مخدوم محمد عاقل
(رابع)
حياتيءَ جو احوال
جيئن ته مخدوم خاندان جو هي فرد پوري خاندان جي
تاريخ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتابن جو مصنف آهي جن جو تعداد اٺ
آهي. سندس چوڻ مطابق کيس والد صاحب مخدوم
عبدالخالق لقب حضوري ٻڌايو ته سندس والد يعني
مخدوم محمد عاقل جو ڏاڏو محمد عاقل (ثالث) هن
خاندان جو پهريون فرد هو جيڪو نقشبندي سلسلي سان
وابسته ٿيو ۽ شاھ صفي الله مجددي نقشبنديءَ جي
ڀاءُ شاھ فضل الله سرهنديءَ کان بيعت ٿيو. گويا ان
وقت کان وٺي هن خاندان جي وابستگي باقاعدي نقشبندي
طريقي سان ٿي.
مخدوم عاقل پنهنجي ننڍپڻ ۽ تعليم جو ذڪر ڪندي چوي
ٿو ته مون پنهنجي والد ماجد کان علمي ۽ روحاني فيض
حاصل ڪيو. فقہ، تفسير ۽ حديث جا مڙئي علوم سندن
نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪيم. ايتريقدر جو جيڪي عبارتون
خاص طور ’شرح عقائد‘ ۽ ’هدايه‘ وغيره جون مشڪل
محسوس ٿينديون هيون، اهي سڀئي رات جو سندن آڏو
دهرائڻ سان بيحد آسان معلوم ٿينديون هيون. آءٌ
ائين سمجھندو هوس ته اهو سندس خاص توجھ جو اثر هو
جو اهو سڀ ڪجھه سمجھي سگهندو هوس بلڪ دل تي چڱيءَ
طرح نقش ٿي ويندو هو. آخر ۾ مون کي قرائت قرآن
ڪريم ۽ صحاح سته جي مسلسل سَند اجازت پنهنجي استاد
کان وٺي انهن ڪتابن جي مصنف تائين عطا ڪيائون.
انهيءَ ڪتاب ۾ مخدوم عاقل پنهنجي والد مخدوم
عبدالخالق حضوريءَ مٿان هڪ ڏينهن خاص ڪيفيت وارد
ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪيئن پاڻ هڪ ڏينهن ڪچھريءَ
۾ ويٺا هئا جو سندن حالت غير ٿي وئي. سندس بدن ۾
ڏڪڻي ۽ درڙيون اڀرڻ لڳيون ۽ چھري جو رنگ بلڪل
بدلجي ويو بلڪ پنهنجو منهن کڻي گوڏن ۾ وجھي
ڇڏيائون. جڏهن ٿوري دير ۾ اها ڪيفيت ختم ٿي ته
اسان ان حقيقت جي سمجھڻ تي اصرار ڪيو ته چيائون
اها ڏاڍي ڳوري ڳالھه هئي، بلڪ پاڻ بيان ڪرڻ لڳا ته
بابا آسمان تي ملائڪن جي منادي ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي
جو چئي رهيا هيا ته اوليائن جي ڪرامتن جو خاتمو ٿي
چڪو آهي ۽ سڀ حڪم الاهيءَ آڏو ڪنڌ جھڪائڻ لاءِ
تيار ٿي وڃو. اهو حڪم خداوندي هو جيڪو سنڌ مٿان
ڪفار يعني انگريزن جي حڪمرانيءَ جي صورت ۾ نازل
ٿيو آهي. هاڻي اها ڳالھه طئي آهي ته سنڌ مٿان
انگريزن جو قبضو تاريخ 17 فبروري 1843 / 17 محرم
1259 تي واقع ٿيو. گويا انهيءَ خراب صورتحال يعني
سنڌ جي انگريزن هٿان فتح کي انهيءَ باطني رنگ ۾
بيان ڪيو ويو آهي.
مخدوم محمد عاقل پنهنجي نوجواني جو هڪ واقعو بيان
ڪيو آهي ته اهو سندس ڦوھ جوانيءَ جو زمانو هو جڏهن
آءٌ پورو هڪ مهينو پنهنجي والد سان سفر ۾ گڏ هوس.
آخر هڪ رات ڪن دوستن جي اثر هيٺ هڪ رقص وسرود واري
محفل ۾ والد کان لڪي چوريءَ وڃي شامل ٿيس. وري رات
وچ ۾ ئي لڪي ڇپي اچي بستري تي سمهڻ لڳس ته مون
محسوس ڪيو ته والد صاحب کي گويا سڀ ڪجھه معلوم ٿي
چڪو هو. صبح جو اٿڻ سان مون کي اڪيلائي ۾ سخت
فهمائش ڪيائون جنهن جو اثر منهنجي باقي زندگيءَ
مان ڪڏهن به زائل نه ٿيو.
انهيءَ زماني ۾ مون کي نقشبندي ذڪر جي طريقي جي
خاص تلقين ۽ تربيت ڏنائون، بلڪ اها تحرير جي صورت
۾ منهنجي حوالي ڪيائين. ان کانپوءِ مون کي باقاعدي
مريد ڪري پنهنجي نظرداريءَ هيٺ سلوڪ جون منزلون
طئي ڪرايائون. مخدوم عاقل لکي ٿو ته انهن ڏينهن ۾
آءٌ اسم ’الله‘ جي نقش سان ’حبس دم‘ ۾ ايتري مشق
ڪري ورتي جو ’هزار بار بيک دم‘ تي قادر ٿي ويس پر
انهيءَ مشق جو اهو اثر پيو جو منهنجي طبيعت ان کان
پوءِ سماع ڏانهن گهڻو مائل ٿيڻ لڳي، ايتريقدر جو
پوري پوري رات محفل سماع ۾ گذري ويندي هئي ته خبر
ئي نه پوندي هئي. انهيءَ صورتحال ڪافي پريشان ڪري
وڌو ۽ خاص طور جڏهن خواجه باقي بالله جيڪو مجدد
الف ثانيءَ جو مرشد هو ان جي ڪن مڪتوبات تي نظر
پئي جن ۾ نقشبندي طريقي ۾ سماع ۽ سرود جي سخت
ممانعت نظر آئي ته ان پريشانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.
