ناگاساڪي
۽ پوءِ هن جي شادي ٿي وئي. بلڪل ائين جيئن سڀني جي
ٿيندي آهي. ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڄڃ آئي، هن کي مينا
بازار جيان سينگاريو ويو ۽ پوءِ نڪاح جي ٽن ٻولن
سندس زندگي جون راهون ائين مٽائي ڇڏيون، جو پل اپل
لاءِ ته ڪڻس ويساهه ئي نه پي آيو ته ڪو هوءَ ائين
کن پل ۾ نه چاهيندي به، رئيس خدا بخش جي زال بڻجي
وئي آهي. هن ته نڪاح مهل ”قبول“ به نٿي چيو جو اهو
ننڍڙو پر ڪيڏو ڀاري لفظ سندس نڙي ۾ زهر جي ڪساري
ڍُڪ جيان اٽڪي پيو هو، پر جڏهن ماڻس ڪڻس آپگهات
ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ پڻس اکين ۾ لڙڪ ڀري سندس
آڏو هٿ ٻڌي ليلڙاٽيون پاتيون هيون، ”ڌيءُ! منهنجي
عزت رک، منهنجن اڇن وارن ڏانهن نهار، نه ته آئون
پيريءَ ۾ خوار ٿي ويندس،“ تڏهن نه چاهيندي به،
ڪيترا سڏڪا نڙي ۾ گُهٽي. اکيون پوري هن ’قبول‘ چئي
ڇڏيو هو. ائين پڻس جي به اڇن وارن ۾ عزت رهجي آئي
۽ ماڻس آپهگات ڪرڻ کان بچي وئي هئي. پر هن جي اندر
جي دنيا موهن جو دڙو بنجي وئي هئي. سندس نڙيءَ ۾
رت ڀرجي آيو هو ۽ اکين آڏو ڦري ويو هئس، پڻس جي
عمر جيڏي رئيس خدابخش جو چهرو، جنهن تان هوءَ
سدائين سرتين سان گڏجي چرچا ڪندي هئي.
هڪ ڀيرو چرچي ۾ نسيم کي چيو هئائين، ”آئون ته رئيس
خدا بخش سان شادي ڪنديس. ملڪيت به ڏاڍي اٿس ۽
ڀائيندو به ڏاڍو.“ انهيءَ چرچي تي هو ڏاڍو کليون
هيون. تڏهن اهو نه سوچيو هئائين ته ڪڏهن ڪڏهن محض
کلڻ خاطر ڪيل چرچا زندگيءَ جا سڀ کان وڏا ڪائنات
جا به سڀ کان وڏا هاڃا بڻجيو پون. ۽ پوءِ هن جو
ڪيل اهو ننڍڙو چرچو سچ پچ هن جي زندگي جو سڀ کان
وڏو هاڃو بڻجي ويو.
رئيس خدابخش جو ڏاڍو ڀاري قرض پڻس تي هو، شايد
انهيءَ ڪري الاءِ انهيءَ ڪري ته پڻس اڻ ڄاڻائي ۾
اهو سمجهيو هو ته رئيس خدابخش جي ايتري ساري ملڪيت
سندس ڌيءَ کي ڪائنات جا سڀئي سک ڏئي سگهندي، سو
رئيس خدا بخش جو آيل سڱ هو موٽائي نه سگهيو، بنا
هن کان پڇڻ جي، بنا اهو سوچڻ جي ته الاءِ هوءَ
زندگي جو ايڏو هاڃو سهي به سگهندي يا نه.
هن جڏهن شاديءَ بابت ٻڌو تڏهن ڪي ڏينهن هن کي
ويساهه نه پي آيو. هوءَ جا بيحد خوبصورت خواب
ڏسندي هئي ۽ سندس خوابن جو شهزادو به ڪيڏو نه
خوبصورت هوندو هو، سو سڀ ڪجهه ٻوڏ هيٺ آيل ڪچي ڳوٺ
جيان لڙهي ويو. سندس ڪنهن به نه ٻڌي. سندس هر
احتجاج جي وراڻي مائٽن اها ڏني ته، ”تون اڃا ننڍي
آهين، نٿي سمجهين ته ڪو به مائٽ پنهنجي اولاد جو
برو ناهي چاهيندو.“ ۽ اهو هو به سچ ته ڪو به مائٽ
پنهنجي اولاد جو برو ناهي چاهيندو، پر هوءَ به ڇا
ڪري ها، سندس من کي ويساهه جو نٿي آيو، سندس اندر
جي دنيا به ته ڄڻ ناگاساڪي ۽ هيروشيما بڻجندي ٿي
وئي.
