سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:6 

ان کان پوءِ آسمانن جو سير ۽ انبياءَ عليهم السّلام جي مبارڪ روحن سان ملاقاتون، بهشت، لوح محفوظ، ڪرسي، حورون، محلاتون ۽ دوزخ جي سير واريون منزلون طئي ٿين ٿيون. پر هو انهن مان ڪنهن ڳالھه ڏانهن متوجھه نٿو ٿئي، بلڪ مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغَى (النجم:17) [اک نه ڪنهن طرف ٿڙي ۽ نه حد کان اڳتي لنگهي وئي.] واري آيت تي عمل پيرا رهي ٿو ۽ قرب حقيقيءَ جي جستجوءَ ۾ رهي ٿو. ان کان اڳتي فنا في الرّسول جي واٽ آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جي مدد حاصل ٿئي ٿي.

 فائدو: ڄاڻ اي طالب! ته فنا في الرّسول جي انتها جا ڪجھ قسم آهن. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ اِهو آهي جو پاڻ هر صورت ۾ ’علم اليقين‘ جي درجي کان ’حق اليقين‘ ۽ پوءِ ’عين اليقين‘ ۾ اچي. اِها جاءِ تمام نازڪ آهي ۽ اعليٰ درجو اُهو آهي جيڪو ’حقيقت محمدي‘ عليه الصلواة والسلام ۽ ’حقيقت احمدي‘ عليه افضل التحيَّات و اڪمل الصلوات جي صورت تائين پهچي. حقيقت محمديءَ ﷺ ”ميم“ جي ٻن دائرن عبوديت ۾ آهي [41] ۽ حقيقت احمدي ﷺ وري هڪ ”ميم“ جي دائري ۾ عبوديت آهي. جيئن قيوم جھان شاھ صفي الله قدس الله سره فرمايو آهي:

اي خوشادم کئه کمال اين وحيد
از دو طوق بندگي با يک رسيد

[خوشخبري آهي هن ڪمال وحدت لاءِ جيڪو بندگيءَ جي ٻن طوقن (دائرن) کان هڪ تي پهتو.]

          ان طريقي سان طلب ڪندي سير ڪندو رهي تان ته هو فنا في الرسول جي اعليٰ درجي کي حاصل ڪري سگهي. انهيءَ واٽ ۾ غلبي جي باري ۾ امام رباني مجدد الف ثاني قدس سره جن پنهنجي رسالي ’مبداء ومعاد‘ ۾ چون ٿا ته ”آءٌ خدا تعالي کي ان واسطي سان دوست ٿو رکان ته هو محمد ﷺ جن جو رب آهي.“ وڌيڪ تفصيل بيت جي شرح ’شرح رباعيات‘ ڪتاب ۽ ’گلدستئه معصومي‘ ۾ آندل آهي، جنهن کي تفصيل جو شوق هجي ته اُتي ڏسي وٺي. هن مرتبي جي طئي ٿيڻ کان اڳتي سلوڪ جي هن مرتبي ۾ ”ميم“ جو باقي هڪ طوق (دائرو) عبوديت جو پڻ وڃي رهي ٿو يعني احمد ﷺ کان احد باقي رهي ٿو. هتي ئي احديت جو شعلو طالب کي وڪوڙي وڃي ٿو. هستيءَ جي مڪمل فنا سان ذات ۽ صفات ۽ پوءِ آهستي آهستي سڀ کي هڪ ڏسي ٿو ۽ هڪ ڄاڻي ٿو. جيئَن هڪ عزيز فرمايو آهي:

در و ديوار من آئينه شد از کثرت شوق
هر کجا مي نگرم روئي ترا مي بينم

[منهنجي گهڻي شوق سبب هر ديوار ۽ دروازو آئينو بنجي پيا آهن، ان ڪري جيڏانهن ٿو نگاھ ڪريان توکي (محبوب) ٿو ڏسان.]

ان بعد درجو آهي ”اذا تم الفقر فهو الله“ [جڏهن فقر مڪمل ٿي پوي ته پوءِ اُهوئي الله آهي.] ان جو ظهور هتي ٿئي ٿو، جڏهن طالب جو قدم فنا في الله ۾ پهچي ٿو ۽ ان جو ڪارڻ الله تعاليٰ جي طاقت ۽ قوت آهي. هتي اڪثر صوفي حضرات ظلال (الله تعاليٰ جي سمنڊ جي پاڇي) ۾ غرق هوندا آهن. هر ذرو ذات ۾ اها ذات هڪ جاءِ تي ڏيکاري ڏئي ٿي. جيئن چيو ويو آهي. ۽ مولانا رومي فرمائي ٿو:

اين زمان هر ذرّہ ذرّات را
نيز در يک ذات خواهدکرد جا

[ان گهڙيءَ هر ذرو ٻين ذرن سان گڏجڻ چاهي ٿو ته جيئن هڪ ذات بنجي وڃي.]