اها حقيقت جڏهن والد صاحب جي علم ۾ آئي ته پاڻ منع
ڪرڻ جي بجاءِ هيئن چيائون:
”توهان جنهن ڪيفيت ۾ مبتلا آهيو ان حال ۾ اوهان کي
سماع مباح آهي. ڇو جو ان طرح اوهان کي روحاني قوت
۽ تسڪين حاصل ٿئي ٿي ۽ اوهان جي دل و دماغ کي
تقويت ملي ٿي ۽ اها ڪيفيت اوهان لاءِ ذڪر و فڪر جي
لحاظ کان معاون ثابت ٿئي ٿي. البت سماع جي محفل جو
پاڪيزه هجڻ شرط آهي.“
مخدوم عاقل اڳتي هلي اعتراف ڪيو آهي ته ڪافي وقت
اها حالت رهي تاهم ڪجھه عرصي گذرڻ بعد طبيعت ان
قيد کان آزاد ٿي وئي.
مولانا دين محمد وفائي پهريون دفعو کهڙن جي مخدومن
بابت سڀ کان پهريون تفصيل سان لکيو ۽ سندس ڪتب
خاني جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو ۽ هو مخدوم عاقل جي
اٺن ڪتابن جا نالا ڄاڻائي ٿو، جن مان خاص طور پنج
قابل ذڪر آهن:
1. تاريخ آئينه جھان نما جيڪو هڪ ضخيم تصنيف آهي.
2. رياض المحافل مجلس جي آداب بابت لاجواب تحرير
آهي.
3. بهار دانش يا قصه چهار درويش
4. منبع المعاني جيڪو پاره عم جو تفسير آهي.
5. ديوان عاقل
اها عجيب ڳالھه آهي ته موجوده ڪتاب ’تلقين
السالڪين‘ جو وفائي صاحب ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي.
ظاهر آهي ته اهو ڪتاب سندس نظر کان نه گذريو هو.
مخدوم محمد عاقل جي زندگيءَ جو اهم واقعو جيڪو پاڻ
بيان ڪيو اٿس جنهن مان سندس علمي ۽ شخصي ڪردار جي
پختگي ۽ اعليٰ ظرفي ۽ خاص طور شرعي ۽ سماجي فيصلن
۾ غير معمولي سمجھه ۽ فهم جو پتو پوي ٿو.
اهو سال 1264ھه ۾ اُچ شريف جي جيلاني پيرن ۽
گهوٽڪيءَ جي جيلاني پير صاحبان درميان تنازعي
نبيرڻ ۾ سندس فيصله ڪن ڪردار آهي. معلوم ٿئي ٿو ته
ٻنهي ڌرين کيس امين جي حيثيت ۾ قبول ڪيو هو.
اهو شرعي فيصلو رياست بهاولپور جي والي حاجي فتح
محمد خان جي روبرو عالمن ۽ مشاهيرن جي روبرو ٿيو
جنهن کي ٻنهي ڌرين دلي طور قبول ڪيو ۽ ان جي نتيجي
۾ مخدوم صاحب کي هر ڪنهن تحسين ۽ آفرين ٿي چئي.
مخدوم صاحب اهو واقعو پاڻ ’آئينه جھان نما‘ ۾ بيان
ڪيو آهي ته ڪيئن سبزل ڪوٽ پهچڻ تي سندس شاهي
استقبال ڪيو ويو ۽ پوءِ گاديءَ واري هنڌ احمد پور
۾ اچي پهتا جتي ڌرين جي سامهون اهو فيصلو ٿيو.
مخدوم صاحب لکيو آهي ته احمد پور کان ٽي ميل اڳ ۾
رياست جو والي پاڻ پالڪيءَ ۾ سوار ٿي سندس استقبال
واسطي اچي پهتو هو. محفل جي آغاز تي مولوي
قمرالدين بهاولپوري هيٺين شعرن سان خوش آمديد چئي:
اي ز علوم تو ملک مهتديٰ
خلق به علم تو شده مقتديٰ
دکش تو گشته دل عالمي
آمد نه شد سپر هر غمي
چو تو نمودي سوئي ما دلکشي
ز آمدنت گشت محصل خوشي
منتظر عالم و هم ملتجي
جِئت اِلينا فنعم المحي.
ٻنهي ڌرين وٽ اڳئي تحريري صورت ۾ فيصلا موجود هئا،
جنهن کي تسليم نٿي ڪيائون. ان موقعي تي مخدوم صاحب
وڏو قانوني نڪتو بيان ڪيو ته ڌرين وٽ پنهنجي راءِ
موجب فيصلا ان ڪري آهن جو عام طور هڪ ڌر وڃي ڪنهن
عالم کي پنهنجو مسئلو ٻڌائيندي آهي ۽ اهو عالم
سڳورو ان ڌر جي راءِ ٻڌي ان مطابق تحرير جاري ڪندو
آهي. جيئن ته هر ڪا ڌر پنهنجو موقف ٻڌائيندي آهي ۽
اهڙي صورت ۾ جڏهن ٻي ڌر جو موقف سامهون نه هوندو
آهي ته تحرير به اهڙي نڪرندي آهي. هاڻي جيئن ته
هتي ٻئي ڌريون آمهون سامهون موجود آهن، تنهنڪري
ٻنهي کي ٻڌي فيصلو صادر ڪيو ويندو. فيصلي جي
ڪاروائي پورو هڪ هفتو جاري رهي ۽ آخر ۾ تحريري
فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن لاءِ ضروري شاهديون به
ورتيون ويون. اهو فيصلو ٻنهي ڌرين وڏي خوشيءَ سان
قبول ڪيو. مخدوم صاحب جي لکڻ موجب اهو جمعي جو
ڏهاڙو هو ۽ کيس جمعي جي نماز جي خطبي لاءِ والي
رياست پاڻ فرمائش ڪئي جيڪا احمد پور جي جامع مسجد
۾ ادا ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڻ علمي خطاب ڪيائين.