شاديءَ رات رئيس خدا بخش دل تي پيتي هئي. وارن ۽
مُڇين کي تازو ڪارو رنگ ڪيو هئائين، بوسڪيءَ جو
وڳو ۽ پٽڪو ٻڌي، پنهنجي پر ۾ نوجوان ٿيو هو. هيءَ
سندس ٽين شادي هئي. وڏيءَ رئيسياڻيءَ جوانيءَ ۾
الاءِ ڇو آپهگات ڪري پنهنجو انت آندو هو ۽ پويان
هڪڙو پٽ ڇڏي وئي هئي، حميد جيڪو هاڻ اچي جوان ٿيو
هو. حيدرآباد واري بنگلي ۾ رهندو هو ۽ پڻس کان به
ڄڻ رتيون ڪثر هو. ٻيو نمبر رئيساڻي جهڙي هئي تهڙي
ڪانه، ڌار حويليءَ ۾ رهندي هئي. گهڻا ڏينهن اڳ
رئين ڪڻس رٽائر ڪري ڇڏيو هو ۽ پينشن ۾ هن کي
ساهيڙيون مليون هيون، جن مان هوءَ رئيس جون سڪون
پئي لاهيندي هئي.
۽ هيءَ رئيس جي ٽين شادي هئي. هونئن ته رئيس لاءِ
عورتن جي ڪابه کوٽ ڪين هئي، پر نڪاح ٻڌي ننڍيءَ
نيٽيءَ زال جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي، اهڙو چيڪ جڏهن
دل چاهي ڪيش ڪرائي ڇڏجي. هوءَ به رئيس لاءِ انهيءَ
چيڪ سمان هئي، جيڪو رئيس پهرئين ئي رات ڪيش ڪرايو
هو. پر هن کي رئيس جي اگهاڙي ڀاري جسم مان مردار
گوشت جي ڌپ آئي هئي، جيڪو انيڪ ڏينهن دڙي تي پئجي
پئجي ڍونڍ ٿي ويو هجي. سمورو وقت هن جون اکيون بند
رهيون ۽ نڙي ڪڙي.
سدائين پنهنجو چيڪ ناهي ڪيش ڪرائبو. پرائي پئسي
جيان پرائي عورت جي بدن جو نشو به جدا هوندو آهي،
جنهن جي رئيس کي گهڻي عادت هئي ۽ پوءِ نئين ڪنوار
هئڻ جي باوجود به هوءَ ته ڄڻ برف جي سِرُ هئي.
وراڻيءَ ۾ رڳو رئيس کي ڀاڪر به ڪانه پائيندي هئي.
پٿر جي بت جيان اکيون پوريو پئي هوندي هئي ۽ اها
ڳالهه رئيس کي ڪانه وڻندي هئي، هوئن به ڀلا ڪيسين
تائين هڪڙو ئي نشو پي سگهجي ٿو، جنهن جي رئيس کي
صفا عادت نه هئي، سو ٻه ٽي ڏينهن هن سان مٿو هڻي
هڻي جڏهن ٿڪجي پيو تڏهن جيپ ڪاهي اچي زمرد بانوءَ
وٽ حيدرآباد پهتو.
