فصل ٻيو
يارهن اصول يا رشحات
اي طالب! ڄاڻي ڇڏ ته نقشبندي طريقي ۾ سموري ذڪر
خفي بابت يارنهن رشحات يا اصول آهن، جيڪي خواجگانِ
طريقت جو بنياد آهن.
پهريون ”هوش در دم“ (هر دم کڻڻ وقت هوش رکڻ)، ٻيو
”نظر بر قدم“ (پنهنجي قدم تي نظر رکڻ)، ٽيون ”سفر
در وطن“ (پنهنجي وطن ۾ سفر ڪرڻ)، چوٿون ”خلوت در
انجمن“ (مجلس ۾ خلوت اڪيلائي اختيار ڪرڻ)، پنجون
”ياد کردن“ (ياد ڪرڻ)، ڇهون ”باز گشت“ (دوباره
موٽائڻ)، ستون ”نگاه داشت“ (نگاھ ڪرڻ)، اٺون ”ياد
داشت“ (ياد رکڻ) نائون ”وقوف عددي“ (ڳڻپ تي قائم
رهڻ)، ڏهون ”وقوف زماني“ (وقت کي قابوءَ ۾ رکڻ) ۽
يارهون ”وقوف قلبي“ (دل تي رهڻ).
مٿي ذڪر ڪيل اهي اصول ۽ اصطلاحي عبارتون ضرور ياد
رکڻ گهرجن. انهن يارهن اصطلاحن جي شرح به ضروري
آهي، جيڪا نه رڳو مختصر آهي پر ڪنهن حد تائين
تفصيلي آهي. مطلب ته ڪن جي اجمالي شرح هوندي ته ڪن
جي وري تفصيلي شرح ڪئي ويندي.
وَاللَّهُ يَقُولُ الْحَقَّ وَهُوَ يَهْدِي
السَّبِيلَ
(الاحزاب:4)
[بيشڪ الله حق چوي ٿو ۽ اهو ئي هدايت جي راھ
ڏيکاري ٿو.]
رشحه پهريون:
”هوش در دم“ يعني هر وقت هر ساھ پساھ ۾ هوش سان
رهڻ. هن جو مطلب آهي ته هر پساھ جيڪو ٻاهر اچي ٿو
اُهو حُضورَ جي راز کان واقف هوندو آهي ۽ غفلت ان
کان نٿي ٿئي. خواجه بهاءُالدين نقشبند فرمايو آهي:
”هن ڪم جو دارومدار هر ساھ پساھ تي منحصر آهي.
اهڙي طرح هن اهم وظيفي دوران زبان کي ماضي ۽ حال
جي ذڪر کان بلڪل خالي ڪري ڇڏي ۽ نفس کي ان وچ ۾ نه
آڻي جو ضايع ٿي وڃي ۽ هر ساھ ٻاهر ڪڍڻ ۽ داخل ڪرڻ
وقت ٻنهي ساهن جي حفاظت جي ڪوشش ڪري. مطلب اجايو
هيٺ نه وڃي ۽ نه ئي مٿي اچي. (يعني ساھ بلڪل قبضي
۾ رهي).“ [8] جيئن هن رباعي ۾ چوي ٿو:
اي مانده ز بحرِ علم بر ساحلِ عين
در بحرِ فراغت است بر ساحلِ شين
بر دار صفي نظر ز موج کونين
آگاه به بحر باش بين النفسين
[اي علم جي درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل! تون درياءَ
(عين) جي مٿان آهين، درياءَ ۾ اندر ئي سڪون آهي ۽
ڪنڌيءَ تي بي آرامي آهي. تون پنهنجي صاف نظر ٻنهي
جھانن جي موجن کان هٽاءِ، بلڪ هڪ ساهيءَ (ٻن ساهن
جي وچ ۾) انهيءَ درياءَ کان واقف ٿيءُ.]
مولانا جاميءَ رُباعيات جي شرح جي آخر ۾ آندو آهي
ته: ”شيخ ابوالجنّاب نجم الڪبريٰ پنهنجي رسالي
’فوائح الجمال‘ ۾ چيو آهي ته: ’ذڪر حيوانات جي نفس
تي جاري آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جا پساھ ازحد ضروري
آهن. ڇو ته انهن جي ٻاهر اچڻ يا هيٺ وڃڻ وقت ”هُو“
(الله تعاليٰ) آهي يعني الله تعاليٰ جو ڳجھ ظاهر
ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو پڙهي يا نه پڙهي. اهي ئي حرف
آهن. ڇو جو الله تبارڪ و تعاليٰ جو اسم مبارڪ
”الله“ آهي. (هن ۾) ”الف“ ”لام“ تعريف لاءِ آهي ۽
لامَ تي شد مبالغي لاءِ آندي ويئي آهي. گويا ان جي
تعريف لاءِ عقلمند کي گهرجي ته الله سبحانه و
تعاليٰ ڏي نسبت ڪرڻ وقت متوجھه رهي. الله تعاليٰ
ڏانهن ئي نهاريندڙ هجي. هن حرف شريف جي اُچارڻ وقت
اها ذات يعني حق تعاليٰ سندن لفظن ۾ هجي. ساھه
ٻاهر ڪڍڻ ۽ اندر کڻڻ وقت خبردار هجي ته جيئن الله
تعاليٰ سان حضوريءَ واري نسبت ۾ ڪو خلل يا فتور نه
پوي ته جيئن بنا تڪليف جي نظر رکي سگهي. ان جي اها
نسبت سندس دل جي حضور سان هئڻ گهرجي ۽ ڪنهن قسم جي
تڪلف سان نه ڪري جو اها سندس دل کان پري ٿي سگهي.
[9]
’ها‘ غيب هُويت آمد اي حرف شناس
وانفاس ترا بود بر آن حرف اَساس
باش آگه ز آن حرف در اُميد وهراس
حرفي گفتم شگرف اگر داري پاس
[”هُو“ ۾ ’غيب هويت‘ وارو حرف سڃاڻ، تنهنجا ساھه
پساھه انهن حرفن جو بنياد هئڻ گھرجن گويا تون انهن
حرفن کان اُميد به رک ته خوف به رک. قيمتي حرف
چوان ٿو جيڪڏهن تون انهن کي سنڀالي رکين.]
مخفي نه رهي ته ”غيبت هُويت“ هن رُباعيءَ ۾ چيل
آهي. تصوف وارن جي اصطلاح توڻي اهلِ تحقيق وارا هن
عبارت مان مراد الله تعاليٰ جي لاتعين (بنا مقرر
ڪرڻ جي) اعتبار سان شرط اطلاق حقيقي جو قيد نه آهي
۽ اطلاق پڻ ممڪن نه آهي. هن ڪُن جي مرتبي ۾ ڪو به
عمل ڪونهي جيڪو به انهيءَ سان تعلق رکي اُهو هرگز
انهيءَ سان متعلق نٿو ٿئي ۽ انهيءَ ڪري، اتي سندس
ڪيفيت مجهول مطلق آهي.
رشحه ٻيو:
”نظر بر قدم“ (يعني هر قدم تي نظر) هن موجب سالڪ
کي هلڻ، چلڻ توڻي اچڻ، وڃڻ. پوءِ اهو هر شهر ۾ هجي
يا بيابان ۾، پر هر جاءِ تي سندس نظر پنهنجي پيرن
جي پٺ مٿان هجي ته جيئن سندس نظر گندي نه ٿئي ۽ نه
ڪڏهن ڀٽڪي. گويا جتي جاءِ نه هجي ته قدم نه رکي.
قدم تي اهڙي نظر رکڻ سالڪ جي سير جو لازمي حصو
هجي. سفر ۾ جلدي ڪري ۽ اڳيان پٺيان خود پرستي کان
بچي. يعني جتي سندس نظر پوي اُتي ختم ٿي وڃي ۽
تڪڙو پنهنجا قدم اُتي رکي. ڇو ته، ابومحمد رويمؒ
فرمايو آهي ته: ”ادب
المسافران لاجاوز همه قدمه“
[مسافر لاءِ ادب اهو آهي ته هن جي همت سندس قدم
کان ٻاهر نه پوي.]
انهيءَ مضمون کي مولانا جاميءَ ڪتاب ’تحفة
الاحرار‘ ۾ خواجه بهاءُالدين (نقشبند)
جي تعريف ڪندي هن ريت نظم ۾ آندو آهي:
کم زده بي همدمي هوش دم
در نگذشته نظرش از قدم
بس که زخود کرده بسرعت سفر
باز نمانده قدمش از نظر
[هن (بهاءُالدين) دوست کان سواءِ ڪو دم (هوش در
دم) شايد ئي کنيو هجي، هن جي نظر سندس قدم (نظر بر
قدم) کان ڪڏهن به پري نه هٽي. بس، هن پنهنجو پاڻ
کان ايڏي تيزيءَ سان سفر ڪيو جو کيس وري پنهنجي
قدم تي نظر ڪرڻي نه پئي.]
رشحه ٽيون:
”سفر در وطن“ (وطن ۾ سفر ڪرڻ) انهيءَ اصطلاح جي
سمجھاڻي هن طرح ڏني وئي آهي ته سالڪ پنهنجي بشري
طبيعت ۾ ملائڪن واريون صفتون آڻي ۽ خراب صفتن کي
چڱين خصلتن ۾ تبديل ڪري.
مولانا سعدالدين فرمايو آهي: ”خبيث ماڻهو جتي به
مرندو آهي اتان خباثت نه ويندي آهي ۽ جيستائين
سندس اها خباثت کانئس نه موڪلائي وڃي.“ طريقت جي
صاحبن جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن بزرگن جي
سفر اختيار ڪرڻ ۽ اقامت جا مختلف انداز آهن. هڪڙا
بدايت (شروع) ۾ سفر ڪن ۽ نهايت (انتهيٰ) ۾ مقيم
ٿين ٿا، ڪي وري نهايت ۾ سفر ڪن ٿا ۽ بدايت ۾ مقيم
ٿين ٿا. ڪجھ وري بدايت ۽ نهايت ۾ مقيم هوندا آهن ۽
ڪجھ بدايت ۽ نهايت ۾ سفر ڪن ٿا. اِهي چارئي طريقا
انهن چئني فرقن جو ارادو مقصد واضح ڪن ٿا. جيئن
’عوارف‘ ۾ وضاحت ٿيل آهي. پر خواجگان جو طريقو اهو
آهي ته هو بدايت واري حال ۾ ضرور سفر پورو ڪري پاڻ
کي دوست جي خدمت ۾ پهچائين ٿا ۽ اتي ئي خدمت ۾
مقيم ٿين ٿا. جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪٿي به ڏسن ته سفر
ترڪ ڪري ان دوست جي ملازمت ۾ مقيم ٿي وڃن ٿا ۽
بهترين ڪوشش ڪندي پنهنجي مَلڪي کي اڳتي وڌائيندا
رهن ٿا. [10] ملڪ جو اهو سفر ۽ اقامت ئي
سندن حاصلات آهي. هي حضرات فرمائيندا آهن ته
مبتديءَ (طالب) کي اهڙي سفر ۾ پريشانيءَ جي ڪا خبر
هرگز حاصل نه ٿيندي آهي. جڏهن طالب اهڙي عزيز دوست
جي صحبت کي پهچي ٿو ته اُن کي جڳائي ته سڪون سان
ويهي رهي ته جيئن وصف تمڪين (ويجھڙائيءَ وارو
مرتبو) حاصل ٿئي ۽ اُتي پهچڻ کان پوءِ کيس خواجگان
جي زيرِ تربيت يعني هنن جو هٿ وٺڻ گھرجي. انهيءَ
مرتبي کان پوءِ جيڏانهن گھري هليو وڃي، کيس منع نه
آهي:
يا ربَّ چه جوش است بي دهان خنديدن
بي زحمت پا گرد جهان گرديدن
[اي ربّ! اهو ڪهڙو جوش آهي جتي بنا وات کولڻ جي
کلڻ اچي ٿو ۽ پيرن کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ ماڻهو
سڄو جھان گھمڻ لڳي ٿو.]
حضرت مخدومي ڪتاب ’اشعة اللمعات‘ ۾ هن بيت جي شرح
ٻئي بيت سان ڪئي آهي:
که آئينه صورت از سفر دور است
که آن پذيرائي صورت از نور است
[آئيني وانگر صورت سفر کان پري آهي، ڇو ته اها
صورت جي پذيرائي به نور کان ٿيندي آهي.]
مطلب ته اهو ظاهري آئينو جيڪو لوھ کي صاف ڪري
ٺاهيو اٿن، ان ۾ ڏسندڙ جي صورت کي ظاهر ٿيڻ لاءِ
اهو ضروري ناهي ته منجھس صورت (شڪل) به اهو سفر يا
جنبش اختيار ڪري. ڇو ته اهڙو آئينو پنهنجي پاڻ اها
صورت يا شڪل يا جنبش قبول ڪري ٿو ۽ صورت کي ان
لاءِ حرڪت ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. ساڳيءَ ريت هڪ دل
جو معنوي آئينو جڏهن اجاين صورتن کان پاڪ ٿئي ٿو ۽
منجھس نوراني صفائي ۽ چمڪ داخل ٿئي ٿي ۽ طبيعت جون
اوندھ مائل خواهشون زائل ٿين ٿيون، تڏهن اهڙو
آئينو ذات ۽ صفات جي تجليات جي حصول خاطر سير
وسلوڪ جي حاجت نٿو رکي. ڇو ته سير ۽ سلوڪ اهڙي
عبادت وانگر آهي جيڪا ڪٽيل قلب کي صاف ڪرڻ جي لاءِ
گھربل آهي. جڏهن هن کي اها صفائي ۽ سٺائي [11]
حاصل ٿي ته پوءِ سير ۽ سلوڪ کان بي پرواھ ٿي وڃي
ٿو.
رشحه چوٿون:
”خلوت در انجمن“ (انجمن ۾ به اڪيلائي) خواجه
بهاءُالدين (نقشبند) کان پڇيو ويو ته ”اوهان جي
طريقي جو بنياد ڇا آهي؟“ پاڻ فرمايائون ته، ”خلوت
در انجمن“ يعني محفل ۾ به اڪيلائي. (اڪيلائي
اختيار ڪرڻ) يعني ظاهر ۾ خلق سان هجي ۽ باطن ۾ حق
سبحانہٗ وتعاليٰ سان هجي.
از درون شو آشنا و از بيرون بيگانه باش
اين چنين زيبا روش کم مي بود اندر جهان
[اندر ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ سان آشنائي (وقفيت) رک
۽ ٻاهران ڀلي بيگانو هج! اها اهڙي سونهن آهي جيڪا
دنيا ۾ تمام گھٽ نظر ايندي آهي.]
جيئن الله تبارڪ وتعاليٰ فرمائي ٿو:
رِجَالٌ لَا تُلْهِيهِمْ تِجَارَةٌ وَلَا بَيْعٌ
عَنْ ذِكْرِ
اللَّهِ
(النور:37)
[اُهي الله تعاليٰ جا اهڙا ٻانها آهن جن کي (دنيا
جو) ڪو به واپار يا ڏيتي ليتي جو معاملو الله
تعاليٰ جي ذڪر کان (ڪڏهن به) غافل نٿو ڪري.] اِهو
اشارو انهيءَ باطني مقام طرف آهي. فرمايائون ته
باطني نسبت هن طريقي ۾ هن طرح آهي ته دل جي جمعيت
اها آهي ته دل جنهن محفل ۾ هوندي ان کان گھڻو
مختلف هجي. خلوت لاءِ فرمايائون ته اسان جو طريقو
صحبت آهي ۽ خلوت ۾ شهرت ۽ شهرت ۾ آفت. اها خبر آهي
صحبت ۾ جمعيت لاءِ شرط هڪ ٻئي جي نفي آهي. خواجه
ڪبير رحه فرمايو آهي ته انجمن ۾ خلوت اُها آهي جو
مشغولي ۽ استغراق ذڪر ۾ اهڙي مرتبي کي پهچي جو
جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي يا ايذايو وڃي ته
منجھانئس ڪوبه آواز يا ڪا دانهن به نه نڪري. ذڪر
جي غلبي ۽ دل جي حقيقت بابت سندس قول آهي ته ذڪر
سان پنجن ڇهن ڏينهن تائين اهڙي طرح مشغول رهڻ سان
اهڙي مرتبي تي پهچي وڃجي ٿو جو سڀني شين جا مڙئي
آواز ۽ حڪايتون سندس اڳيان ذڪر ۾ محو نظر اچن
ٿيون ۽ خود اهو ذڪر اهڙو ٿيندو آهي جيڪو هونئن بنا
ڪوشش ۽ اهتمام جي ٿي نه سگھندو آهي. [12]
رشحه پنجون:
”ياد کرد“ (ياد ڪرڻ) ان مان مراد ذڪر زباني يا
قلبي آهي. هن سلسلي ۾ مولانا سعدالدين ڪاشغري چيو
آهي ته، هن ذڪر جي سيکارڻ جو طريقو اهو آهي ته
پهريائين شيخ دل سان چوي: ”لاالـٰہ الاالله محمّد
رسول الله“ ۽ مريد پنهنجو پاڻ حاضر ڪري ۽ شيخ جي
دل سامهون رکي ۽ اکيون بند ڪري وات کولي تيار ڪري
رکي ۽ زبان کي تارونءَ سان لڳائي، ڏند ڏندن تي رکي
۽ پنهنجي نفس کي قابوءَ ۾ رکي ۽ تعظيم سان ۽ قوّت
سان هر ذڪر ۾ شروع کان وٺي شيخ جي موافق دل سان
چوي نه زبان سان. نفس يعني ساھ جي بند ٿيڻ تي صبر
ڪري ۽ هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٽي ڀيرا چوي. اهڙي طرح جو
ذڪر جو اثر ۽ ميٺاج سندس دل تائين پهچي. وڌيڪ لکيو
اٿن ته ”ذڪر جو مقصد اُهو آهي ته دل هميشه الله
سبحانہٗ وتعاليٰ کان باخبر هجي ۽ ذڪر جو مغز ۽ روح
اهوئي آهي. ان جو طريقو جنهن ذريعي نگاه داشت
(نظرداري) تمام آسان آهي. اُها هيءَ آهي ته ساھ
دُن کان هيٺان بند ڪري چپن کي چپن تي رکي
(چنبڙائي) ۽ زبان کي تارونءَ سان لڳائي. ان جو سبب
اِهو آهي ته جيئن نفس ان ۾ گھڻو عمل دخل نه ڪري.
دل جي حقيقت جيڪا مقصود آهي. اها تڏهن صادر ٿئي ٿي
جو جيڏانهن به وڃي ته دنيا جون مصلحتون ان کي
پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي نه وجھن. تڏهن اکين جي کولڻ ۽
ٻوٽڻ جي وقفي دوران کيس آسمانن تي وڃڻ ۽ اُتي سير
ڪرڻ جو موقعو ميسر آهي. مطلب پاڻ کي هر فڪر کان
آجو ڪري ڇڏي ۽ ان گوشت جي ٽڪري ڏانهن متوجھ ٿئي
جيڪا صنوبر جي شڪل ۾ آهي. (يعني دل) ۽ ان کي ذڪر
سان مشغول ڪري. هن طريقي سان جو ”لاالـٰہ الاالله“
جو ڪلمو زور سان پنهنجي صنوبري دل تي هڻي. ائين
ڪرڻ سان انهيءَ حرڪت جو اثر جسم جي سڀني عضون تي
پهچندو. [13] ائين جڏهن هو پنهنجي نفس
ڏانهن نگاھ ڪري ته سڀني حادث شين جي وجود فاني ۽
غير ضروري محسوس ڪري، پر جڏهن اثبات طرف ڏسي ته
وجود حق تعاليٰ کي باقي سمجھي ۽ هن کي مقصود ڪري
ڄاڻي. پنهنجي سڀني وقتن کي هن ذڪر ۾ مستغرق ڪري
ڇڏي ۽ ٻيو ڪو به شغل وٽس موٽي نه اچي. تان جو
”لاالـٰہ الاالله“ جي ڪلمي جي تڪرار سان توحيد جي
صورت سندس دل ۾ قرار وٺي ۽ ذڪر سندس دل جي لازمي
صفت بنجي پوي.
رشحه ڇهون:
”باز گشت“ (موٽائڻ يا پڙاڏو وغيره) هن جو مطلب آهي
ته هر ڀيري دل جي زبان تي ڪلمه طيب جو ذڪر چوي ان
جي پويان هي الفاظ چوي ته ”خداوندا! تون ئي منهنجو
مقصود آهين، منهنجي رضا ۾ به تون آهين.“ جيئن ته
هيءُ ڪلمو نفي جو ورجاءُ ڪندڙ آهي. تنهنڪري ان سان
هر نيڪي ۽ برائي جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ صرف ذڪر
خالص رهجي وڃي ٿو. انهيءَ جو راز ماسوا کان واندو
ڪرڻ آهي، جيڪڏهن مُبتدي (طالب) کي شروعات ۾ هن
ڪلمي سان سچائي نصيب نه ٿئي ته اُن کي جڳائي ته هو
اُن کي ترڪ نه ڪري ڇو ته صدق جا آثار درجي وار
ظهور ۾ اچن ٿا.
رشحه ستون:
”نگاه داشت“ (نظر رکڻ) ان جو مطلب دل جي خيالن تي
نگاھ رکڻ آهي. جيئن هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا
ڪلمه طيبه کي چوي جو ان جو خيال ٻاهر نه وڃي.
مولانا سعدالدين هن معنيٰ ۾ چيو آهي ته (طالب) کي
جڳائي ته هڪ ساعت يا ٻن ساعتن تائين اُهو مقدار
ميسر ٿئي ۽ پنهنجي دل مٿان نگاھ رکي ۽ غير جو تصور
دل مان ڪڍي ڇڏي. [14] مولانا قاسم جيڪو
سندس وڏن صحبتين مان هو، هڪ ڏينهن ڪنهن مجلس ۾ چيو
ته جيڪو مَلڪو نگاھ ۾ رکي ٿو ته هو انهيءَ جي درجي
کي پهچندو ۽ اهو فجر ٿيڻ کان وٺي ٻن پهرن تائين دل
کي غيرن جي خطري کان نگاھ ۾ رکي سگھي ٿو. انهيءَ
لحاظ سان ته وقت جو پيمانو ۽ خيالي قوّت پوري ريت
هجي يا کڻي هڪ پل هجي. هڪ ساعت ٿي آهي. وڏن صوفين
وٽ اهو تمام وڏو ڪم آهي جيڪو توکي نصيب ٿئي ٿو.
رشحه اٺون:
”ياد داشت“ (يادگيري) ان مان مراد الله تعاليٰ سان
تنهنجي هميشه واري آگاهي آهي ۽ اها خاص ذوق جي
حالت آهي. ٻين وٽ وري اِها حضور بي غيب آهي. پر
وڏن صوفين جي نزديڪ اُهو مشاهدو آهي، جيڪو شهود حق
تعاليٰ جي صورت ۾ غالب پوي ٿو، پر ذاتي اشاري جي
واسطي سان اهو حصول ياد داشت مان آهي. مطلب حضرت
مولانا صاحب هنن مٿين چئن ڪلمن جي شرح بابت هيئن
چيو آهي ته ياد ڪرڻ تڪليف جي ڪري آهي. ذڪر ۽
بازگشت الله تعاليٰ ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي، انهيءَ
ڪري جڏهن هو هر ڀيري ڪلمه طيّبه چوي ٿو ته ان جي
بدلي اهو ضرور خيال ڪري ٿو. اي خداوندا! منهنجو
مقصود تون آهين ۽ نگهداشت جو مطلب اهڙي رجوع بنا
گفتگو جي سنڀال آهي جو ياد داشت جو مطلب نگهداشت
کي پڪو ڪرڻ آهي. [15]
رشحه نائون:
”وقوفِ زماني“ خواجه بهاءُالدين فرمايو ته وقوفِ
زماني اُهو آهي ته پنهنجي ڪار گذاري ۽ سڌي راھ
بابت اهو بندو خود واقف هجي. اهو ڄاڻي ته هر وقت
سندس حال ڇا آهي؟ اهو شڪراني جو موجب آهي يا تڪليف
جي ڪري آهي يا فقط عذر جي ڪري آهي. جيڪڏهن قبض آهي
ته مولانا يعقوب ڪرخيءَ چيو آهي ته خواجه
بهاءُالدين قدس سره جن مون کي قبض جي حالت ۾
استغفار جو حڪم ڪيو ۽ حالت بسط ۾ شڪر جو ته گويا
انهن ٻنهي حالتن ۾ وقوف زماني لاڳو آهي. اهو پڻ
خواجه نقشبند فرمايو ته ”سالڪ جي ڪم جو دارومدار
وقوفِ زماني آهي“ يعني صوفين وٽ اُن مان مراد
محاسبو به آهي.
رشحه ڏهون:
”وقوفِ عددي“ اُن مان مراد ڳاڻيٽو آهي. خواجه
بهاءُالدين فرمايو ته ”قلبي ذڪر واسطي سڀني مختلف
دلين لاءِ اهو انگ جدا جدا آهي. جيڪڏهن گھري ته هڪ
ساھ ۾ ٽي ڀيرا يا پنج ڀيرا يا ست ڀيرا يا ايڪيھ
ڀيرا، مطلب ته عدد اِڪي لازم آهي.“ خواجه
علاءُالدين عطارؒ جن فرمايو آهي ته ”گھڻو ورجاءُ
شرط نه آهي ۽ طالب کي گھرجي ته جو ڪجھ به چوي اهو
سِرّ وقوف (وقوف جو راز) ۽ حضور دل سان هجي جيئن
کيس فائدو ٿي سگھي.“ جڏهن ذڪر قلبيءَ ۾ ڪنهن سبب
جي ڪري عدد گذري ۽ ذڪر جو اثر ظاهر ٿيندو هجي يعني
جڏهن بشري وجود منفي محسوس يا اثبات واري زبان ۾
تصوف جا جذبات يعني جذب الوهيت (الاهي) ظاهر ٿئي
ٿو، تڏهن بزرگن فرمايو آهي ته وقوفِ عددي پهريون
ڀيرو علم لدُني آهي. [16] اُن ڇا چيو؟ ۽
سندس حالت ڪهڙي آهي؟ انهيءَ مرتبي جي اها ڳالھ ڪشف
(کُلي) پوي ٿي ۽ اهلِ نهايت سان نسبت ٿي وڃي ٿي.
وقوفِ عدديءَ ۾ جيڪو علم لدُني جو پهريون درجو
آهي، جڏهن هو ذڪر کان واقف ٿئي ٿو ته رازن جو راز
اهو واحد حقيقي آهي. مرتبن ۾ اُهي عدد (انگ) اهڙا
هوندا جيڪي رازن کان واقف مرتب حسابي تعداد سان
هجن.
قطعه:
کثرت چو نيک در نگري عين وحدت است
ما را شکي نماند ترا گر شکي است
در هر عدد که بنگري از روئي اعتبار
گر صورتش به بيني در ماده يکي است
[جيڪڏهن تون نيڪ نيتيءَ سان ڪثرت کي ڏسندين ته عين
وحدت آهي. اسان کي ته شڪ نه آهي. جيڪڏهن توکي ڪو
شڪ آهي. هر عدد ۾ جيڪڏهن ڏسندين ته اعتبار جي لحاظ
کان ۽ انهيءَ جي صورت ڏسندين ته ان جو مادو به هڪ
آهي.]
شرح رُباعيات ۾ وري هيئن آهي:
در مذهب اهلِ کشف و اربابِ خِرد
ساريست احد در همه افرادِ عدد
زيرا که عدد گرچه برون است ز حد
هم صورت وهم ماده اش هست احد
[اهلِ ڪشف جي مذهب ۾ ۽ صاحبِ عقل ودانش وٽ احد
سڀني انگن ۽ عددن ۾ شامل آهي. ڇاڪاڻ جو عدد ڪهڙو
به کڻي وڏو هجي ظاهري طور توڻي باطني يعني اصليت ۾
اُن جو مادو اهوئي هڪ (واحد) آهي.]
بيشڪ اهو وقوف ئي آهي، جيڪو پهريون علم
لُدَّنيءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. والله اعلم!
مخفي نه رهي ته علم لدني هڪ علم آهي،
جيڪو الله جي پيارن بندن کي الاهي تعليم ۽ رباني
سمجھ ڏئي ٿو ۽ ان لاءِ عقلي ۽ نقلي شاهدين ذريعي
جيئن ڪلام قديم يعني قرآن پاڪ ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي
حق ۾ آيل آهي ته:
وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا
(الڪهف:65)
[۽ اسان ان کي پنهنجي طرفان خاص علم سيکاريو.]
”علم اليقين“ ۽ لدني ۾ فرق اهو آهي جو علم يقين
ذات جي نور جو ادراڪ آهي ۽ ان ۾ الاهي صفتون به
شامل آهن. علم لدني واري معنائن جي سمجھ ۽ پهچ يا
ڪلمات جو فهم هوندو آهي جيڪو الله تعاليٰ الهام جي
ذريعي ٻانهي کي عطا فرمائي ٿو. [17]
رشحه يارهون:
”وقوف قلبي“ اِهو ٻن معنائن تي مشتمل آهي. هڪ اُها
(معنيٰ) جو ذاڪر جي دل (ان کان) واقف هجي ۽ الله
سبحانہٗ وتعاليٰ ڏي نگاھ هجي ۽ اُهو مقولو ياد
داشت آهي. حضرت نقشبند رحه جن پنهنجي بعض ڪلمات ۾
پاڻ چيو آهي ته ”وقوف قلبي آگاهيءَ جي معنيٰ ۾
آهي. اهو ائين ته جيئن ٻانهو الله تعاليٰ جي حضور
۾ هجي. انهيءَ لحاظ سان ته سندس دل جو ڪنهن غير
سان ڪو به تعلق نه هجي (بلڪ اهو الله سان خالصاً
تعلق هجي) هن سلسلي ۾ ذڪر جو ربط ۽ آگاهي شرط آهي
۽ هن آگاهيءَ (واقفيت) کي ”شهود وصول وجودِ وقوفِ
قلبي“ چون ٿا. ۽ ان جي معنيٰ اها آهي ته ذاڪر
پنهنجي دل کان واقف هجي يعني ذڪر دوران اُن صنوبري
گوشت جي ٽڪري يعني دل طرف متوجھ ٿئي جو ان کي ”دل
جو حجرو“ چون ٿا. ۽ کاٻي مجازي طرف بُبي جي هيٺان
واقع حصي کي ذڪر سان مشغول ڪري ۽ ٻيو ڪو به خيال
پنهنجي دل ۾ نه ٿيڻ ڏئي. جيڪو کيس ذڪر جي مفهوم
کان غافل ۽ پري رکي. حضرت خواجه بهاءُالدين نقشبند
رحه جن جي ذڪر ۾ ساھ کي بند ڪرڻ ۽ تعداد کي لازم
نٿا ڄاڻن. وقوف قلبي جي ٻنهي معنائن لاءِ جيڪو چيو
ويو آهي سو پڻ ڄاتل آهي ۽ لازم ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ
جو ان جو خلاصو مقصد ورتو ويو آهي. جيڪو ذڪر در
وقوف آهي يعني ذڪر در وقوف کان ورتو ويو آهي.
مانند مرغي باش هان بر بيضه دل پاسبان
کز بيضه دل زايدت مستي و ذوق قهقه
[(اي طالب!) تون ڪُڪِڙ وانگر ٿي، جيئن ڪُڪِڙ
پنهنجي آني جي دل سان حفاظت ڪري ٿي. ڇو ته دل جو
آواز سان مستيءَ مان ڪِڪڙاٽ (دانهون) ڪري ٿي.]
مطلب اهو آهي ته دل ۾ ٻئي ڪنهن به شيءِ
جو خيال باطني نسبت کي نه روڪي. [18] جيئن
ڪکن ۽ ڪانن کي نهر جي منهن وٽان پاڻيءَ جو وهڪرو
وهي کڻي ويندو آهي ۽ پاڻي ان کي روڪي نٿو سگھي.
خواجه علاءُالدين غجدواني جيڪو حضرت بهاءُالدين
رحمت الله عليه جن جي وڏن خليفن مان هو. چوي ٿو ته
”مون کانئن پڇيو ته اوهان جي دل ڪيئن آهي؟“ جو غير
اُن ۾ داخل ٿي نٿو سگھي؟ پاڻ فرمايائون ته، اُن جو
مثال هڪ خاص گاھ وانگر آهي. پوءِ هيءُ بيت
پڙهيائون:
چون بغايت تيز شد اين جو روان
غم نيايد در درونِ عاشقان
[جڏهن اها نهر تيز وهڻ لڳي ٿي، تڏهن غم عاشقن جي
دل ۾ نٿو اچي سگھي.]
فصل ٽيون
قلب ۽ لطيفن جي
حقيقت
هڪ ظاهري عالم اسان جي شيخ جي خدمت ۾ آيو ۽ چيائين
ته ناچو نچڻ وقت ٻن حالتن کان ٻاهر نه هوندا آهن.
مطلب اُن وقت هو شعور رکن ٿا يا نه؟ شعور بعد
پاڪائي نٿا ڪن ۽ نماز پڙهن ٿا حالانڪ اِهو قبيح
عمل آهي. ڪڏهن شعور رکڻ جي باوجود نچڻ جي حرڪت ڪن
ٿا يا بي خوديءَ جو اظهار ڪن ٿا يعني سمجھن ٿا ته
اِهو نهايت خراب عمل آهي. حضرت شيخ جن جواب ۾
فرمايو ته: وضوءَ جي ڀڄڻ جي سببن مان هڪ هي به آهي
ته عقل کسجي وڃي، جيئن چرين سان واقع ٿئي ٿو. ٻيو
سبب اِهو آهي ته عقل ڪجھ وقت لاءِ ڍڪيل ٿئي، جيئن
بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٿيندو آهي. پر هن جماعت جي رقص
جي حالت ۾ بي شعوري ۽ عقل جو کسجي وڃڻ آهي ۽ نه
بيهوش ٿيڻ. بلڪ سندن اها بي شعوري اهڙي قسم جي آهي
جو ان وقت ۾ عقل ڪل عالمِ الاهي کان هلي سندن عقل
تي وارد ٿئي ٿو. ۽ سالڪ جي وجود مٿان حاڪم ۽ غالب
ٿئي ٿو ۽ عقل ڪلي کي قوّت ۽ قدرت اُها مليل هوندي
آهي. [19]
عقل ڪلي جو دائرو ته وسيع آهي جيڪو
پوري عالم تي حاوي آهي ته پوءِ اهو ظاهري بدن تي
ظابطو ڪري ٿو گويا بدن انهيءَ وقت سندس حمايت ۽ ان
جي تدبير ۽ سنڀال هيٺ هوندو آهي. اُهو بلڪ انهيءَ
حالت ۾ وضوءَ جي ڀڄڻ جي حالت ۾ نٿو رهي. ڇو ته سچو
طالب ان وقت طبيعت ۽ احڪام کان ٻاهر اچي ٿو يعني
کانئس بشريت جي لازمي صلاحيت ختم ٿيو وڃي ٿي. ان
وقت نئون وضوءَ ڪرڻ جي اصلاً ضرورت ئي نٿي رهي.
(حوالو پورو ٿيو.)
جڏهن مٿي ذڪر ڪيل يارهن ڪلمات (اصول) جي
اِها تشريح اهلِ سلوڪ طرفان ڏنل پوري ٿي. پوءِ
انهن مان باقي ٻه موقوف عليه هي آهن: ياد کرد ۽
ياد داشت. ياد کرد مان مراد سالڪ جو قلب تي وقوف
ڪرڻ آهي، جيئن اسم ”الله“ کي تمام وڏي شوق ۽ ڪمال
محبت سان پنهنجي قلب ۾ تڪرار ڪندو رهي، جيئن قلبي
جوهر ڪشادو ٿئي يعني کلي وڃي.
قلب بابت سوال:
قلب ڪهڙي شيءِ آهي ۽ ان جي جاءِ ڪٿي آهي؟
جواب: ڄاڻ ته، قلب ٻن قسمن جو آهي: (1) قلب صُوري
۽ (2) قلب حقيقي. قلب صوري: اِها صنوبري گوشت جي
ٽڪري جي شڪل آهي جيڪا بدن ۾ رکيل آهي. هيءَ حديث
شريف قلب صوريءَ بابت آيل آهي: ”ان في جسد بني آدم
لمضغة اذا اصلحت صلح الجسد کلہٗ و اذا فسدت فسد
الجسد کلہٗ“ [بيشڪ انسان جي بدن ۾ هڪ گوشت جو ٽڪرو
آهي. جڏهن اهو صحيح هوندو ته جسم به صحيح هوندو ۽
جڏهن اُهو خراب ٿيندو ته سڄو جسم خراب ٿي ويندو.]
قلبِ حقيقي: مان مراد اهو انساني سِرَّ (راز) آهي
جنهن جي قابليت ۽ مظهريت جا الفاظ حضرت جلشانہٗ ان
جي شان ۾ آڻي ٿو. اها حديث هن ريت آهي: [20]
”لاصلوات
الابحضورِ القَلب“
[ڪا به نماز حضور قلب کان سواءِ نه ٿيندي.]
اي عزيز! مخفي حقيقي ڪمالات بنا وجود جي
ظاهر نٿا ٿين. سمجھ اهو ڪم سمجھ کان ئي ٿيندو.
حقيقي قلبي ڪمالات جو ظهور بدن جي اندر ڇھ مرتبا
يا درجا رکي ٿو ۽ انهن کي ”لطائفه سِته“ يعني ڇھ
لطيفا چون ٿا. جيئن ان بابت اشارو ۽ ڪنايو هن حديث
قدسيءَ ۾ ڏنل آهي: ”ان
في جسد بني آدم لمضغة وفي المضغة قَلب وفي القلب
فواد وفي الفواد سرّ وفي السر خفي وفي الخفي اخفي
وفي الاخفي انا“
[بيشڪ انسان جي بدن ۾ گوشت جو ٽڪرو آهي ۽ ان ٽڪري
۾ قلب آهي ۽ قلب ۾ دل آهي ۽ دل ۾ سِرّ يا راز آهي
۽ ان سِرَّ ۾ خفي آهي ۽ ان خفيءَ ۾ اخفيٰ آهي ۽
اخفيٰ ۾ آئون آهيان.]
لطيفن جي باري ۾ حضرت خواجه نقشبند جن
فرمايو آهي ته، ”هر آئيني جي ظهور يا ظاهر توڙي
آشڪار ٿيڻ کي ٻه طرف آهن. پر هن آئيني جا ڇھ طرف
آهن.“ ۽ اِهو اشارو پڻ ڇهن لطيفن ڏي آهي. اُهي ڇھ
لطيفا هن ريت آهن: پهريون لطيفو ”قلبي“ ان جي جاءِ
بدن جي کاٻي طرف آهي. ان کي دل چون ٿا. ٻيو لطيفو
”نفسي“ اهو انسان جي دُن جي هيٺان هوندو آهي ۽ اهو
گوشت جو مضبوط ٽڪرو جيڪو گھڻو ۽ جلد کائيندڙ آهي.
ٽيون لطيفو ”روحي“ انهيءَ جي جاءِ ساڄي پاسي بدن ۾
سيني طرف هوندي آهي. چوٿون لطيفو ”روحي وجسدي“ اهو
سيني جي وچ ۾ آهي. پنجون لطيفو ”خفي“ انهيءَ جي
جاءِ پيشاني آهي ۽ ڇهون لطيفو ”اخفيٰ“ انهيءَ جي
جاءِ مٿي دماغ ۾ آهي.
لطائف جا رنگ:
هر هڪ لطيفي جو عالمِ مثال ۾ هڪ رنگ آهي. نفسي
لطيفي جو رنگ پيلو يا هيڊو آهي. لطيفي روحي جو رنگ
سفيد آهي، لطيفي سِرّيءَ جو رنگ سائو آهي، [21]
لطيفي خفيءَ جو رنگ ڪارو آهي ۽ لطيفي اخفيٰ جو رنگ
بلڪل ٺپ ڪارو آهي. ليڪن هي سڀئي نوراني رنگ سلوڪ
جي طئي ٿيڻ بعد به نمودار نٿا ٿين ۽ اِهو انهيءَ
ڪري چيو ويو آهي ته جيئن سالڪ غلطيءَ ۾ نه پوي.
طالب کي گھرجي ته سڀ کان پهريائين ياد
ڪرڻ واري مذڪوره لطيفن ڏي مشغول ٿئي ۽ اهي سڀئي
مرتبا ياد ڪرڻ جا پنهنجي مرشد جي تعليم جو حصو
سمجھي ۽ اهي توڙ تائين پهچائي. اول ذڪر قلبي جيڪو
الله تعاليٰ جي نالي سان پوري صفائي حاصل ڪرڻ آهي.
ان کان پوءِ نفي ۽ اثبات جي ”بازگشت“ جيڪو نقشبندي
طريقه موجب هن طرح آهي جو زبان تارونءَ سان لڳائي
ساھ بند ڪري ۽ ڪلمه ”لا“ کي دُن کان شروع ڪري،
دماغ تائين پهچائي. ائين جو ساڄي ڪلهي طرف ڪلمه
”الـٰہَ“ کي آڻي سيني يعني دل اندر ”الاالله“ کي
شروع واري طرف الله جي ”ها“ کي قلب تي آڻي ضرب هڻي
۽ معنيٰ کي ملاحظو ڪندي ٽي يا پنج ڀيرا جيڪا طاقت
رکندو هجي انهيءَ طرح تڪرار ڪندو رهي ۽ جڏهن چاهي
ته کولي. آخر ۾ ”محمد رسول الله ﷺ“ چئي نڪ ذريعي
ساھ کڻي ۽ پوءِ دل جي توجھ جو لحاظ رکندي حرف ”لا“
ڇڪڻ وقت الله تعاليٰ کان اهو گھري ته تون ئي
منهنجو مقصود آهين، تون ئي منهنجو معبود آهين، تون
ئي منهنجو مطلوب آهين. ان کي ”بازگشت“ چون ٿا. ۽
هن مضمون جو راز هيٺئين رباعيءَ ۾ حضرت شاھ
نقشبندؒ جن فرمايو آهي:
جامِ عرفان از کفِ ساقي وحدت نوش کن
ساغر نرگس ز برگ نسترن سر پوش کن [22]
شاخ مر جان را ستون سَقفِ ياقوتي نما
سلک گوهر را پس لعل زمرد پوش کن
[وحدت جي ساقيءَ هٿان عرفان جو جام پيءُ نرگس (گل)
جي پيالي کي خوشبودار گلن جي پنن سان ڍڪي ڇڏ.
مرجان جي ٽاريءَ کي ٿنڀ ۽ ياقوتيءَ جي ڇت بناءِ،
لعل ۽ زمرد جي پوشاڪ هيٺان موتين جي مالها پاءِ.]
پر جيڪڏهن ڪنهن جو دماغ ڪمزور هجي ته ان
کي جُڳائي ته قادري طريقي مطابق مذڪوره نموني تي
بغير ڪنهن ساھ روڪڻ جي عمل ڪري ته جيئن هن نصاب
کان جيڪو ايڪيهن ڀيرن تي مشتمل آهي فارغ ٿي وڃي.
ان کان پوءِ ڇهن لطائف جو سير ڪري ۽ پنهنجي پوري
بدن تي ذاتي ذڪر جو تصور ڪري پنهنجي حال تي غالب
ڪري ان کي ئي سلطاني ذڪر چون ٿا. جڏهن ”ياد ڪرد“
ترڪيب جنهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سلوڪ جي ڪمال تي
پهچي ته پوءِ ”ياد داشت“ مرشد جي ڏنل تعليم ۽ ان
جي اجازت سان شروع ڪري. ياد داشت ٻه قسم آهي: (1)
ياد داشت اسمي (2) ياد داشت مسميٰ. اسمي ياد داشت
اُها آهي جو الله پاڪ جي اسم کي قلب (دل) کان شروع
ڪري دماغ جي مٿئين حصي ڏانهن کڻي ڇڪي وڃي ۽ اڻ ڄاڻ
طريقي سان ٻيهر تڪرار نه ڪري ۽ انهيءَ ۾ الله
سبحانہٗ وتعاليٰ سان آگاهي ٿيندي. اِها عبادت
وقوفِ قلبيءَ جي آهي، جيڪا الله تبارڪ وتعاليٰ
بابت بديهي علم باطن ذريعي هميشه معلوم رکي.
انهيءَ وقت باطن ۾ الله تعاليٰ طرفان اهڙو آرام ۽
لطف پيدا ٿيندو جو ڪڏهن به هو غفلت ۾ نه پوندو. ان
وقت ۾ ياد داشت جو سلوڪ مڪمل ٿئي ٿو. ٻين طريقن ۾
ان کي ”حضوري“ چون ٿا. پر نقشبندي بزرگن ان کي
حضوريءَ کان مٿي مرتبي ۾ رکيو آهي. جڏهن هو ياد
داشت جو ملڪو پورو ڪندو ته ان کان پڪ الله تعاليٰ
جي صفتن جو اجمالي سير حاصل ڪندو، تڏهن مڪمل يقين
۽ ڪامل عظمت الوهيت سان (طالب) ڄاڻي وٺندو ته الله
سبحانہٗ وتعاليٰ مٿس سڀئي ظاهري باطني [23]
حالات ڏيکاري ڇڏيا آهن، (جيڪي) بلڪل بي ڪيف آهن.
اهڙيءَ طرح ڄاڻي ته هو گهيري ۾ آڻيندڙ ۽ بي ڪيف
مطلق آهي. اهڙيءَ طرح اُهو به ڄاڻي ته حق سبحانہٗ
وتعاليٰ ظاهر مطلق آهي. جيئن آيت ڪريم ۾ آهي:
هُوَ الْأَوَّلُ
وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ
(الحديد:3)
[اهوئي الله اول به آهي ته آخر به آهي ۽ پڌرو به
آهي ته لڪل به آهي.] اهائي وضاحت هن حديث شريف ۾
آهي: لايزال العبد يتقرب الي بالنوافل حتيّٰ اکون
سمعہ وبصره بي يسمع وبي يبصر وبي يتکلم [بندو ضرور
مون کي نفلن (عبادتن) جي ذريعي ويجھو ٿئي ٿو تان
جو آئون سندس ٻُڌڻ (ڪَن) ۽ ڏسڻ (اک) ٿي وڃان ٿو،
تڏهن هو مون سان ئي ٻُڌي ٿو ۽ مون سان ئي ڏسي ٿو ۽
گويا مون سان ئي ڳالهائي ٿو. (يعني اُهو مقرب بندو
سُڻي. ڏسي يا ڳالهائي ٿو ڄڻ ته آئون الله ئي اهو
سڀ ڪجھ ڪيان ٿو.)]
انهيءَ تقرب جي ڪري تمام گھڻا عجيب اسرار ۽ راز
ڏسندو، بلڪ کيس ويساھ ٿيندو ته هو گويا الله تبارڪ
وتعاليٰ کي دل جي اک سان ڏسي ٿو ۽ اها مطلق بي ڪيف
آهي، جيڪا هنن ظاهري اکين سان واسطو نٿي رکي. ان
کان پوءِ سمجھ ته جيڪي ڪجھ آهي اهو پاڻ ئي آهي،
بلڪ هن کان آهي (همہ اوست). هڪ اهلِ دل فرمايو
آهي:
که بچشمانِ دل مبين جُز دوست
هر چه بيني بدانکه مظهر اوست
[دل جي اکين سان سواءِ دوست جي ٻيو ڪجھ نه ڏس.
جيڪي ڪجھ ڏسين اهو سمجھ ته انهيءَ جو ئي مظهر
آهي.]
هڪ ٻئي عارف فرمايو آهي:
در وديوار من آئينه شد از کثرت شوق
هر کُجا مي نگرم روئي ترا مي بينم
[منهنجي آڏو هر ديوار آرسي ٿي وئي آهي آئون جنهن
طرف به ڏسان ٿو ته تنهنجو ئي چهرو ڏسان ٿو.]
ائين جڏهن هنن مذڪوره مرتبن ۾ مَلڪو
حاصل ڪري وٺندو ته مٿس انوار وتجليات واقع ٿيندا.
پر هي سڀئي مرتبن جي پاڇي ۾ هوندا آهن نه اصل. اتي
ئي تزڪيه نفس صفائي ۽ پاڪائي ۽ تجليون حاصل ٿين
ٿيون. تڏهن اهڙن سالڪن کي مرتبن ۾ هڪ قسم جو مزو
يا لذت ملي ٿي، جنهن تي هو چريا ٿي پون ٿا ۽ سمجهن
ٿا ته الله تعاليٰ سان واصل ٿي ويا آهن يا اسان
واصل بالله آهيون. حالانڪ اصل ڪم اڃا اڳتي آهي،
جنهن سان ڪنهن کي نوازيندا آهن. اُهو وري ”تجلّيه
سِرّيءَ“ [34] تي موقوف آهي، جنهن جو مطلب
آهي اڪيلائيءَ ۾ ويهڻ يعني مطلوب جي حصول لاءِ
غيرن کان اڪيلائي اختيار ڪرڻ جو خيال رکڻ ۽ اهڙي
اڪيلائي دوران هر وارد ٿيندڙ خيالن کان ٻاهر اچڻ.
هيٺيون شعر انهيءَ لاءِ آيل آهي:
تو درو گُم شو وصال اين است بس
گم شُدن گم کُن کمال اين است بس
[تون انهيءَ ۾ ئي گُم ٿي وڃ بس اِهوئي وصال آهي.
گم ٿيڻ کي گم ڪر بس اهوئي ته ڪمال آهي.]
هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کي هيءَ نعمت عُظميٰ جيڪا صرف
انبياءِ ڪرام جو خاصو آهي، اُها آقا مصطفيٰ ﷺ جن
جي طفيل ملي وڃي ٿي ته انهيءَ وقت (اُن طالب کي)
الله تعاليٰ جو وصال نصيب ٿيندو آهي. هن بيان جي
شرح تمام ڊگهي آهي. ان ڪري اِتي ئي بس ڪرڻ ضروري
آهي. جيڪو به اهلِ دل هوندو اُهو بخوبي سمجهي
ويندو. ڪمال علم کان پوءِ اها مجلس جيڪا حضوريءَ
جي ڪشف جو خاصو آهي، اُها مٿس ظاهر ٿيندي آهي.
باقي مراقبي جي حقيقت ۽ ان جي قسمن مان سمجهڻ
گھرجي.
(اي طالب!) اِهو سمجھ ته مراقبو مفاعله جي باب
کان آهي. انهيءَ جي معنيٰ لُغت ۾ ”الانتظار
من الجانبينِ“
يعني ٻنهي طرفن کان انتظار ڪرڻ آهي. ليڪن صوفين جي
اصطلاح موجب: ”وهو
ان يلاحظ المعني المقدس الذي بغير کيف ولامثال
المفهوم من الاسم المبارک اعني الله بغير واسط“
[اها معنيٰ جيڪا بغير ڪيفيت ۽ سواءِ ڪنهن مثال جي
آهي جيڪا اسم الله مان حاصل ٿئي جنهن ۾ وچ تي ڪوبه
واسطي ڪونهي.] جيڪو عربي، فارسي، عبراني عبارت کان
سواءِ ڌيان ۾ اچي ٿو.
”وتحفظ
في خيالک ويتوجہ بجميع قواک ومدارکک اليٰ القلب
الصنوبري وتلازم عليٰ هٰذا الامر وتکلف في ملازمته
حتيٰ تذهب الکلفة من البينِ وتصير الامر ملکک وقال
بعض اکابر النقشبندية ان عسر عليک المعني المقصود
فتحليه بصورت نورِ بسيط بجميع الموجودات العلمية
والعينة [35] واجعله في مقابلة البصيرة ومع حفظ
ذالک بتوجه اليٰ القلب الصنوبري بجميع القويٰ
والمدارِک اي ان تقوي البصيرة وتذهب الصورة
وبترتيب عليٰ ذالک ظهور المعني المقصود“
[مراقبي ۾ پنهنجي خيال جي سنڀال ۽ پنهنجي قوت،
اِدراڪ ۽ پهچ جي توجھ صنوبري قلب يعني دل ڏانهن
رکي ۽ هن امر کي لازم ڪري وٺي ۽ انهيءَ امر ۾
تڪليف به سهي. جيئن اها ڪُلفت وچ مان وڃي هلي ۽
تنهنجي اها ڪوشش تنهنجي ملڪيت ٿي پوي. ڪن نقشبندي
اڪابرن چيو آهي ته ”جيڪڏهن مقصود جي معنيٰ ڏکي ٿي
پوي ته پوءِ اڪيلائي اختيار ڪري. هڪ ڪشادي نور سان
سڀني علمي ۽ عيني موجودات سان ۽ انهن کي بصيرت جي
مقابلي ۽ (برن خيالن کان) حفاظت سان گڏ صنوبري قلب
(دل) سان توجھ ۽ (اها توجھ) پنهنجي سموري طاقت،
ادراڪ يعني قوي بصيرت ۽ صورت کي وڃائي ته انهيءَ
ترتيب سان مقصود معنيٰ جو ظهور ٿيندو.“] (انتهيٰ)
انهيءَ سلسلي ۾ حضرت جنيد بغداديءَؒ فرمايو آهي: ”هو
ان تجلس ساعة معطّلا عنِ الملاحظة کل شيءِ حتيّٰ
تحصل الوجدان“
[پوءِ هو هر چيز کان ڪجھ گھڙيون مُنهن موڙي اڪيلو
ٿئي ۽ جيڪڏهن ائين ڪندو ته هو آخر اهو وجدان حاصل
ڪري وٺندو.] اِهو وُجدان بغير جستجوءَ ۽ ڏسڻ جي
بلڪ سواءِ فڪر ۽ حصولِ ڪمال مراقبي جي مرشد جو
حضور مُيّسر ٿئي ٿو. انهيءَ موضوع لاءِ اهو ضروري
آهي ته طريقي ٻَڌڻ لاءِ مرشد ڪامل جي صورت ۽ نصب
العين هئڻ گھرجي.
زان پيش که چشم تُست اَحول
معبود تو پير تست اَوّل
[اِن کان پهريائين جو تنهنجي اک ڪاڻي ٿئي، تنهنجو
والي يا مالڪ پهرين تنهنجو پير آهي.]
ان جي ظاهري اِها ئي حقيقت آهي جيئن چيو ويو آهي
ته: ”المجاز
قنطرة الحقيقة“
[يعني ظاهر يا مجاز حقيقت جي پُل يا واسطو آهي.]
هتي اِها ظاهري صورت مرشد جي آهي. سالڪ کي گھرجي
ته پنهنجي مرشد جي صورت کي ذهن ۾ قابو رکي ۽ ان جي
پوري طرح حفاظت ڪري. ساڳي وقت قلب صنوبري طرف
متوجھ ٿئي ۽ مرشد جي صورت پنهنجي ساڄي ڪلهي تي
موجود سمجھي. ۽ پنهنجي ساڄي بُبي جي هيٺان جيڪا
لطيفي روحي جي جاءِ آهي اتان مرشد جي تصوير جو
خيال قلب صنوبريءَ طرف ڇڪي، پوءِ اُن تصوير کي
پنهنجي قلب (دل) ۾ مقرر ڪري. مرشد جي صورت کي ذهن
۾ آڻڻ جو مطلب هر قسم جا خيال ۽ شيطاني وسوسن کي
پري ڪرڻ آهي. هڪ حديث ۾ آهي: ”اطلب
الرفيق ثم الطريق“
[پهريائين راھ جي دوست کي طلب ڪر پوءِ سفر اختيار
ڪر.]
جو به اهو مطلب آهي. اُميد آهي ته طالب الله
تعاليٰ جي مدد سان جدوجھد ۽ مجاهدي سان اها فنا
حقيقي ۽ لڪل (راز) کي حاصل ڪري سگھندو. هاڻي اهي
ڪاملن جا تاثير جيڪي پاڻ کان سواءِ [36] جن
کي اهلِ طريقت جي عرفِ عام ۾ ”توجھ“ جو نالو ڏنو
آهي، اُهي چار قسم آهن:
پهريون تاثير انعڪاسي يعني مرشد ڪامل جي صحبت جو
عڪس، اهو تيستائين قائم هوندو، جيستائين هو مرشد
جي مجلس ۾ سندس صحبت ۾ هوندو. ايتريقدر جو کيس
مرشد جي صحبت ۾ ذڪر جي انوار جي اثر ۽ رقتِ قلب
سان گڏ خشوع وخضوع (عاجزي ۽ انڪساريءَ) سان حاصل
ٿيندو رهندس. پر جڏهن اها صحبت خاتمي تي پهچي ٿي
ته اهو تاثير باقي نه رهندو ۽ هيءُ قسم اولياءَ جي
قبرن ۽ اهلِ ممات جي قبرن جي اثر وانگر آهي ۽ اهو
اثر بعض اوليائن ۽ علمائن جيڪي اهلِ حيات ۾ آهن پڻ
اثر باقي رهي ٿو. انهيءَ جو مثال اِهو آهي جيئن ڪو
شخص چڱيءَ طرح عطر لڳائي مجلس ۾ ايندو، پر سندس
خوشبوءِ مجلس ۾ سڀني ويٺلن کي پهچندي ۽ ان مان ٻيا
به مزو وٺن ٿا. ۽ اِهو قسم تمام ضعيف گھٽ تاثير جو
مثال آهي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ جو اثر صرف صحبت تائين
باقي رهندو، ان کان پوءِ ڪجھ نه رهندو.
ٻيو قسم هي آهي ته ”تاثير القائي“ (ڏسڻ / لقاءُ)
وارو تاثير. اهو ائين آهي جيئن ڪو شخص ڏيئو ۽ وَٽِ
مهيا ڪري، پر ٻيو وري انهيءَ وٽِ کي روشن ڪري، اِن
طرح روشن چراغ مڪمل ٿي ويو. تاثير جو اِهو قسم
مڪمل قوت يا طاقت رکي ٿو، ڇو ته صحبت کان پوءِ اهو
فائدو ۽ اثر باقي رهي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو قوي مانع
مثال طور زوردار هوا ۽ مينهن وغيره طاري ٿي وڃي ته
انهيءَ جو اثر زائل ٿي ويندو. ساڳي قسم جو اثر نفس
جي سڌاري ۽ ان جي لطيفن تي قائم ٿئي ٿو. ان ريت
جڏهن نفس کي وڏو صدمو (ڏک) پهچي ٿو يا ڪبيره گناه
سرزد ٿئي ٿو ته انهيءَ توجھ جو اثر به باقي نٿو
رهي. گويا تيل جي موجودگيءَ ۽ وٽِ کان سواءِ فقط
چراغ هڪ مشعل نٿو بنجي سگھي. يعني سالڪ جي طبيعت ۾
پهريائين رياضت پوءِ تهذيبِ لطائف ۽ نفس جي اصلاح
[37] خاص ستن عادتن جي تبديلي. اهو سڀ ڪجھ
مخصوص قابليت ۽ اهليت جي حاصل ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.
اهو تاثير ئي القاءَ (الله تعاليٰ جي لقاءَ لاءِ)
مؤثر ثابت ٿيندو آهي. جيئن ڪنهن اُستاد پنهنجي هن
بيت ۾ فرمايو آهي:
قابليت گر نداري فيض از صحبت مجو
رشتئه قيمت ندارد گرچه با گوهر نشست
[جيڪڏهن قابليت نٿو رکين ته خالي صحبت مان فيض نه
ملندئي! ان قابليت کان سواءِ موتي يا گوهر سان گڏ
ويهڻ بي فائدي آهي.]
ٽيون تاثير اصلاحي: هن جو مثال درياءَ مان نڪرندڙ
وهڪري يا کوھ يا چشمي مان ملندڙ خزاني جو آهي.
جيئن حوض جي فُوّاري سان ڪِن ڪچرو صاف ٿيندو آهي ۽
جو ڪجھ ان ۾ هوندو انهيءَ فوّاري جي زور تي ٻاهر
نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ فوّاري سان جوش ۾ اچي
ويندو. انهيءَ جو اثر قوي يعني تمام گھڻو طاقتور ۽
اثرائتو آهي، ايتريقدر جو اڳيون تاثير جيڪو اصلاحِ
نفس ۽ تهذيبِ لطائف تي مشتمل آهي پڻ انهيءَ ۾
هوندو آهي. پر ان جو دارومدار خزاني جي گھڻائي ۽
واٽ تي آهي جنهن مناسبت سان فيض ڏئي ٿو، پر جيڪڏهن
خزاني ۾ الٽي پير پهچندو ته نقصان پهچي ٿو.
