سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:11 

ص 84 ۽ 85 لطائف سته يا ڇھ لطيفا

خواجه بهاءُالدين جي ملفوظات ’رساله قدسيه‘ ۾ لطيفه جو لفظ ملي ٿو ۽ ان جي وڌيڪ تشريح يا سمجھاڻي ڏنل ڪونهي. مجدد الف ثانيءَ کان اڳ صرف ٽن لطيفن قلب، روح ۽ سر جو ذڪر ملي ٿو ليڪن هو پاڻ انساني بدن ۾ پنجن لطيفن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پنجن لطيفن کي عالم امر مان ڄاڻائي ٿو. اهڙيءَ طرح سندس خيال موجب ڪل ڏھه لطيفا بنجن ٿا. جيڪي هن ريت آهن: عالم امر جا پنج لطيفا قلب، روح، سر، خفي ۽ اخفيٰ آهن. عالم خلق يا هن دنيا جا: مٽي، پاڻي، هوا، باھه ۽ نفس آهن. انهن ڏهن لطيفن کي نقشبندي هڪ دائري جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا جنهن جي مٿين اڌ ۾ عالم امر ۽ هيٺين اڌ ۾ عالم خلق ڄاڻائن ٿا ۽ پوري دائري کي ’دائره امڪان‘ چون ٿا.

نقشبندين جي ڪشف موجب عالم امر جي لطيفن جي انساني بدن ۾ مخصوص مڪان يا جڳھه آهي جنهن جي وضاحت هن ريت ڪن ٿا. قلب کاٻي ببي کان ٻه آڱريون هيٺ آهي، روح ساڄي ببيءَ کان ٻه آڱريون هيٺ آهي، سر کاٻي ببيءَ جي برابر پر ٻه آڱريون سيني جي طرف، خفي ساڄي ببي جي برابر ٻه آڱريون سيني ڏانهن ۽ اخفيٰ وري بلڪل سيني جي وچ تي آهي. مطلب ته انسان انهن ڏهن لطيفن جو مجموعو آهي.

نقشبندين جي ڪن ڪتابن ۾ انهن لطيفن جا رنگ به ڄاڻايل آهن پهرين لطيفه يعني قلب جو نور پيلي يا ڦڪي رنگ جو آهي جيئن سرنهن جا گل. ٻئي لطيفه روح جو رنگ سون جي رنگ جھڙو يا سونهري آهي. ٽئين لطيفي سر جو رنگ سفيد آهي، چوٿين جو رنگ ڪارو آهي ۽ پنجين لطيفي اخفيٰ جو رنگ سائو آهي.

عالم امر جي انهن لطيفن کي وري نبين سڳورن جي ولايت سان منسوب ڪيو اٿن. قلب کي حضرت آدم، روح کي حضرت نوح، سر کي حضرت موسيٰ، خفي کي حضرت عيسيٰ ۽ اخفيٰ کي نبي ڪريم ﷺ ڏانهن نسبت ڏني اٿن.

[عمدة السلوڪ - اردو، ص 213 ۽ 214، هداية الطالبين فارسي اردو ص 18، معارف سلطان الاولياء - ص 514]

ص 88 حضرت جنيد بغدادي

هو وقت جي وڏي صوفيءَ سري سقطي جو ڀائٽيو آهي ۽ حارث محاسبيءَ جھڙي صوفي کان گھڻو ڪجھ پرايائين. هو وڏي علم ۽ فڪر جو صاحب هو، سندس نظرين ۾ اعتدال آهي. ان ڪري کيس صاحب صحو صوفين جو سردار چيو وڃي ٿو. سندس تصنيفات ۾ ڪجھ مختصر رسائل موجود آهن. جيڪي ڇپيل آهن. هو اٺين/ نائين صدي اندر بغداد ۾ هڪ وڏي علمي شخصيت جي حيثيت ۾ ڇانيل نظر اچي ٿو، جنهن ڏانهن منصور حلاج ۽ بايزيد بسطامي جھڙا صاحب سڪر صوفي به رجوع ڪندا هئا. ان ڪري کيس ’سيد الطائفه يا صوفين جو اڳواڻ به ڪوٺيو وڃي ٿو.

[معارف سلطان الاولياء]

ص 89 الرفيق ثمّ الطريق

           هي قول عوارف المعارف ۾ ملي ٿو. فتح الربانيءَ ۾ وري ”الرفيق قبل الطريق“ جا الفاظ آهن. ليڪن مڪتوبات قدوسي ۾ هيءَ قول هن ريت ملي ٿو. الرفيق ثم الطريق والشيطان مع الواحد ومن الثنين بعيد يعني سفر ۾ ساٿي هجڻ ضروري آهي ڇو ته شيطان اڪيلي سان گڏ هوندو آهي پر ٻن ڄڻن کان پري هوندو آهي.

[منهاج المعرفت: ص 279]

ص 91 شيخ احمد نقشبندي سرهندي

شيخ احمد 971 ھ ۾ سرهند ۾ شيخ عبدالاحد جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت جي وڏي چشتي صوفي شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ کان بيعت هو. شيخ احمد جي جواني جو ڪافي وقت اڪبر آباد ۽ آگره ۾ گذريو جتي سندس واسطو ابوالفضل ۽ فيضيءَ جھڙن اڪابر ذهنن سان پيو ۽ ان وقت جي علمي ماحول کان واقف ٿيو. اهو ئي دؤر هو جڏهن کيس اڪبر جي مذهبي نظرين ۽ ذهني روين جي ڄاڻ حاصل ٿي، جنهن کيس هميشه لاءِ اڪبر جي مذهبي خيالن ۽ نظرين تي تنقيد لاءِ آماده ڪيو. هن محسوس ڪيو ته فتح پور سيڪريءَ ۾ اڪبر جو عبادت خانو ۽ مختلف مذهبن بابت تجربا دين اسلام لاءِ وڏي خطري جي حيثيت رکن ٿا. هو پاڻ ان ڳالھ جو شاهد هو ته اڪبر جا درٻاري عالم نبوت جھڙي اهم تصور کي ڪيئن تنقيد جو نشانو بنائي رهيا هئا. اهو ئي پس منظر هو جنهن ۾ هن سال 998ھ/ 1589 ۾ ’اثبات النبوت‘ يعني ’نبوت جا ثبوت‘ نالي عربيءَ ۾ هڪ ننڍو مگر نهايت جامع رسالو تحرير ڪيو. سال 1008ھ/ 1599 ۾ جڏهن سندس عمر ستٽيھ سال هئي ته هو دهليءَ آيو جتي خواجه باقي بالله نقشبندي جي بيعت ڪري نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو.