هوءَ پراڻي رانديڪي جيان اڪيلي رهجي وئي. من جي
شهر جون عمارتون سمنڊ ڪناري، واريءَ جي ننڍڙن گهرن
جيان، هڪ هڪ ڪري ڊهنديون ٿي ويون، سندس اکين جي
صحرا ۾ واري پري پري تائين اُڏامڻ لڳي هئي. رئيس
جو اهو ڀوائتو پاڇولو، جيڪو هر لمحي سندس بدن تي
بکايل ڪتن جيان چهٽيو پيو هوندو هو سو ڪجهه ڏينهن
لاءِ ڌار ٿي ويو هو، پر انهن جو ڇهاءُ اڃا تائين
سندس بدن تي هُري رهيو هو. ڀانءِ ٿوهر جا انيڪ
ٻوٽا سندس بدن تي اُڀري آيا هجن ۽ هوءَ انهن مان
هڪ هڪ ڪري ڪنڊا چونڊي رهي هئي، جن سندس رڳ رڳ ۾ ،
رت جي هر ڦڙي ۾ زهر ڀري ڇڏيو هو. رئيس ڪڻس رٽائر
ڪونه ڪيو هو، پر ايڊوانس ۾ لاڪس ٻانهين جو واڙو
ڇڏي ويو هو. جيڪي چاهينديون هيون ته هوءَ به رئيس
جي ٻيءَ زال جيان، منجهان رئيس جون سڪون لاهي، پر
هن کي منجهان، رئيس جي پوڙهي جسم جهڙي، مردار گوشت
جي ڌَپ ايندي هئي ۽ اُهي هن جي ويجهو اچڻ لاءِ
پيون واجهائينديون هيون، جو کيس خبر هئي ته هنن جي
جنسي قربت جي بدلي، رئيسياڻيون، نوازڻ ۾ وس آهر
ڪونه گهٽائينديون آهن، پر هوءَ به ويجهو اچڻ ڏئين،
جنهن خواب ڏٺا ها، ڪنهن نوجوان شهزادي جا.
”جيجان! ٽنگن کي زور ڏيانءِ! ٿڪجي پئي هوندينءَ.“
هن کي اڪيلو ڏسي ڪانه ڪا اچي پاسي ۾ ويهندي هئس.
هنن جا عادي هٿ هن جي بدن تي چارسو ڊوڙڻ لڳندا ها،
۽ هن کي اُٻڙڪو اچي ويندو هو، ”آخ ٿو.“
رئيس زمرد بانوءَ وٽان موٽي آيو ۽ هن جي بدن تي
ٿوهرن جو جهنگ ويو ٿي گهاٽو ٿيندو. هن کي ته رئيس
جي شوقن جي خبر ئي تڏهن پئي جڏهن رئيس جا ڪي دوست
شڪار تي آيا ها، ساري رات ٻاهر اوطاق ۾ گهنگهرو
وڄندا رهيا ها ۽ ڪڻس ڪنهن ٻانهيءَ اچي ٻڌايو هو ته
رئيس نشي جي حالت ۾، ڪڃريءَ جي ڪڇ ۾ ستو پيو آهي.
سندس اندر جي دنيا ۾ طوفان اچي کن پل ۾ لنگهي ويو.
الاءِ ڇو، الاءِ ڇو هوءَ اهو ورهاڱو سهي نه سگهي
هئي. ڪڻس رئيس کان بي انتها نفرت هئي، پر اهو ٻڌي
سندس اندر جي روايتي عورت، نانگڻ جيان ڪَرُ کنيو
بيٺي هئي، جيڪا پنهنجي مڙس جي ذات جو ورهاڱو سهي
نه سگهندي آهي.
صبح جو ميرانجهڙي روشني، هوريان هوريان، آڪاس کان
ڌرتي تائين پکڙجي رهي هئي. هوءَ اڱڻ ۾ پيل کٽ تي
اڃا تائين پئي هئي، رات کان جاڳيل اکيون، جن ۾
سموري رات جو اوجاڳو زهر سمان پکڙيل هو. اوطاق ۾
ماٺ لڳي پئي هئي، پر سندس ڪنن ۾ اڃا تائين گهنگهرو
گونجي رهيا هئا. رئيس اڃا اوطاق مان ڪونه وريو هو،
۽ هوءَ جاڳي پي. سندس ذهن ۾ باهه ٻري رهي هئي،
جنهن کي هوءَ ساري رات جاڳي جاڳي دکائيندي رهي،
سوچيندي رهي ته ڇا ايڏي بيڪار آهيان جو منهنجي
زندگي ڦٽائڻ کانپوءِ به رئيس کي ڪڃرين ۾ لذت ٿي
اچي. ايڏو وڏو ورهاڱو؟ ايڏي وڏي ويساهه گهاتي؟
باهه وئي ٿي تيز ٿيندي.