چوٿون تاثير اتحادي:
اُهو آهي جڏهن شيخ جي روح کي ڪمال مَلڪو حاصل آهي
يا سندس روح پوري قوت سان مستفيد آهي. جنهن سان هو
ٻئي ڪنهن روح کي مستفيد ڪري ٿو يا منتقل ڪري ٿو ۽
اِهو تاثير جي قسمن مان قوي ترين مرتبو آهي. اهو
ايترو ظاهر آهي جو ٻن روحن جي ملڻ سان يعني جيڪي
ڪجھ شيخ جي روح ۾ آهي اهو سيکڙاٽ طالب جي روح
تائين پهچي ٿو ۽ بار بار فائدي وٺڻ جي ضرورت نٿي
پوي ۽ اولياءَ الله ۾ اهڙي تاثير جو اڳيئي بندوبست
هوندو آهي.
حقيقت ۾ فنا في الشيخ يا شيخ ۾ فنا ٿيڻ
جو اِهوئي مطلب آهي جو سالڪ کي پنهنجي شيخ جا سڀئي
حالات پهچندا رهن. [38] حضرت خواجه باقي
بالله رحمة الله عليه جن کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن
انهن جي گھر ۾ ڪجھ ماڻهو مهمان ٿي آيا ۽ سندن گھر
۾ کاڌي پيتي لاءِ ڪجھ به نه هو. پاڻ مهمانن جي
مهمانداريءَ لاءِ فڪرمند هئا ۽ پاڻ کاڌي پيتي جي
تلاش ۾ نڪتا. اتفاق سان نانوائيءَ جو دڪان سندن
گھر جي ڀرسان هو. هن کي اها ڳڻتي جوڳي خبر پهتي ته
انهيءَ هڪ ٽوڪريءَ ۾ ڪجھ مانيون ۽ ٻوڙ وغيره وجھي
سندن خدمت ۾ پهتو. انهيءَ وقت اها ڳالھ کين وڻي ۽
ڏاڍا خوش ٿيا. پاڻ انهيءَ نانوائيءَ کي مخاطب
ٿيندي فرمايائون ته ”توکي ڪجھ گھرڻو آهي ته
ٻڌايو!“ انهيءَ عرض ڪيو ته سائين! مون کي پاڻ جھڙو
بڻايو! حضرت خواجه رحه جن فرمايو ته تون اهو بار
کڻي ڪونه سگھندين! ٻي ڪا ڳالھ ڪر! پر هو پنهنجي
ڳالھ تي بيٺو رهيو. حضرت خواجه رحه جن کانئس منهن
موڙي ڇڏيو. ليڪن جڏهن انهيءَ جو ارادو بدلجندي نه
ڏٺائون ته لاچار هن کي پنهنجي حجري ۾ وٺي ويا ۽ هن
مٿان تاثير اتحاديءَ جو توجھ ڪيائون. جڏهن حجري
کان ٻاهر نڪتا ته خواجه ۽ انهيءَ نانوائيءَ جي شڪل
۽ صورت ۾ ڪو به فرق نه هو. ماڻهن کي ٻنهي ۾ فرق
ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. بس ايترو فرق هو جو خواجه رحه جن
هوش وحواس ۾ هئا ۽ اهو نانوائي بيهوش هو. آخرڪار
هڪ سئو ڏينهن کان پوءِ انهيءَ مدهوشيءَ واري حالت
۾ وفات ڪري ويو. (الله ان تي رحمت ڪري) اهوئي
تاثير هو جڏهن حضرت جبرائيل عليه السّلام جن
آنحضرت ﷺ جن کي ڀاڪر ۾ جھلي
اقْرَأْ
بِاسْمِ رَبِّكَ
(العلق:1) چيو هو. اِهو ”تاثير اتحادي“ هو جيڪو هڪ
روح لطيف پنهنجي پساهن جي ذريعي آنحضرت ﷺ جن جي
بدن مبارڪ ۾ پهچايو هو. [39] مطلب ته اهي
جڏهن کير کنڊ ٿي ملي ويا ته بشريت ۽ مَلڪيت ملائڪن
جي جاءِ اهڙي پيدا ٿي جو ان جي وچ ۾ ٻئي ڪنهن جي
داخل ٿيڻ يا اچڻ جي گنجائش ئي نه هئي.
هتي اهو معلوم ٿيو ته فنا في الشيخ ٻه
درجا رکي ٿو هڪ اعليٰ ۽ ٻيو ادنيٰ. اعليٰ درجي
موجب شيخ جي شڪل ۽ عادتون نفعو ۽ نقصان مريد سان
هڪ يا لاڳو ٿي وڃن ٿا. ادنيٰ درجو اِهو آهي ته
مرشد جي بصيرت طالب کان غائب ڪونه ٿي ٿئي ۽ انهيءَ
جو مدار طالب جي ارادي تي آهي. مريد کي تڏهن فائدو
ٿيندو، جڏهن هو پاڻ کي پوريءَ طرح مرشد کي سپرد
ڪري، جيئن ڌوئڻ واري هٿ سان ڪنهن کي ڌوئي صاف ڪبو
آهي.
فائدو:
ڄاڻ ته فنا في الشيخ واري حالت ۾ رباني ذڪر سالڪ
جي دل ۾ هڪ قسم جو حظ ۽ لذّت پيدا ڪري ٿو. پوءِ
قلبي صفائي پوري ريت حاصل ٿئي ٿي ۽ نوراني شعاع
پيدا ٿئي ٿو. تان جو طالب کي جملي عضون ۽ حوّاسن
اندر پاڻهي نور ڏسڻ ۾ ايندو ۽ آنحضرت ﷺ جن جي هن
دعا جو نتيجو ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو: ”اَللّهم
اجعل في قلبي نوراً وفي بصري نوراً وفي سمعي نوراً
وفي لساني نوراً وجعلني نوراً معشراً“
[اي الله! منهنجي قلب کي منور ڪر ۽ منهنجي نظر
(ڏسڻ) ۾ نور ڪر ۽ منهنجي ٻڌڻ ۾ نور ڪر ۽ منهنجي
زبان کي نور ڪر ۽ مون کي گهڻي نور وارو بناءِ.]
انهيءَ وقت قلبي ڪشف ۽ صدري ڪشف جو درجو
حاصل ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪشف اهلِ قبور ۽ ان کان
پوءِ ان نور جي غلبي سان زمين جو سير درجه بدرجه
حاصل ٿئي ٿو. تان جو هفت اقليم پوري دنيا ان جي
نظر ۾ هڪ گول مانيءَ وانگر ٿي پوي ٿي. جيئن غوث
الثقلين، محبوب سبحاني شيخ عبدالقادر جيلاني قدس
سره جن پنهنجي ’قصيده غوثيه‘ ۾ فرمائين ٿا:
وما منها شهور او دهورًا
تمر وتنقضي الا ما اتالي
وتخبرني بما ياتي ويجري
وتعلمني فاقصرعن جدالي
بلاد الله ملکي تحت حکمي
ووقتي قبل قلبي قد صفالي
نظرت اليٰ
بلادِ اللهِ جمعاً
کخرد لَة عليٰ حکم اِتَّصالي [26]
ابيات فارسي (ترجمو):
نيست شهري درميانِ شهرها
نيست دهري درميان دهرها
چونکه خواهد مقتضي گردد کمر
پيش من آيد دوان يا کرده سر
پس مرا گويد همه اخبارِ خويش
هرچه دروي بگذرد بي کم وبيش
ميکند آنکه مرا بي قيل وقال
باوره گر هست کوته کُن جدال
هست ملکي من بلاد کردُگار
زير حکم من بود ليل ونهار
پيش زان ساعت که حق قلب مرا
آفريد وداشت وقتي من صفا
من نظر کردم سوئي شهرها
بَرَّها و بحرها و نهرها
يافتم جمله بحکم اتصال
کمتر از يکخردله بي قيل وقال
[اهڙو وقت نٿو گذري جنهن جي باري ۾ مون کي اڳ خبر
نه پوي مون کي خبر ٻڌائن ٿا جيڪي ڪجھ اچڻ يا ٿيڻ
وارو آهي پوءِ تون اجايو جھڳڙو نه ڪر. الله جا شهر
منهنجو ملڪ آهن ۽ منهنجي حڪم هيٺ آهن. منهنجو وقت
۽ حال منهنجي وجود کان اڳ صاف ڪيو ويو. مان الله
تعاليٰ جي ملڪن ۽ شهرن کي ڏسان ٿو ته مون کي اهي
سرنهن جي داڻي برابر نظر اچن ٿا. |