        اڳتي هلي هن پنهنجي زندگيءَ جو اهو مشن بنايو ته وقت جي حاڪمن، امير امرائن ۽ معاشري جي ٻين بااثر فردن کي تفصيلي خط يعني مڪتوبات لکي، انهن کي دين اسلام جي ترويج ۽ حفاظت ڏانهن راغب ڪري، ڇو جو سندس نظر ۾ اسلام ڏيهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو هو. وقت ثابت ڪيو ته هو پنهنجي انهيءَ مقصد ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس ’مجدد الف ثاني‘ يعني ٻئي هزار سال جو مجدد ۽ امام رباني جھڙن القابن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. امام ربانيءَ جا اهي علمي مڪتوبات ٽن جلدن تي مشتمل آهن. جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ئي مرتب ٿي ويا هئا. پهريون دفتر 313 مڪتوبات تي مشتمل آهي. ٻيو دفتر ٽن سالن کان پوءِ مرتب ٿيو ۽ ان ۾ 99 مڪتوبات آهن. اهڙيءَ طرح ٽئين دفتر ۾ 124 مڪتوبات آهن.

        مڪتوبات امام رباني علم ۽ معرفت جو اهڙو بيش بها خزانو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف اسلامي تصوف جي پوري فڪر کي سموهيو ويو آهي ته ٻئي طرف امام صاحب پنهنجي منفرد فڪر يعني ’وحدت شهود‘ کي نهايت زور شور سان پيش ڪيو آهي. مڪتوبات جو انداز نهايت عالمانه ۽ دقيق آهي ۽ انهن جو سمجھڻ سولي ڳالھ ناهي. مڪتوبات ۾ هونئن ته ڪيترن هنڌن تي ان ڳالھ جي سمجھاڻي ڏني وئي آهي ته ابن عربيءَ جي وحدت الوجود جي مقابلي ۾ سندس وحدت الشهود جو نظريو ڪيئن بهتر آهي. ليڪن دفتر اول جي مڪتوب 31 ۾ ان جي نهايت جامع وضاحت موجود آهي. هو چوي ٿو ته وحدت وجود وارا بنيادي طور خدا ۽ ڪائنات جي هر شيءِ کي هڪ سمجھن ٿا. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو الف جي صورت آئيني ۾ ڏسي سمجھي ته اهو عڪس حقيقت آهي يعني خود الف آهي. حالانڪ انسان جو مشاهدو ان آئيني يا عڪس تائين محدود آهي ۽ ان کي شهود چئجي ٿو، هيءَ ڪائنات يا مخلوق به ائين آهي. ان کي خدا يعني حقيقت جو عين چوڻ صحيح ناهي. سندس لفظن ۾ مظهر ظاهر جو عين ناهي ۽ نه وري ظل اصل جو عين آهي. انهيءَ مڪتوب ۾ امام صاحب تسليم ڪري ٿو ته پاڻ شروع ۾ وحدت وجودي ڪيفيت جو مڃندڙ هو ۽ کيس انهيءَ ڪيفيت ۾ بيحد لطف ٿي آيو. ليڪن اڳتي هلي جڏهن مٿس ان جي اصليت ظاهر ٿي ته خبر پئي ته حقيقت يعني خدا جي ذات انسان جي ذهن ۽ فهم کان وراءُ الوراء يعني مٿي آهي. لهٰذا هو وحدت وجودي ڪيفيت کي سڪر جي حالت سمجھي ٿو ۽ ان کان مٿي وحدت شهود کي سمجھي ٿو. هن سلسلي ۾ هو سج جو مثال ڏي ٿو. يعني جڏهن ڪو شخص سج کي ڏسي رهيو آهي ته لازمي طور هن کي تارا نظر ڪو نه ايندا، ان صورت ۾ جيڪڏهن هو چوي ته صرف سج ئي سج آهي ۽  تارن جو وجود ڪونهي ته اهو هن لاءِ صحيح آهي، پر اها ڳالھ بذات خود حقيقت جي خلاف آهي. معلوم ٿيو ته توحيد شهودي پوري موجودات ۾ هڪڙي وجود کي ڏسڻ آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ توحيد وجودي موجودات کي هڪڙو وجود سمجھڻ آهي.

[ مڪمل شرح ابيات سنڌي - ص 201]

ص 91 خواجه محمد باقي بالله (971-1012ھ)

هو ڪابل ۾ ڄائو ۽ نپنو ۽ ماوراء النهر جي ملڪن ۾ گهميو ڦريو. جتي محمد صادق حلوائي کان تلقين ورتائين ۽ ان کان بعد هندستان ۾ آيو ۽ اچي دهليءَ ۾ رهڻ لڳو. جتي شيخ احمد سرهندي سندس مريد ۽ عقيدتمند بنيو. جيئن هڪ هنڌ ذڪر ٿي چڪو ته شيخ احمد سرهندي سندس ٻن رباعين جي شرح لکي.

مڪتوبات امام ربانيءَ جي پهرين دفتر ۾ ويھه خط اهڙا آهن جن ۾ شيخ احمد پنهنجا روحاني مڪاشفات بيان ڪري سندس رهنمائي حاصل ڪري ٿو.

خواجه باقي بالله جي ڪا باقاعده تصنيف ڪونهي تاهم سندس ڪجھ شاعري ۽ مڪتوبات ۽ ملفوظات ملن ٿا جيڪي فارسي ۽ اردو ۾ گهڻو وقت اڳ شايع ٿيا هئا.

[مڪتوبات شريف مترجم قاضي عالم الدين لاهور، حضرت خواجه باقي بالله - ڪراچي]

ص 92 قصيده غوثيه

شيخ عبدالقادر جيلانيءَ ڏانهن مشهور ومعروف عربي قصيدو آهي. اهو سڄو قصيدو اسان ترجمي سميت ‘منهاج المعرفت’ ۾ ضميمي طور ڏئي ڇڏيو آهي. امڪان آهي ته هتي ڏنل فارسي ترجمو مؤلف جو پنهنجو آهي.

