سنڌ جي فتح کانپوءِ جلدي رچرڊ برٽن سنڌ آيو ۽ 1851
۾ مشهور ڪتاب ’سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ قومون‘ لکيائين
جنهن جي شروع ۾ سنڌ جي فتح جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته
جڏهن مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ مير رستم خلاف
شڪايت کڻي آيو ته اسان سندس ڀرپور حمايت ڪئي جنهن
ڪري مير رستم کي پڳ تان هٿ کڻڻو پيو. (ص - 31)
مير علي مراد جيئن اڳ ۾ لکيو ويو ته انگلينڊ مان
پنهنجو ڪيس هارائي موٽيو ته پاڻ سان گڏ ايڊورڊ
آرچر لينگلي کي سيڪريٽري طور وٺي آيو جيڪو پوءِ
ڪجھه عرصو مير صاحب جي درٻار ۾ رهيو ۽ پنهنجون
يادگيريون لکيائين. هو چارلس نيپئر جي حوالي سان
لکي ٿو ته مير علي مراد ساڻس ڪيڏو ويجھو هو نيپئر
جا پنهنجا لفظ هن ريت آهن:
Ali Moorad’s conduct appears to have been loyal
from first to last, both to his family and to
the Britsh Governmant.
ترجمو: مير علي مراد شروع ڏينهن کان وٺي آخر تائين
پنهنجي خاندان وانگر برطانيه سرڪار جو وفادار رهيو
آهي.
گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو مورخه 23 آگست 1843 تي
پنهنجي مراسلي ۾ هيئن لکيو:
Ali Moorad had been a faithful ally, when his
sudden and unexpected enmity might have been
fatal to our army.
ترجمو: مير علي مراد اسان جو سچو ساٿي ثابت ٿيو
آهي، خاص طور هن جي اوچتي ۽ اميد جي خلاف دشمني
اسان جي فوج لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿئي ها! (ص -
24)
مٿي مختصر بيان مان اهو واضح ڪرڻ مقصد هو ته
سنڌيءَ جي پراڻي چوڻي ’ميرن کي گهران لڳي‘ ۾ ڪيڏو
وڏو سچ سمايل آهي.
تلقين السالکين جو پهريون صفحو
تلقين السالکين جو آخري صفحو – سال ڪتابت 1279هه
تاريخ گنجينئه جهان نما جو پهريون صفحو
تاريخ گنجينئه جهان نما جو آخري صفحو
تاريخ گنجينئه جهان نما ۾ احمد شاهه ابداليءَ
طرفان مليل سَنَد جو نقل
تاريخ 21 محرم 1167هه
ديباچو
بسم الله الرَّحمٰن الرَّحيم
بيحد حمد وثنا انهيءَ خداوند ڪريم کي
سونهي، جنهن بي بنياد انسان کي فخر واري خلعت
ڍڪائي، پنهنجي حقيقي قرب:
وَنَحْنُ
أَقْرَبُ
إِلَيْهِ
مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ
(ق:16) [اسين کيس سندس ساھ جي رڳ کان به وڌيڪ
ويجھا آهيون.] سان نوازيو. جنهن سونهن ۽ سوڀيا جي
دلڪش چادر اوڍائي، يعني ”الانسان
سري وانّا سرهٗ“
[انسان منهنجو ڳجھ آهي ۽ مان انسان جو ڳجھ آهيان.]
جنهن چتونءَ جھڙي مٺڙي آواز ۽ گفتگوءَ جي انداز
سان معنائن جي خزاني يعني:
”کنت کنزاً مخفياً فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق“
[آئون هڪ لڪل خزانو هُئس، تڏهن مون اِهو پسند ڪيو
ته آئون سڃاتو وڃان. پوءِ مون خلق کي پيدا ڪيو.]
سان ياد فرمايو. جيئن بلبل بستانن ۾ ٻوليندي آهي،
تيئن زبان کي هڪ سوڙهي جاءِ يعني وات جي رستي سان
خاص نعمت ۽ ترنم سان نوازيائين.
وَإِنْ
مِنْ شَيْءٍ
إِلَّا
يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ
(بني اسرائيل:44) [۽ (دنيا ۾) اهڙي ڪا به شيءِ نه
آهي، جيڪا تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان نه ڪندي
هجي.]
قطعه
آن بنده پروري که زبان در دهان نهاد
دُر کلام در صدف بر زبان نهاد
جان را ز لفظ عذب غذائي لطيف داد
دل را مفرحي ز سخن در بيان نهاد
در بحر سينه در معاني بپروريد
در کان طبع لعل سخن بيکران نهاد
[اُنهيءَ بنده پرور جنهن زبان کي وات جي اندر ۾
جاءِ ڏني ۽ ڪلام جي موتيءَ کي سِپَ وانگر زبان تي
رکيو. ساھه کي مٺڙن لفظن جي نرم غذا ڏني ۽ دل کي
فرحت ڏيندڙ سخن سان بيان ۾ رکيو. سيني جي سمنڊ ۾
معنائن جا موتي پاليائين ۽ طبيعت جي کاڻ ۾ اڻ ڳڻين
ڳالهين جون لعلون رکيائين.]
بي انتها صلواتن جا پوتل موتي ۽ پکڙيل
جواهر ان انتها کي پهتل ۽ ساراهيل روح، کليل سيني
۽ مبارڪ زبان جي مالڪ لاءِ، جنهن جي نالي وٺڻ سان
روح کي تازگي ملي ٿي. جيڪو ”يا
سر سري و يا نور نورِي، افديت ملکي عليک کلهم
يطلبون رضائي وانا اطلب رضائک يا محمد
ﷺ“ [اي راز! منهنجا راز، اي نور! منهنجا نور! مون
پنهنجو ملڪ تو تان فدا ڪري ڇڏيو. سڀئي منهنجي رضا
طلب ڪن ٿا ۽ اي محمد ﷺ! آئون تنهنجي رضا جي طلب ٿو
ڪريان.] جي خطاب وارو آهي. اِها رحمت سڀني جھانن
کي موڪليائين ۽ روح کي راحت ڏيندڙ ان صبح جي هوا،
روح القدس يعني: ”لولاک
لما خلقت الافلاک“
[(اي محبوب ڪريم ﷺ!) جيڪڏهن توکي نه خلقيان ها ته
هيءُ سارو جھان ئي پيدا نه ڪيان ها.!] جنهن جي
خوشبوءِ ٻنهي جھانن کي معطر ڪري ڇڏيو. سندس
گفتگوءَ کي زلفن جي حَسين انداز جيان پنهنجي هٿن
سان سنواريائين. ”لان
اوتيت القران ومثليه معهٗ“
[ڇاڪاڻ جو کين قرآن شريف سان گڏ ٻيا مثال به ڏنا
ويا.] اسرارن سان ڀريل ”حروف
مقطعات“
(قرآن پاڪ ۾ آيل مختلف سورتن ۾ لفظن) کي تجسس سان
ڀري ڇڏيائين ۽ ڪنن ۽ ڳچيءَ کي عزت جي قيمتي زيورن
سان نوازيندڙ روح کي راحت رسائيندڙ: ”اوتيت
جوامع الکلم“
[تو کي جامع ڪلما ڏنا ويا.] جي هيرن سان کين
سينگاريو. اهو آهي جناب رسالت مآب سچو ۽ سچ ثابت
ٿيل ۽
ص وَالْقُرْآنِ ذِي الذِّكْرِ
(ص:01) [صاد - قرآن مجيد تي غور ڪيو جنهن ۾ (الله
جو) پيغام آهي ۽ جنهن ۾ (اعليٰ) نصيحت آهي.] ۽
وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشِّعْرَ
(يس:69) [۽ (ياد رکو ته) اسان کيس شعر ڪو نه
سيکاريو آهي.] جي ديوان جو صاحب، انبيائن جي جماعت
جو صدر، اصفياءَ جو مُهڙ ۽ مُنڍ حضرت محمد ﷺ آهي.
قطعه:
چشم و چراغ جمع رسل هادئي سبل
سلطان چار بالش ديوان اصطفا
دستش محيط جود دلش کيميائي علم
نطقش مکان صدق ولبش معدن صفا
گنجينه حقائق اسرار کائنات
مجموعه مکارم اخلاق انبيا
[هو هدايت جي رستي جي جملي رسولن جو چشم و چراغ ۽
راھ ڏيکاريندڙ آهي. اهوئي دنيا جھان جي چئني طرفن
جو سلطان ۽ چونڊيل انسانن جو اڳواڻ آهي. سندن هٿ
مبارڪ سخا تي پکڙيل ۽ سندن دل علمِ ڪيميا آهي.