هن اهم واقعي ۽ فيصلي مان مخدوم محمد عاقل جي علمي
۽ فڪري پختگيءَ جو پتو پوي ٿو ۽ ان مان سندس عمر
جو اندازو به ڪري سگھجي ٿو ڇو ته اسان کي سندس جنم
جي سال بابت ڪٿي معلومات نٿي ملي. شعور جي پختگي ۽
تجربي ۽ ڄاڻ جو مظاهرو هن فيصلي مان ٿئي ٿو ان مان
اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ضرور چاليهن سالن کان
پڪي عمر هوندي. ان حساب سان سندس جنم 1220ھ ڌاري
سمجھي سگهجي ٿو. وري جيئن ته سندس وفات 1293ھه ۾
ٿي ته گويا ستر سالن جي پڪي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
پير محمد اشرف سندس قطعه تاريخ وفات هيئن چئي آهي:
آه از فوت حضرت مخدوم
از جهان رسم جود وحلم برفت
سال وصلش چون از خرد جستم
گفت هي هي شعاع علم برفت = 1293ھ
ديري غازي خان جي مولوي عبدالنبي هيٺيون قطعه
تاريخ چيو آهي:
حضرت مخدوم ما روشن ضمير
سوئي
عقبيٰ گشت چون رحلت پذير
از وفات او جهان شد غمين
خاک برسر کرد هر برناد و پير
وائي ويلا گشت پنهان زير خاک
علم را آن آفتاب مستنيز
آنکه مثل او نه بود اندر جهان
بي عديل و بي مثال و بي نظير
سال وتاريخش ومه وصالش زغيب
هاتفم گفتا ششم شعبان گير = 1293ھه
مخدوم محمد عاقل جيترو عالم ۽ فاضل هو اوترو ئي
زاهد ۽ عابد ۽ رياضت ڪرڻ وارو هو. ڪتاب ’رياض
المحافل‘ ۾ پنهنجي روزانه جي معمولات، ذڪر اذڪار،
اوراد ۽ وظائف جو تفصيلي ذڪر ڪيو اٿس جيڪو قابل
توجھه آهي ۽ اهو اقتباس هتي پيش ڪجي ٿو:
“حضرت والد بزرگوار جي وصال بعد ولي عهديءَ جي پڳ
هن فقير مٿان آئي. مسند شريعت تي وهڻ شرط عوام
الناس جا ديني توڙي دنيوي مسئلا هڪ طرف خانگي ۽
خانداني اختلاف مقدمات ٻئي طرف هن مسڪين فقير کي
بلڪل وڪوڙي ويا. جنهن لاءِ پاڻ کي سمورو وقت مقرر
ڪيل وردن وظيفن وغيره ۾ ورهائي بند ڪري ڇڏيم ته من
الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي پياري ڪلام جي صدقي ۽
وردن وظيفن جي برڪت جي طفيل مون کي استقامت بخشي ۽
منهنجي باقي زندگي عزت ۽ احترام سان بسر ڪرائي.
مون پنهنجي زندگيءَ جو هي معمول جوڙي ڇڏيو هو ته
رات جا ٽي پهر گذري وڃڻ بعد اٿي کڙو ٿيندو آهيان
سڀ کان اول تازو وضو ڪري، نماز تهجد ادا ڪندو
آهيان (تهجد ۾ نفلن جو تعداد سنت طريقي مطابق مقرر
ٿيل نه آهي) پهرين حمد و ثنا سان رطب السان ٿي ان
بعد صلوات سوري حضور انور عليه الصلواة والسلام
مٿان پڙهي. قصيدو بردو پڙهندو آهيان. ڇو ته اهوئي
اسان جي وڏن جو معمول پي رهيو آهي. ان بعد صبح جو
آذان تائين مڙئي ماثوره دعائون ۽ مناجاتون پوريون
ڪري. پنهنجي حويليءَ تي ئي ٻه رڪعتون سنت (صبح
نماز جي) ادا ڪري فرض نماز باجماعت پنهنجن وڏن جي
جوڙايل جامع مسجد ۾ وڃي ادا ڪندو آهيان. فجر نماز
بعد پنهنجي مرشد ڪامل حضرت خواجه محمد عبدالباقي
مجددي سرهندي جو تلقين ڪيل قلبي ذڪر يعني ”لاالـٰہ
الاالله“ سندن فرمودي مطابق جيئن پاڻ سڳورن فرمايو
آهي ته ”ان جي مددن کان ڇڪي دماغ جي چوٽيءَ تائين
رساءِ“ ائين ڪندو آهيان اها مشق گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو
دفعه دهرائيندو آهيان. وري ٻيو دفعو ”لاالـٰہ“ جي
ڇڪ سڄي پاسي واري ڪلهي کان پڙهي کٻي پاسي تائين
جيڪا جاءِ قلب صنوبري جي آهي (دل) اتي پڄائي
”الالله“ جي ضرب هڻندو آهيان. بعد ۾ وري ڇاتيءَ جي
سڄي پاسي کان ”الاالله“ جي مشق اهڙي طرح ڪندو
آهيان. جو اسم ”الله“ جي ضرب وري کٻي پاسي بلڪل دل
جي مٿان لڳي. معلوم هئڻ گهرجي ته ڇاتيءَ جو سڄو
طرف ”مَحَلّ رُوُحُ“ آهي جيئن کٻو طرف قلب
صنوبريءَ جي جاءِ آهي. اهو تڪرار به هڪ سئو ڀيرا
ئي ڪندو آهيان. اهڙي طرح ذڪر اسم ”الله“ مابين
الصُدر (يعني سيني جي وچ تان) جيڪا جڳهه دراصل سري
لطيفي جي آهي. اتان کان شروع ڪري تا بنهايت دماغ
تائين پهچائيندو آهيان. اهو عمل پڻ هڪ سؤ دفعه
ڪندو آهيان. ساڳي طرح اسم ”الله هو“ پڻ هڪ سئو
دفعه دهرائڻ بعد اسم ”محمد رسول الله ﷺ“ جو به هڪ
سئو دفعه تڪرار ڪندو آهيان. ان ذڪر کي زبان سان
ادا ڪرڻ وقت خيال کي قلب صنوبريءَ تي متوجھه ڪرڻو