[منهاج المرفت ص 224 - 225، صحيفه غوثيه اردو ترجمو ۽ تشريح - ص 140-186]

ص 94 شاه صفي الله قيوم جھان (1156ھ/1743ع - 1212ھ/1798ع )

شاه صفي الله بن حاجي غلام محمد معصوم بن شيخ محمد اسماعيل بن شيخ محمد صبغة الله بن خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثاني. سندس ولادت ڪابل ۾ ٿي. چئن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو جنهن ڪري سندس پرورش وڏي ڀاءُ شاھ غلام محمد ڪئي. سندس نثر ۽ نظم ۾ ڪيتريون تصنيفون موجود آهن. نثر ۾ ’مخزن انوار الاحمدي‘ آهي جنهن ۾ چئني طريقن جي سلوڪ جو بيان آهي. نظم ۾ سندس مثنوي ’چهار جوي‘ قابل ذڪر آهي. هن مثنويءَ ۾ هو نقشبندي طريقي کي کير جي نهر، قادري طريقي کي ماکيءَ جي نهر سان تشبيھ ڏئي ٿو.

هو حج جي سلسلي ۾ ٽي دفعا سنڌ مان گذريو هو عمر جي آخري حصي ۾ بلوچستان جي رستي حج لاءِ سنڌ ۾ ڪراچيءَ پهتو. ان وقت سندس ويجھو عزيز ۽ خاص معتمد فضل الله ساڻس سفر ۾ گڏ هو جيڪو ’عمدة المقامات‘ جو مصنف آهي. اهو ڪتاب شاه فضل الله ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش دوران تصنيف ڪيو جنهن ۾ نقشبندي سلسلي کي نبي ڪريم ﷺ کان شروع ڪري ٿو ۽ خاص طور مجدد الف ثانيءَ جي اولاد ۽ امجاد جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو. انهيءَ ڪتاب ۾ هو شاھ صفي الله جو پڻ گهڻو احوال ڏئي ٿو ۽ سندس شاعري وغيره جا مثال به پيش ڪري ٿو.

عمدة المقامات جو مصنف لکي ٿو ته جڏهن اسان جو ٻيڙو گوادر وٽ پهتو ته سخت طوفان وڪوڙي ويو جيڪو ٽن ڏينهن تائين لڳندو رهيو. آخر جڏهن مسقط جي شهر اربق ۾ پهتاسون ته خواجه صفي الله سخت عليل ٿي چڪو هو. اتي مخدوم ابراهيم ٺٽوي ثم مڏئي وارو اڳئي موجود هو جنهن سندن استقبال ڪيو ۽ هر طرح جي خبرگيري ڪئي. مسقط مان روانا ٿي يمن جي حديده بندر پهتاسون. آخر سفر ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ سترهن ڏينهن گذرڻ بعد وفات ڪيائين. حديده ۾ مدفون ٿيو. سندس جنازي نماز مخدوم ابراهيم پڙهائي. اهو سومر جو ڏينهن ذوالقعد جي 6 تاريخ 1212ھ هو. شاھ فضل الله کان علاوه مخدوم ابراهيم جي خليفي احمد خان نظاماڻي سندس تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:

ذي قعده بدو بگاه ششم
کآن اختر برج شد گم
دوشنبه دو از ده صد و سال
کان بازده ازجهان پر ملال

مخدوم ابراهيم عربيءَ ۾ پنهنجي مرشد شاھ صفي الله جو ڊگھو قصيدو لکيو آهي جيڪو پڻ ’عمدة المقامات‘ ۾ موجود آهي.

سنڌ جا ڪيترا عالم ۽ بزرگ شاھ صفي الله کان فيض يافته هئا جن ۾ مخدوم ابراهيم کان سواءِ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، ميان عبدالڪريم ٺٽوي، ميان قاضي محمد نصرپوري، ميان عبدالله نصرپوري ۽ محمد ڪاظم شڪارپوري آهن.

اڳتي هلي ميان عبدالڪريم ٺٽويءَ جو ڏوهٽو مخدوم محمد ابراهيم ٿي گذريو جنهن مير علي شير قانع جي ڪتاب ’مقالات الشعراءَ‘ جي طرز تي ’تڪمله مقالات الشعراءَ‘ جھڙو ڪتاب تصنيف ڪيو. ان ڪتاب ۾ هو شاھ صفي الله ۽ سندس پٽ خواجه عبدالباقيءَ جو احوال ڏي ٿو ۽ سندن شاعري به مثال طور پيش ڪري ٿو. اتي هو شاھ فضل الله ۽ سندس پٽ خواجه عبدالقيوم جو ذڪر پڻ ڪري ٿو. ابراهيم خليل جي لکڻ موجب سندس والد ميان عبدالڪريم شاھ صفي الله جي پٽ خواجه عبدالباقيءَ جو فيض يافته هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته جڏهن خواجه عبدالباقي آخري ڀيرو حج لاءِ ٺٽي آيو هو ته ابراهيم پاڻ کانئس طريقت جي تلقين حاصل ڪئي هئي ۽ ڪافي ڏينهن سندس خدمت ۾ گذاريائين بلڪ ساڻس گڏ ڪراچي سونمياڻي ۽ لس ٻيلي تائين سفر ۾ گڏ هو. انهيءَ سفر ۾ ابراهيم کيس پنهنجا فارسي شعر ’مسڪين‘ جي تخلص سان طبع آزمائي ڪندي خدمت ۾ پيش ڪندو رهيو. ابراهيم اهي غزل ۽ نظم وغيره تڪمله ۾ ڏنا آهن ۽ اهو به لکيو اٿس ته 1287ھ ۾ خواجه عبدالباقي وفات ڪئي. اھڙا قطعه تاريخ ۾ محفوظ ڪيا اٿس.

شاھ صفي الله ۽ مخدوم محمد ابراهيم جو گڏيل احوال وري محمد امين ڇوڙائي ’مناقب مخدومين‘ ۾ گڏ ڪيو آهي. اهو محمد امين پاڻ لکي ٿو ته کيس 1207ھ ڌاري مخدوم ابراهيم جي خاص خليفي احمد خان نظاماڻي کان نقشبندي طريقي ۾ تلقين حاصل ٿي.