          تاهم اهي جملي وحدت جا ظهور آهن، جيڪي هميشه ڪثرت نمائي ڪن ٿا [42] مولانا رومي هڪ ٻي هنڌ فرمائي ٿو:

اين چه دريائي نهان وذرّہ
شير نر را در پوستيني برہ
خيز بلقيسا نياز آور نه ناز
کاندرين راه نياز آمد ناز

[هي ڪهڙو لڪل سمنڊ آهي جيڪو هونئن ذري برابر آهي، اهو ببر شينهن آهي جيڪو کل ۾ پاڻ لڪائي ويٺو آهي. اي بلقيس! اُٿ ۽ ناز کي ڇڏي نياز نوڙت اختيار ڪر. ڇو ته هن واٽ تي ناز نخرو نه بلڪ نوڙت ۽ عاجزي گهربل آهي.]

مطلب ته اڪثر صوفي حضرات درياءِ وحدت وجود ۾ غرق هوندا آهن بلڪ عجيب نازڪ ۽ باريڪ صورتحال اِها آهي ته اڪثر اهلِ سلوڪ جي ٻيڙي انهيءَ مشڪل درياءَ وحدت ۾ بيخوديءَ ۽ اضطراب جي حالت ۾ داخل ٿئي ٿي. ۽ اِهو ممڪن نه هوندو آهي ته جو انهيءَ اوڙاھه (ڇولين جي ڦيري) جي وچ مان سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري سگهن. انهيءَ مقام تي سالڪ مجذوب ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي ڳالھه ٻولھه ۾ شطحيات (ظاهري خلافِ شريعت ڳالهيون) پيو ڪندو آهي. جھڙيءَ طرح شيخ منصور حلاج ”انا الحق“ جا الفاظ چيا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ائين چوندو رهيو ۽ پنهنجو سر ٻين جي حوالي ڪيائين. انهن اسرارن جي کولڻ بابت جڏهن شيخ شبليءَ الله عزّوَجلّ کان سوال ڪيو ته کيس انهيءَ معنيٰ بابت هي الهام يا مڪاشفي وارو جواب مليو:

شبلي سوال کرد به در حضرت کريم
منصور را بدار نهادي چرا حکيم
منصور بود واقف اسرار سرّ دوست
هرکس که سرّ فاش کند اين سزائي اوست

[شيخ شبليءَ الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ سوال ڪيو ته يا خدا! منصور کي ڇا لاءِ سوريءَ تي چاڙهيو ويو. کيس جواب مليو ته منصور دوست جي اسرارن ۽ رازن کان واقف هو ۽ جيڪو پنهنجي دوست جا راز فاش ڪندو ته انهيءَ جي سزا اِها آهي.]

خود شيخ بايزيد بسطامي اهڙو ڪلمو فنا جي حالت ۾ چيو آهي ”سبحاني ما اعظم شاني“ [پاڪائي آهي مون لاءِ منهنجو ڪيڏو نه وڏو شان آهي.] شيخ جنيد بغدادي پڻ انهيءَ حالت ۾ هيئن چيو هو: ”ليس في جبتي سوالله“ [منهنجي هن جبي ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي.] شيخ بوعلي سينا وري ”ما رأيت سوي الله“ [مون الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه ڏٺي.] جا لفظ چيا. مولانا شمس الدين تبريزيءَ پڻ حالت جذب ۾ چيو هو ته، ”قم باذني“ [منهنجي حڪم سان اُٿ] وغيره اهي سڀئي قول اولياءَ الله پنهنجي جذب واري حالت يا ڪيفيت ۾ چيا هئا. ٻيا بزرگ پڻ انهيءَ حالت کي پهتا هئا. [43] بيشڪ اهڙيون ڳالهيون انهن بزرگن جي زبان مان نڪتون هيون. جڏهن کين انهيءَ حالت ۾ سڀئي ذرا ”همه اُوست“ جو ڏيک ڏيندا هئا، پر الله تعاليٰ جي فضل وڪرم سان اِهي اولياءَ الله اُن عروج کان پوءِ وڏي منزل تي پهتا. بهرحال اِها حالت جذب هر سالڪ مٿان انهيءَ مقام تي پهچڻ سان جاري وساري ٿئي ٿي. ليڪن هتي وري مرشد ڪامل جو توجھه انهيءَ ڪاميابيءَ تي پهچائي ٿو ۽ ان کي اک ڇنڀ ۾ هن سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهائي ٿو. اِها ئي فنا في الله جي معنيٰ آهي. جيئن جناب امام رباني پنهنجي ’مڪتوبات شريف‘ ۾ ٻڌائين ٿا ته ”فنا في الله پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿيڻ آهي.“ جيئن هڪ عزيز فرمايو آهي:

تو ز خود گم شو کمال اين است بس
تو مباش اصلاً وصال است بس

[تون پنهنجو پاڻ کان گم ٿي بس اِهو ئي ڪمال آهي. تون پاڻ اصل هُج ئي نه بس اِهو ئي ته (يار جو) وصال (ميلاپ) آهي.]

هن مصرع جي مصداق:

قطره چون افتد بر بحر عمان ميشود

[درياء ۾ جڏهن قطرو ڪرندو آهي ته ان ۾ ملي درياء ٿي ويندو آهي.]