صبح جي اونداهي روشني صاف ٿي وئي هئي، تڏهن رئيس
ٻن نشن جي نشي ۾ جهومندو، اوچن سُرن ۾ جهونگاريندو
حويليءَ ۾ گهڙيو. هن جي کٽ وٽان لنگهيو ته خوشبوءَ
جي هڪڙي تکي لهر سندس چوڌاري پکڙجي آئي. سٽ سان
رلي لاٿائين ۽ رئيس جي پٺيان صفي ۾ هلي آئي.
”رات اوطاق ۾ ڇا پئي ٿيو؟“ رئيس جي اڳيان ڪنهن
مضبوط ديوار جيان اچي بيٺي. رئيس حيران حيران نظرن
سان هن کي ڏٺو. ڄڻ هو ڪو بيحد عجيب سوال ڪري رهي
هجي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
”ڳائڻ هو،“ ٻن لفظن ۾ ۾ رئيس قصو ختم ڪرڻ پئي
گهريو، پر هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پکڙجي آيل زهر جو
سمورو حساب ڪتاب وٺڻ ٿي گهريو. منهن مٿو پٽي
رکيائين. اوچي آواز ۾ روئڻ لڳي، سـڄي حويلي کڻي
مٿي تي کنيائين. درن ۽ درين جي سِيرن مان ٻانهيون
هن حويلي جو اهو لقاءُ ڏسڻ لڳيون جيڪو اڳ نه ڏٺو
هئائون. رئيس جا وائيسر بتال ٿي ويا، ڀلا اهڙي زال
ڪٿي ڏٺي هيائين، جيڪا مڙس جي معاملي ۾ ائين وڏي
واڪ ڳالهائي. وڏي رئيسياڻي جڏهن حيات هئي، تڏهن ته
رئيس حويلي جي اندر، ٻانهين تي هٿ وجهندو هو پر
مجال آهي جو ٻاڦ به ٻاهر نڪتي هجي. اهو ته جڏهن هڪ
ٻه ڀيرا ڇوريون پيٽ سان ٿي پيون تڏهن به مرحيات
اهڙي هئي جو منجهه ئي منجهه ڇورين جا ٻار ڪيرائي
ڇڏيئين جو ڪنهن کي ڪَل ئي ڪانه پئي. پر الاءِ ڇو
آپگهات ڪري پنهنجو انت آندائين جو ڪڻس پنهنجي
معصوم پٽ تي به ڪهل نه آئي.
ٻيو نمبر رئيساڻيءَ به ڪڏهن رئيس جي معاملن ۾ نه
ڳالهايو هو. سندس هوندي ته رئيس هڪ ڀيري ڪڃريءَ کي
اندر حويليءَ ۾ هڪڙي رات رهايو هو. پاسي واري ڪمري
۾ رئيسياڻي ستل هئي، جنهن کي سڄي ڳالهه جي خبر هئي
تڏهن به هوءَ ڪڇي پڇي ڪانه، پوءِ ته آهستي آهستي
رئيس انهيءَ کي به رٽائر ڪري ڇڏيو، پر هن ته ڪڏهن
به احتجاج نه ڪيو. اڪيلي ٿيندي هئي ته پنهنجي ڪمري
۾ (ڪڏهن ڪڏهن، پوءِ اڪثر، بستر ۾ به) ڪا ٻانهي
رهائيندي هئي. ائين ٻانهين (جن کي رئيسياڻي
”ساهيڙيون“ چوندي هئي) رئيس جو خال ڏاڍي خلوص سان
پُر ڪري ڇڏيو هو. شايد انهيءَ ئي ڪري هن ڪڏهن به
احتجاج نه ڪيو هو. پهرين پهرين ته رئيس کي ڪَل ئي
ڪانه پئي ۽ جڏهن پئي ته تڏهن اهو سوچي مطمئن ٿي
ويو ته ”رئيسياڻي“ جي بستري ۾ ٻانهي ئي ته هوندي
آهي، ٻانهو ته ڪونهي، ڇا ٿو ڀلا فرق پوي.“
پر هيءَ ڪهڙي زال هئي جيڪا ايڏي ننڍڙي ڳالهه تي
ائين مڇرجي پئي هئي، جو رئيس جا ته وائسر ئي بتال
ٿي ويا هئا. سمجهه ۾ نٿي آيس ته ڪيئن هن کي
پرچائي، ڀاڪر کڻي پاتائينس، ”من! ڪاوڙجين ڇو ٿي؟
اڳتي کڻي ائين ڪونه ڪبو.“ ننڍي نيٽي زال هئي سو
رئيس به دٻجي ويو هو. مطمئن ڪانه ٿي. رئيس جي ڀاڪر
مان پاڻ ڇڏائي، ڪمري جو در بند ڪري وڃي ويهي رهي.
ٻه ڏينهن رئيس هن جي ڊپ کان حويلي ۾ ئي ويٺو رهيو.
ٽئين ڏينهن جيپ ڪاهي حيدرآباد هليو ويو، هن جي
سامهون سوين قسم کنيائين ته حميد کي ٿو ساريان،
انهيءَ لاءِ ٿو وڃان، پر سار آئي هئس زمرد بانوءَ
جي. هن کي رئيس جي هلڪڙي ڇهاءُ کان به اُٻٿ ٿيندي
هئي. رئيس جي پاڇولي کان به لڪندي هئي، پر جڏهن
کان سندس اندر جي روايتي عورت ستل نانگڻ جيان جاڳي
هئي، جڏهن کان سندس ”حق“ جو ورهاڱو ٿيو هو تڏهن
کان رئيس مان اک ڪانه ڪڍندي هئي. ڪهڙو حق پهچندو
هو، رئيس کي، هن جي زندگي ڦٽائڻ کانپوءِ هن جي حق
جو ورهاڱو ڪرڻ جو. هن ڄڻ پنهنجي اندر جي ايذائيندڙ
جيئري موت جو رئيس کان بدلو ٿي ورتو، جيڪو ستن
پشتن تائين هلندو آهي، بنا معاف ڪرڻ جي. رئيس جي
وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري هوءَ ڄڻ ڪنهن پراڻي
رانديڪي جيان اڪيلي رهجي وئي. بلڪل اڪيلي، جنهن جو
ڪوبه سنگتي ساٿي نه هجي. سندس چوڌاري هڪ ڀيرو وري
ٻانهين جو ولر مڙي آيو. هو هن کي ڏاڍي مزي سان،
رئيسياڻي جي بستري جا جنسي راز ٻڌائينديون هيون،
پر هوءَ هئي ڄڻ برف جي سر، ڪابه ڳالهه هن ۾
رئيسياڻيءَ جهڙو رنگ ڀري نه سگهندي هئي. هن کي ته
ڏک
هو پنهنجي حق جي ورهاڱي هو.
انيڪ ڏينهن کان پوءِ رئيس حيدرآباد مان موٽيو ته
ساڻس گڏ حميد به هو. جنهن کي رئيس ٻانهن مان جهلي
هن وٽ وٺي آيو.
”هي ماءُ اٿئي، ادب ڪجئين هن جو.“ رئيس جي آواز ۾
سختي هئي. هن ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي حميد ڏانهن
نهاريو. پل لاءِ هن جي دل زور سان ڌڙڪي، ڄڻ ماٺ ۾
اچي وئي. هو هن کان مس ٻه سال کن وڏو هوندو بلڪل
خوابن جي شهزادي جهڙو هن جي اندر جي دنيا ناگاساڪي
بڻجي وئي.
جڏهن کان حميد آيو هو، هن جي اندر جي دنيا ۾ ڄڻ
انڊلٺ جا ست رنگ پکڙجي ويا هئا. حميد سامهون ايندو
هو ته ڪڻس ڪنواري هوندي ڏٺل خوبصورت شهزادو ياد
اچي ويندو هو. دل جي شهر جون عمارتون، ٻوڏ هيٺ آيل
ڪچن گهرن جيان لڙهنديون وينديون هيون. رات جو رئيس
جي ڀر ۾ جڏهن رئيس بکايل ڪتي جيان سندس بدن کي
چهٽيو پيو هوندو هو ۽ هن جي پوري بدن مان اُٿندڙ
مردار گوشت جي ڌپ تيز ٿي ويندي هئي، تڏهن هوءَ بند
اکين جي اندر، من ئي من ۾ سوچيندي هي ته ڪاش ....