[تڪمله 021، مقالات ص74، 356، 485 ۽ 515 - مناقب مخدومين محمد اقبال مجددي مقدمه ص 1 - 25]

ص 95 مبداء ومعاد

هي هڪ ننڍو رسالو آهي جيڪو مجدد الف ثانيءَ جي مختصر تحريرن جو مجموعو آهي جيڪو هن پاڻ مرتب ڪري پنهنجي مرشد خواجه باقي بالله جي خدمت ۾ 1008ھه ۾ پيش ڪيو هو. هن ۾ نقشبندي طريقي جي حصول ۽ شيخ سرهنديءَ جي ذاتي مڪاشفن جو بيان ملي ٿو. بهرحال انهن سڀني مڪاشفن ۾ جتي هو نقشبندي سلسلي جي اوائلي بزرگن جي حوالي سان سمجھاڻي ڏئي ٿو، تن کي وري نئين سر سندس خليفي محمد هاشم ڪشميءَ 1019ھ ۾ ننڍن عنوانن تحت مرتب ڪيو ۽ انهن عنوانن جو تعداد ايڪهٺ آهي. ان جا ڪيترائي ترجما اردو ۾ موجود آهن. سڀ کان وڌيڪ معياري ترجمو سيد زوار حسين جو آهي.

[مبداء ومعاد - ڪراچي سال 1304/1984]

ص 95 اِذَا تَمَّ الفَقرُ فَهُوَ اللهُ

هي قول مڪتوبات کان علاوه هن قول جي سمجهاڻي خواجه بهاءَ الدين نقشبند جي ملفوظات ۾ هن طرح ملي ٿي ته ٻانهي جي فنا ۽ نيستي جو مطلب حق جي صفات جو حصول آهي.

 [معارف سلطان الاولياء 453]

ص 96 انا الحق

انالحق آءٌ حق يعني حق تعاليٰ آهيان جو اهو تعبير ته آءٌ ڪجهه نه آهيان سڀ ڪجهه اهو حق آهي، خود مولانا روميءَ وٽ ملي ٿو. مڪتوبات ۾ پڻ اهائي سمجهاڻي ڏنل آهي، بلڪ عوارف المعارف جي حوالي سان چوي ٿو ته اهڙا ٻول الله جي طرفان حڪايت جي طور تي ٻين عارفن کان به صادر ٿيا آهن. جيئن بايزيد بسطاميءَ جو سبحاني ما اعظم شاني چوڻ وغيره منصور جنهن انالحق چيو سندس مطلب اهو نه هو ته مان حق (خدا) آهيان يا حق سان گڏجي حق ٿي ويو آهيان. ڇو ته اهو ڪفر آهي ۽ واجب القتل هجڻ جي برابر آهي. هن جو مطلب  هو ته مان نه آهيان (ڪجهه ناهيان) موجود صرف حق تعاليٰ آهي.

[معارف سلطان الاولياء 453]

ص 96 شيخ شبلي

ابوبڪر شبلي جنيد بغداديءَ جو تربيت يافته هو. هو بغداد ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. هن جو حسين بن منصور حلاج سان پڻ واسطو هيو. هو چوندو هو ته منصور کي سندس عقلمنديءَ مارايو ۽ مون کي چريائي بچايو. سندس ڪيتريون شطحيات پڻ آهن. هو عربيءَ جو شاعر به هو. هن جون مشهور سٽون آهن:

قد تحيرت فيک خُد بيدي
يا دليلا لمن تحير فيکدا

 

يعني مان تو ۾ حيران آهيان اي ان شخص جا رهنما جيڪو تنهنجي ڪري حيران آهي. منهنجي دستگيري ڪر.

[منهاج المعرفت، ص 277]

ص 97 شيخ بايزيد بسطامي

ايران جو مشهور جليل القدر صوفي بزرگ جيڪو نقشبندي طريقي جو امام ٿي گذريو آهي.  ابونصر سراج ’ڪتاب اللمع ۾ لکي ٿو ته هو ڪجھ وقت ابوعلي سنڌيءَ جي صحبت ۾ رهيو هو، جيڪو ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جو چيو وڃي ٿو. جنهن لاءِ بايزيد جو قول آهي ته آئون هن کان توحيد ۾ فنا وارو علم پرايو. هي پهريون صاحب سڪر صوفي شمار ٿئي ٿو. سندس مشهور شطح آهي ”سبحاني ما اعظم ثاني“ شيخ عبدالقادر جيلاني ’فتوح الغيب ۾ حڪايت نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي بايزيد بسطامي رب تعاليٰ کي خواب ۾ ڏٺو ته عرض ڪيائين. اي مالڪ! ڪهڙو رستو تو وٽ پهچائيندو؟ جواب مليس ته نفس کي ترڪ ڪر ته پهچي سگهندين. بايزيد چئي ٿو ته ان کان پوءِ مان پنهنجي نفس مان ائين ٻاهر نڪتو آهيان جيئن نانگ پنهنجي کل لاهي ٻاهر نڪرندو آهي.

[منهاج المعرفت، ص260]

ص 97 سُبحاني ما اعظم شاني

        هي بايزيد بسطاميءَ (وفات 261ھ/ 875ع) جي مشهور شطح آهي. شطح مان مراد اهڙو قول آهي جيڪو وجد جي حالت ۾ زبان تي جاري ٿي وڃي. سڀ کان پهرين بايزيد جي شطحن جي تعبير جنيد بغداديءَ جھڙي صاحب صحو صوفي پاڻ ڪئي. بايزيد جون ڪيتريون شطحيات مشهور آهن جيڪي عطار جي تذڪره الاولياء ۾ آيل آهن يا وري شرح شطحيات ۾ آهن.

[منهاج المعرفت، 301]

ص 97 لَيسَ في جُبَّتِي سِوَ اللهَ

        هن شطح جو انتساب جنيد ڏانهن مشڪوڪ آهي بلڪ ڪن محققن هن کي بايزيد بسطاميءَ جو قول ڄاڻايو آهي. ڪن وري ان کي منصور حلاج جو قول سمجھيو آهي. روزبهان بقلي وري ان کي ابوسعيد ابي الخير ڏانهن منسوب ڪيو آهي.

[منهاج امعرفت، 301]

ص 97 بوعلي سينا ڏانهن منسوب قول

بوعلي سينا (وفات:1037) اسلامي دنيا جو وڏو طبيب، حڪيم ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي ۽ هن جون ان سلسلي ۾ ڪافي تصنيفات آهن. ليڪن تصوف بابت سندس مقولن يا تحرير جو ڪو حوالو ڪو نه ٿو ملي. تصوف جي ڪنهن به مستند  تذڪري ۾ بوعلي سينا کي صوفي ڪو نه ڄاڻايو ويو آهي. عطار جي مشهور تصنيف ’تذڪرة الاولياء‘ توڙي مولانا جاميءَ جي ڪتاب ’نفحات الانس‘ ۾ ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي.