علم ۽ معلومات، عين، وجود ۽ شهود سڀئي زوال پذير ٿي گم ٿي وڃن ٿا ۽ حقيقت فنا ظهور ۾ اچي ٿي. هستيءَ جي غائب ٿيڻ بعد ذات ۽ صفات جي گم ٿيڻ تي پهچي ٿو، جتي طالب کي ذات جي اڪيلائي جي هميشگي حاصل ٿئي ٿي. جڏهن اصل ۾ ”لُحُوقُ القَتلُ بالاصلِ“ [قتل ذريعي اصل سان لاحق ٿيڻ] وارو درجو حاصل ڪري ٿو. مصرع:

هنيئاً لارباب النعيمِ نعيماً

[بيشڪ اهڙن صاحبن لاءِ وڏيون نعمتون ۽ انعام آهن.]

جيئن هڪ صاحبِ دل چيو آهي:

خود فنا گشت عين ذات شدن
اين عجب در حباب ها ديدم

[پاڻ ۾ فنا ٿيڻ عين ذات برابر آهي، اِهو عجب مون پاڻيءَ جي حبابن ۾ ڏٺو.]

جيڪڏهن الله تعاليٰ جي توفيق شامل آهي ته ان کان پوءِ اِهو درجو فنا في الله وارو بقا بالله تائين پهچي ٿو ۽ پاڻ کي عبوديت جي فنا سان سينگاريل سمجھي ٿو، تڏهن ارشاد ۽ دعوت اليٰ الحق جو درجو رونما ٿئي ٿو ۽ قرآن ڪريم جي آيت: ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف:55) [اوهان پنهنجي رب پاڪ کي عاجزيءَ سان لڪي ڪري سڏيو يعني ڳجھو ذڪر ڪريو] سان منادي ڪري ٿو. بلڪ تڏهن ’جمع الجمع‘ جي مقام کان لنگهي ’فرق بعد الجمع‘ جي مقام تائين پهچي ٿو. [44] مطلب ته سرّ يا راز اهو ئي آهي جنهن مان وحديت جي مضمون جي معلومات ٿئي ٿي. ڪنهن پياري چيو آهي:

خيالات دو عالم را چنان شستم زلوح دل
که شد بريخته هستي ز يک نقطه دو خط پيدا

[ٻنهي جھانن جي خيال کي پنهنجي دل جي تختيءَ تان اهڙو ڌوئي ڇڏيم. جو تختيءَ تي ٻن ليڪن سان فقط هڪ هستي باقي وڃي بچي.]

هن کي اهلِ تصوف ’جمع الجمع‘ مقام چون ٿا. هتي سالڪ ممڪن کي واجب سان متحد ڏسي ٿو. لاچار هڪ ئي نقطو چوي ٿو ۽ اُنهيءَ هڪ نقطي مان ٻه ليڪون ظاهر ڏسڻ جو مطلب آهي ته هن جي ترقي ٿي آهي. وحدت الوجود کان وحدت الشهود تائين پهچي ٿو. جو اهل تصوف انهيءَ مقام کي ”فرق بعد الجمع“ چون ٿا. جو خلق جدا ڏسي ۽ ممڪن کي واجب کان ممتاز سمجهي ٿو. ائين هڪ نقطي مان ٻه خط يا ليڪون صادق اچن ٿا.

هتي مولانا روميءَ ڪيتريون معنائون ڏنيون آهن. زبان ڳالهائڻ کان گونگي ٿي وئي ۽ گونگائپ پڻ حال جي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃي ٿي. هڪ هنڌ مولانا رومي پنهنجي مثنويءَ ۾ فرمايو آهي:

علم حق در علم صوفي گم شود
اين سخن کئي باوَر مردم شود

[الله تعاليٰ جو علم صوفيءَ جي علم ۾ گم ٿي ٿو وڃي، هيءَ ڳالهه ماڻهو ڪيئن سمجھي سگهي ٿو.]

هتي گم معنيٰ لڪڻ آهي. يعني علم حق علم صوفيءَ ۾ جيڪو فنا جي مقام تي پهتو يعني پنهنجي ذات وصفات کان فاني ٿي ويو ته اهو ان مقام سان مشرف ٿي ويو. گويا صوفي پاڻ لڪي وڃي ٿو هوڏانهن ماڻهو جڏهن صوفيءَ جا علوم ومعارف ٻڌن ٿا ته سمجھن ٿا ته اِهو صوفيءَ جو علم آهي، جيڪو انهيءَ کان ظاهر ٿيو. [45] حالانڪ صوفي ڪو به علم نٿو رکي، جيڪي ڪجھ هن جي زباني عام خلق کي ٻُڌڻ ۾ ظاهري طرح سُڻڻ ۾ اچي ٿو، اهو الاهي علم آهي. هن وچ ۾ صوفي فقط هڪ نادان حيثيت وارو آهي، جيڪو هن ظاهري جهان ۾ باقي رهي ٿو. جنهن کان صفت علم جي ثابت نظر اچي ٿي. جڏهن ته هو حق جي ذات ۽ صفات ۾ پاڻ فاني ٿيل هوندو آهي.