پوندو آهي. ساڳئي وقت حضرت مرشد پاڪ جو ”نقش“
متصور بجانت راست (سڄي پاسي کان) اهڙيءَ طرح مشغول
به اسم ”الله“ ٿيندو آهيان جو اسم الله منقش بقلب
صنوبري ٿي ويندو آهي. اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري
ضروري آهي ته جيئن دل و دماغ صرف ذات باري تعاليٰ
ڏي متوجھه رهي ۽ ماسواءِ ”الله“ (بشمول ڪونين) کان
بلڪل ڪٽجي وڃي ”سواءِ خداوند تعاليٰ جي دنيا جھان
جي ٻي ڪا به شئي دل دماغ ۾ بلڪل نه رهي.“ مرشد
سڳوري جو تصور اها ڪيفيت حاصل ڪرڻ ۾ معاون ٿيندو
آهي. جتان ڏاڪڻ جي شروعات ٿيندي آهي جيڪا هيءَ
آهي: 1. فنا في المرشد يا فنا في الشيخ 2. فنا في
الرسول 3. فنا في الله 4. بقا بالله (هڪ ڏاڪو فنا
في المحبوب به چيو ويندو آهي. جيڪو طريقت جو
پهريون ڏاڪو تصور ڪيو وڃي ٿو فنا في المحبوب قادري
۽ نقشبندي طريقي ۾ نماز ۽ سهروردي ۽ چشتي طريقي ۾
جنسي محبوب تصور ڪيو ويندو آهي) اصل طريقت وارن وٽ
سلوڪ جون هي پنج منزلون ٻڌايون ويون آهن. هن ذڪر
جي مڪمل حقيقت پوري تفصيل سان مرتب ڪيل ڪتاب
”تلقين السالڪين“ ۾ شرح وار بيان ڪيل آهي. طالب کي
هن طرف رجوع ٿيڻ گهرجي. اهڙن مڙني ذڪرن کي ”قولاً
۽ تصوراً“ ادا ڪندو آهيان. ان بعد ٻين وردن لطيفن
۾ مشغول ٿي ويندو آهيان.“
ورد وظيفن جي باري ۾ نهايت تفصيل سان بيان ڪيو
اٿس. هو لکي ٿو:
”هڪ سئو دفعه سورة الفاتحه بمع تسميه بسم الله
الرَّحمٰن الرَّحيم جو ورد ان سان گڏ ٽي دفعه سورة
سڳوري
قل يا ايها الکافرون بمع تسميه
(عليحده عليحده هر پڙهڻيءَ سان) ان سان گڏوگڏ ”يا
مجيب“ جو ورد پنجونجاھ دفعه ان کان پوءِ ٽي ٽي
دفعه هر هڪ سورة سڳوري يعني سورة اخلاص ”قل
هو الله احد“
۽ معوذتين ”قل
اعوذ برب الفلق ۽ قل اعوذ برب الناس بمع تسميه“
(جدا جدا پڙهڻيءَ سان) وري هڪ سئو دفعه الاهي اسم
”يا
واسع“
وري هڪ سئو بار اسم ”يا
باسط“
ان بعد هڪ دفعو آخر ۾ ”يا
باسط اَنُتَ الَّذي يبسط رَزُقَ کُلّ شيءِ
بِقُدُرِته يا بُاسِطُ“
ان بعد هڪ سئو دفعه اسم ”يا
فتاح“
وري هڪ سئو دفعه عليحده. بسم الله الرحمٰن الرحيم
جو ورد وري ٻه سئو يارهن دفعه اسم ”يا
منعم“
وري هڪ سئو دفعه ”سُبحاَنَ
الله وَبَحمدِہ“
ان بعد هڪ سئو ڏھه دفعه ”ياکافي“
ان سان متصل آية سڳوري ”من
يتق الله يعمل له مخرجا و يرزقه من حيث لا يحسب
ومن يتوکل عليٰ الله فهو حسبه اِن الله بالغ امرہ
قد جعل الله لکل شيءِ قدراً“
جو ورد ڏيڍ سئو دفعه پڙهي آخر ۾ هڪ پوري تسبيح سئو
مڻين صلواة سڳوريءَ جي پڙهي مسجد سڳوريءَ کان ٻاهر
نڪرندو آهيان. مسجد کان نڪرڻ بعد سڀ کان اول خانگي
۽ گهريلو ضرورتن جو احوال معلوم ڪرڻ خاطر سڌو
حويليءَ ڏانهن ويندو آهيان. جو ڪجھه موجود هوندو
آهي الله تعاليٰ جا شڪرانه بجا آڻيندي کائي پي بعد
۾ اوطاق ۾ اچي وهندو آهيان. پوءِ جيڪڏهن ڪو شرعي
مقدمو پيش ٿيندو آهي ته پهرين اهو فيصلو ڪيو ويندو
آهي. جيڪڏهن ڪو به اهڙو مسئلو درپيش نه هوندو آهي
ته تصنيف ۽ تاليف جي ڪم کي لڳي ويندو آهيان. اهو
ڪم چاشت جي وقت تائين جاري رهندو آهي. چاشت جي نفل
جي ادائيگيءَ بعد منجھند جي ماني کائي قدري ليٽي
پوندو آهيان. (قيلولو ڪندو آهيان) ان بعد ظهر جي
نماز جي ادائيگي (باجماعت) لاءِ مسجد شريف هليو
ويندو آهيان. نماز کان فراغت بعد مسجد شريف اندر
هڪ خلاصو نفل ”براءِ
حل مشکلات“
ادا ڪندو آهيان. جنهن جي پهرين رڪعت ۾ سورة
الفاتحه ٽي دفعه لاڳيتي سورة ”اذا
زلزلة الارض زلزالها“
وري ٻي رڪعت ۾ سوره الفاتحه کان پوءِ ”والعاديات
ضبحاً“
هيءَ سورة به ٽي دفعه لاڳيتي پڙهندو آهيان. وري
اتي ئي ٻي رڪعت ۾ بيٺي بيٺي ٽي دفعه ”يا
غوث المثتغيثين اغثنا“
پڙهي رڪوع ۾ وڃي سجدن بعد التحيات پڙهي نفل مڪمل
ڪندو آهيان. ان کان پوءِ هڪ حِزبُ ”حزب
الاعظم“
منجھان ته وري هڪ حزب ”دلائل
الخيرات“
منجھان پڙهندو آهيان. تان جو عصر نماز جو وقت ٿي
ويندو آهي. عصر نماز باجماعت پڙهي بعد ۾ ختم
خواجگان حضرات نقشبنديه (معهوده) ڪڍندو آهيان. ان
بعد جيڪڏهن وقت بچندو آهي ته قرآن و حديث مان وعظ
و نصيحت بيان ڪري ان وقت کي سجايو ڪندو آهيان.
اهڙي طرح مغرب نماز جو وقت ٿي ويندو آهي. مغرب
نماز باجماعت ادا ڪري پنهنجن بزرگن شهيدن ۽ ٻين
ڪامل ولين راقم الله عليه اجمعين جي زيارت جي غرض
سان قبي اطهر ڏانهن هليو ويندو آهيان. فاتحه ۽
قرآن خواني بعد (خصوصاً يٰسين ۽ قل وغيره) دعا
گهري، اگر ڪا خاص مدّعا (اگر هجي) اها بيان ڪري
حاصلات جو عرض پيش خدمت رکي، واپس حويليءَ طرف موٽ
کائيندو آهيان. اهڙي طرح گهر پهچي ٽي نفل ”صلواة
الاوابين“
حويليءَ اندر ادا ڪندو آهيان ۽ پهرئين نفل جي هر
رڪعت ۾ سورة الفاتحه کانپوءِ ٽي ٽي سورة اخلاص ”قل
هو الله احد“
وري ٻئي نفل ۾ هر رڪعت اندر الفاتحه کان بعد سورة
يٰسين پوري ۽ ٽئين نفل ۾ الفاتحه کان بعد ”سورة
الملک“
’تبارک الذي بيده الملک‘ پڙهندو آهيان. ان بعد هڪ
خصوصي نفل جداگانه پڙهندو آهيان، جنهن جي پهرين
رڪعت ۾ الفاتحه کان بعد سورت
’لقد جاءَ کم رسول من انفسکم‘
پوري ۽ ٻي سورة ’والضحيٰ
والليل اذاسجيٰ‘
پوري. وري ٻي رڪعت ۾ الفاتحه کان بعد سورة اخلاص
ٽي دفعي پڙهي نفل مڪمل ڪندو آهيان ۽ ان نفل جو
ثواب تحفةً پيش جناب حضور رسالت مآب سيد المرسلين
محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي عرض رکندو آهيان. وري ٻيو هڪ
نفل جنهن ۾ پهرين رڪعت ۾ الفاتحه بمع سورة الم
نشرح وري ٻي رڪعت ۾ الفاتحه کان سورة ”اخلاص“
(قل هو الله احد) ٽي دفعه پڙهي جناب حضرت غوث
الثقلين پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني رحه جي
روح پر فتوح کي بخشيندو آهيان. ان بعد حاضر طعام
تناول ڪري عشاء نماز باجماعت ادا ڪرڻ لاءِ مسجد
شريف ڏانهن هليو ويندو آهيان. نماز کان فراغت بعد
پنهنجي حويليءَ تي واپس ٿيندو آهيان. اتي پهچي
مصلو وڇائي هڪ نفل ادا ڪندو آهيان. جنهن جي پهرين
رڪعت ۾ الفاتحه بعد آية الڪرسي ۽ ٻي رڪعت ۾
الفاتحه کان بعد سورة اخلاص ٽي دفعا پڙهي نفل مڪمل
ڪري ان جو ثواب والدين جي ارواح متبرڪ کي بخشيندو
آهيان. ان بعد هڪ نفل ٻيو به براءِ قضاءِ حاجات
ديني و دنيوي پڙهندو آهيان. جنهن جي پهرين رڪعت ۾
الفاتحه بعد پنجويھ دفعه آية ڪريم
’ومن يتق الله يجعل له فرجاً والي آخر الاية‘
۽ ٻي رڪعت ۾ الفاتحه بعد ساڳي آية سڳوري اوترائي
دفعه پڙهي. ان سان گڏ هڪ سئو ڀيرا هي دعا پڙهندو
آهيان. ته ”اللٰهم
اکفلني بحلالکَ عن حرامک وَاغثني بفضلک عَمّن (عَن
مّن) سواک.“
اهڙي طرح اهو نفل مڪمل ڪري دعاءِ خير گهري وڃي
بستري تي دراز ٿيندو آهيان ۽ اڪثر به رحمة خداوندي
جلد ئي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويندو آهيان. وري دستور
موجب رات جا ٽي پهر گذرڻ بعد اٿي ويندو آهيان ۽
تازو وضو ساري پنهنجي روز شب جي معمول مطابق تهجد
نماز ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان. بعد ۾ ساڳي طرح وردن
وظيفن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. هي روزانو
معمول پاڻ بقلم خود بيان فرمايو اٿن. ”ربنا
ارزقنا باتباعهٖ“
(آمين).
اها هڪ حقيقت آهي ته جيتوڻيڪ خيرپور جا حڪمران مير
صاحبان اثناعشري عقيدو رکندا هئا پر خاندان
مخدومان سان سندن تعلقات تمام بهتر هئا. خاص طور
مخدوم محمد عاقل رابع جي زماني ۾ جڏهن خيرپور جو
حڪمران مير علي مراد خان هو، جنهن جو ثبوت اهي ٻه
ڪتاب ’تاريخ آئينه جھان نما‘ ۽ ’تلقين السالڪين‘
آهن جو انهن ٻنهي جي شروعات ۾ مصنف ٻڌائي ٿو ته
انهن ڪتابن لکڻ جي تحريڪ جو سبب مير صاحب هو.
’تلقين السالڪين‘ ۾ ايترو به لکي ٿو ته مير علي
مراد کي تصوف جي ڪتابن پڙهڻ ۽ خاص طور شيخ فريد
الدين عطار جي ڪتابن ۽ مثنوي روميءَ سان چڱو شغف
آهي ۽ وٽس اهڙا ڪتاب موجود آهن، بلڪ مير صاحب کي
سالڪ طريق الاهي جھڙن الفاظن سان ياد ڪري ٿو.
ساڳيءَ ريت تاريخ آئينه جھان نما جيڪو 1288ھ ڌاري
مڪمل ڪيو اٿس. ان جي شروعات ۾ پڻ مير علي مراد خان
جي تعريف ڪري ٿو. هتي ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته
تاريخ آئينه جھان نما ۾ مصنف تاريخ سان دلچسپي ۽
دسترس جو مظاهرو ڪري ٿو. هو شروع ۾ ئي انهن ڪتابن
جا نالا ڄاڻائي ٿو جيڪي سنڌ جي تاريخ بابت سندس
مطالعي هيٺ هئا، جن ۾ چچ نامو، تاريخ طاهري، تحفة
الڪرام جا نالا کڻي ٿو ۽ ٻي تاريخ جي سلسلي ۾
طبقات شاهي، جمع الجوامع، تاريخ بي بدل،
اخبارالاخيار ۽ هڪ ٻئي غير معروف ڪتاب رساله علي
اصغر ٺٽوي جا نالا بيان ڪري ٿو. جيئن نالي مان
ظاهر آهي ته مصنف هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڄاڻ موجب پوري
دنيا جنهن کي ان وقت تائين ستن اقليمن تي مشتمل
سمجھيو ويندو هو، ان سان آغاز ڪري ٿو.
بهرحال هي ڪتاب پراڻي طرز تحرير جو نمونو پيش ڪري
ٿو جو ان ۾ بابن ۽ فصلن ۾ ورهائڻ جي باوجود ان ۾
ڪافي مونجھارا آهن. پهريون فصل رسول ڪريمﷺ جي
حياتي مبارڪ بابت آهي ته ٻيو خلفاءِ راشدين بابت
آهي. سنڌ بابت فصل جو عنوان آهي ’سنڌ جي حڪومت جو
ڏاهر ڏانهن منتقل ٿيڻ.‘
ڪتاب ’رياض المحافل‘ مخدوم عاقل جي علمي لياقت ۽
فارسي زبان تي عبور جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو ڪتاب
ڪافي ضخيم آهي جنهن ۾ مخدوم صاحب جا پنهنجا شعر
جابجا ڏنل آهن. شعر جي صنف ۾ غزل، قصيدا، مولود ۽
تاريخ جا بي شمار قطعات ملن ٿا. نبي ڪريم ﷺ جي شان
۾ نعت جنهن ۾ غزل جو رنگ نمايان آهي شاعر جي اعليٰ
شعور تي شاهد آهي.
ز ديده ام خاطو شد چشم هزار الحاح
به اشتياق رخت يا نبي مساء وصباح
بيا و برفگن از رخ نقاب وکن نظري
که تا بر آيد کام دلم ز کوئي فلاح
به بوئي صبح رخت گشت شمعه دل بي نور
بيا که تا شود از نور حکمت چو صباح
بغير دست رسي ساقي شه مردان
کس نه کرد در دل کشاده با مفتاح
دلست فارغم از کار ومحض بستئه تست
رخم نما که ز جام تو نشرب الا فداح
سواد کفر فراز گير شد مقابل دين
وجود دين بغربت رسيد رفت صلاح
لب تو خضر حياتست خيز شمع جهان
بکن منور دين را به شعلئه مصباح
مدام باد به ’عاقل‘ هوائي آل رسول
بروضه اش برسانم تو خالق الا صباح
مخدوم عاقل نهايت وسيع مطالعي وارو هو جنهن ۾ شعر
و شاعريءَ کي خصوصي حيثيت حاصل آهي. فارسي زبان جي
وڏن شاعرن جي تتبع تي ڪيترا غزل چيا اٿس، مثلاً
حافظ شيرازيءَ جي هڪ غزل جي جواب ۾ پنهنجو غزل
هيئن چيو اٿس:
ز چشم بد رخ خوب ترا خدا حافظ
که گشت روئي تو بر هر هوس خدا حافظ
چه حالتي بدلم دست دار وقت و داع
که در کنار بگفتم ترا خدا حافظ
چو از کنار برفتي دلم کناره گرفت
بخواب و خور سخن بگفته ام خدا حافظ
عجب گرفت ازين در دلم که زلف سياه
بجائي مارسر گنج از خدا حافظ
سيه باد رخ آن کس که يد بيند
ازو و از همه او ضاع اؤ خدا حافظ
دلم چو ديد روخت کرد بامهش نشبيه
رميده خاطر گفت آن کجا خدا حافظ
لب تو شکر بخشيد با دل ’عاقل‘
که شعر هاش خوش آمد به غمزه اش خدا حافظ
فارسيءَ جي مشهور شاعر صائب تبريزيءَ جي مشهور غزل
جنهن جو رديف آهسته آهسته آهي هيٺيون غزل چيو اٿس:
برون شد از خم ديرين شراب آهسته آهسته
بر آمد از پس کوه آفتاب آهسته آهسته
فريب روئي آتشناک او خردم نه دانستم
که خواهد خورد چون کباب آهسته آهسته
به اين خورسندم از نسيان روز افزون پير يميها
که از دل مي برد ياد شباب آهسته آهسته
بيا بشنو تو پند من اگر هستي تو ’عاقل‘ دل
که طفل خورد مي خواند کتاب آهسته آهسته.
سنڌيءَ ۾ مناجات جو نمونو هيٺين ريت آهي:
فضل ڪر يا رب محمد مصطفيٰ جي واسطي
سيد الڪونين شاهِ انبياء جي واسطي
يا الله العالمين! ڪر عرض منهنجو هي قبول
استجب هٰذا دعا ئي مجتبيٰ جي واسطي
دور ڪر رنج والم سختيون سڀئي آسان ڪر
هن سچي صديق اڪبر با صفا جي واسطي
فضل جي هٿ سان مون کي مقصود جو ميوو چکاءِ
حضرت فاروق عادل بي ريا جي واسطي
ٻن جھانن ۾ طفيل حضرتِ عثمان غني
ڪين شرمندو ڪجان، صاحب حيا جي واسطي
بارگاه عالي ۾ تنهنجي، هيءَ منهنجي آ التجا
حل ٿئي مشڪل منهنجو مشڪل ڪشا جي واسطي
بلبل باغ مدينه، قرةِ عينِ رسول
يعني بي بي فاطمہ خيرالنساء جي واسطي
ڏي خوشي دل کي منهنجي، سرسبز ڪر نخل مراد
هن جگر خسته حسن، صاحب لواءِ جي واسطي
هر طرف کان فوج غم جي، آھ سيني تي چڙهي
ڏي پنہ يا رب! شهيد ڪربلا جي واسطي
ڪير توريءَ يا خدا! ڏي داد هن دلگير کي
زود تر فرياد رس، زين العبا جي واسطي
سخت حيران آهيان، ڪر رحم جي مون تي نظر
باقر و جعفر علي، موسيٰ رضا جي واسطي
موسيٰ ڪاظم ۽ تقي ۽ هم نقي ۽ عسڪري
۽ امام مهديو صاحب سخا جي واسطي
يا الاهي! دور ڪر، اندوھ دل جا درد غم
اي غوث اعظم! پير مرشد رهنما جي واسطي
ڪر شفاعت هاڻ مون تي يا نبي! بهر خدا
يا خدا! ڏي فيض مون کي مصطفيٰ جي واسطي
آهيان ’عاصي‘ ٿو ڪنبي، هن خوف ۾ سارو بدن
هٿ کڻڻ آهي شرم، مون کي دعا جي واسطي
هتان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌيءَ ۾ هو پنهنجو تخلص
’عاصي‘ استعمال ڪري ٿو.
مخدوم عاقل کي فارسي انشا پردازيءَ تي ڪمال حاصل
هو جنهن جا ڪيترا نمونا ملن ٿا. ڪي اهڙا خط ملن ٿا
جن ۾ سين جو حرف ڪم نه آندو اٿس ته ڪن ۾ وري ذال
کي محذوف يعني ڪڍي ڇڏيو اٿس.
مشهور تاريخ نويس عطا محمد شڪارپوري جيڪو ’تاريخ
تازه نواءِ معارڪ‘ جو مصنف آهي ۽ انگريز ڪليڪٽر
سان سنڌ جي فتح کان وٺي وابسته رهيو ۽ سنڌ ۾
انگريزن هٿان جاگيرن جي بحاليءَ جي ڪم ۾ سندن خاص
نائب يا ملازم هو. بلڪ انگريزن جو معتمد خاص هو جو
آخر ۾ کيس ٽي سو ايڪڙ زمين جاگير طور ڏني وئي هئي.
هو پڻ فارسي زبان جو انشا پرداز هو سندس ڪيتريون
تصنيفون ملن ٿيون. مخدوم عاقل ڏانهس هڪ خط لکيو
جنهن ۾ پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جو پورو زور ظاهر ڪيو
اٿس. هڪ خط ڏسڻ وٽان آهي.
”سر ورق صحيفه قابليت - منتخب جريده فراست شيراز
بندي مجموعه فرزانگيت - ترسيع بند قصيده مودت
ترکيب بند قاعده محبت بيت الاتحاد فرد في الوداد
قطعئه منتظم دانش رباعي داستان بينش غامض نکات
عجيبه غواص بحور کلمات غريبه - اعليٰ مشفقي ومکرمي
مرزا صاحب محمد عطا عطاه الله تعاليٰ العز و البقا
بعد از ترشيح استعارات اسلمه وتوضيح کنايات ادعيه
که اوتاد رقعات اتحاد است مشهود نعمي روشن روئي مي
گرداند - الحمد لله والميه که از يد منشي تقدير
مثنويات خيريت وجود فقرائي بحس مطلع است وترقيم
قوافيات و رديفات مالات خيريت سماعت ذات عطائي
مدام از دبير نون والقم که مامور از حکم کن فيکون
است - برصيغه لوح محفوظ حسن طلب از آنجا که توصيف
اوصاف آن برجسته مصرعه کائنات که مانند مصرعه صائب
بفکر صائب که چون مصرعه بلند افتد بديو آن مي زند
بدفاترمي آنجامد بر ملک بستان ترکيب بلغاءِ معدوم
النمايه روئي مي نمايد لاجرم ازين وادي متعادي
روئي گردانيده به مطلب مي آمديم - الغرض نکو بوئي
تو شيخ جمن در عهد معتمدي کار خدمت فقرآئي چون
زمائم شاذ شعريه نامستحسن به نظر رسيده - که اکثر
از روئي به قافيه موزون تجاوز گرفته روئي به تنقيص
تقطع آورده - لاجرم شيخه پنجه که پنجه زن حسن مطلع
است وقافيه سنج مقطع به تحويل نظام امور سرفراز
کرده شد - توقع که هرچه از طبع زاد خود در تراکيب
اشعار امور فقرائي کوشش نمايند از تصحيح ترجيح
بکثير فکر او را مانند شاهد رنگين محلي ومجلي به
تصحيح وترجيح فرمانيد - که منظور سَند اقبال گردد
- زياده بخير باشيد.“
تلقين السالڪين جا ماخذ
مخدوم محمد عاقل ’آئينه گنجينئه جھان نما‘ جھڙي
ضخيم تصنيف وقت اهو ضروري سمجھيو ته ان ڪتاب لکڻ
وقت جيڪي ماخذ سندس سامهون هئا انهن جا نالا هن
ريت ڄاڻايا اٿس: چچ نامه، تحفة الڪرام، تاريخ
طاهري، تاريخ برگزيده، جمع الجوامع، طبقات بهادر
شاهي، تاريخ بي بدل، رساله علي اصغر ٺٽوي ۽
اخبارالاخيار وغيره. ليڪن ’تلقين السالڪين‘ تصنيف
ڪندي ڪنهن به ڪتاب جو نالو نه ڏنائين، جنهن ڪري ان
سلسلي ۾ ڪافي محنت ۽ جستجو ڪرڻي پئي آهي ۽ پوءِ به
سڀني ماخذن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي بهرحال ماخذ
جي لحاظ کان هيٺيان ڪتاب خاص اهميت رکن ٿا:
’گنجينئه جھان نما‘ ۾ مخدوم عاقل تقريباً وڏن
نقشبندي حضرات جو ذڪر ڪيو آهي ۽ خاص طور تي
بهاءُالدين نقشبند جو جنهن جا اقوال به ڏنا اٿس.