ص 97 قم باذني

شمس تبريزيءَ ڏانهن هن قول جو انتساب تحقيق طلب آهي. البت اهي الفاظ مشهور فارسي شاعر عطار پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن آندا آهن:

قم باذني وقم باذن الله
هر دو يک نغمه آمد از لب يار
هر که ازوي نزد انالحق سر
او بود از جماعت کفار
 

ص 99 وصل عرياني

هن مان مراد سڀني پردن جو پاسي ٿيڻ آهي. مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ ان جو گهڻو ذڪر ملي ٿو.

[مڪتوبات دفتر اول مڪتوب 114 ۽ 29 وغيره - مڪتوبات دفتر دوم مڪتوب 35]

ص 99 علم حق در علم صوفي گم شود

هي نهايت معنيٰ خيز بيت مثنوي روميءَ مان ورتل آهي پر جيئن هتي ٻڌايو ويو آهي سنڌ جي سڀني صوفي سلسلن ۾ مثنوي روميءَ کي غير معمولي مقبوليت حاصل رهي آهي. پوءِ اهي قادري هجن يا نقشبندي. هي بيت معنوي لحاظ جي اهميت سبب صوفين ۾ گهڻي بحث جو موضوع پڻ رهيو آهي. ان بيت جي هڪ سهڻي تشريح پير روضي ڌڻيءَ جي مڪتوبات ۾ ملي ٿي جيڪا پاڻ غلام علي فقير کٽياڻ جي جواب ۾ لکي اٿس.

مڪتوبات مان پير روضي ڌڻيءَ جي مثنوي سان غير معمولي شغف ۽ مهارت جو پتو پوي ٿو.

[مڪتوبات شريف - ص 388 ۽ 457]

ص 109 تفسير مدارڪ

تفسير مدارڪ التنزيل وحقائق التاويل جو مصنف عبدالله بن احمد بن محمد نسفي (وفات: 701ھ) آهي هن تفسير ۾ مختلف قرأتن جو ذڪر پڻ ملي ٿو. ازانسواءِ مصنف تفسير ڪشاف ۽ تفسير بيضاويءَ مان پڻ استفادو ڪري ٿو. حنفي فقہ جو مشهور ڪتاب ”ڪنزالدقائق“ جو مصنف پڻ علامه نسفي آهي.

[معارف سلطان الاولياء - ص 451]

ص 109 رساله شطاريه

هتي جيڪا عبارت ’الله جي راھ جا ايترا گهڻا طريقا آهن جيترا مخلوق جا پساھه کان وٺي ويجهي ۾ ويجھو آهي‘ تائين، شيخ بهاءَالدين جي احوال ۾ ملي ٿي.                   [اخبار الاخيار - ص 204]

ص 109 طالب لاءِ پير جي صورت .....

هي سمورو اقتباس ۽ اشعار ۽ رسول الله ﷺ جا حضرت ابوبڪر رضه لاءِ الفاظ سڀ شاھ عبدالرزاق جھنجھانه جي احوال هيٺ ملن ٿا. البت آخر ۾ حضرت علي رضه بابت قول اتي ڪونهي.

[اخبار الاخيار - ص 326]

ص 109 طريقه شطاريه

حوالو ’اخبارالاخيار‘ تان ورتل آهي. شيخ محمد غوث گوالياري (وفات 970ھ/1562) کي شطاريه سلسلي جو باني چيو وڃي ٿو. هن سلسلي وارا به پاڻ کي مٿي شجري ۾ بايزيد بسطاميءَ سان ملائن ٿا. بدايوني جي لکڻ موجب غوث گوالياري علم ’اسماء الاهي‘ ۾ خاص دسترس رکندڙ هو. مغل بادشاھ همايون جي ساڻس وڏي عقيدت هئي. ’جواھر خمسه‘ سندس مشهور تصنيف آهي. اڪبر جي دربار جو مشهور گويو تانسين سندس خاص عقيدتمند هو جيڪو غوث گوالياريءَ جي مقبري جي احاطي ۾ مدفون آهي.

[منتخب التواريخ ص 564، مرأة الاسرار ص 1226، برصغير مين اسلام اردو ص 95]

ص 112 مراقبي

مراقبي ۾ پڙهڻ جون اهي آيتون ۽ تفصيل شيخ بهاءَالدين جي احوال مان ورتل آهي. اسم ذات جو مراقبو به اتي بيان ٿيل آهي.

[اخبار الاخيار - ص 206]

ص 113 تَخلقُوا بِاَخلاقِ اللهِ

امام غزالي موجب هي حديث جا الفاظ آهن.

[احياء العلوم، جلد 4، ص61]

ص 113 قطب عالم

 ’اخبار الاخيار‘ موجب قطب عالم مخدوم جھانيان جو پوٽو آهي جيڪو اُچ کي ڇڏي گجرات ۾ مقيم ٿيو. 857ھ ۾ وفات ڪيائين. ڪتاب ‘ملهمات’ نالي سان قطب جمال الدين احمد هانسويءَ جي تصنيف آهي. جيڪو عربي نثر ۾ آهي ۽ ان جو انداز ان ريت الهامي آهي ته هر جملي يا عبارت ۾ احمد کي مخاطب ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب عربيءَ ۾ سنگ ميل لاهور طرفان شايع ٿيل آهي جيڪو اسان جي سامهون آهي. تصوف جي معتبر تاريخن ۾ ’ملهمات‘ جو مصنف اهوئي آهي جنهن جي وفات جو سال 700ھ آهي. احمد هانسوي چشتي سلسلي جو وڏو صوفي هو جيڪو بابا فريد گنج شڪر جو فيض يافته هو ليڪن بابا فريد پاڻ سندس وڏي عزت ڪندو هو. بلڪ ائين به چون ٿا ته بابا فريد جڏهن ڪنهن کي خلافت ڏيندو هو ته ان کي شيخ جمال ڏانهن روانو ڪندو هو ۽ ان جي تصديق شيخ جمال ڪندو هو. اخبارالاخيار جي لکڻ موجب بابا فريد وٽس ٻارهن سال هانسي ۾ مقيم هو. بهرحال اسان کي هتي نقل ڪيل عبارت ملهمات ۾ نظر نه آئي.

[اخبار الاخيار - اردو - ص  ۽ 229107،A History of Sufism in India Vol - 1, P- 153]

ص 115 - 117 سلوڪ لغت ۾ هلڻ کي چون ٿا .....