اجزاي وجودم همگي دوست گرفت
باقي ست نام ز من همه اُوست

[منهنجي وجود جا سڀ حصا دوست پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن، منهنجو نالو باقي بچيو آهي ورنه سڀ ڪجھه هو پاڻ آهي.]

ٻي معنيٰ اِها به دل ۾ اچي ٿي ته شايد علم جي اضافت الله تعاليٰ ڏي ڪرڻ ائين آهي جيئن مصدر مشغول طرف هجي. يعني حق جي ڄاڻ عروج وقت سالڪ کي هَٿِي ڏئي ٿي. انهيءَ ڊپ کان هن جو سمورو علم ٻي هرچيز کان منقطع ٿي وڃي ٿو. تڏهن هو فقط حق کي ڄاڻي ٿو ۽ دنيا جي ٻين سمورين شين کي وساري ويهي ٿو ۽ اِهو ئي ڪمال جو مرتبو آهي. گويا تڏهن علم ۾ صوفي ڪامل ۽ مڪمل بنجي مقامِ تڪميل تي رسي ٿو ۽ عروج مڪمل ٿيڻ بعد يا انتها جي وصول بعد بدايت يعني وري شروع ڏي رجوع ڪري ٿو. تڏهن اُهو سالڪ هدايت ۽ اِرشاد جي مسند تي ويهي ٿو ۽ بلڪل عام سان گڏ هيٺ ويهي ٿو ۽ انهيءَ مقام ۾ هن جو اڳيون علم جيڪو زائل ٿي چڪو هو، اُهو واپس موٽي ٿو.”وعلمي بحق که دانست“ [اهو علم جيڪو مون الله تعاليٰ کان ڄاتو (حاصل ڪيو)] جيڪو خلق جي علم کان پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو. علمِ اسباب جي ڪُليت ڏانهن متوجھه ٿئي ٿو. جيئن ’مبدأ ومعاد‘ ڪتاب ۾ آيل آهي ته ”صاحبِ رجوع پنهنجي ئي ڪليت سان عالمِ اسباب ڏي متوجھه ٿئي ٿو ۽ نه ٻيا. انهيءَ کي الله تعاليٰ جي حضور ڏانهن متوجھه ڪن ٿا ۽ جڏهن ٻيا کيس متوجھه خلق ڪن ٿا ته اها علامت [46] عدم وصول جي آهي ۽ اها انتها آهي. ٻئي طرف اها عدم جي نزول جي نهايت آهي. (ان جي حالت اِها ٿيندي جو غايت نهايت آهي) اِهو پڻ ’مَبدأ ومعاد‘ ۾ آيل آهي ته ”شين جو علم جيڪو فنا جي مرتبي ۾ زائل ٿي ويو هو، اُهو بقا کان پوءِ اڪثر عارف جي ڪمال وقت رجوع ٿو ٿئي، بلڪ تڏهن ان جي تڪميل رجوع سان گڏيل آهي. ڇو ته عارف بقا کان پوءِ الاهي اخلاق سان سينگارجي وڃي ٿو ۽ دنيا جو علم الله جي ياد طرف عين ڪمال آهي ۽ انهيءَ جو ضد نقصان جو سبب آهي. هڪ ٻي معنيٰ دل ۾ هيءَ اچي ٿي ته تقدير تي مذڪوره اضافت جو مطلب الله تعاليٰ کي ڪشف ۽ شهود سان ڄاڻڻ آهي. جيڪو سالڪن جي ڪمال جي مرتبي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ صوفيءَ جي علم کي ڪامل مڪمل ڪري ٿو. جيڪو عرفاني وصل سان مشرف ٿيو ۽ جبروت جي مقام کي پهچڻ سان گم ٿي ٿو وڃي. سواءِ ڏس جي موٽي لهي نه سگهندو. جيئن ’مڪتوبات شريف‘ ۾ آيل آهي ته ”ڪشف اِلاهي ۽ ظهورات اِسماءِ جي وچ ۾ راھ بنيل آهي ۽ وصول کان پوءِ سڀني طرفن جي انتها ٿئي ٿي.“

مطلب ته طرفن ۽ عدم جي معلومات کان ٻيو مطلوب نٿو رهي جيئن ’مڪتوبات شريف‘ ۾ آيل آهي. هن طريقي (مذڪوره) جي انتها جيڪڏهن مُيسر ٿئي ته اهو ’وصل عُرياني‘ ظاهر ظهور وصال آهي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ جي حصول جي علامت نااُميدي مطلوب کان آهي پوءِ اها ڳالهه سمجھ!

مولوي جامي رحه هن بيت جي شرح ڪندي هي قطعو چيو آهي:

علم حق در علم صوفي گم شود
اين سخن کئي باور مردم شود
علم حق جمله صفات حق بود [47]
علم صوفي ذات آن مطلق بود
چون شود صوفي فنا در عين ذات
مضمحل گردد درو جمله صفات

[الله تعاليٰ جو علم صوفيءَ جي علم ۾ گم ٿيو، هيءَ ڳالھ ماڻهن کي ڪيئن بانور ڪرائجي يا سمجھائجي. الله تعاليٰ جو علم سندس مڙني صفتن جو علم آهي. صوفي جو علم وري ان ذات باريءَ جو علم آهي. جڏهن صوفي عين ذات ۾ فنا ٿئي ٿو، تڏهن هن جون پنهنجون مڙئي صفتون ختم ٿي وڃن ٿيون.]

اُن وقت صوفيءَ ۾ استيلاءَ (الله پاڪ جي ذات) جو شوق غلبو ڪري ٿو ته سندس قال ۽ اسباب سلامت رهن ٿا.

قلم بشکن سياهي ريز کاغذ سوزدم درکش
حسين اين قصّه شوق است در دفتر نمي گنجند

[قلم کي ڀڃي ڇڏيم، مس ڪاغذ تي هاري ۽ ڪاغذن کي باھه ڏئي ڇڏيم. هيءُ قصو شوق جو آهي جيڪو هن دفتر ۾ پورو ڪونه ٿي سگهندو.]

فصل چوٿون

 

لطيفن جي فنا، بقا ۽ سير سلوڪ جا شرط

 

 هاڻي اصل ڳالھه جي تفصيل ڏانهن اچون ٿا. لطائف خمسه جي فنا ۽ بقا جو بيان عالمِ امر و خلق، شرح انوار و اسرار ۽ تجليات وظهورات ۽ مسڪن و ماويٰ جتي انبياءَ عليهم السّلام جي مدد شامل حال آهي. ڄاڻ ته، انهيءَ شغل باطني عليه حلبيه جا ڪجھ قسم آهن، جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿا:

پهريون لطيفو قلبي: انهيءَ لطيفي جو طريقو اِهو آهي جو سالڪ پنهنجي دل کي شيخ اڳيان حاضر رکي ۽ ٻئي گوڏا ڀڃي ادب سان ويهي ۽ ٻئي اکيون پوري ڇڏي، چپ چپن تي رکي، ڏند ڏندن تي رکي، زبان تارونءَ سان لڳائي. (بلڪ وات جي مٿئين حصي سان چنپڙائي ڇڏي.) پنهنجا سڀئي حواس ۽ ٻيا جيڪي حاضر عمل سواءِ الله تعاليٰ جي زائل ڪري ڇڏي. لفظ مبارڪ ”الله“ جلّ جلالہٗ پنهنجي قلب صنوبريءَ تي جيڪا کاٻي پاسي واقع آهي. اُن تان گذاري ۽ دل جي زبان سان هيءُ لفظ تمام گهڻو چوندو رهي ۽ ذڪر ڪندو رهي. ذڪر ڪرڻ وقت ٻي ڪابه ڳالهه يا صورت دل ۾ نه آڻي ۽ ٻئي ڪنهن به ڳالهه کي انهيءَ طرف اچڻ نه ڏئي. ۽ نفس (ساھ) کي دماغ ذريعي ڪڍي (يعني ساھ جي آمد ورفت به جاري رکندو اچي.) ۽ الله تعالي جو اسم مبارڪ ائين وٺي جو بلڪل اسم مُسميٰ مقصود هجي ۽ ٻي ڪابه ٻاهرين صفت انهيءَ ۾ نه ملائي. [48] جيئن ڪوبه ذرو الله تعاليٰ جي مخصوص صفتن مان گهٽ نه ڪري، بلڪ هن تصور ۾ پاڪائي کان سواءِ ڪنهن تشبيھه واري ڳالهه کي نه آڻي. تڪلّف يا بي تڪلّف ذڪر ڪري. جنهن ۾ حرڪت قلبي جي نيت ضروري شرط نه آهي. انهيءَ حالت کي ياد ڪرڻ چون ٿا يا ان کي وطن ڏانهن سفر پڻ ڪوٺين ٿا. انهيءَ وقت ذڪر کي تلاوت قرآن يا نوافل و تسبيح ۽ اُن جھڙين ٻين شين کان بهتر ڄاڻي ۽ فائدي وارو سمجهي ۽ هر حال يعني اُٿڻ، ويهڻ، سمهڻ ۽ هلڻ چلڻ وقت قرآن ڪريم جي آيت مطابق الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ (آلعمران:191) [اهي بيٺي، ويٺي ۽ پاسن تي ليٽندي، هر حالت ۾ الله جو ذڪر ڪندا رهن ٿا.]