ڪاش ... هن لمحي ..... هينئر هتي .... رئيس بدران
..... ڪا ش .... هوءَ گهٻرائجي سوچن تي پهرا
ويهاري ڇڏيندي هئي، پوءِ به سمورين شدتن سان حميد
جو چهرو هانَو تي تري ايندو هئس. حميد جي سامهون
اچڻ ڇڏي ڏنو هئائين، پر هڪ ڏينهن نما شام جي بيحد
اُداس لمحن ۾ پينگهي ۾ ويٺي لڏي، تڏهن هو آڏو اچي
بيٺو هئس. هن گهٻرائجي مٿي تي رؤ رکي ڇڏيو. ڀانءِ
هو، هن جو پٽ نه ڪو نامحرم هو.
هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ڀانءِ ڪو طوفان
اچڻ وارو هجي.
نماشام جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن جو حسن ويتر نکري ويو
هو. حميد ڪرسي تي سندس سامهون ئي ويهي رهيو.
”تون ايڏي خوبصورت آهين جو توکي ”امان“ چوڻ تي دل
نٿي چوي.“ هن ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي حميد ڏانهن
نهاريو. حميد جي اکين ۾ ڪيڏي تکي گهور هئي، جيڪا
هن جي بدن جي پاتال تائين ٿوهر جي گهاٽي جهنگ جيان
پکڙجي وئي هئي. اهڙي سمي ڪوئي ڏسي وٺي ته؟ هن جو
من پل لاءِ هيسجي ويو هو.
”آئون توکي سڪينا چوان؟“ هو کليو، پر هوءَ ماٺ
رهي. لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيا هئس، ٿوهر جي ڪنڊي جيان.
”هن ڀيري مون واري بابي سٺو داءُ هنيو آهي.“ ٽهڪ
ڏئي اکين ۾ ليئو پاتائين، ”ڪيئن؟“ ڄڻ هن کان داد
ٿي گهريائين پنهنجي لفظن جو. هن گهٻرائجي اکيون پٽ
تي کپائي ڇڏيون، جتي انيڪ ننڍڙيون ننٺڙيون
ماڪوڙيون، هڪڙو مئل ماڪوڙو کنيون پئي ويون. هوءَ
ٽپ ڏئي پينگهي مان اُٿي بيٺي. حميد جي اڳيان جيئري
قيامت گُذري وئي. حميد کي پل لاءِ شڪار ڪيل هرڻي
ياد اچي وئي، جنهن جو گوشت حميد ڏاڍي شوق سان
کائيندو هو. هوءَ تکيون وکون کڻندي اندر صفي ۾ هلي
وئي، الاءِ ڇو حميد کي هن جون وکون ٿاٻڙجنديون
ڀاسيون هيون. ڀانءِ هو صدين جو ڪو ڊگهو سفر ڪري
آئي هجي. هن جو بدن، هن جي چهري سميت حميد جي اکين
۾ ”ٽيڙوءَ“ جيان ٽم ٽم ڪرڻ لڳو، انهيءَ لمحي پڻس
جا لفظ وسري ويا هئس ته، ”هيءَ ماءُ اٿئي، ادب
ڪجئين هن جو.“ هو ته من ئي من ۾ هن جي سنهڙيءَ
چيلهه جي ماپ وٺي رهيو هو، ”منهنجي ڪَرائيءَ جيتري
هوندي.“
۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن طوفان اچي ويو. سڀ ڪجهه انهيءَ
طوفان ۾ ختم ٿي ويو، پر هن ائين ڀانيو ڄڻ سرءُ جي
بيحد اُداس ڪندڙ مند هاڻ ختم ٿي هجي. (يا الاءِ
هاڻ شروع ٿي هئي.)
رئيس اوطاق ۾ هو. سندس ڪي دوست شڪار تي آيل هئا.
حميد به اوطاق ۾ هو. ڌرتتيءَ مهل، لُڪ ۽ ٻُوسٽ
ايڏي جو بدن باهه ۾ سڙندو محسوس ٿئي. هوءَ وهنجڻ
هلي وئي ۽ جڏهن پسيل وار چيلهه تي وجهي ڪمري ۾ آئي
ته پل اپل سندس دل زور سان ڌڙڪي بند ٿي وئي. ڪٻٽ
وٽ حميد بيٺو هو.
