مهاڳ
پهرين
ايڊيشن جو
اناالحق
گهڻا- گهڻا سال اڳ-
سپنو ڏٺو هئم
- ته اگهاڙن پيرن رڻ ۾ پئي ٿي هلان (جڳن کان) باهه
۾ ٻرندڙ سج جو گولو ڌرتيءَ تي لهي آيو آهي ۽
منهنجا پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن. دور- دور تائين
منهنجن پيرن جا نشان ڦهليا پيا آهن.
اهو سپنو آئون اڄ به ڏسندي ٿي اچان
۽ منهنجا پير اڄ به تپي ٽامو ٿي ويندا آهن-
اهڙن لمحن ۾ مون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن.
ڪيتريون ڦاڙي به ڇڏيئم- لکڻ مون لاءِ اهڙو مسلسل
عذاب رهيو آهي، جنهن مان پاڻ آجو ڪرائڻ جو مون ۾
ساهس ڪونهي- لکڻ ڪارڻ مون پاڻ کي جڳن کان صليب تي
ٽنگيل ڀانيو آهي ۽ پنهنجن هٿن جو ڏهه ئي ڪپيل
آڱريون ٿوهر جا ڪنڊا ڀانيون اٿم- پوءِ جيڪر منهنجن
لفظن ۾ ڪو زهر آهي به ته انهيءَ ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو
ڏوهه؟ ڪڏهين- ڪڏهين اهو ئي زهر نس- نس ۾ ڊوڙندو
محسوس ٿيندو اٿم- اهڙن لمحن ۾ ڏاڍي تيزيءَ سان
لکندي آهيان، پر جيڪر زهر جي اهائي ڌارا امرت ڌارا
بڻجيو پوي ته لکڻ- پڙهڻ- سوچڻ ۽ جيئڻ مٽيءَ جي
گهروندن سمان ڀُريو پون ۽ هڪ ڊگهي ماٺ من- پاتال
تائين ڦهلجيو وