سندن دل پريشانيءَ ۾ وٺجي وئي ۽ پاڻ بيهوش ٿي ويا.
جڏهن هوش ۾ آيا ته ماڻهن کائن پڇيو ته هي ڇا ماجرا
هئي؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته: ”راقبت
لله في صلواتي فاستحيت من تقصيري“
[آئون پنهنجي نماز ۾ تنهنجي نگھباني ۾ ٿو اچان
پوءِ منهنجي اوڻاين کي ڍڪ.]
چوٿون مرتبو هَوَا جو آهي: “وهو
ان يهوي اليٰ المحبوب دائماً“
[اهو آهي هميشه محب محبوب ڏانهن ارادو رکجي.] هن
مقام جا وري پنج درجا آهن: پهريون درجو خُضوع آهي.
حسن فرمايو ته: ”ما
اعلم في وصال احسن من الخضوع عليٰ بابهٖ“
[آئون نٿو ڄاڻان ته ان جي دروازي تي نوڙت کان وڌيڪ
ٻيو ڪهڙو وصال آهي.] ٻيو درجو بدلو آهي. دوست جي
طاقت ۾: ”الطاقة
فوق الطاقة“
[هر طاقت جي مٿان ٻي طاقت آهي.] خبر نه اٿئي ته
آقا مصطفيٰ ﷺ جن نماز ۾ بيهندا هئا [91] ”حتيٰ
تورمت“
[ايستائين جو سندن قدم مبارڪ سڄي پوندا هئا.]
مرا تا جان بود عشق تو بازم
مرا تا سر بود گوي تو سازم
[مون کي جيستائين ساھ آهي تيستائين عشق تان گهور
وڃان. مون کي جيستائين سر آهي تنهنجي واسطي کينهون
ڪندس.]
ٽيون درجو صبر يعني سختين ۾ صبر ڪرڻ ”محن
الصبر يجزع البلويٰ من
غير
الشکويٰ وايضاً ليس للمؤمنين الاالصبر والمحبوب
يفعل مايشآءُ“
[صبر جي آزمائش مصيبتن کي منهن ڏيڻ شڪايتن ڪرڻ کان
سواءِ آهي. ائين مؤمنن لاءِ ٻيو ڪجھه ناهي مگر
صبر. ڇو ته محبوب جو گهري سو ڪري ٿو.] آقا مصطفيٰ
عليه الصلوة والسلام جن فرمايو ته ”اذا
احبّ الله عبد ابتلاه وان صبر
جتباه
و ان رضيٰ اصطفَاه“
[جڏهن الله تبارڪ وتعاليٰ ٻانهي کي پيار ڪري ٿو ته
ان کي آزمائي ٿو. جڏهن هو ان تي صبر ڪري ٿو ته ان
کي چونڊي ٿو ۽ جڏهن اُن کان راضي ٿي وڃي ٿو ته ان
کي پنهنجو محبوب ترين بندو بنائي ڇڏي ٿو.]
درجو چوٿون تَضَرَّعَ يعني عاجزي آهي. جيئَن قرآن
ڪريم ۾ آهي:
ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً
(الاعراف: 55) [الله تعاليٰ کي نهايت عاجزيءَ ۽
ڳجھيءَ طرح پڪاريو!]
اي جوان مرد! عاشق ويچاري کي هن مقام ۾ عجيب
ڪشادگي آهي. ڇاڪاڻ جو هن وٽ اهو پير ناهي جو صحرا
۾ قدم رکي سگهي ۽ نه اهو هٿ اٿس جو صحرا ۾ وصل
لاءِ ڪجھه ڪري سگهي. نه اها طاقت اٿس جو صحرا ۾
قربت جي باھه کي وڻندڙ هوا ۾ تبديل ڪري سگهي. نه
ئي سندس جسم ۾ طاقت اٿس جو آواز ڪڍي سگهي ۽ نه روح
کي پرواز جي طاقت اٿس. مطلب سواءِ عاجزيءَ ۽ آھ
وَزاريءَ سندس هٿ وس ڪجھه نه آهي.
چون نيست دست زدرم ويارائي طاقتم
اينک ره تَضرّع و زاري گرفته ام
[جڏهن منهنجي هٿ جو زور ئي منهنجي وس ۾ نه آهي. ان
ڪري عاجزي ۽ زاريءَ جي واٽ ورتي اٿم.]
پنجون درجو رضا ۽ تسليم جو آهي ڪن عارفن چيو آهي
ته “وشرط
الرضاءَ ان يکون بين يدي مولاه کالميِّت بين يدي
الغاسل يقلبہٖ کيف يشآءُ”
[رضا جو شرط اهو آهي. جو پنهنجي موليٰ جي اڳيان هڪ
ميّت وانگيان هجي يا جيئن غسل ڏيندڙ اڳيان ميّت
هجي جيڪو جيئن گهري ان کي ڦيرائي.]
غزل
اي سر وَ بلند بوستاني ما
در پيش درخت قامتت پست
از رائي تو سر نمي توان تافت
از روئي تو در نمي توان بست
چشمت کرشمه خونِ ما ريخت
بادات بحلِ زمات پيوست
گر سر نه نهم بر آستنانت
ديگر چه کنم دري دگر هست
[اي منهنجي باغ جا سرو وانگر ڊگها محبوب! تنهنجي
قامت جي سامهون ٻيا وڻ ننڍا لڳن ٿا. تنهنجي مرضي
کان سواءِ ڪاڏي منهن ڦيرابو ۽ ان در کي ڪير بند
ڪري سگھي ٿو. تنهنجي اکين جي تابش اسان جو خون
وهائي ڇڏيو. گناھ معاف ڪرائڻ جو حيلو وٺي تنهنجي
آستاني تي مٿو نه رکان
ته
ٻيو ڇا ڪريان.
ڇو ته ٻيو ڪو در نه آهي.]
پنجون مرتبو شَغَفُ جو آهي. جيئن الله تعاليٰ ڪلام
پاڪَ ۾ فرمايو آهي:
قَدْ شَغَفَهَا حُبًّا
(يوسف:30) [هو سندس دل ۾ ويهجي ويو آهي.] انهيءَ
جا پنج درجا آهن: پهريون درجو: محبوب جي حڪم جي
پيروي ڪرڻ. انهيءَ جو مثال هيءُ آهي: “طوعاً
ورغبتاً [شوق سان فرمانبرداري.] وري قرآن پاڪ کان
ٻُڌو:
فَاسْتَقِمْ كَمَا أُمِرْتَ
(هود:112) [پوءِ انهيءَ امر تي پڪو ٿي جھڙيءَ طرح
تو کي حڪم ڪيو ويو آهي.] اُهو امر تون ڄاڻين ٿو ته
ڪٿي آهي؟ ۽ اهو:
وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا
(المزمل: 8) [سڀني کان پاسيرو ٿي اُن جو ئي ٿي
وڃ!] ۾ واقع آهي. ٻيو درجو اندر جي حفاظت ڪرڻ آهي.
[92] غير محبوب کان ”من
حفظ باطنه عنِ الاغيارِ ملاءَ الله قلبه بالانوار“
[جنهن غير کان پنهنجي باطن جي حفاظت ڪئي الله
تعالي انهي جو قلب نورن سان ڀري ڇڏيندو.]
اي جوان مرد! ٻُڌي ڇڏ ته ”ان
الله وتر يحب الوتر“
[يعني الله تعاليٰ اڪيلو (واحد) آهي ۽ اڪيلائيءَ
کي پسند فرمائي ٿو.] ”لان
الجنس مع الجنس يميل“
[ڇاڪاڻ جو جنس ئي جنس ڏانهن لاڙو ڪري ٿي.]
ٽيون درجو دوست جي دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.
اِنهيءَ جي وضاحت آقا محمد مصطفيٰ رسول خدا ﷺ جن
کان ٻڌو: ”نعادي
بعدوتک من خالفک من خلقلک“
[اسان انهن سان دشمني رکون ٿا جيڪي ماڻهن مان
تنهنجا دشمن آهن.]
من دشنمت را دشمنم چون دشمنت بايد کسي
جز آنگه يا ديوي بود يا غول يا ديوانه
[تنهنجي دشمن کي پنهنجو اهڙو دشمن سمجھان ٿو جيئن
ڪنهن سان واقعي دشمني هجي. اهو ڪير ٿي سگهي ٿو
سواءِ پاڳل، چريي يا گمراھه جي.]
ڪنهن عزيز چيو آهي:
رُباعي:
با دشمن من چو دوست بسيار نشست
با دوست نشايدم دگر بار نشست
بپرهيز ازان عسل که با زهر آميخت
بگريز ازان مگس که هر بار نشست
[منهنجي دشمن سان منهنجو دوست گهڻو گڏ ويٺو آهي.
ان ڪري اهڙي دوست سان ٻيهر نه ويٺس. انهيءَ ماکيءَ
کان پرهيز ڪر جيڪا زهر سان مليل هجي. انهيءَ مک
کان ڀڄي پري ٿي جيڪا هر هر ويهي ٿي.]
چوٿون درجو محبوب سان محبت رکندڙن جي محبت آهي.
جيئن اسان جي پاڪ پيغمبر عليه الصلواة والسلام جن
فرمائين ٿا: ”اسالک
حبک وحب من احبک“
[يعني اي منهنجا ربَّ! آئون توکان تنهنجي محبت جو
سوال ٿو ڪريان ۽ اُنهيءَ جي محبت گهران ٿو جنهن
سان تنهنجي محبت آهي.] پنجون درجو احوال يا حال
لڪائڻ آهي جيڪو عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ آهي. شبلي
رحمة الله عليه فرمايو ته: ”من
شرط المحبة کتمان الاحوال“
[محبت جي شرط مان هڪ اِهو به آهي ته عاشق پنهنجي
احوال کي لڪائي رکي.] ڪن عارفن چيو آهي: ”لولا
الدموع الفاضحة فکتمان الحال من منازل الرجال“
[ڪاش! لُڙڪن جي رُسوائي ظاهر نه ڪري ڇو ته حال جو
لڪائڻ اهڙن ماڻهن جي منزلن مان آهي.]
رُباعي:
غمت هر چند مي پوشم به دامن
فضيحت مي کند چشم روانم
رخ زردم ندارد طاقت هجر
برون مي افگند راز نهانم
[(اي محبوب)! جيتوڻيڪ تنهنجي غم کي هر وقت دامن ۾
لڪايان ٿو پر منهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪن جي ڪري
خواري پئي ٿئي. منهنجو پيلو منهن توکان جدائيءَ جي
طاقت نٿو رکي ۽ اهو منهنجو لڪل راز ٻاهر ٿو آڻي.]
ڇهون مرتبو خلّت آهي. ”والخلت
ماخوذ من التخلية اي تخلية المحبوب عما سواہ“
[خلّت لفظ تخليئه مان ورتل آهي يعني محبوب سان
تخليو ٻي هر شيءِ کان سواءِ.] انهيءَ جا پڻ پنج
درجا آهن: پهريون درجو هڪ ٻئي کان جدا يا علحده
ٿيڻ ۽ دوست کي ويجھو ٿيڻ آهي.
اي جوان مرد! محب جڏهن مجلس ۾ هوندو ته ضرور
اغيارن تي به نظر پوندس ۽ دشمن ماڻهن جو انديشو
لاحق ٿيندو. جيئن قرآن پاڪ جي هن آيت ۾ آهي:
وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَسُولٍ
وَلَا نَبِيٍّ إِلَّا إِذَا تَمَنَّى أَلْقَى
الشَّيْطَانُ فِي أُمْنِيَّتِهِ
(الحج:52) [اسان تو کان اڳ جيترا رسول ۽ نبي
موڪليا سڀني سان ائين ٿيو ته جڏهن انهن پڙهيو ته
شيطان انهن جي پڙهڻ ۾ پنهنجي طرفان ڪجھه ملايو.]
ٻيو درجو صداقت يا سچائي جو آهي ڪن ائين به چيو ته
”المحبة
صدق والصادق حبيب اللّٰه“
[محبت صدق آهي ۽ صادق حبيب الله يعني الله تبارڪ و
تعاليٰ جو دوست آهي.] الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾
فرمايو:
وَالَّذِي جَاءَ بِالصِّدْقِ وَصَدَّقَ بِهِ
(الزمرة: 33) [۽ اُهي جيڪي سچ کڻي آيا ۽ ٻيا اُهي
جن انهيءَ جي تصديق ڪئي.] سي سچائي ۽ چڱائيءَ سان
گڏ هئا.
ٽيون درجو اشتهار يعني مشهوريءَ جو آهي. اي جوان
مرد! محبت هن مقام تي ٻاهر نڪري اچي ٿي. ڪڏهن ڪيف
کي ترڪ ڪري ٿي ۽ شهرت ۽ گمناميءَ ۾ فرق نٿي ڪري يا
نٿي ڄاڻي [93] اِهو پڻ آهي ته محبوب پنهنجي
محبوب جي حال کي پاڻ ظاهر ڪري ۽ ان کي شُهرت
ڏياري. ڪن عارفن سڳورن پنهنجي دعا ۾ چيو آهي: ”اللّٰهمّ
استرني فاجيب
يا فلان الحق لايستر شيئاً“
[اي الله منهنجو پردو رک! جواب آيو: اي شخص! حق کي
ڪير لڪائي نٿو سگھي.]
هن مقام ۾ تمام گهڻيون آفتون آهن. درجو چوٿون شڪوه
شڪايت جو آهي. حضرت يعقوب عليه السلام جن فرمايو
ته:
إِنَّمَا
أَشْكُو بَثِّي وَحُزْنِي
(يوسف:86) [آئون پنهنجي پريشاني ۽ غم جو فرياد رڳو
الله تبارڪ و تعاليٰ سان ئي ڪندس.] اسان جي رسول
الله ﷺ فرمايو آهي: ”اللّٰهم
لک الحمد و اليک المشتکي دريغا المحب کيف يشکوا من
حبيبهٖ ولـٰکن يشکوا بطريق الذل والمسکنة منه اليه
اليٰ غيرهٖ“
[اي الله! تنهنجي لاءِ ساراھ آهي ۽ تو سان ئي
پنهنجي شڪايت بيان ڪيان ٿو. افسوس! محبّ ڪهڙيءَ
طرح پنهنجي حبيب کان شڪايت ڪري سگھي ٿو تاهم اهو
شڪوه غم يا پريشاني ۽ مسڪينيءَ واري طريقي سان صرف
اُن سان ڪري ۽ نه ڪنهن غير سان!]
از دست تو قصّه هم بدست تو دهم.
[(اي محبوب!) آئون پنهنجو سمورو معاملو تنهنجي ئي
هٿ ۾ ڏيان ٿو.]
قرآن پاڪ ۾ آهي:
رَبَّهُ أَنِّي مَسَّنِيَ الضُّرُّ وَأَنْتَ
أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
(الانبيآء:83) [اي منهنجا رَبَّ! مون کي تڪليف
پهتي آهي ۽ تون سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين.]
درجو پنجون حُزن يا غم آهي. ”ان
الله يحب قلباً حزيناً لاجله وقال جل ذکره انا عند
المنکسرة قلوبهم لاجلي“
[بيشڪ الله تبارڪ وتعاليٰ غمگين قلب (دل) سان محبت
ڪري ٿو. الله جلّ جلالہٗ جو فرمان آهي: آئون انهن
وٽ آهيان جن جون دليون منهنجي ڪري ٽٽل آهن.]
جز عشق تو عيشها فراموشم باد
حزن تو بجائي جان در آغوشم باد
[شال، تنهنجي عشق کان سواءِ حياتي وسريل هجي. شال!
تنهنجو ئي غم منهنجي جھوليءَ ۾ هجي.]
مرتبو ستون محبت جو آهي. هيءَ منزل نهايت شريف
آهي:
يُحِبُّهُمْ وَيُحِبُّونَهُ
(المائدة:54)
[هو انهن سان محبت ڪري ٿو ۽ اُهي به هُن سان محبت
ڪن ٿا.] انهيءَ جا پڻ پنج درجا آهن: پهريون درجو
حسن واخلاق نويڪلائي توڙي مجلس ۾ ۽ هر مشڪل حالت
۾. اي منهنجا عزيز! هتي جا سڀ اقوال ۽ افعال،
چرپُر ۽ آرام جي حالت سڀئي ڳالهيون وڻندڙ ۽ ڀليون
آهن. هتي ان جي نظر سواءِ دوست جي ڪجھ به نه ٿي
ڏسي ۽ ان جي دل سواءِ محبوب جي ٻيو ڪجھه نٿي ڄاڻي.
ٻي هر شيءِ کان ڪٽيل آهي ۽ هر ڪنهن کان جدا آهي.
بس، ان هوندي جڏهن هو ماڻهن ۾ ويهي ٿو ته سندس
سامهون مخلوق جا سهڻا اوصاف ۽ اخلاق نظر ۾ رکي. ”وذالک
من احسن اخلاق و اشرف الاوصاف“
[اهي ئي ان جي سٺن اخلاقن ۽ بهترين وصفن مان آهن.]
درجو ٻيو ملامت جو آهي جتي اظهارِ شڪر به آهي ته
جُرئت به آهي”کَمَا
اُخبِرَ عَنهُم“
[جھڙيءَ طرح انهن کان خبر ڏني وئي آهي.] هن مقام ۾
محب مدهوش هوندو آهي ۽ هو محبت جي ٽمٽار جام سبب
بيهوش هوندو آهي. پوءِ اُهو نه خواريءَ کان ڊڄي ٿو
۽ نه ئي ان جو ڪو ڊپ هجيس ٿو. هُو ديوانن [94]
وانگر ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ مستانن وانگر ميخاني
۾ پير رکي چوي ٿو:
عشق تو باز مرا خراباتي کرد
ورنه من بيچاره بسامان بودم
[مون کي تنهنجي عشق ئي برباد ڪيو آهي، ورنه آئون
ته جھڙي تهڙي حال ۾ خوش هُئس.]
هن مقام تي نوازشون تمام گهڻيون آهن ته گذارشون به
بي شمار آهن. ڪڏهن ”لولاک
لما اظهرت الربوبية“
[اي محبوب! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته آئون پنهنجي
ربوبّيت جو اظهار ئي نه ڪيان ها.] ۽ ڪڏهن وري
وَلَئِنْ شِئْنَا لَنَذْهَبَنَّ بِالَّذِي
أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ
(بني اسرائيل:86) [جيڪڏهن اسين چاهيون ته جيڪا به
اوهان ڏي اسان وحي ڪيو آهي اُن کي واپس کڻي وٺون.]
۽ ڪڏهن وري هن طرح جو فرمان آهي:
وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِي
(طٰہٰ:41) [۽ مون توکي پنهنجي خاص ڪم لاءِ چونڊيو
آهي.] ڪڏهن وري فرمائين:
لَنْ تَرَانِي
(الاعراف:143) [تون مون کي هرگز نه ڏسي سگهندين.]
۽ ڪڏهن ان جو مثال وري هي آهي:
إِنِّي جَاعِلٌ فِي الْأَرْضِ خَلِيفَةً
(البقرة:30) [آئون زمين ۾ هڪ خليفو (نائب) بڻائڻ
وارو آهيان.] ٻيو فرمان وري هي آهي:
وَعَصَى آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَى
(طٰہٰ:121) [۽ آدم عليه السّلام پنهنجي ربّ جي
نافرماني ڪئي، ان ڪري واٽ کان هٽي ويو.] ڪڏهن هن
کي وڏي درجي تي پهچائي ته ڪڏهن کيس استدراج ۾
وجهن، پر جيڪڏهن ان حديث: ”اشد
البلاءُ عليٰ الانبيآءِ ثم عليٰ اولياءِ ثم الامثل
فالامثل“
[سڀ کان وڌيڪ سختيون نبين تي آهن ان کان پوءِ ولين
تي ۽ پوءِ انهن جھڙن ٻين تي آهن.] تي غور ڪيو ته
معلوم ٿيندو ته اهڙا ڪيئي مثال آهن. جڏهن چيو ويو
”لولاک
لما خلقت الافلاک“
[اي محبوب! تنهنجي ڪري هي آسمان خلقيا ويا آهن.]