”بابا ريوالور پيو گهري، سو کڻڻ آيو آهيان.“ اهو
چوندي هن جي اکين جي گهور تِکي ٿي وئي. وکريل
وکريل آلن وارن ۾ هن جو چهرو صبح جي روشن لمحن
جيان جرڪي رهيو هو. ٿورن ٿورن آلن ڪپڙن ۾، هن جو
جرڪندڙ بدن، ڀانءِ گلاس مان شرابَ ڇلڪڻ ٿي گهريو.
حميد ته اهڙا انيڪ نشا چکيا هئا. پر هي شراب، جنهن
کي صرف ڏسڻ سان ئي هن کي نشو چڙهي ويو هو. هوءَ در
وٽ چپ چاچ گهٻرايل گهٻرايل بيٺي هئي، الاءِ ڇو
انهيءَ لمحي هن کي ڪنواري هوندي ڏٺل خوبصورت خوابن
جو خوبصورت شهزادو ياد اچي ويو. حميد ننڍيون
ننڍيون وکون کڻندو هن جي بيحد ويجهو (ايترو ويجهو
جو ساهه منجهڻ لڳو هئس) اچي بيٺو هو ڪي کن هن کي
گهوريندو رهيو. تِکي گهور، جيڪا هن جي بدن جي
پاتال تائين لهندي ٿي وئي.
”ڇا ٿو ڏسين ؟“ گهٻرائجي هن ائين ئي پڇي ورتو.
”تو کي خبر ڪانهي مرد عورت کي ڇو ڏسندو آهي؟“ هو
مرڪيو، انهيءَ هڪڙي مرڪ ۾ ڄڻ انڊلٺ جا ست ئي رنگ
هئا. هن جو جواب ٻڌي هوءَ ائين گهٻرائجي وئي، ڄڻ
هوءَ بنا ڪپڙن جي، ڪنهن نامحرم جي سامهو هلي آئي
هجي. پوءِ الاءِ ڪيئن اوچتو در بند ٿي ويو ۽ ڪمري
۾، ڌرتتي مهل به، گهور اونداهي پکڙجي وئي. ڪنواري
هوندي ڏٺل خواب، ڪمري ۾، ڪپڙا لاهي، رقص ڪرڻ لڳا.
هن کي جا رئيس جي پوڙهي بدن مان مردار گوشت جي ڌپ
ايندي هئي، تنهن کي ائين پئي ڀاسيو ڀانءِ سڄي
ڪائنات ۾ گلاب جي خوشبوءِ پکڙي جي وئي هجي. ڏهه
منٽ؛ پورا ڏهه منٽ ۽ انهن ڏهن منٽن ۾ ڄڻ صدين جو
سفر ڪري ڇڏيو هئائين. پلنگ تي هوءَ پگهر ۾ شم پئي
هئي، سندس ساهه اڃا تائين منجهيل منجهيل هو. ڪمري
۾ هاڻ ڏاڍي تکي روشني پکڙجي آئي هئي. هن آهستي
آهستي اکيون پٽي ڏٺو. هن جي پيراندي وٽان حيمد
بيٺو هو. ڪپڙا پئي پاتائين. ڪي کن هوءَ چپ چاپ
رهي. ٿڪل ٿڪل اکين ۾ وحشت ڀرجي آيس. حميد سان ڪڻس
سمورا رشتا ناتا ياد اچي ويا. رئيس جا لفظ ”هي
ماءُ اٿئي، ادب ڪجئين هن جو.“ ٻئي هٿ حميد جي وارن
۾ کڻي وڌائين، ”ڀڙوا، ڪتا مري ڇو نه وئين، .“
گاريون ۽ سُڏڪا ڪمري ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳا.