’رساله قدسيه‘ يعني خواجه بهاءُالدين نقشبند جا
ڪلمات قدسيه جنهن جو مرتب خواجه محمد پارسا آهي.
هن ننڍي رسالي ۾ خواجه نقشبند جا مختصر ڪلمات ۽
انهن جو تفصيلي شرح ڏنل آهي. نقشبندي فڪر جي سلسلي
۾ هن ڪتاب کي ان ڪري بنيادي اهميت حاصل آهي جو
خواجه نقشبند کان ئي نقشبندي سلسلي کي اهو نالو
مليو آهي. هن مختصر رسالي ۾ جتي بنيادي تصورات
جھڙوڪ سير الي الله ۽ سير في الله جي سمجھاڻي ملي
ٿي. جيئن چيو ويو ته فنا مان مراد سيرالي لله جي
انتها آهي ۽ بقا مان مراد سير في الله جي ابتدا
آهي. سير في الله ان وقت مڪمل ٿئي ٿو جڏهن انسان
کي مطلق فنا يعني ٻنهي ذات ۽ صفات جي فنا حاصل ٿئي
ٿي ۽ کيس حقاني وجود عطا ٿئي ٿو. تڏهن هو الاهي
صفات سان متصف ٿي الاهي اخلاق حاصل ڪري ٿو. اهو ئي
قرب جو مرتبو آهي جنهن ڏانهن حديث قدسي ”بي
يسمع وبي يبصر وبي ينطق وبي يبطش وبي يمشي وبي
يعقل“
۾ اشارو موجود آهي.
ان کانپوءِ نقشبندي فڪر جو نهايت اهم نڪتو بيان
ٿيل آهي ته فنا في الله ۽ بقا بالله جي درجي تي
پهچڻ کان پوءِ به سالڪ جي مٿان شريعت جون پابنديون
۽ احڪام ختم نٿا ٿين.
ذڪر جي باري ۾ چيو ويو آهي ته انسان لاءِ الله
تعاليٰ جو ذڪر هن کي ياد ڪرڻ جي توفيق سان ٻڌل آهي
۽ ان کان پوءِ ئي اهي مرتبا حاصل ٿين ٿا جيڪي ذڪر
جو ثمر آهن يعني زبان جو ذڪر، دل جو ذڪر، روح جو
ذڪر، سر جو ذڪر ۽ ذڪر خفي.
هڪ دفعي جڏهن خواجه نقشبند کان پڇيو ويو ته توهان
جي طريقي ۾ ذڪر جھري ۽ خلوت ڪونهي ته پوءِ توهان
جي طريقي ۾ باقي ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ”ظاهر ۾ خلق
سان گڏ پر باطن ۾ خالق سان گڏ“ ۽ ان موقعي تي هي
شعر پڙهيائين:
از درون شو آشنا و از برون بيگانه وش
کاين چنين زيبا روش کم مي بود اندر جھان
ٻيو ڪتاب جيڪو ماخذ طور استعمال ٿيو آهي اهو
’رشحات عين الحيات‘ آهي، جنهن جو مصنف مولانا
فخرالدين علي آهي جنهن ان ڪتاب کي 909ھ/ 1503ع ۾
مڪمل ڪيو. هن ڪتاب ۾ نقشبندي بزرگن خواجه يوسف
همدانيءَ کان وٺي خواجه عبيد الله احرار تائين
يعني ڪل 135 حضرات جو احوال ۽ مناقب، اقوال ۽
حڪايتون بيان ٿيل آهن. گويا ڇهين صديءَ کان نائين
صديءَ جي مشائخن جو ذڪر ملي ٿو. فخرالدين پاڻ
خواجه عبيدالله احرار کان فيض حاصل ڪيو هو. هتي
نقشبندي سلسلي جي جن يارهن اصولن جو بيان ڪيو ويو
آهي اهي دراصل يارهن رشحات آهن جيڪي جيئن جو تيئن
ان ڪتاب مان ورتل آهن. مصنف جي فارسي عبارت ۾
اهوئي لفظ استعمال ٿيل آهن، بلڪ رشحات جي مصنف جن
به ٻين نقشبندي صوفين جا اقوال يا ملفوظ ڏنا آهن،
انهن کي ’رشحه‘ جو ئي نالو ڏنو آهي. هتي جن يارهن
رشحات يا اصولن جو ذڪر آهي، اهي رشحات جي صفحي 35
کان صفحي 50 تائين وارو مواد سمجھڻ گهرجي. مصنف
’رشحات‘ کي ڪڏهن ڪڏهن ’ڪلمات قدسيه‘ به چوي ٿو.
بهرحال اسان انهن جو وڌيڪ تفصيل هن ڪتاب جي حاشين
۾ ڏنو آهي. |