هن راھ ۾ ڪي به ڪنڊا نه پوکيا اٿن ۽ نه اسان جي
راھه ۾ ڪي مصيبتون آهن. جيئن حضرت ابراهيم عليه
السّلام کي آڙاھ ۾ اڇلايو ويو. اها محبت به نه هئي
جو زڪريا کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. هائو، اسان جي
سر مٿان اها بلا ۽ مصيبت آهي جو اسان کي آسمان ۽
زمين وارن تي مقدم ڪري ڇڏيائين. آدم عليه السّلام
جي اولاد جي معصيت (گناھ) کي اسان لاءِ شفاعت جي
دامن سان وابسته ڪيائون. اسان جيڪي بي راھ هئاسين
راھه تي وڌائون. اسان کي گنهگارن جي معافي لاءِ
چيائين. اسان کي ڪاملن جي ڪمن لاءِ حڪم ڪيائين.
ڪڏهن اسان کي:
قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى
(النجم:9) [ٻنهي جي وچ ۾ ٻن ڪمانن جو فاصلو يا ان
کان به گهٽ وٿي وڃي بچي.] جي مسند جو لائق
بنايائين، ته ڪڏهن ابوجھل جي آستاني تي موڪلڻ جھڙو
ڪري ڇڏيائين. ڪڏهن اسان کي ”شاهد“ ۽ ”مُبشر“ جي
لقب سان نوازيائين ته ڪڏهن وري ”جادوگر“ ڪڏهن
”مجنون“ چورايائين. ڪڏهن جبرائيل کي رڪيب ۾ پير
رکرائڻ لاءِ موڪليو ويو، ڪڏهن سواءِ عهد نامي جي
مڪي ۾ اچڻ ڪو نه ٿا ڏين. ڪڏهن وري خزائنِ ملڪوت جي
حجري جي دروازي تي آڻين ٿا.[95] ڪڏهن قدر
خاطر ابوشحمه جي دروازي تي موڪلين ٿا. ڪڏهن
بادشاهن جي غلامن کان چاڪري ڪرائين ٿا، ڪڏهن ڏندن
کي پٿر ۾ هڻڻ لاءِ چون ٿا. جيئن جھان ڏسي ته اسان
جي واٽ ڏاڍي مصيبت واري آهي. جيڪڏهن ان جو راز
ڄاڻين ته ان بار کي کڻ! جيڪڏهن نه ته پاڻ کي
انهيءَ راھ ڏي وٺي نه وڃ. ڇو ته اِها راھه لنگهي
وڃڻ ڏاڍي ڏکي آهي. الله تعاليٰ جو قول آهي:
فَأَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظَّى
(اليّل:14) [پوءِ آئون توکي اُنهيءَ ڀڙڪندڙ باھ
کان ڊيڄاريان ٿو.] محشر جي اِها معنيٰ آهي. پر
جيڪڏهن محب ڪامل آهي ته ڪنهن به صورت ۾ دوست کان
نظر نه ڦيريندو ۽ سڀني صورتن ۾ مريد محبوب جي مراد
هوندو آهي.
اگر مراد تو اي دوست نامرادي ما ست
مراد خويش ازين بيش نخواهم خواست
[اي دوست! جيڪڏهن تنهنجي مراد اسان جي نامرادي آهي
ته آئون پنهنجي مراد ڪو نه ٿو گهران منهنجي لاءِ
اها ڪافي آهي.]
درجو ٽيون غائب جو مشاهدو آهي. هن مقام ۾ محب
مڪاشفي جو مالڪ ٿئي ٿو ۽ محبوب پنهنجا ڪجھه احوال
۽ اوصاف مٿس ظاهر ڪري ٿو. جنهنڪري هن جي دل محبت
جي نور سان منوّر ٿي پوي ٿي ۽ هن جو سر لوح محفوظ
۾ پناھ وٺي ٿو.
اي جوان مرد (طالب)! هن مقام ۾ پڻ مڪر ۽ فريب گهڻا
آهن. ڪيترائي سر هن منزل ۾ خاڪ ٿيا ۽ جانيون هلاڪ
ٿي ويون، پوءِ اِهو آواز:
وَمَا تَدْرِي نَفْسٌ بِأَيِّ أَرْضٍ تَمُوتُ
(لقمان:34) [ڪو به نفس نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي زمين تي
سندس موت ٿيندو؟] يعني ڪٿي هن جو سر لاٿو ويندو ۽
ڪهڙي جاءِ تي وڃي پوري ايندس. پر جيڪڏهن محبوب جي
عنايت ۽ دستگيري شامل ٿئي ته اک غير کان پرهيز ڪري
ٿي. جيئن:
مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغَى
(النجم:17) [اک نه ڪنهن طرف ٿڙي ۽ نه حد کان ٻاهر
وئي.] ۽ اُن وقت:
قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى
(النجم:9) [ٻنهي جي وچ ۾ ٻن ڪمانن جو فاصلو يا ان
کان به گهٽ وٿي وڃي رهي.] جو نقاب هٽي ٿو ۽
معاملو:
أَلَمْ تَرَ إِلَى رَبِّكَ
(الفرقان:46) [ڇا تو پنهنجي رب کي نه ڏٺو آهي.]
تائين پهچي ٿو.
چو از جمله بريدي من ترا ام
[جڏهن سڀ کان ڪٽي
ڇڏيئي
ته آئون تنهنجو آهيان.]
وَإِذِ اعْتَزَلْتُمُوهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ
إِلَّا اللَّهَ فَأْوُوا إِلَى الْكَهْفِ
(الکهف:16) [۽ جڏهن اوهين انهن ماڻهن کان ۽ الله
کان سواءِ ٻين معبودن کان پاسيرا ٿي ويا آهيو ته
پوءِ اوهين سڀني کان الڳ ٿي وڃو! ۽ غار ۾ هلي پناھ
وٺو.] ”ڪَهفُ الوِصَالِ“ يعني وصال جي پناه گاھه.
چوٿون درجو روبرو جي ملاقات آهي. افسوس جو خون وهڻ
يا ڦاسيءَ تي چڙهڻ جي باوجود محبوب جو
وصال ۽ روبرو ملاقات جو
شوق ۽ اشتياق زياده ٿئي ٿو. اتي ويچاري عاشق کي
قبول جو فڪر نٿو رهي. [96] جيڪڏهن ستر ڀيرا
به سندس جان تي: لَن تَرَانِيِ [تون مون کي ڏسي ڪو
نه سگهندين.] جي ضرب لڳائي وڃي تڏهن به هُو:
رَبِّ أَرِنِي أَنْظُرْ إِلَيْكَ
(الاعراف:143) [اي منهنجا رب! مون کي پاڻ ڏيکار ته
آئون تنهنجو ديدار ڪريان.] واري ندا نه ڪري ها.
اگر به تير ز نندم وگر به تيغ کيشدم
بهيچ ضرب وسياست ز تو ندارم
[توڻي جو تون تير سان مارين يا تلوار هڻي ڪڍين پر
اي محبوب! تنهنجي انهيءَ ڌڪ بابت ڪا شڪايت نٿو
رکان.]
پنجون درجو ڳولا ۽ جستجو آهي. هن مقام ۾ اُنس
(پيار) جي طلب هوندي آهي ۽ ديدار جي گذارش ۽ لقاءَ
جي عرضداشت هوندي آهي. ”علامة
الموانسة بالحبيب التوحش من غيرهٖ“
[حبيب جي محبت جي نيشاني ٻين کان پري ڀڄڻ آهي.]
اٺون مرتبو عشق جو آهي: ”والعشق
عبارة عن افراط المحبت وشِّدتها“
[عشق گهڻي محبت ڪرڻ جو نالو آهي ۽ انهيءَ جي تمام
گهڻي شدت کي چئبو آهي.]
کتاب حسن تو روز قضا ميخواند در گوشم
شدم از خويش بيگانه ز عقلم ماند و نه هوشم
[اي محبوب! تنهنجي حسن جو ڪتاب قضا جو باب منهنجي
ڪن ۾ پيو ٻڌائي. آئون ان ڪري پنهنجو پاڻ کان
بيگانو ٿي ويو آهيان، نه منهنجو عقل رهيو آهي ۽ نه
ئي هوش اٿم.]
عشق جي اهڙي باھ آهي. جيڪو جان جي سموري ڍڳ کي
ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿي ۽
اها
اهڙي هوا آهي جيڪا هستيءَ جي ٻوٽي کي پاڙئون ڪڍي
ڇڏي ٿي.
عشق آمدو خانه کرد خالي
برداشته تيغ لا اُبالي
[عشق آيو ۽ گهر برباد ڪري ڇڏيائين، اهو عشق
بيپرواھه تلوار کنيو بيٺو آهي]
ايمان عشق کان سواءِ ڪامل ومڪمل نٿو ٿئي
وَالَّذِينَ آمَنُوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ
(البقرة:165) ”والمحبة
اذا اشدت و قوي سميت عشقا“
[۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو، الله تبارڪ وتعاليٰ
سان محبت ۾ ڏاڍا پڪا آهن.] محبت اُها آهي جڏهن
اُها مضبوطيءَ ۽ شدت سان ڪئي وڃي تڏهن انهيءَ کي
”عشق“ جو نالو ڏنو ويو آهي.] ليڪن اِهو عشق
”آمدني“ (پاڻ ايندڙ) آهي، ”آوردني“ (پاڻ آڻي نه
سگهبو) آهي. جيئن مولانا شاھه عبداللطيف ڀٽائي
رحمة الله عليه پنهنجي هڪ سنڌي بيت ۾ فرمايو آهي:
مَس محبت نه ٿئي، پرت نه پوکي جاءِ،
بيع ڪيو بازار ۾، وکر ڪين وڪاءِ،
هيءَ عنايت آھ، ڪن سهاڳين سامهين.
ابجد عشقش تو چون داني که چيست
عشق چون قرآن، ستم آموز نيست
[تون ڇا ڄاڻين ته عشق جي ابجد ڇا آهي؟ عشق قرآن
مثل پاڪ آهي، اهو ظلم نٿو سيکاري.]