                 بيت: دانستن تو مرتبه تست بدان

هيءَ سموري عبارت ’گنجينئه جھان نما‘ ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي جتي اها وضاحت ملي ٿي ته اها رسالي ’مفتاح الفيض‘ ۾ آهي جنهن جو مصنف شيخ حسن طاهر چشتي جونپوري آهي. گنجينئه جھان نما ۾ شيخ حسن طاهر جو سمورو احوال ’اخبارالاخيار‘ تان نقل ڪيو ويو آهي ۽ 65 کان 68 تائين وارو مواد پڻ اتي موجود آهي ۽ ساڳيو هتي ڏنل آهي.

[گنجينئه جھان نما - ص 112 - 114، اخبارالاخيار فارسي، 201 - 203، تذڪره مشائخ شيراز هند - جونپوري، ص 304 - 307]

ص...... رساله عشقيه ۽ شيخ عبدالعزيز چشتي (898/1497 - 985/1567)

هن جو مختصر احوال ’اخبارالاخيار‘ ۾ ملي ٿو جنهن جو حوالو مخدوم عاقل پاڻ ڏنو آهي. ليڪن اتي شيخ عبدالعزيز جي ڪنهن تصنيف جو حوالو ڪونهي. اهڙيءَ طرح هن جو احوال ڪلمات الصادقين ۾ پڻ ملي ٿو جنهن ۾ دهليءَ جي اڪابر بزرگن ۽ صوفين جو ذڪر ڏنل آهي. ان ۾ شيخ جي ٻن تصنيفات جا نالا ملن ٿا هڪ عينيه ۽ ٻي عزيزيه. ان جو مطلب ته مخدوم عاقل وٽ اڃا ڪو ٻيو ڪتاب هو جنهن تان کيس پتو پيو جو شيخ جون ٻه تصنيفات ڄاڻائي ٿو هڪ رساله ’عشقيه‘ ۽ هڪ ٻيو ڪتاب. گنجينئه جھان نما ۾ عشقيه جو ڪافي مواد نقل ڪيو اٿس بلڪ اهو سمورو مواد وري هتي هن ڪتاب ۾ جيئن جو تيئن ڏنو اٿس. مخدوم عاقل پنهنجي والد توڙي پنهنجي باري ۾ جيڪو مواد گنجينئه جھان نما ۾ ڏنو آهي اهو ئي وري پوءِ ٻين هنڌن تي ملي ٿو يا نقل ڪيو ويو آهي.

هتي شيخ عبدالعزيز چشتيءَ لاءِ اهو ٻڌائجي ته نقشبندي سلسلي جو وڏو شيخ خواجه محمد باقي جيڪو مجدد الف ثانيءَ جو مرشد آهي، اهو جڏهن پهريائين دهليءَ ۾ آيو ته شيخ عبدالعزيز چشتيءَ جي خانقاھه ۾ سندس پٽ قطب عالم (وفات 1024) جو مهمان ٿيو هو.

[گنجينئه جھان نما قلمي ص 184 - 192، اخبارالاخيار فارسي ص 288، ڪلمات الصادقين اردو ص 128، باقيات باقي ص 14، تاريخ مشائخ چشت ص 283، تذڪرمشائخ جونپور ص 308]

ص 121 خواجه عبدالخالق غجدواني (493ھ)

هو خواجه يوسف همداني کان فيض يافته آهي. هن کان مٿي ابوعلي فارمدي ۽ ان کان مٿي شيخ ابوالحسن خرقاني آهي جيڪو بايزيد بسطامي کان روحاني طور فيض يافته آهي. رشحات ۾ اچي ٿو ته خواجه عبدالخالق جي والد عبدالجميل کي پٽ جي بشارت خواجه خضر ڏني هئي. ليڪن ٻئي صفحي تي خواجه خضر کان سڌو سنئون فيض حاصل ڪرڻ جو ذڪر به ملي ٿو. جيئن هتي بيان ڪيو ويو آهي.

[رشحات فارسي ص 34-35]

ص 121 حضرت خضر عليہ السّلام

قرآن پاڪ جي سورة ڪهف ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت خضر جو قصو بيان ٿيل آهي، حالانڪ حضرت خضر جو نالو آيل ڪونهي. حضرت خضر ۽ حضرت موسيٰ جي ٽن ڳالهين ۾ رهنمائي ڪري ٿو. جنهن جي حضرت موسيٰ کي ڪا خبر نه هئي. صوفي اتان استدلال وٺن ٿا ته حضرت خضر هر وقت غيبي رهنمائي لاءِ موجود آهي.

[بيان العارفين، ص352

ص 127 الله تعاليٰ جي نالن جو ذڪر ٽن قسمن جو آهي.

هي سمورو مواد شيخ بهاءَالدين شطاريءَ جي احوال جو ڪتاب اخبارالاخيار تان ورتل آهي.                   [اخبارلاخيار فارسي ص 205]

ص 128 حق جا طالب .......

هي مواد به ساڳئي شيخ بهاءَالدين جي احوال تان ورتل آهي. البت هي ٽڪرو هتي اڳ ۾ آهي ۽ هتي مصنف ان کي پوءِ آندو آهي باقي لفظن ۾ ڪو فرق ڪونهي.

[اخبارالاخيار فارسي ص 205]

ص 133 شطاريه جا ڏھه اصول

هي ڏھه اصول به شيخ بهاءَالدين شطاري جي احوال ۾ بيان ٿيل آهن. هن کان اڳ صفحي 61 - 63 ۽ 64 تي به مؤلف ساڳئي شطاري سلسلي جي حوالي سان ذڪر ڪيو وري هتي به، پر ساڳئي بزرگ جي حوالي سان اهي ڏھه اصول بيان ڪري ٿو.  [اخبارالاخيار فارسي ص 205]

ص 140 اخبارالاخيار عبدالحق محدث دهلوي (958 - 1052)

شيخ عبدالحق محدث دهلوي يارهين صدي جو مشهور عالم دين ۽ صوفي آهي. هو قادري طريقي سان وابسته هو سندس ڪيتريون تصنيفون آهن. هو مجدد الف ثانيءَ جو همعصر آهي گويا جڏهن نقشبندي سلسلو پنهنجي عروج تي پهچي رهيو هو تڏهن شيخ عبدالحق قادري طريقي سان منسلڪ هو. فارسيءَ ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي عربي ڪتاب ’فتوح الغيب‘ جي زبردست شرح موجود آهي. ‘اشعة اللمهات’ مشهور حديث جي ڪتاب مشڪواة جي ڪيترن جلدن ۾ فارسي ۾ شرح آهي. هندستان ۾ سندس انهيءَ بنيادي ڪم جي اهميت ۽ حديث جي علم بابت سندس علمي ڪاوشن سبب هو محدث جي لقب سان مشهور آهي. هندستان جي اوليائن ۽ صوفين جي باري ۾ سندس فارسي تذڪرو ’اخبارالاخيار‘ وڏي اهميت جو حامل آهي. خليق احمد نظامي سندس سٺ تصنيفن جا نالا ڄاڻايا آهن. تلقين السالڪين جي مؤلف گهڻو مواد هن ڪتاب تان کنيو آهي جيئن حاشين مان ظاهر آهي.