سندن گفتگو صدق (سچ) جو مڪان ۽ سندن لب مبارڪ صفا
جي کاڻ آهن. ڪائنات جي رازن ۽ حقائق جو خزانو ۽
سڀني انبيائن جي سهڻن اخلاقن جو مجموعو آهن.]
بي شمار درود ۽ کيڪارون سندن پاڪ روح تي
جاري رهن ۽ جملي اصحاب ڪرام ۽ مشهور معروف ساٿين
تي هجن. [2] ان کان پوءِ فقير حقير خاڪسار،
اولياءَ الله جي قدمن جي خاڪ، بي مقدار، محمد عاقل
بن مخدوم عبدالخالق بن مخدوم عاقل نقشبندي حضرات
جي خادمن مان هڪ خادم آهي. جيئن ته هن دؤر ۾ سلوڪ
بابت ڪافي اختلافي ڳالهيون سامهون آيون آهن ۽ راھ
سلوڪ جي اڳين بزرگن بابت جيئن فرمايل آهي:
كَطَيِّ
السِّجِلِّ لِلْكُتُبِ
(الانبيآءَ:104) [ائين
ويڙهينداسين جيئن ڪاغذ ويڙهبا آهن.] ليڪن ڪن جاهل
سالڪن انهيءَ لاءِ مختلف طريقا ڪڍيا ۽ هر هڪ
پنهنجي لاءِ اصلي سلوڪ جي خلاف نوان ڍنگ اختيار
ڪيا. انهيءَ زماني ۾ امير ڪبير سالڪ طريقِ الاهي
مير علي مراد خان ٽالپر الله سندس دٻدٻي کي اڃا به
وڌائي، جيڪو فقيرن ۽ صالحن سان صحبت رکندڙ هو ۽
اڳين بزرگن جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهندا هئا. انهن
ڪتابن ۾ شيخ فريدالدين عطار رحه ۽ مولانا شيخ جلال
الدين رومي رحه جا ڪتاب پنهنجي ڪتب خاني ۾ گڏ ڪيا
هئائين. هن دعاگو فقير پڻ سلوڪ جي عالمن، اهلِ
تصوف جا ڪتاب ۽ اهلِ دل جا قول پياري پيغمبر ﷺ جي
پياري سنت مطابق گڏ ڪيا هئا. [3] جيتوڻيڪ
هيءُ فقير گنهگار ڪابه اهڙي علمي لياقت ۽ مهارت
نٿو رکي پر پنهنجي وڏڙن جي طور طريقي ۽ حضرات
نقشبنديه بابت جيڪي ڪجھ معلوم هو سو هن (ڪتاب) ۾
مختصر نموني سان اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن حق
تائين پهچي سگھجي. هن ڪتاب ۾ تصوف جي ستن لطيفن جو
بيان، مراقبي جو بيان، مرشد جي توجھ جو بيان،
اشڪال صوري ۽ نفس جي تزڪيي، قلبي تزڪيي ۽ دماغي
صفائي، روحي ۽ سِرّي تجليّن کي مون چڱي خاصي
ڇنڊڇاڻ کان پوءِ تحرير ڪيو آهي ۽ ان جو نالو
’تلقين السالڪين‘ رکيو آهي ته جيئن اولياءَ الله
جي اقوالن، ڪاملن جي طريقن ۽ احوالن جي برڪت حاصل
ٿئي. بلڪ:
وَنَحْنُ
أَقْرَبُ
إِلَيْهِ
مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ
(ق:16) [اسين سندس ساھ جي رڳن کان به وڌيڪ ويجھا
آهيون.] جي لذيذ شربت منجھان جام پياري ۽ خوشگوار
نصيحت سان نوازي. (آمين)
احب الصالحين ولست منهم
لعل الله يرزقني صالحاً
[آءٌ صالحن جي صحبت پسند ڪريان ٿو جيتوڻيڪ انهن
مان نه آهيان. شال! الله تعاليٰ مون کي صالح
ٻانهن جي طريقي تي هلڻ ۽ صالح ٿيڻ نصيب ڪري.] آمين
فصل پهريون
لطائفن جو بيان
ڄاڻ ته اي موليٰ پاڪ جا طالب! اُن مالڪ جو وجود
واجب الوجود آهي. اُهو نه اوڀر ۾ آهي ۽ نه اولھ ۾،
نه ساڄي نه کاٻي، نه زمين ۾، نه آسمان ۾ آهي، بلڪ
پوري جھان ۾ هر هنڌ آهي. جيئن:
فَأيْنَمَا
تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ
(البقره:115)
[پوءِ جنهن طرف به اوهان مُنهن ڪندؤ اُن طرف الله
تعاليٰ کي لهندؤ.] سندس علم ۽ قدرت دنيا جي هر
شيءِ تي محيط آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو:
وَكَانَ
اللَّهُ بِكُلِّ
شَيْءٍ مُحِيطًا
(النسآء:126)
[سڀ شيون الله تبارڪ وتعاليٰ جي گهيري هيٺ آهن.]
وَاللَّهُ عَلَى
كُلِّ
شَيْءٍ قَدِيرٌ
(المائده:40) [۽ تحقيق الله تعاليٰ هر چيز تي قادر
آهي.] باقي قرب حقيقي ۽ رب جي ذات جي معرفت تنهنجي
ئي قلب ۾ آهي، [4] پر جيڪڏهن جنتون ڏسڻ ٿو چاهين
ته پنهنجو پاڻ ۾ ڏس ۽ پاڻ کي نه ڏس!
هست وليکن نه مقرر بجائي
هر که چنين ست نباشد خدائي
[الله آهي پر ڪنهن هڪ جاءِ تي محدود نه آهي. جيڪو
ائين ناهي اهو خدا ناهي.]
جيئن قرآن ڪريم ۾ آهي:
الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى
(طٰہٰ:5) [الله رحمٰن عرش ته قائم آهي.]
رُباعي
نخشبي درميان مبين خود را
قطره را چو سيل مي بيني
هر کسي در طفيل تو گردد
گر تو خود را طفيل کس داني
[اي نخشبي! پاڻ کي وچ ۾ نه آڻ بلڪ تون قطري کي به
درياءَ وانگر سمجھ! سڀڪو تنهنجي پناھ وٺندو.
بشرطيڪ تون پاڻ کي اُن (الله) جي پناھ ۾ ڄاڻين!]
بيشڪ آيت ڪريمه:
وَفِي
أَنْفُسِكُمْ
أَفَلَا
تُبْصِرُونَ
(الزاريات:21) [۽ خود اوهان جي پنهنجي اندر (وجود)
۾ پڻ، ڇو نٿا ڏسو!] هڪ قسم جي تنبيھ آهي. ۽
وَنَحْنُ
أَقْرَبُ
إِلَيْهِ
مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ
(ق:16) [۽ اسين انهيءَ (بندي) کي ساھ جي رڳن کان
وڌيڪ ويجھا آهيون.] ان طرف اشارو آهي جھڙيءَ طرح
هڪ استاد چيو آهي:
يار در خانه و من گردِ جهان ميگردم
آب در کوزه من تشنه لبان ميگردم
[منهنجو دوست گھر ۾ موجود آهي ۽ آئون هن لاءِ دنيا
جھان ۾ ڦِران پيو، پاڻي پنهنجي ڪٽوري ۾ موجود آهي
۽ آئون اُڃيو ڦِران پيو.]
سالها دل طلب جام جَم از ما ميکرد
آنچه خود داشت ز بيگانه تمنّا ميکرد
[سالن کان وٺي اسان جي دل اسان کان شراب جي طلب
پئي ڪري. جيڪي ڪجھه وٽس هيو، سو ٻين غيرن کان ٿي
گهريائين.]
ليڪن انهن شين جو حاصل ٿيڻ ۽ ملڻ بغير
مرشد ڪامل جيڪو نوراني هجي ۽ نور بخشيندڙ هجي،
انهيءَ جي مدد کان سواءِ ميسر نٿو ٿئي. جيئن
مولانا رومي رحه چيو آهي:
بي عنايات حق وخاصان حق
گر ملک باشد سياهستش ورق
[الله تعاليٰ ۽ سندس خاص بندن جي مهربانيءَ کان
سواءِ جيڪڏهن ملائڪ صفت انسان آهي ته به ان جا
سڀئي ورق ڪارا آهن.]
ياد رکو ته عقيدو درست ۽ صحيح سنت مطابق هجي ۽
سواءِ ذڪر الاهيءَ جي ۽ ان جي حقيقي تجلّي بخشنيدڙ
جي قلب کي ڪجھه حاصل نٿو ٿئي. جيئن حديث پاڪ ۾
آهي: ”من
تزهد بغير علم جن في آخر عمره اومات کافراً“
[جنهن زهد بغير علم حاصل ڪيو، اُهو پنهنجي آخري
عُمر ۾ چريو ٿي مرندو يا ڪافر ٿي پوندو.] ان ڪري
چوڻي آهي:
علم باطن همچو مسکه علم ظاهر همچو شير
کئي شود بي شير مسکه کئي شود بي پير پير
[”علم باطن“ مکڻ جي مثل آهي ۽ ”علم ظاهر“ کير
وانگر آهي. کير کان سواءِ مکڻ ڪيئن ٿيندو ۽ مرشد
کان سواءِ طريقت نه آهي.]
هي بيت ذڪر جي دوام تي شاهد آهي:
تا بجاروب لا نروبي راه
نه رسي در سرائي الاالله [5]
[جيستائين تون ”لا“ جي ٻُهاري سان واٽ صاف نه
ڪندين، تيستائين تون ”الا الله“ جي ماڙيءَ تائين
نه پهچي سگهندين.]
هي به معلوم آهي ته جيڪو وڻ پاڻ مرادو ڦُٽي ٿو،
اهو ميوو نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن ميوو ڏيندو ته اُهو
مزيدار نه هوندو. مگر الله تعاليٰ جي فضل جو ٻيو
نمونو آهي. جيتوڻيڪ الله تعاليٰ جو وصل به محض
سندس فضل تي مبني آهي. ليڪن ان جي فضل جي نشاني
اهوئي لهندو، جنهن جو واسطو مربي ڪامل مڪمل ۽ صاحب
توفيق سان هوندو ۽ اهو طئي آهي ته انهيءَ جي
مهربانيءَ سان ئي هو سلوڪ جي مرتبن تائين پهچندو.
حديث شريف: ”ان
الله تعاليٰ خلق ملکاً يسوق الاهل اليٰ الاهل“
[بيشڪ الله تعاليٰ هڪ ملائڪ خلقيو آهي، جيڪو هر
اهل کي ٻئي اهل سان ملاقات ڪرائي ٿو.]
طالب کي گهرجي ته سڀ کان پهريائين سلوڪ جي مرتبن
جو علم حاصل ڪري. ڄاڻي ته سلوڪ جي رستي ئي الله جي
فضل سان واصل حق ٿيندو ۽ سلوڪ جا مرتبا تمام گهڻا
آهن. ليڪن انهن مان اهم صرف پنج آهن: 1. نفسي
تزڪيه: (يعني نفس جو تزڪيو، پاڪائي ڪرڻ.) 2. قلبي
تصفيه: (يعني قلب (دل) جو صفايو ڪرڻ، دل کي صاف
ڪرڻ) 3. دماغي تنقيه: (دماغ کي صاف ڪرڻ، دماغ مان
غلط خيالات کي ڪڍڻ) 4. روحي تجلّي (روح کي جلا
بخشڻ، روشن ڪرڻ) 5. سري تجلي: (يعني خاص مخفي تجلي
حاصل ڪرڻ. وري هر مرتبو انهن پنجن ئي سلوڪن جو جدا
آهي.
پهرين لطيفي تزڪيه نفس جي تشريح اِها آهي ته عبادت
۽ رياضت شريعت مطابق هجي. جيڪڏهن ائين ڪيائين ته
طالب کي نفس جو تزڪيو حاصل ٿي ويندو. انهيءَ لاءِ
اهو لازمي امر آهي ته گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ، گهٽ
ٻڌڻ، گهٽ ڏسڻ ۽ گهٽ سمهڻ اختيار ڪري. جيئن ڪنهن
صاحب دل بزرگ چيو آهي:
حواس نفس چون دزد در بند
چو بستي دزد ايمن باش ميخند
لب به بند وچشم بند وگوش بند
گر نه بيني رازها بر من بخند
[(اي طالب!) نفس جي حواسن کي چور وانگر بند ڪر.
جڏهن چور کي ٻَڌندين ته سلامت رهندين، پوءِ ڀلي
کل! چپ بند ڪر، اکيون بند ڪر ۽ ڪن به بند رک،
(انهيءَ عمل) کان پوءِ جيڪڏهن (الاهي) اسرار نه
ڏسين ته پوءِ ڀلي مون تي کل.]