هن جا پڻ پنج درجا آهن: پهريون درجو دل جو گم ٿيڻ
آهي. جيئن هڪ مقولي ۾ اچي ٿو: ”ومن
ليس مقصود القلب ليس بعاشقِ“
[جنهن کي به دل جو مقصد نه آهي اهو عاشق نه آهي.]
ز دلم نشان چه خواهي که ز دل خبر ندارم
تو بگو که دل چه باشد من از و اثر ندارم
[منهنجي دل بابت ڪهڙي خبر پڇين ٿو؟ جو دل جي ڪا
خبر ڪو نه اٿم. تون کڻي ٻڌاءِ ته دل ڇا آهي؟ آئون
انهيءَ جو ڪو به اثر نٿو وٺان.]
ڇاڪاڻ ته جيڪو دل رکي يا دل جي خبر رکي ٿو اهو عشق
کان بي خبر آهي.
که گفت من خبري دارم از حقيقتِ عشق
دروغ گفت گر از خويشتن خبر دارد [97]
[جنهن چيو ته آئون عشق جي حقيقت جي خبر رکان ٿو.
پڪ، اُنهيءَ ڪوڙ چيو آهي جيڪڏهن هُو پاڻ بابت اها
خبر رکي ٿو.]
”سئل
ذوالنون من العاشق الصادق اذا رأيت رجلاً مضطر
[مصفر] الوجه مفقود
[مقصود] القلب مغلوب العقل شديد البکاءِ وطالب
الموت وللفناءِ مع ذالک يراعي [مراعي] الادب
وبتنفقِ الاوقات فهو عاشق صادق“
[حضرت ذوالنون رحه کان جڏهن سچي عاشق بابت پڇيو
ويو ته سچو عاشق ڪيئن هوندو آهي؟ پاڻ ان جي جواب ۾
فرمايائون ته هڪ سچي عاشق جون نشانيون هي آهن جو
جڏهن تون اهڙي شخص کي ڏسين جيڪو چهري ۾ پريشان
لڳي، ان جي دل گم ٿيل هجي، عقل کسيل هجيس، تمام
گهڻو روئندو هجي، موت ۽ فنا جو طلبگار هجي ۽ ان
سان گڏ ادب جو لحاظ رکي وقت کي خرچ ڪندڙ هجي، پوءِ
اُهو ئي سچو عاشق آهي.]
ٻيو درجو افسوس جو آهي. عاشق جي دل هن مقام ۾ بنا
معشوق جي هردم افسوس ۾ هوندي آهي ۽ هرگهڙيءَ
پنهنجي عمر تي ۽ پنهنجو پاڻ تي افسوس ڪندڙ هوندي
آهي.
يَا أَسَفَى عَلَى يُوسُفَ وَابْيَضَّتْ عَيْنَاهُ
مِنَ الْحُزْنِ فَهُوَ كَظِيمٌ
(يوسف:84) [هاءِ افسوس يوسف (عليه السّلام)! جي
جدائيءَ تي هن (يعقوب عليہ السّلام) جون اکيون غم
۾ سفيد ٿي ويون ۽ هُو اندر ئي اندر ڏک ۾ پيو
جھرندو رهيو.]
هر لحظهءِ که بي تو مرا ميرود ز عمر
والله ازان حيات مرا مرگ خوشتر است
[اي محبوب! هر لمحو جيڪو توکان سواءِ منهنجي عمر
جو گذري ٿو. الله جو قسم! انهيءَ حياتيءَ کان مون
کي موت بهتر آهي.]
ٽيون درجو وَجد ۽ حال آهي. عجب اهو آهي جو ان باري
۾ نه زبان کولي ٿو ۽ نه ڪا ڄاڻ ڏئي ٿو. اي منهنجا
عزيز! صاحبِ وَجد کي سڄي دنيا مُنڊيءَ جي ٽِڪ
وانگر تنگ معلوم ٿئي ٿي، بلڪ عالمِ ملڪوتيءَ جي
وسعت به هن لاءِ گهٽ هوندي آهي. هو ڪٿي به هرگز
آرام نٿو ڪري ۽ نه ڪنهن مقام تي قرار ڪري ٿو.
چوٿون درجو بي صبري جو آهي. هن مقام تي عاشق ڪا
طاقت نٿو رکي هن جي جان کاميل ۽ سڙيل هوندي آهي.
شوق جي باھه هر وقت جوش پئي کائيندي آهي ۽ ڏينهن
رات انهيءَ هُل ۾ مگن رهندو آهي.
رُباعي
تا بود مرا طاقت بودم بشکيبائي
چون کار بجان آمد اکنون من و رسوائي
سر پنجه صبرم پيچيد و برون شد دل
اي صبر همين بودت بازوئي توانائي
[جيستائين منهنجو وس هو ته آئون صبر ۽ آرام سان
هُئس، جڏهن ڳالھ وڃي جان ڏيڻ تي پهتي ته اُن وقت
منهنجي رسوائي ٿي. منهنجي صبر جو پيمانو دل کان
ٻاهر ڇلڪي ويو. اي صبر! ڪاش توسان مون کي ٻانهُن ۾
ٻل (طاقت) ملي وڃي ها.]
”العشق
والصبر ضدان لايجتمعان“
[عشق ۽ صبر ٻئي هڪ ٻئي جا ضد آهن ۽ اهي ٻئي پاڻ ۾
گڏ ڪو نه ٿا ٿي سگهن. افسوس تون ان راز ”کلّميني
يا حُميرَاءَ“
(يعني اي حميرا! مون سان ڪلام ڪر.) ان ۾ ڪهڙي خبر
آهي؟
دلي که عاشقِ صابر بود مگر سنگ است
زعشق تا صبوري هزار فرسنگ است
[عاشق صابر جي دل واقعي پٿر آهي، عشق کان پوءِ صبر
تائين پهچڻ لاءِ هزار ميل آهن.]
پنجون درجو نگهباني آهي. هن مقام ۾ عاشق ديوانو
هوندو آهي. انهيءَ جون اکيون روئندڙ، دل سڙندڙ، هر
گهٽيءَ ۾ رلندڙ ۽ هر صحرا ۾ (محبوب جي) خوشبوءِ
ڳوليندڙ، حيران پريشان ٿئي ٿو. محبوب جي خبر ملندس
پر ڪجھ نه ڄاڻندو ۽ سواءِ معشوق جي نالي جي زبان
تي ٻئي ڪنهن جو نالو نه آڻي. انهيءَ ديوانگيءَ جي
حالت ۾ پٿرن ۽ وڻن ٻوٽن سان به محبوب جي ڳالھه ڪري
ٿو. صبح جي هوا کي محبوب جو پيغام ڏئي ٿو. [98]
اي منهنجا عزيز! اسان جي پيغمبر ﷺ جن کان ٻڌو جو
پاڻ فرمائين ٿا ته: ”کل
امر يبعث عليٰ ما مات، اي محبهٖ ما مات والله
فرداً“
[هر حڪم انهيءَ حساب سان موڪليو وڃي ٿو جنهن تي ڪو
مري ٿو يعني جيڪو پنهنجي محب لاءِ مري ٿو. الله جو
قسم! هو واقعي
منفرد آهي.] عاشق محبوب جي خوشبوءِ کان سواءِ زنده
ڪونه ٿو رهي سگهي. معشوق جي نالي ٻڌڻ سان هو قبر
مان مٿو کڻي ٻاهر اچي هيئن چوي ٿو ”از
بهرِ تو ميرم وَبرا ئي تو زِيم.“
[اي محبوب! آئون تنهنجي لاءِ مُئس ۽ تنهنجي لاءِ
ئي زنده رهيس.]
بوئي محبوب چو بر خاکِ اَحِبَّا گذرد
نه عجبِ ما باشد گر زنده کند عَظم رَمِيم
[جڏهن محبوب جي خوشبوءِ محبت ڪندڙن جي قبر تان
گذري ٿي ته اسان کي عجب ڪونهي ته مئل هڏيون به
زنده ٿي وڃن.]
ڇهون مرتبو غلامي آهي. هن مقام ۾ عاشق عاجزي ۽
بندگيءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ وجھي ٿو ۽ پنهنجي هيڻائي ۽
لاچاريءَ ڏيکاريندو آهي. انهيءَ جا به پنج درجا
آهن: پهريون درجو تفرد يعني اڪيلائي آهي. هن منزل
۾ دوست کي هر حال ۾ غير دوست کان الڳ سمجھي ٿو.
هتي کيس اتحاد حاصل ٿئي ٿو.
در خويش گمم که من چه نامم
معشوقم و عاشقم کدامم
[آئون پنهنجو پاڻ ۾ گم آهيان ته منهنجو نالو ڇا
آهي؟ مان معشوق آهيان، عاشق آهيان، ڪير آهيان؟]
هتي عاشق پنهنجو پاڻ کان ئي فارغ آهي.
حديث من ورق باز کن که من نه منم
همه تو گشتم اينک حديث شد کوتاه
[منهنجي ڳالھه جو ورق وراءِ ڇو ته آئون ڪجھ نه
آهيان سڀ تون (آئون نه) ٿي ويو آهيان، اهو قصو
مختصر آهي.]
افسوس! ڪونه ٿو ڄاڻين ته، هيءُ مقام ڪهڙو آهي؟
ڇاڪاڻ جو هتي عاشق معشوق ۽ عشق هڪ ٿي وڃن ٿا.
”لِعُمَرِي“ (سڄي عمر جي لاءِ) هيءُ مقام اسان جي
پيغمبر عليه الصلواة والسلام جن جي مقامن مان آهي.
إِنَّ الَّذِينَ يُبَايِعُونَكَ إِنَّمَا
يُبَايِعُونَ اللَّهَ
(الفتح:10) [(اي محبوب!) اُهي ماڻهو جن تنهنجي
بيعت ڪئي، گويا انهن الله تبارڪ وتعاليٰ جي بيعت
ڪئي.] هتي غيرتِ معشوق جي تجلّي (هن آيت جي مصداق)
فرمائي ٿو:
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ وَيَبْقَى وَجْهُ
رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
(الرحمٰن:26) [زمين تي جيڪي ڪجھه آهي اهو سڀ فنا
ٿيندڙ آهي ۽ باقي تنهنجي رب پاڪ جي ذات رهندي،
جيڪا عظمت ۽ بزرگيءَ واري آهي.] تجلي فرمائي ٿو.
درجو ٻيو پوشيدگي يا پردو آهي. هيءُ مقام هميشه
پوشيدگي گھري ٿو ۽ هيءَ پوشيدگي ٻنهي طرفن کان
مطلوب هوندي آهي. هتي معشوق جي غيرت عاشق کي گهڻي
درڪار هوندي آهي. آقا مصطفيٰ ﷺ جن فرمائين ٿا:
أَلَمْ تَرَ إِلَى رَبِّكَ
(الفرقان:45) [ڇا تو پنهنجي رب کي نه ڏٺو آهي!]
[99] ۽ حديث پاڪ ۾ آهي: ”اَنَا
غَيُّورُ وَاللّٰهُ اَغَيرَ مِنّي“
[آئون غيرت مند آهيان ۽ الله تعاليٰ مون کان وڌيڪ
غيرت وارو آهي.] اي جوان مرد! قرآن ڪريم ۾ آقا
مصطفيٰ ﷺ جن سان مخاطب ٿيندي فرمايو ويو آهي ته:
أَلَمْ تَرَ إِلَى رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ الظِّلَّ
(الفرقان:45) [ڇا تو پنهنجي ربّ کي نه ڏٺو آهي (ته
هو) پاڇي کي ڪيئن ڊگهو ڪري ٿو؟] اِهو پردي لاءِ
آهي ۽ حقيقت مقصود به اِتي آهي جو ”اَلَم
تَرَ اليَٰ رَبِکَ“
۽ هتي وقف آهي، پوءِ فرمايائين:
”کيف مد الظل ليستر حاله عنِ الاغيار يعتقدون اهل
الظواهر ان الکلام جري لسبب الظل“
[ڪيئن پاڇي کي ڊگهو ڪري ٿو انهيءَ جي خبر اغيارن
کان لڪل آهي. اِهو عقيدو اهلِ ظاھر رکن ٿا ته ان
جي چرپر پاڇي جي سبب
آهي.]
دل پيش توام ديده بجائي دگر ستم
تا خلق نداند که ترا مي نگرستم
[اي محبوب! مان پنهنجي دل تنهنجي اڳيان رکان ٿو ۽
نگاھ کي ٻئي طرف رکان ٿو. جيئن خلق (دنيا) نه ڄاڻي
ته آئون توکي پيو ڏسان.]
هتي ڪم ان جاءِ تي پهچي ٿو جو ٻئي هڪ ٻئي سان غيرت
ڪن ٿا. هيءُ مقام عجيب آهي. حضرت پيغمبر عليه
الصواة والسّلام جن ان ”حقيقت الحقائق“ جي خبر ۽
رمز طرف اشارو فرمايو آهي ۽ هيءُ هيٺيون بيت پڻ
انهيءَ مطلب لاءِ آيل آهي:
رازيست مرا با شب وسرِّيست عجب
شب داند و من دانم و من دانم و شب
[مون کي رات جي رمز ئي حاصل ٿي آهي ۽ اُهو راز
ڏاڍو عجيب آهي. اُهو راز رڳو رات ئي ڄاڻي ٿي ۽ ٻيو
فقط آءٌ ئي ڄاڻان ٿو.]
الَـٰم، ص ۽ ٻيا حُروفِ مقطعات به اِها ئي معنيٰ
رکن ٿا.
فَأَوْحَى إِلَى عَبْدِهِ مَا أَوْحَى
(النجم:10) [پوءِ وحي فرمايائين پنهنجي ٻانهي
ڏانهن جيڪي ڪجھه ڏانهس وحي ڪرڻو هو.]
درجو ٽيون بَذلِ روح: يعني ساھ قربان ڪرڻ. هن جي
روح سان مشغولي انهيءَ منزل جو ڪهڙو اعتبار؟
قطعه:
از من گمان مَبُرکه دل از دوست برکنم
تا جان درين تن است دم از عشق مي زنم
گر شنوي که قافله مرد در غمت
اوّل کسي که جان دهد از بهر تو منم
[مون ۾ اهو گمان نه ڪر ته دوست تان دل کڻي ويو
آهيان. جيستائين منهنجي جسم ۾ جان آهي، انهيءَ جي
ئي عشق جو دم ڀريندس. جيڪڏهن تون ٻڌين ته سمورو
قافلو تنهنجي غم ۾ ختم ٿي ويو ته انهن مان سڀ کان
پهريائين آئون ئي تو تان جان فدا ڪندس.]
پنجون درجو ڊپ ۽ اُميد جو آهي. هن مقام ۾ خوف جي
ڪري ڏڪڻي وٺي ٿي، البت وصال جي اُميد جي ڪري خوشي.
ڏهون مرتبو وَلَهَ يعني سر ڦرائي آهي. هن مقام ۾
تمام وڏيون مصيبتون ۽ وڏا خطرا آهن. هتي: ”في
البعد تعذيب و في القرب حيرت“
[دوريءَ ۾ عذاب ۽ قربت ۾ حيرت آهي.]
گر بينمت جان مي رود ور ننگرم خود چون زيم
حيرانم اندر کارِ خود کت جان دهم تا ننگرم
[اي محبوب! جيڪڏهن توکي ڏسان ٿو ته جان ٿي وڃي ۽
جيڪڏهن نٿو ڏسان ته پاڻ کان ٿو وڃان. آئون حيران
آهيان ته پنهنجي انهيءَ ڪم ۾ جان ڏيان يا محبوب کي
ڏسان.]
اي طالب جوان مرد! معشوق نهايت عزت ۽ جلال ۾ هوندو
آهي ۽ عاشق لاءِ ذلت، رنج ۽ حيرت کانسواءِ ٻيو
ڪجھه نه آهي. [100]
حيرت اندر حيرتست والـهي در والـهي
اندرين ره صد هزاران عقل عاقل مبتلا است
[حيرت اندر حيرت آهي ۽ سر ڦرائي ۾ سر ڦيرائي آهي،
انهيءَ واٽ ۾ لکين عاقل ورتل آهن.]
هن مرتبي جا پڻ پنج درجا آهن: پهريون درجو سوال
آهي. محبوب جي حضور ۾ عاجزي ۽ انڪساريءَ واري زبان
سان سوال ڪرڻ آهي. اي عزيز! تون نٿو ڄاڻين ته
معشوق کان غير معشوق جو سوال ڪيئن هوندو آهي.
افسوس جو هن کان ٻيو ڪو نه ٿو گهري تڏهن ته عاشق
سر ڦريل هوندو آهي. جيئن هيٺين بيت ۾ آهي:
مرا لبان تو بايد، شکر چه سود
بجائي ياد تو، ياد دگر چه سود
[مون کي تنهنجا چپ ملي پون ته کنڊ ڇا ڪندي، تنهنجي
ياد جي بدلي ۾ ٻي ياد مان ڪهڙو فائدو!]
اهڙو عاشق ويچارو لاچار ٿي وري هن طرح صدا هڻي ٿو:
من چون زيم که روئي دگر خوش نميکند
اين چشم رو سيه که بروي تو خو گرفت
[آئون ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگھان جو ٻيو ڪو چھرو
ڪونه ٿو وڻي، هن منهنجي ڪاري منهن وارين اکين کي
صرف تو ڏانهن ڏسڻ جي عادت آهي.]
ٻيو درجو عشق جي نهر مان شراب پيئڻ آهي. هن مقام ۾
عاشقن جو مذهب ۽ مشرب الڳ الڳ آهي. بعض اوقات هن
شراب کي خاص پيالي ۾ پيئن ٿا ۽ وڏي اشتياق جي
پيالي ۾ پيئن ٿا. جيئن هڪ عربي شعر آهي. ”شربت
الحبِّ کأس بعد کأس فما نفدت الشّراب ومارؤيت“
[مون محبت جي شراب جو پيالي مٿان پيالو پيتو، نڪو
اهو شراب ختم ٿيو ۽ نڪو اهو نشو پورو ٿيو.]
اهڙيءَ طرح غوث الثقلين پنهنجي ’قصيده غوثيه‘ ۾
فرمايو:
سقاني الحب کاسات الوِصال
فقلت لخمرتي نحوي تعالي
سعت ومشت لنحوي في کؤس
فهمت بسکرتي بين الموالي
[عشق ۽ محبتَ مون کي وصل جا پيالا پياريا، پوءِ
مون پنهنجي شراب (محبت) کي چيو ته منهن جي طرف اچ.
تڏهن پيالن ۾ (ڀريل) اُهو شراب منهن جي طرف ڊوڙي
آيو ۽ آئون پنهنجي احبابن جي وچ ۾ نشي ۾ مست ٿي
ويس.]
ڪجھه وري غم وحُزن جي پيالي مان ڍءُ ڪندا آهن ۽ ڪي
وري افسوس جي پيالي مان ۽ ڪي وري خوف جي پيالي مان
ته ڪي وري اُميد جي پيالي مان پيئن ٿا. انهيءَ
طريقي سان هر هڪ وٽ ڏک ۽ آفت هوندي آهي. جيڪڏهن
هنن سڀني جي شرح ڪبي ته هڪ وڏو دفتر گهرجي.
ٽيون درجو سُڪر يعني ڳَهرَ يا نشو آهي. ڪن عارفن
چيو آهي: ”من
سکر لکاس المحبت لايصحو الا بمشآ هدة محبوبهٖ“
[اهو نشو جيڪو محبت جي پيالي مان ملي ٿو اهو محبوب
جي مشاهدي کان سواءِ صحيح ڪونه آهي.]
اي جوان مرد! ”المحبة سکرة في حيرة وحيرة في
سکرة والمحبِّ سکران ومن خمارِہٖ حيران ونف صئيدد
نحيف مسکين حزينِ باکي [101] العينِ مصفرة الخدينِ
مبهوت“ [محبت حيران ڪُن نشو آهي حيرت ۾ نشو
آهي ۽ ان جي خمار کان اڀرائي ۽ مسڪينيءَ واري حالت
۾ اکيون روئندڙ آهن، ڳل پيلا ۽ پريشان حالي جو
شڪار آهن.]
چوٿون درجو پريشاني ۽ بيخودي آهي. هڪ عزيز کي
ڏٺائون ته اڪيلائي ۾ ڪمري ۾ فرياد ڪري رهيو هو ته
”النّار النّار“ يعني باھ ڙي باھه! جڏهن پاڙيسري
ڊوڙي آيا ۽ باھه نه ڏٺائون ته پڇيائونس باھه ڪٿي
آهي؟ ”فبکاءُ
بکاءُ شديداً ووضع يديه عليٰ صدرِهٖ فقال
نَارُ اللَّهِ الْمُوقَدَةُ الَّتِي تَطَّلِعُ
عَلَى الافْئِدَةِ
(الهمزة:7-6) [پوءِ هو تمام رنو ۽ پنهنجا هٿ
پنهنجي سيني تي رکيائين. قرآن ڪريم جي هيءَ آيت
پڙهڻ لڳو: الله جي باھه ٻري رهي آهي، جيڪا دلين تي
چڙهي ويندي آهي.]
اي منهنجا عزيز! عاشق جي بيماري ڊگهي هوندي آهي،
هن مقام ۾ بيمار جي شفا سواءِ خليل (دوست) جي
ديدار جي نه ٿيندي. محبت جي خاصيت خود ائين آهي ته
محب کي هميشه عذاب ۽ پريشانيءَ ۾ رکيو وڃي ۽ کيس
مختلف انواع و اقسام جون آزمائشن ۾ وڌو وڃي ۽ هو
تڪليفن ۾ مبتلا رهي.
پنجون درجو تلف يعني ختم ٿي وڃڻ آهي. جيئن اچي ٿو
ته ڪن عارفن کان عشق جي منزلن بابت سوال ڪيو ويو
ته انهن فرمايو: ”اول
بذل والرضاءَ بالقتل فقش مابعده“
[سڀ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي خرچ ڪري ڇڏڻ آهي
پوءِ پنهنجي ڪسڻ کي قبول ڪرڻ آهي ۽ پوءِ ان تي
قياس ڪرڻ.] هتي عاشق فنا جي مرتبي تي پهچي ٿو ۽
فنا کان پڻ فاني ٿيندو ۽ هن فنا ۾ ابدي بقا ۽
سرمدي هميشه واري ڊگهي حياتي ملي ٿي.
لَا يَذُوقُونَ فِيهَا الْمَوْتَ إِلَّا
الْمَوْتَةَ الْأُولَى وَوَقَاهُمْ عَذَابَ
الْجَحِيمِ
(الدخان:56) [اُهي اتي (ابدي حياتيءَ ۾) موت جو
ذائقو ئي نه ٿا چکين، مگر پهريون موت جيڪو دنيا ۾
آين، ۽ انهن کي الله تعاليٰ جهنم جي عذاب کان
بچائيندو.]
رُباعي
تا مرد ز خود فاني مطلق نشود
اثبات ونفي او محقق نشود
از خويش برون آئي که تا او تو شوي
ورنه بگذاف آدمي حق نشود
[اڄوڪي ڏينهن جيستائين پاڻ کي فاني نه ڪندين ته
اثبات ۽ نفيءَ جي حقيقت تو تي کُلي نه سگهندي. تون
پاڻ خوديءَ کان ٻاهر اچ ته تون اُهو ٿي وڃين ورنه
صرف اجائي لٻاڙ سان انسان حق نٿو ٿي سگهي.]
عاشقيءَ ۽ عشق جي حڪايت ان کان اڳيان
آهي ان بابت ڪير ڪجھه نٿو چئي سگهي.
قلم بشکن سياهي ريز کاغذ سوز دم در کش
جميل اين قصه عشق است در دفتر نمي گجند
[قلم ڀڃي ڇڏ، مس هاري ڇڏ، ڪاغذ کي ساڙي ڇڏ. چُپ
ڪري ويھه! اِهو عشق جو سمورو قصو ڏاڍو حسين آهي،
جيڪو ڪنهن دفتر ۾ پورو اچي ڪونه سگهندو.]
ان ڪري سمجھه جيترو سمجھي سگهين. جڏهن ابتدائي
تمهيد ۽ ذڪر جي قسمن ۽ عشق جيڪو هن راھه جو
اصطرلاب (واٽ ڏيکاريندڙ) آهي بيان ٿي چڪو ته هاڻي
وري موٽ کاءُ ۽ اسبابِ حصول (حاصل ڪرڻ جا سبب) ۽
ان جي وصول ڪرڻ بابت مناسب آهي ٻُڌ! اُهي فائدا
شيخ نظام الدين اُولياءَ جي مڪتوبات ۾ ملن ٿا جيڪي
پنهنجي بعض دوستن ڏانهن لکيا اٿن جن تي اصحابِ
طريقت ۽ اربابِ حقيقت جو اتفاق آهي. اِهي مڪتوبات
جيڪو اهم مطلب ۽ عظيم مقصد انسان جي پيدائش جو
بيان ڪن ٿا. اها ربّ العالمين جي محبت آهي ۽ اُها
ٻن قسمن تي مشتمل آهي. [102] هڪ محبت ذات
يعني ذات باري تعاليٰ سان محبت ۽ ٻيو محبت صفات
يعني الله تعاليٰ جي صفات سان محبت. محبت ذات مولا
پاڪ سان نسبت رکي ٿي ۽ ان ڪري اُها خدا کان آهي.
محبت صفات اُها وري ڪسب يعني ڪمائي يا عمل جي ڪري
ٿئي ٿي. جيڪا ڪسب جي طريقي سان ڪنهن ڪم جي ڪري عطا
ٿئي. ٻانهي جي ڪسب ۽ عمل جو ان سان تعلق ڪونهي جو
ڪجھه عمل يا ڪم آهي. اُهو اڪتساب يعني ڪسب جي
طريقي ۾ آهي. اُها هميشه واري محبت دائمي ذڪر ۾
آهي پر هن ذڪر ۾ ”تخلية
القلب“
يعني قلب جي اڪيلائي ضروري آهي تاهم انهيءَ لاءِ
فراغت (واندڪائي) ۽ اڪيلائي شرط آهن. فراغت کي چار
مانع (روڪندڙ) آهن: هر مانع چيز شرط آهي. مثال طور
خلق، دنيا، نفس ۽ شيطان ۽ منع ڪرڻ جو طريقو خلق
کان پري ۽ جدا ٿيڻ ۽ دنيا کي دفع ڪرڻ جو طريقو
قناعت ڪرڻ ۽ نفس ۽ شيطان کي دفع ڪرڻ جو طريقو جنهن
لاءِ هر گهڙيءَ ۽ هر لمحي الله تعاليٰ کي التجا
ڪرڻ.
فائدو:
ڄاڻ ته جيڪو عالمِ مدرڪ (سمجھ جو جھان) آهي،
انهيءَ جي خبر جو ذريعو حواس آهن. جيئن الله تبارڪ
و تعاليٰ جو فرمان عاليشان آهي:
هُوَ الَّذِي أَنْشَأَكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ
السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ
(الملڪ:23) [اُهو الله تبارڪ و تعاليٰ ئي آهي جنهن
اوهان جي پرورش ڪئي، اوهان لاءِ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جا حواس
ڏنا ۽ اوهان کي دل ڏني.]
ٻيو جھان (عالم) اُهو آهي جنهن جي خبر ڏيندڙ عقل
آهي: ”والعقل
نور يقذفہ اللّٰه تعاليٰ في قلوب المؤمنِ فيتفرق
بين الحق والباطل والصواب والخطاءِ“
[عقل هڪ اهڙو نور آهي جنهن کي الله مؤمن جي قلبن ۾
داخل ڪري ٿو پوءِ اُهو نور حق ۽ باطل جي وچ ۾ صحيح
۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪري ٿو.] هڪ ٻيو جھان (عالم)
جنهن جي خبر ڏيندڙ عشق آهي:
وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهِ وَيُرْسِلُ
عَلَيْكُمْ حَفَظَةً
(الانعام:61) [۽ اُهو (الله تعاليٰ) پنهنجي ٻانهن
مٿان غالب آهي ۽ انهن جي مٿان حفاظت ڪندڙ (نگهبان)
مقرر ڪري موڪلي ٿو.]
چوٿون عالم يا جھان اُهو آهي جنهن جي خبر ڏيندڙ
علم آهي، جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
فَسْأَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِنْ كُنْتُمْ لَا
تَعْلَمُونَ
(النحل:43) [پوءِ اوهان اهل ذڪر (عالمن) کان پڇو،
جيڪڏهن اوهان نٿا ڄاڻو.]
اي منهنجا عزيز! مٿين طريقن کان سواءِ يعني حسن،
عقل، علم کان پوءِ جيڪو طريقو اچي ٿو ان کي عشق جي
نالي سان سڏين ٿا. انهن طريقن ۾ خبر نامعلوم رهندي
آهي. ”عَرَّفَ
مَن ذَاق“
يعني انهيءَ سڃاتو جنهن چکيو.
ذوقِ اين مي نه شناسي بخدا تا نه چشي
[هن مئي جي لذت تيستائين نه سڃاڻندين خدا جو قسم!
ان کي جيستائين نه چکين!]
”الاطال
شوق الابرار اليٰ لقائي وانا اليهم اشد شوقاً“
[نيڪن جو منهنجي ديدار بابت شوق گھڻو آهي ۽ آئون
وري انهن ڏانهن تمام گهڻو شوق رکان ٿو.]
اي جوان مرد! مُشتاق جي معنيٰ صورت آهي ۽ صورتِ
مشتاق معنيٰ آهي مولا جو مشتاق بندو آهي ۽ بندو
مشتاق موليٰ آهي. مثنوي:
بانگ مي آيد که اي طالب بيا
جودِ محتاج گدايان چون گدا
خود مي جويد گدايان ضعا
همچو خوبان کآئينه جونيد صاف [103]
[آواز پيو اچي ته اي طالب! هليا اچو محتاجن جي
گدائي سخا ڪندڙن کي پئي ڳولي. هو پاڻ چڱن گداگرن
جي تلاش ۾ آهي، بلڪ ائين جيئن حسين چهرا پاڻ آئينن
جي تلاش ۾ هوندا آهن.]