[حيات شيخ عبدالحق محدث دهلوي ص 166]

ص 140 شيخ برهان (641-713ھ)

هو شيخ جمال الدين هانسوي جو فرزند آهي جيڪو بابا فريد جو خاص خليفو هو. شيخ برهان پنهنجي حياتيءَ ۾ نظام الدين اولياء سان گهڻو وابسته رهيو. اخبار الاخيار ۾ اصلي الفاظ ’العلم حجاب الله اڪبر‘ آهن. نظام الدين اوليا جو چوڻ آهي ته مون جڏهن انهن لفظن جو مطلب کانئس معلوم ڪيو ته هن ٻڌايو علم اهو آهي جيڪو حق کان علاوه آهي ۽ جيڪا شيءِ حق کان علاوه آهي اها ئي حجاب آهي.

[اخبار الاخيار اردو - ص 108]

ص 145 عطار فريدالدين

هي سمورو احوال جيئن جو تيئن گنجينئه جھان نما ۾ موجود آهي. حوالا به ساڳين ڪتابن جا ڏنل آهن.

[گنجينئه جھان نما قلمي ص 354-355]

ص 143 نفحات الانس

مولانا عبدالرحمٰن جاميءَ جي مشهور معروف تصنيف جنهن جي شروعات 881ھ ۾  ڪيائين ۽ 883ھ ۾ مڪمل ٿي، اهو صوفين جو تذڪرو آهي جنهن ۾ ڇھ سؤ کان مٿي صوفين جو ذڪر آهي. اهو ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ دستياب آهي.

[نفحات الانس- شمس بريلوي، مدينه پبلشنگ هائوس1982]

ص 143 صوفين جون حڪايتون

’صوفين جون حڪايتون‘ نالي عطار جو ڪو ڪتاب ڪونهي. هتي مؤلف جي مراد غالباً تذڪره الاولياء آهي جنهن ۾ صوفين جي سوانح ۽ انهن بابت حڪايتون آهن

ص 143 مجالس العشاق

هرات جي صوفي امير ڪمال الدين حسين بن مولانا شهاب الدين اسماعيل طبسي جي تصنيف آهي. هو نائين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو. پاڻ هي ڪتاب 908ھه ۾ مڪمل ڪيائين. هو مولانا جاميءَ جي مڪتب فڪر سان وابسته هو سندس همعصرن ۾ حسين بايقرا ۽ مير علي شير نوائي جھڙا عالم فاضل شامل آهن.

هن ڪتاب ۾ هن 75 اهڙين شخصيتن جو عشقيه انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي جيڪي ان حوالي سان خاص سڃاڻپ رکن ٿيون.

عطار بابت ڪل ٽن صفحن تي احوال ڏئي ٿو جنهن ۾ عطار جي سامهون درويش جو ڪستي مٿان مٿو رکي مرڻ وارو واقعو ته ملي ٿو پر عطار جو قطب الدين حيدر کان ننڍي وهيءَ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ ۽ ان جي نالي پويان ’حيدرنامه‘ لکڻ جو ڪو ذڪر ڪونهي. بهرحال عطار جي نالي ۾ ڪافي الحاقي يعني جُڙتو ڪتاب منسوب ٿيل آهن جن جي نشاندهي ايران جي وڏي عالم بديع الزمان فروزانفر ڪئي آهي ۽ ان ۾ حيدرنامه، بي سرنامه، مظهر العجائب، لسان الغيب، جواهر الذات، اشترنامه، مفتاح الفتوح شامل آهن. اهڙيءَ طرح ’تذڪرة الاتقيا‘ نالي سان عطار جو ڪو ڪتاب ڪونهي البت ’تذڪرة الاوليا‘ سندس مشهور تصنيف آهي.

[مجالس العشاق ص 140 - 142، شرح احوال ونقد وتحليل آثار شيخ فريد الدين محمد عطار نشاپوري - فروزانفر، تذڪرة الاوليا  طهران ص 374]

ص 145 تحفة الڪرام

سنڌ جي وڏي شاعر ۽ مؤرخ ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع (1727 - 1788) جي تصنيف آهي جيڪو اصل ۾ ٽن جلدن ۾ آهي. سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھه ڪلهوڙي کيس سنڌ جي تاريخ لکڻ تي مامور ڪيو هو. تحفة الڪرام جي پهرين ۽ ٻئي حصي ۾ دنيا جي عمومي تاريخ ڏنل آهي ۽ ٽيون حصو سنڌ جي تاريخ بابت آهي. اهو ڪتاب نامڪمل صورت ۾ ليٿو تي لکنو ۽ دهلي مان ڇپيو هو.

سنڌي ادبي بورڊ ان جو فقط پويون ڀاڱو جيڪو سنڌ متعلق آهي مخدوم امير احمد جي سنڌي ترجمي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق سان پهريون ڀيرو 1957 ۾ شايع ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ اهو ڀاڱو ڪيترا ڀيرا شايع ٿيندو رهيو آهي باقي پورو ڪتاب هن وقت تائين شايع نه ٿيو آهي. جيستائين فارسي متن جو تعلق آهي ته پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق سان وري به ٽيون ڀاڱو سال 1971 ۾ شايع ٿيو آهي.

اسان جي خيال ۾ مخدوم محمد عاقل جو گنجينئه جھان نما تحفة الڪرام جي طرز جو ڪتاب آهي جنهن ۾ دنيا جي عمومي تاريخ سان گڏ صوفين ۽ مشائخن جي سلسلن جو ذڪر آهي ۽ هن ۾ به خاص طور سنڌ جي صوفين عالمن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.

[تحفة الڪرام سنڌي ڇاپو ٻيو 2000، تحفة الڪرام باهتمام سيد حسام الدين راشدي 1971]

ص 146 بايزيد بسطامي ۽ امام جعفر صادق رضه

بايزيد بسطامي جي ولادت جو سال 261ھ آهي ۽ ان ڪري اهو صحيح طور ثابت آهي ته هو امام جعفر صادق جي وفات کان گهڻو پوءِ ڄائو آهي. ڇو ته امام جعفر صادق جي ولادت 80 هجري ۽ وفات 148ھه ۾ آهي.