مذڪوره ذڪر سان هميشه وابسته رهڻ گهرجي. هڪ لمحي لاءِ به ذڪر کان واندو نه رهجي. ذڪر الاهي ائين ڪري جو اهو دل جي حضور جي خاصيت بنجي ۽ اها پنهنجي لازمي صفت بنائي ڇڏي. جيئن ٻڌڻ جي صفت ۽ ڏسڻ جي صفت وغيره. ان حد تائين جو جيڪڏهن ذڪر ۽ حضور دل کان دور نٿو ٿئي ته اُن وقت غفلت، هوشياري، ننڊ ۽ جاڳ، خلوت ۽ جلوت هڪ جھڙي ٿي پوي. اُن حالت کي ياد رکڻ ۽ مجلس ۾ خلوت جو نالو پڻ ڏين ٿا. ان کي فنا قلبي سان تعبير ڪن ٿا ۽ هرچيز کان قطع تعلق يا بي تعلق رهي. اهو سير الي الله جو دائرو آهي جنهن جو پنڌ پنجاھ هزار سالن جي برابر آهي جيڪو الله جي عنايت ۽ مرشد ڪامل جي امداد ۽ توجھه ڪري گهڻي سهوليت سان طئي ٿي وڃي ٿو. ۽ هيءُ قلبي لطيفو حضرت آدم صفي الله عليه السّلام جي ولايت آهي ۽ انهيءَ جي زير قدم انبياءَ عليهم السّلام آهن. ۽ هن لطيفي قلبيءَ جو نور عالمِ مثال ۾ هيڊي رنگ وارو آهي. ۽ انهيءَ جي جاءِ سيني جي هيٺان کاٻي طرف واقع آهي. [49]

ٻيو لطيفو روحي: هن لطيفي ۾ ٻه نبي سڳورا حضرت نوح عليه السّلام ۽ حضرت ابراهيم عليه السّلام شريڪ آهن. روحي لطيفي جو رنگ ڳاڙهو آهي ۽ انهيءَ جو مقام وري هڪ آڱر جيترو ساڄي بُبي جي هيٺان مقرر آهي.

ٽيون لطيفو سِرّي: هيءُ لطيفو سِرّي حضرت موسيٰ عليه السّلام جي قدم هيٺ آهي ۽ انهيءَ جي ولايت ئي آهي. هن جو مڪان ساڄي ببي جي مٿان آهي. انهيءَ جو رنگ اڇو آهي ۽ هيءُ لطيفو سِرّي حضرت موسيٰ عليه السّلام جي ولايت ۾ آهي ۽ انهيءَ جي پهچ اسان جي نبي عليه السّلام وبرڪات تائين آهي.

چوٿون لطيفو خفي: ذڪر خفيءَ جو نور ڪارو آهي. انهيءَ جو مقام کاٻي بُبي جي مٿان آهي ۽ سيني جي وچ طرف مائل رهي ٿو. ۽ انهيءَ جا اسرار اُتي نظر ايندا آهن جن کي لڪائڻ واجب آهي. اِهو خفي لطيفو حضرت عيسيٰ عليه السّلام جي زيرِ قدم آهي، انهيءَ جي ولايت سڀني نبين عليهم السّلام تائين آهي.

پنجون لطيفو اخفيٰ: اِهو اعليٰ ترين لطيفو عالم اَمر مان آهي. انهن سڀني جي مٿان هجڻ ڪري ان جي شان ۾ هڪ حديث قدسي آيل آهي. جيڪا اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪي آهي. هن لطيفي جو مڪان سيني جي وچ ۾ آهي. انهيءَ جو نور سائو آهي. هيءُ لطيفو اَخفيٰ زيرِ قدم مبارڪ اقدس مُطهر حضرت محمد مصطفي احمد مجتبيٰ ﷺ آهي انهيءُ جي ولايت حضور عليه الصلواة والسّلام وٽ آهي.[50]

فائدو: جيئن ته اهي سڀ لطائف خمسه عالم اَمر ۽ لامڪان مان آهن. ۽ بنا چُون چرا واري جھان جو حصو آهن. هر هڪ لطيفو هڪ ٻئي سان تمام گهڻي مناسبت رکي ٿو. انهيءَ ڪري هن طريقي عاليه جي مشائخن جي پڻ هڪ ٻئي سان مناسبت تمام گهڻي آهي ۽ هنن سڀني اهو ذڪر ساڄي طرف کان اسم ذات جو تجويز فرمايو آهي.

مستي اين مئي مينا رنگ بود
ليک در هر سر خيال ديگر ست

[هن مئي جي مستيءَ جو رنگ مينا جھڙو آهي پر هر ڪنهن جي دماغ ۾ خيال ٻيو آهي.]

 مطلب ته نفس جي جاءِ ۽ جيڪي حواسِ باطنيه آهن، سڀئي انساني قالب جي جُزن تي غالب اچن ٿا. انساني قالب جا جُزا چئن عنصرن مان ٺهيل آهن. ۽ هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿين ٿا. انهن لطائف خمسه جي فنائيت سان ظاهري عالم ۽ عناصر اربعه عالم امر جي صورت ۾ ظهور پذير ٿين ٿا. جيتوڻيڪ عناصرن جي فنا جي حقيقت وڏي ولايت ڪبريٰ سان وابسته آهي، انهيءَ ڪري سالڪ کي گهرجي ته مٿي کان پيرن تائين پاڻ کي اسم ذات مبارڪ الله پاڪ ۾ غرق ڪري. جيئن اهو ذڪر سڄي بدن ۾ جاري ٿئي ۽ جسماني فنا جيڪا چئن عنصرن تي مشتمل آهي، پنهنجي مقصد تي پهچي.