عاشق جي ذات صفت آهي ۽ عاشق جي صفت سڪون آهي ۽
عاشق جو سڪون آرام حرڪت آهي آثار افعالن کان ۽
افعال آثارن کان جدا ٿا ٿين. جيئن انڪسارِ ڪسر کان
۽ ڪسر انڪسار کان علحده نٿو ٿئي. افعال ۽ آثار
افعال، ذات ۽ صفات جا مظهر آهن. موليٰ پاڪ جي ذات
۽ صفات ڪمال سواءِ ذات موليٰ پاڪ تبارڪ و تعالي ۽
سڀ وڏائي توڙي صفاتي ڪمال يگانگت کي سمجھڻ مشڪل ۽
محال آهي. سواءِ انهيءَ جي ذات جي ٻيو ڪا به خبر
نٿو رکي. ان جي صفتن کان سواءِ ڪابه شيءِ ظاهر
ڪونهي. وحدت جي تقاضا صرف ذات آهي ۽ وري ڪثرت جي
تقاضا صفات ۾ آهي. جيئن هن رُباعيءَ ۾ وضاحت ڪيل
آهي:
رُباعي
اين جمله صفات که کردي اثبات
ميدان همه بي تصرّف ذات
او را بهمه صفات ميخوان
ليک صفتش همه يکي دان
[هي سڀئي صفتون جيڪي تون مڃيون آهن. ڄاڻ ته اِهي
سڀ ذات جي تصّرف لاءِ نه آهن هن کي سڀني صفتن سان
ڀلي سڏ پر انهيءَ جون اَهي سڀئي صفتون هڪ ڄاڻ!]
چون ٿا ته ڪمال عشق جو ڦل اُهو آهي ته جڏهن منع ۽
عطا، رد ۽ قبول، رحمت ۽ لعنت سڀئي برابر سمجھي. ”هٰذا
کمال العشق ليس و راءه کمال“
[اهو ئي عشق جو ڪمال آهي ان کان سواءِ عشق جو ٻيو
ڪمال نه آهي.] انهيءَ ۾ جيستائين ڪو فرق ڪري ٿو ته
اُهو ناقص آهي. ڪمال اهو آهي جو فرق نه ڪري اِهو
انهيءَ معنيٰ تي منحصر آهي جو بعض اڳين مشائخن
مريدن جي شروعاتي حالت کي عشق مجازيءَ برابر ليکيو
آهي جو: ”المجاز
قنطرة الحقيقت“
يعني مجاز عشق حقيقيءَ جي پُل آهي جي اهائي معنيٰ
ورتي اٿن ۽ جھڙيءَ طرح مولانا عبدالرحمٰن جامي قدس
سره جن پنهنجي هيٺين شعرن ۾ فرمايو آهي:
شنيدم شد مريدي پيش پير
که بودش در سلوکش دستگير
بگفتا پا نشد در عشقت اي جائي
برو عاشق شو آنگه پيش من آئي
ولي باشد که در صورت نه ماني
ازين پل زود خود را بگذراني
چو شايد رخت در منزل نها
نبايد برسر پل ايستادن
بلوح اوّل الف با تا نخواني
ز قرآن در خواندن کئي تواني
[مون ٻڌو ته هڪ مريد پير وٽ پيش ٿيو ته جيئن هُو
سلوڪ جو سبق حاصل ڪري سگهي. مرشد کيس چيو ته تون
عشق ۾ پير ئي ڪونه ٿو رکين. اي پاڙيسري! هاڻي وڃ ۽
عشق ڪري پوءِ مون وٽ اچ. پر تو کي گهرجي ته ظاهري
صورت ۾ ڦاسي نه پوين ۽ ان پل تان جلد گذر ڪر. توکي
گهرجي ته منزل جو سامان پاڻ سان گڏ رکين ۽ پوءِ
توکي پل تي بيهڻ نه گهرجي. سڀ کان پهريائين
جيستائين الف بي جي پٽي نٿو پڙهين، ته قرآن ڪريم
جو سبق ڪيئن پڙهي سگهندين؟!]
انهيءَ بابت ٻيا به ڪجھه شعر آهن، جيڪي هتي پيش
ڪجن ٿا:
سخن خوب ونکته سره گفت
عارفي کالمجاز قنطر گفت
گرچه آن بلا بود برائي گذر
بحقارت بسوئي آن مَنِگر
کِئي ز بحر تعلقاتِ جهان
که درو غرقه اند پير و جوان
جز به آن پل توان گذرکردن
پئي بعشق حقيقي آوردن [104]
[ان عارف ڏاڍو سٺو راز وارو نڪتو چيو آهي، جنهن
مجاز کي پُل وانگر چيو آهي. جيتوڻيڪ اُها مصيبت
گذرڻ لاءِ آهي، انهيءَ ڏانهن حقارت جي نگاھ سان نه
ڏس. اِهو سمنڊ جھان جي تعلقات جو آهي، انهيءَ ۾ هر
پوڙهو ۽ جوان غرق آهي. سواءِ اُنهيءَ پل تان گذرڻ
جي عشق حقيقيءَ جي ڪڍ لڳڻ ممڪن ناهي.]
اُنهن جي قلب (دل) جي اختيار جي واڳ مرشد ڪامل
اهڙي طرح پنهنجي هٿ رکن ٿا ته جيئن هو لغزش نه ڪن
۽ فحش ڪمن جي ويجھو نٿا وڃي سگهن.
عشق جي شروعاتي حالت ۾ سالڪن راھِ الاهي تي هلڻ
لاءِ ٽي طريقا سمجھاڻي خاطر مقرر ڪيا آهن. پهريون
اِهو ته هن طريقي عشق جي اڳواڻن هن شوق جو هن طرح
مقرر ڪيو آهي جو “اَلعشق نَار يحرق ماسوا” جي
مقولي مطابق عشق هڪ اِهڙي باھه آهي جو اهو ٻي هر
شيءِ ساڙي ڇڏي ٿو. هتي سڀئي خيالات سواءِ معشوق جي
دل کان محو ٿي وڃن ٿا. مگر جڏهن اُهو هڪڙو خيال
معشوق وارو وڃي رهي ٿو، تڏهن مرشد هن جو توجھه في
الفور مجاز کان ڪڍي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انهيءَ
جو مثال اِهو آهي ته جڏهن بادشاهن کي ٻن ٽن طرفن
کان فساد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته هڪ طرف
جيڏانهن طاقتور دشمن هجي ته پنهنجي لشڪر جو منهن
اُن طرف ڪندا آهن. ٻين طرفن ڏانهن وري ڳالهين ۽
صلح نامي جي ڪوشش ڪندو آهي. ڇا لاءِ جو سڀني طرفن
ڏانهن توجھه ڏيڻ ان کي مشڪل ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ
طرح بدن جي اندر انسان جي دل هڪ بادشاھ وانگر آهي.
اهڙن خيالن جو هجوم ۽ انبوھه جنهن ۾ حسد، حرص،
غضب، تڪبر، دنيا ۽ مال ومتاع جي حُبَّ ۽ اولاد جي
محبت وغيره ۽ انهيءَ مثل ٻيون خلل وجھندڙ ڳالهيون.
اهي سڀئي شيون پنهنجي انتها سان لاڳو آهن ۽ دل کي
الله جي ذڪر کان روڪين ٿيون. پر جڏهن عشق جو خيال
دل تي طاري ٿئي ٿو ته اُهو ٻئي هر خيال کي برطرف
ڪري ٿو. فقط هڪڙو عشق جو خيال باقي رهي ٿو. تڏهن
ان تي مرشد ڪامل جو توجھه فوراً اثر ڏيکاري ٿو ۽
دل کي الله جي عشق حقيقي جي دروازي تي پهچائي ڇڏي
ٿو.
ٻي سمجھاڻي هيءَ آهي ته عشق جي منزل دل جي حق ۾
پاڻيءَ وانگر آهي ۽ زمين جي حق ۾ خشڪيءَ وانگر.
جيئن پاڻي سُڪل زمين کي آلو ڪري ٿو ۽ تازگيءَ سبب
اِها زمين گلزار ٿي وڃي ٿي ۽ ٻج ڇٽڻ جي قابل ٿي
وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو بنا پاڻيءَ جي خشڪ زمين ٻج ڪونه
ڦٽائيندي ۽ ڪا به اوڀڙ نه اڀرندي. اهڙيءَ طرح عشق
جو مثال آهي. جڏهن اهو انسان جي دل ۾ داخل ٿئي ٿو
ته ان جي دل کي درد ۽ سوز جي ڪري روئڻ اچي ٿو ته
پوءِ هر قسم جو ڪن ڪچرو، خس وخاشاڪ ۽ برا خيالات
ٻُهارجي وڃن [105] ٿا ۽ صاف ٿي وڃن ٿا.
تڏهن دل ٻج جي قابل ٿي پوي ٿي يعني معمور ٿي وڃي
ٿي. ان وقت مرشد ڪامل جو توجھه جيڪو ٻج وانگر ٿئي
ٿو دل تي فيض رساني ڪري ٿو ته بنا فرصت جي اسم
ذاتيءَ جو ذڪر ان جي دل تي مؤثر ٿئي ٿو ۽ بنا دير
جي درد ۽ سوز سبب حقيقي منزل تي پهچي ٿو. جيئن چيو
اٿن:
عشق دان وصفِ خدائي بي نياز
عاشقي بر غير او باشد مجاز
[ڄاڻ ته عشق خدا بي نياز جي هڪ وصف آهي، ٻئي ڪنهن
سان عشق هڪ مجاز آهي.]
اي ڀاءَ! گُلَ پوکيندين ته گل ئي ملندءِ! جنهن به
گل پوکيو ته گل ئي ملندس. جيئن چيو ويو آهي: ”لن
يصل اليٰ الکلِّ الامن انقطع عن الکلِّ“
[ڪو به تيستائين ڪُل تائين پهچي نٿو سگهي،
جيستائين هو ڪُل کان منقطع نٿو ٿئي.]