رساله قدسيه ۾ اها ڳالھه آيل آهي پر اتي اها صراحت به ملي ٿي ته جھڙيءَ طرح شيخ ابوالحسن خرقاني جيڪو بايزيد جي وفات کان گهڻو پوءِ ڄائو پر بايزيد هن جي ولادت ۽ ولايت جي پيش گوئي ڪئي هئي ۽ ان ڪري هن کي بايزيد کان فيض يافته سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح بايزيد بسطاميءَ کي وري روحاني طور امام جعفر صادق کان فيض يافته سمجھن ٿا.

[رساله قدسيه فارسي ص 12]

ص 148 بسا کين دولت ....... ديدار خيزد

هي بيت مولانا جاميءَ جي مثنوي ’سلسلة الذهب‘ مان ورتل آهي.                           [هفت اورنگ ص 95]

ص 148 ٽيون درجو تمنا آهي ۽ چوٿون درجو خبر رکڻ آهي.

هي عبارت صحائف السلوڪ ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي. هتي ڏنل فارسي بيت به اتي آيل آهي.

[صحائف السلوڪ ص 44]

ص 148 ڏھه مرتبا ۽ پنجاھه درجا

هن صفحي کان وٺي 180 صفحي تائين سنڌي ترجمي ۾ يعني ٽيهارو کن صفحن جو مواد شيخ عبدالعزيز بن شيخ حسن طاهر جي رسالي عشقيه مان ورتل آهي. اهڙي وضاحت مخدوم محمد عاقل پاڻ گنجينئه جھان نما ۾ صفحي 184 تي ڪئي آهي. هتي پهريائين رساله عشقيه جي مصنف جي زندگيءَ جو احوال ڏجي ٿو جيڪو سندس چوڻ موجب ’اخبارالاخيار‘ تان ورتل آهي. ان کانپوءِ گنجينئه جھان نما ۾ هتي آيل سمورو مواد 184 صفحي کان 192 تائين جيئن جو تيئن فارسيءَ ۾ ڏنل آهي. جيتوڻيڪ گنجينئه جھان نما تلقين السالڪين کان پوءِ جي تصنيف آهي جيئن هڪ ٻن هنڌن تي پاڻ اهڙي وضاحت ڪئي اٿس.

هتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته ’اخبارالاخيار‘ ۾ شيخ عبدالعزيز توڙي سندس والد شيخ حسن جو احوال موجود آهي جيڪو جھان نما ۾ جيئن جو تيئن ڏنل آهي، تاهم اتي رساله عشقيه جو حوالو ڪو نه ٿو ملي ۽ جنهن مان اهو اندازو ڪري ٿو سگهجي ته مخدوم عاقل وٽ ٻيو ڪو اهڙو ڪتاب هو جنهن ۾ اهو رسالو موجود هو يا اهو رسالو الڳ صورت ۾ موجود هو.

ڊاڪٽر مير ولي الدين ڪتاب ’رموز عشق‘ ۾ شيخ عبدالعزيز جي رساله عشقيه جو اهو سمورو مواد ڏنو آهي جتي حاشيي ۾ اها وضاحت ڪئي اٿس ته اهو سمورو مواد وري نصير الدين محمود چراغ دهلويءَ ڏانهن منسوب ڪتاب ’صحائف السلوڪ‘ ۾ ملي ٿو. اسان صحائف السلوڪ جو مقابلو ڪري تصديق ڪئي ته واقعي ائين آهي جيئن اسان حاشين ۾ تفصيلي وضاحت ڪئي آهي. هاڻي نصيرالدين محمود چراغ دهلوي جو جنم 1256/ ۽ وفات 1356 ۾ آهي. ان صورت ۾ شيخ عبدالعزيز ڏانهن رساله عشقيه جي نسبت صحيح معلوم نٿي ٿئي خاص طور جڏهن صحائف السلوڪ ۾ شامل صحيفه نوزدهم موجب ان ۾ ٻيو گهڻو مواد خاص طور عربي اشعار ۽ اقوال موجود آهن جيڪو عشقيه ۾ ڪونهي.

[گنجينئه جھان نما ص 184 کان 192، رموز عشق ص 24 - 52، صحائف السلوڪ ص 43 - 66، اخبارالاخيار]

ص 149 وهي استواءُ القلب ......

هيءَ سموري عبارت صحائف السلوڪ ۾ موجود آهي البت اتي جيڪي عربي شعر آهن اهي هتي ڏنل ڪونهن.

[صحائف السلوڪ ص 45]

ص 149 ٻيو درجو غيرت جو آهي.

هي مواد صحائف السلوڪ تان ورتل آهي بلڪ فارسي بيت اصلي متن ۾ غلط لکيل آهي جيڪو هتي اسان جيئن جو تيئن ڏنو آهي درست شعر هن ريت آهي.

من باد نخواهم که وزد بر چو تو باغي

تا از چه نسيمي نرساند بد ماغي

[صحائف السلوڪ ص 46]

ص 150 بوعلي شرف الدين قلندر (605

هي ٻئي بيت ديوان بوعلي قلندر ۾ ملن ٿا جيڪي هتي مصنف پاڻ آندا آهن ڇو ته باقي ٻيو مواد ساڳيو رساله عشقيه ۽ صحائف السلوڪ وارو آهي.

[ديوان بوعلي قلندر ص 166]

ص 150 ٽيون درجو شوق آهي.

هي مواد ۽ هن سان گڏ آيل بيت صحائف السلوڪ ۾ موجود آهي.

[صحائف السلوڪ ص 46]

ص 150 اللّٰهم احشرني .......

خواجه شبليءَ جي هيءَ دعا موجود آهي، البت هتي فارسيءَ جو شعر ٻيو آهي.

[صحائف السلوڪ ص 46]

ص 151 چوٿون درجو ذڪر محبوب آهي.

هي مواد به صحائف السلوڪ ۾ آهي، البت اتي ڏنل عربي شعر هتي ڪونهي.                                [صحائف السلوڪ ص 47]

ص 152 حافظ جو بيت: عشق تو نهال ...

هي شعر صحائف السلوڪ ۾ ڪونهي جيڪو هتي مؤلف پاڻ آندو آهي باقي عبارت ساڳي آهي.

[صحائف السلوڪ ص 48]

ص 154 ۽ 155

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org