لطائف خمسه جي عالم امر ۾ فنا ٿيڻ جا نشان هن ريت آهن: پهريون اهو آهي ته عالم امر ۾ علم ۽ حصول جو زوال اهڙي ”نسيان“ جي صورت اختيار ڪري جو سواءِ الله تعاليٰ جي يعني صرف الله جلشانہٗ جي ٻي هر شيءِ وساري ڇڏي. اهڙيءَ طرح ”حضور مع الله“ يعني الله تعاليٰ سان حاضر رهڻ نصيب ٿيندو آهي ۽ ان جو ظهور سالڪ جي باطن ۾ ٿيندو آهي. ان وقت هن کي جيڪي ڪجھه ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان جي ڪيفيت ۽ سمجھ کان قاصر رهي ٿو، جنهن کي هو پوريءَ ريت بيان ۾ نٿو ڪري سگھي. اهڙي وقت لذيذ طعام يا غير لذيذ طعام ۽ نفيس يا غير نفيس لباس هڪ ئي حڪم رکن ٿا.[51] لطيفي نفسي جي فنا جو نشان اُهو آهي ته جڏهن اهو ڪنهن سبب سان جيئن ميت وجمادي حسَّ ۽ حرڪت ان جي خيال ۾ اچن ته سندس علم جو خاتمو ٿي وڃي. لطيفي آبي جي فنا جو نشان اُهو آهي ته سالڪ خواب اندر جاري نهرن کي ڏسي ۽ تيز وهندڙ پاڻي ڏسي، بلڪ کيس باغ وڻ ٽڻ ڏسڻ ۾ اچن. لطيفي بادي جي فنا جو نشان اِهو آهي ته هو پاڻ کي واقعي جانورن کي پنهنجي دروازي تي هوا ۾ اُڏامندڙ ڏسي ۽ پکين وانگر ٻن پرن سان عالم قدس طرف اڏامندڙ ڏسي ۽ کيس اسم ظاهر ۽ اسم باطن يعني عليم ۽ علم ٻئي نصيب ٿين. لطيفي آتشي جي فنا جو نشان اُهو آهي ته سالڪ هر طرف روشن چراغ ڏسي ۽ وڏيون مشعلون روشن ڏسي ۽ باھ جا وڏا مچ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ان کي نظر اچن.

در ره عشق تو در هر گام صد جا آتش است
چون سوزم که مرا در جمله اعضا آتش است

[تنهنجي عشق جي راھ ۾ هر هنڌ باھ جا سؤ آڙاھ آهن. آئون ڇا سڙندس جو منهنجي هر عضوي ۾ باھه پئي ٻري.]

لطيفي خاڪي جي فنا جو نشان اُهو آهي جو سخت زمين هڪ رنگين دائري وانگر نظر اچي ۽ سالڪ جي نظر ان جي هيٺان پھچي ۽ ان وقت زمين تي ڪابه نئين صورت هجي ته اها کيس نظر اچي ۽ سندس باطني نظر کان مخفي نه رهي. مولانا رومي چوي ٿو:

بي شگافي روزنِ ديوارها
مطلّع باشند بر اسرارها
بلک پيش از زادن تو سالها
ديده باشندت ترا با حالها
عارفان جام حق نوشيده اند
رازها دانسته او پوشيده اند

[ديوارن ۾ سوراخن کان سواءِ به هُو الله وارا رازن ۽ اسرارن تي واقف ٿين ٿا. بلڪ ڄمڻ کان سالن جا سال اڳ اُهي تنهنجي حال تي واقف آهن. اهڙن حق جي عارفن جيڪو جام پيتو آهي، انهيءَ ڪري هو پوشيده رازن کان بخوبي واقف هوندا آهن.][52]

لطيفه قلبي جي فنا: اهو لطيفو الله تعاليٰ جي افعالن ۽ تجليّات سان مربوط آهي ۽ ان جي بقا سالڪ جي فنا جي فعل جي انڪاري ٿئي ٿي، تڏهن هو پاڻ کي ”مسلوب الفعل“ (فعل جو گم ٿي وڃڻ) سمجھي ٿو. انهيءَ کان پوءِ (انهيءَ جو هر) ڪم الله تعاليٰ سان باقي ٿئي ٿو. لطيفي روحي جي فنا: الله تعاليٰ جي تجليّات جي ظهور سان مربوط آهي ۽ انهيءَ جي صفتن سان ڳنڍيل آهي ۽ ان جي بقا وري انهيءَ سالڪ جي فنا ۾ آهي، جيڪو بشري صفتن کان فاني ٿيل ۽ الله تعاليٰ جي صفتن سان باقي ٿيل آهي يعني هو الله تعاليٰ جي صفتن سان موصوف ٿين ٿا.