حميد گهٻرائجي، هن جي هٿن مان پاڻ ڇڏائي پري ٿي
وڃي بيٺو، هوريان هويان ڪمري ۾ ماٺ پکڙجي وئي، هاڻ
هو چپ چاپ ڪنڌ نوايو ڪپڙا پائي رهي هئي. حميد در
کوليو هليو ويو ۽ هوءَ انيڪ پل، پلنگ تي اکيون
پوريو اُهو سڀڪجهه سوچيندي رهي، جيڪو ڪي پل اڳ ٿي
گذريو هو. گناهه ۽ ڏوهه جو احساس سندس بدن ۾ ڪنڊا
بڻجي چڀڻ لڳو. سندس اکيون ڀرجي آيون. انيڪ طوفان
سندس من ۾ اچي لنگهي ويا ۽ هو من ئي من ۾ انهن
طوفانن جي وچ ۾ ٻڏندي ترندي رهي، سندس اندر جي
دنيا ٻوڏ هيٺ آيل ڪچن گهرن جيان ڀُرڻ لڳي. ڪنواري
هوندي جا خوبصورت خواب سندس چوڌاري ڀوائتا ٽهڪ ڏيڻ
لڳا هئا، هن ته اهو سڀ ڪجهه چاهيندي به اهو سڀڪجهه
ائين ڪونه چاهيو هو، جيئن ٿي ويو. هوءَ انيڪ پل
اکين تي هٿ رکيو روئندي رهي. نماشام جي بيحد اُداس
لمحن ۾ هوءَ ٻاهر نڪتي. سانجهي ٻانگ ملي رهي هئي.
وضو ڪري هو سجدي ۾ ڪري پئي. سندس اکيون ٻيهر ڀرجي
آيون، ڀانءِ سنڌو اٿلي پيو هجي. ڪڻس لفظ نه پئي
مليا، ڏوهه جي معافي لاءِ. سجدي مان اُٿي ته من تي
ڇانيل بوجهه گهٽبو ڀانيو هيائين. رئيس ۽ حميد اڃا
اوطاق مان ڪو نه وريا هئا. آڪاس تي اونداهي پکڙجي
وئي هئي. هو اڱڻ ۾ کٽ تي اکيون پوري ليٽي پئي.
طوفان ماٺ ۾ اچي ويا ۽ هو ڪجهه ڪجهه پرسڪون ٿي وئي
هئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو حميد جي سامهون اچڻ جي سگهه ساري
ڪانه سگهي هئي. صبح کان پنهنجي ڪمري ۾ در ڏئي وڃي
ويٺي هئي. رئيس دوستن سان گڏجي شڪار تي هليو ويو
هو. حميد به شايد ساڻس گڏ هو، شام جو رئيس آيو ته
اچڻ سان ئي کڻي ڪڻس ڀاڪر ۾ ڀريائين.
”من! اڪيلي ته ڪانه ٿئين ني؟“ هن اکيون پوري، نه
چاهيندي به، رئيس جي سيني تي پنهنجو مٿو رکي ڇڏيو،
شايد گناهه جو احساس گهٽائڻ لاءِ.
”ڇا ڪيان، دوستن کي به ته وقت ڏيڻو پوي ٿو.“ رئيس
شايد پنهنجي ڏوهه جو احساس گهٽائڻ ٿي چاهيو.
”پهرين سوچيم حميد کي تو وٽ ڇڏ وڃان، متان تو
اڪيلي ٿئين.“ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ”پر
حميد کي به شوق هو شڪار جو، واه جو، ”شڪاري“ آهي،
منهنجن دوستن جون ته اصل ڏندين آڱريون اچي ويون.“
هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو.
”رئيس!“ هن گهٽيل گهٽيل آواز ۾ پڪاريو.
”چئو مٺي.“ رئيس سندس چپ چمي چيو.
” آئون اوهان کي ڪيتري پياري آهيان.“ سندس آوز
ڀرجي آيو هو. الاءِ ڇو. وراڻي ۾ رئيس سندس ٿڪل ٿڪل
وجود تي نمندي چيو هو، ”سڄي دنيا کان وڌيڪ هن جي
اندر ۾ لڪل روايتي عورت کي پل لاءِ سڪون اچي ويو
هو. هن کن پل جو سڪون حاصل ڪري اکيون پوري ڇڏيون
هيون ۽ رئيس سندس بدن تي بکايل ڪتي جيان چهٽي پيو
۽ جڏهن ڌار ٿيو تڏهن ڪڻس ڀاڪر پائيدي چيائين،
”هڪڙي ڳالهه چوانءِ، من!“ رئيس جو آواز ۾ پيار
سان گڏ خوشامد پڻ هئي، ”ناراض ته نه ٿيندينءَ؟“
هوءَ شايد پهرين عورت هئي جنهن کان رئيس ٿورو گهڻو
ڊنو پئي. |