اهڙيءَ طرح مولانا روميءَ فرمايو آهي:
پاسبان دل باش اندر کل حال
تا نبايد هيچ دزد اندر محال
هر خيال غير حق را مرض دان
اين رياضت سالکان را فرض دان
[هر حال ۾ دل جو نهگبان ٿي رھ! تان ته ڪو به چور
اندر گهڙي نه سگهي. الله جي ذات کان سواءِ هر خيال
کي هڪ بيماريءَ وانگر سمجھ! اَها ئي سالڪن جي
رياضت فرض ڄاڻي اختيار ڪر.]
انهيءَ جي وڌيڪ تشريح انشاءَ الله اڳتي بيان ڪبي.
ٻئي لطيفه قلبيءَ جي تشريح: اهو لطيفو اهو آهي
جيڪو ذڪر مرشد پنهنجي تعليمات ۾ ارشاد فرمايو هجي
۽ انهيءَ جي تعليمات سان حاصل ٿئي. انهيءَ سڄي
تعليمات کي قلبي لطيفو چئبو آهي.
ذکر گو ذکر تا ترا جان است
پاکئي دل بذکر رحمان است
[ذڪر ڪر! ذڪر، ڇو ته اهو تنهنجي جان (ساھ) آهي. دل
جي پاڪائي رحمٰن جي ذڪر سان آهي. يعني الله تعاليٰ
جو ذڪر دل ۽ قلب جي پاڪائي آهي.]
ٽيون لطيفو دماغي تنقيّه: دماغي صفائيءَ جو مقصد
آهي، اُهو جذبو جيڪو هيٺان کان مٿي پهچي يعني لڪل
دماغي جذبي جو ٻاهر اچڻ.
چوٿون لطيفو روحي تجلّي: اِهو دائمي مراقبي ۽ فڪر
سان حاصل ٿيندو آهي.
پنجون لطيفو سرّي تجلّي: اِهو پنجن مرتبن سان حاصل
ٿئي ٿو. اها تجلي پڻ ذڪر سان حاصل ٿئي ٿي. ان جو
حاصل مقصد ۽ بيان انشاءَ الله اڳتي ايندو.
اي طالب! ڄاڻي ڇڏ ته سڀني ذڪرن مان افضل ذڪر خفي
آهي. ”لانّه اقرب اليٰ الاخلاص و احسن اليٰ
احسن التفکر ومتبراً عن شيبة الرياءِ و معرا عن
تاذي الصلوات والنوم کما في التنزيل، ولذکر ربک في
نفسک تضرعاً وخفية ودون الجهر من القول وآية
کريمة: ادعو ربکم تضرعاً وخفية قال صاحب الکشاف في
تفسيره: تضرعاً وخفية اي متضرعاً وخافياً ومتکلماً
کلاماً دون الجهر لان الاخفاءَ ادخل في الاخلاص
واقرب اليٰ حسنِ التفکر.“
[ڇاڪاڻ ته اِهو ذڪر خفي اخلاص کي تمام ويجھو آهي ۽
تمام ڀلو ۽ ڀلائيءَ جي فڪر ڏانهن وٺي ويندڙ آهي ۽
هر شڪ ۽ شبهي ۽ رياءَ کان پاڪ آهي. نماز ۽ ننڊ جي
ايذاءُ کان خالي آهي. جھڙيءَ طرح ’تفسير اسرار
التنزيل‘ ۾ آهي ته، ”پنهنجي رب جي ذڪر کي پنهنجي
نفس اندر عاجزيءَ سان ۽ مخفي طرح سواءِ جھر يعني
بغير آواز جي اختيار ڪر. ۽ هن آيت ڪريمه جي مطابق:
’پنهنجي رب کي دل ۾ مخفي طرح پڪاريو!‘“ ’تفسير
ڪشاف‘ جي مصنف هنن آيتن جي تفسير ۾ چيو آهي ته،
”خشوع ۽ خضوع سان ۽ آهستي آهستي بغير [7]
ڳالهائڻ يعني وڏي آواز سان نه پڪاريو! ڇاڪاڻ جو
اخفيٰ يعني ڳجھيءَ طرح ذڪر اخلاص ۾ داخل آهي ۽
اهوئي بهتر فڪر کي وڌيڪ ويجھو آهي.“
(حوالو پورو ٿيو.) |