بر من از هستي من جز نام نيست
در وجودم جز تو اي خوش کام نيست

[مون تي منهنجي هستيءَ جو صرف نالو آهي، باقي منهنجي اندر ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪو به مقصد نه آهي.]

لطيفي سِرّي جي فنا: اِها وري ڳنڍيل آهي الله تعاليٰ جي صفتن ۽ تجلين جي قيام سان ۽ اِهي تجليّون ۽ صفتون ۽ اعتبارات الله جلشانہٗ جا هوندا آهن ۽ انهن جي بقا ان جي صفت قدس هوندي آهي.  لطيفي خفي جي فنا جيڪا الله تعاليٰ جي تجليّن ۽ تنزيهي صفتن سان ڳنڍيل آهي ۽ ان جي بقا بابت وڌيڪ خبر نه آهي. ليڪن هر لطيفي جي فنا بعد اهي تجليّون مذڪور آهن. جيئن ڪن ڇنڻ کان اڳ ڳنڍجڻ سمجھيو آهي. ڪن وري ڳنڍجڻ کي ڇنڻ کان اڳ ۾ رکيو آهي. ڪجھ صوفين وري ٻنهي کي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم قرار ڏنو آهي. جيئن شيخ الاسلام انصاريءَ انهيءَ سلسلي ۾ چوي ٿو ته، ”جيستائين لهين ڪونه ٿو ته نڪرندين ڪونه، جيستائين نه نڪرندين ته لهندين به ڪونه.“ اهوئي حضرات نقشبند قدس الله اسرارهم جن جو طريقو آهي. هنن وٽ عين فنا ۾ بقا آهي ۽ عين بقا ۾ فنا آهي.

ميدان مدان کمال اين است بس [53]
تو باش مباش حال اين است بس

[ڄاڻين ٿو ته به نه ڄاڻ اهو ڪمال آهي بس! تون هجين نه هجين اهو حال آهي بس!]

          جڏهن سالڪ جو معاملو هتي پهچي ٿو ته انهيءَ جا درجا ولايت عالم امر ۾ انتها تي پهچن ٿا ۽ اُهي ئي شخص اولياءَ الله هوندا آهن. جيتوڻيڪ بعض لطيفن مان هُو فنا ۽ بقا جي دولت سان مشرف ٿيل هوندا آهن، پر جن ۾ کين بقا ۽ فنا حاصل ٿي چڪي، اُهي اُن تي اِڪتفا ڪن ٿا، اُهي به اوليائن ۾ شامل آهن. ڇاڪاڻ جو اُهي لطائفِ خمسه عالم امر جي ولايت سان تعلق رکندا آهن، بلڪ هر طرح کان اصولي طور اُهي واجب تعاليٰ جي اسماءِ صفات جي پاڇن واري دائري سان وابسته آهن، جنهن کي ولايت صغريٰ يا ننڍي ولايت چون ٿا. اِها جاءِ سڀني صوفين اولياء، اصفياء، قطب، غوث، اوتاد، افراد، ابدال، زاهد ۽ نجباءَ جي شروعات آهي ۽ حضراتِ اَئَمه اهلِ بيت عليهم السّلام ۽ اصحاب مُقرَّبه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين تان جو آخرين نقطو مبدأ (شروعات) جي دائري ۾ (حضرت) ابوبڪر صديق رضه آهي ۽ اهي ٻئي دائرا ذاتِ توحيد جي ظهور جا آهن. جتي هن قسم جا ڪلما چيا اٿن: (1) ”انالحق وسبحاني ما اعظم شاني.“ [آئون حق آهيان يا مون کي پاڪائي آهي، ڪهڙو نه منهنجو عظيم شان آهي.] (2) ”وليس في جبتي سرّي الله“ [ ۽ منهنجي جبي ۾ الله جي راز کان سواءِ نه آهي.] (3) ”وانا الله الذي تکلم بالموسيٰ عليٰ الطورِ ولوائي ارفَع من لواءِ محمد رسول الله “ [قسم آهي ته آئون اُهو الله آهيان جنهن موسيٰ عليه السّلام سان طور (جبل) تي ڪلام ڪيو هو ۽ منهنجو جهنڊو آقا محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي جهنڊي کان بُلند آهي.]

اڳين مشائخن توڙي پوين جن اهو سڀ ڪجھ چيو آهي ۽ جن وري پنهنجي مشائخ متقدّمين ومتاخرين کان نقل ڪيو آهي. هي سڀ انهيءَ دائري جو ثمر يا نتيجو آهي. هنن مرتبن کان مٿي ڪمالن جو ظهور ڪونهي. سالڪ ترقيءَ جي هر مقام، ذڪر، فڪر ۽ پنجن مذڪوره لطيفن ۾ مشغول رهڻ سان مربوط آهي. عالم امر ۽ مراقبي جو دوام اول ۽ ثاني طور شريعت شريف جي پوريءَ طرح پابندي نبي ڪريم ﷺ جي متابعت ۾ آهي. شيخ جي رهنمائي گهڻي شوق، ڪمال محبت ۽ ادب و احترام جي شرطن سان پابندي لازمي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org