نظم
اي دل بهوس برسر کاري نه رسي
تا غم نخوري بغمگساري نرسي
تا خاک ترا کوزه نسازند کُلالان
هرگز بلبِ لعل نگاري نرسي
تا نشانه صفت سر زني در تراره
هرگز بسر زُلف نگاري نرسي
[اي دل! صرف خواهش سان منزل مقصد کي نه پهچي
سگهندين، جيستائين غم نه کائيندين، تيستائين غم
گسار به نه ملندءِ. ائين مٽيءَ مان جڙندڙ پيالي
وانگر ڪنڀارن وٽ مار نه کائيندين ته محبوب جي لبن
تائين ڪونه پهچندين. سرنهن جي داڻن وانگر پيڙجي
تيل نه ٿيندين، تيستائين محبوب جي وارن تائين پهچي
نه سگهندين.]
ٽئين سمجھاڻي: مثلاً هڪ ڪچي سر هجي،
جيڪڏهن تون گهرين ته ان کي پاڻيءَ سان نرم ڪرين ته
ظاهر آهي پاڻيءَ ۾ پُسائي ڪنهن ٿانوَ ۾ رکندين ۽
جيڪڏهن ان کي هڪ دفعو رکڻ بعد ان جي مٿان پاڻي پيو
هارين ته جلد ئي ڳري ويندي. بس، انسان جي دل به
انهيءَ ڪچيءَ سر وانگيان آهي. معرفت جي حصول کان
اڳ ڪچيءَ سر وانگر آهي. زهد، عبادت ۽ تقويٰ وغيره
کي پنهنجو شيوو ۽ طريقو بناءِ. اهي معرفت لاءِ
درياءَ جي پاڻي جيئان آهن. روزانو پاڻي ڏيندين ۽
چند ڏينهن عمل ڪندين پر پوءِ به الله تعاليٰ جي
عنايت کان سواءِ مشڪل آهي ته دل جون ڪچايون درويشن
۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت گهربل آهي پر
جيڪڏهن محبت ۽ اشتياق دل کي وڪوڙي ويا ته يقين ڄاڻ
ته دل جي ڪچي سِرَ کي جلد ئي پاڻيءَ جي ڀريل پيالي
۾ ڏسندين ٿوري مُدت اندر اها شوق جي درياءَ ۾ غرق
ٿيل هوندي ۽ اُها نرم ٿي پوندي. اهڙيءَ طرح اها
عشق ۽ معشوق ۽ عاشقيءَ کي انسان جي دل ۾ وديعت ڪيو
ويندو آهي. تڏهن اهڙيءَ طرح اها هر قسم جي شڪ ۽
شبهي، شر ۽ بدي توڙي حرص کان محفوظ رهي ٿي ۽
انهيءَ لباس سان ڍڪجي پوي ٿي. جيئن قرآن ڪريم ۾
ارشاد آهي:
وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِي آدَمَ
(بني اسرائيل:70) [اسان آدم عليه السّلام جي اولاد
کي خاص عزت وارو ڪيو.] [106] ”ونجعلت
ونسوع عليکم نعمة ظاهرة وباطنةً“
[جڏهن اسان پنهنجون ظاهري ۽ باطني نعمتون اوهان تي
وسيع (ڊگهيون) ڪري ڇڏيون.] يعني انهن سان نوازيو،
تڏهن وڏي ناز انداز سان فرمايائين: ”الانسان
سرّي وانا سِرّهُ“
يعني انسان منهنجو راز آهي ۽ آئون اُنهيءَ جو راز
آهيان. اهو اعلان هر مجلس خاص وعام، گدا توڙي
بادشاھه جي خدمت ۽ حضور ۾ هر مقام اعليٰ توڙي
ادنيٰ هر هنڌ اهو ئي شور برپا ٿي ويو تانجو هن
مقام:
لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنْسَانَ فِي أَحْسَنِ
تَقْوِيمٍ
(التيّن:4) [ته بيشڪ اسان انسان کي بهترين صورت ۾
خلقيو.] تائين پهچي ويو. انهيءَ ڪري ڪو بيگانو هٿ
ان جي عزت و عصمت جي دامن کي نه پهچي سگهيو ۽ سندس
رنگين چادر جي ڪنهن به ڪُنڊ تي ڪنهن کي خيانت جي
آڱر کڻڻ جي جرئت نٿي ٿئي. اهڙيءَ طرح هن جي احوال
جي ڳِلَ کي شرمندگيءَ کان ۽ نفرت وارن طعنن سان
ڀريل پٿرن، عزت ۽ عافيت کي پناھه سان محفوظ ڪجي.
مطلب انساني وجود ۾ ڪيترائي عجيب و غريب الاهي
عالم رکيل آهن ۽ اها عمارت بهترين صورت سان جڙيل
آهي. انهي ڪري جيئن ظاهري عنصرن وانگر چئن معنوي
عنصرن سان اها تعمير ٿيل آهي.
روحي، ملڪوتي، جبروتي ۽ لاهوتي مرتبا
روحي، ملڪوتي، جبروتي ۽ لاهوتي مرتبن سان انساني
وجود جي عمارت کي سينگاريو ويو آهي ۽ هنن مرتبن جو
ظهور سندس فطرت ۾ رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري جڏهن
سالڪن جي همت جو لشڪر صحرائي ناسوت مان گذري ٿو ته
پهريائين اُهو روح جي دروازي تي پهچي ٿو. اُتي
سالڪ اجتهاد ۽ مسلڪ ۽ ارشاد جو قدم کڻندي ملڪوت جي
ڏيڍيءَ تان گذري بارگاھ جبروت جي راھ تي گامزن ٿئي
ٿو ۽ اتان گذرندي لاهوت کان فيضياب ٿئي ٿو. آفرين
آهي اهڙي فطرت جي تعمير ڪندڙن ۽ بيابانِ قدرت جي
عجيب شهر تي جتي هو تيار يعني عالم ڪون ومڪان جي
فساد کان بچيل رهن ٿا ۽ انهيءَ ۾ سندن بقا آهي.
فَتَبَارَكَ اللَّهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ
(المؤمنون:14) [الله جي ذات بابرڪات وڏي برڪت واري
آهي، جيڪو سڀ کان بهترين خلقيندڙ آهي.] بس، هن
اهڙي ترڪيب سان انسان جو هيءُ شهر انتهائي ڪمال
حسن ۽ جمال سان ۽ سهڻي قد وقامت سان ۽ ڀلي صورت
سان نوازيو، کيس استقامت جي راھه اختيار ڪرڻ ۽ پڻ
سٺن جسماني عضون ۽ تناسب اجزاءَ جي لحاظ کان ۽
باطني مزاج ۽ سڀني خوّاصن جي گڏ رکڻ جي قوت ڏني،
بلڪ کيس مڪمل مظهر ۽ الله تعاليٰ طرفان ڏنل بار
جيڪو اڻ کُٽندڙ فيض جو سرچشمو آهي، ان جو حامل
بنايو. هر ڪامل عارف ۽ اهلِ صفا کي انهيءَ حسين
صورت انسانيءَ جو اعليٰ ۽ اُتم مظهر بنايو.
ازانسواءِ هر محبوبي وصف جھڙوڪ زلف، خال وَ خط
(نيڻ ۽ آرڪاڻن، منهن مهانڊي) انهن سڀني کي سهڻي
صورت ڏني تانجو انهن کي شاعري جو موضوع بنايو ۽ هر
هڪ جي مظهر جي تمام وڏي معنيٰ رکي وئي بلڪ حقائق ۽
باريڪ بيني جو بندوبست ڪيو ويو. خصوصي طور اِهڙا
اِشارا ۽ سالڪن جا نڪتا، جيڪي حقيقت جي مسلڪ بابت
آهن. حافظ شمس الدين شيرازي پنهنجي ’ديوان (شريف)‘
۾ اهڙا گهڻا عجيب وغريب الفاظ آندا آهن. ٻين عارفن
پڻ پنهنجي ديوانن شعري مجموعن ۾ رُخسار (مجبوب جي
ڳل) زلفن (وارن) خالَ (تِرن، جيڪي محبوبن جي چھرن
تي هوندا آهن) ۽ محبوب جي مُنهن مهانڊن، نيڻن ۽
ڳلن لاءِ اشعارن ۾ اهڙا الفاظ ڪتب آندا آهن. عوام
کي اهي اِشعار وڻن ٿا پر انهن جو اصلي معنيٰ طرف
ڌيان گهٽ آهي ۽ عام طرح هنن لِسانُ الغيب جي
اسرارن ۽ معنائن کي نه سمجھيو آهي. بس، ضروري هو
ته انهن الفاظن جي اصطلاحي معنيٰ ۽ شرح ڪجي. جيئن
عام ماڻهو ڄاڻن ته (انهن بزرگن) اِهي لفظ ڇو ۽ ڇا
لاءِ چيا آهن؟! ۽ هنن جو اصل مقصد ڇا هو.!! انهن
نالن ۽ اشارن جو ڇا مطلب آهي هنن وٽ اُهي ڪهڙا
حقائق هئا، جيڪي بيان ڪيائون. اسان ڪوشش ڪئي آهي
ته عام ماڻهو (انهن کي سمجھن) ۽ مستفيد ٿي شارح جي
ان ڪوشش لاءِ دُعاءِ خير سان ياد ڪن. البته جڏهن
هيءُ رسالو مطالعو ڪن ته ڪنهن به نقطي ۽ سندس
معنيٰ ۾ غور ڪن جيئن هو خطا وار نه ٿين بلڪ درويشن
جي شرح ۽ معنيٰ جا معتقد ٿين. بلڪ پنهنجي دل انڪار
کان پري رکن ته جيئن هو پوريءَ طرح مستفيد ومستفيض
ٿي سگهن. ”منه
البداية والعظمة والتوفيق“
[اُنهيءَ الله تبارڪ و تعاليٰ جي پاڪ نالي سان
شروعات آهي ۽ اُنهيءَ جي ئي عظمت آهي ۽ اُنهيءَ
کان ئي توفيق آهي.] |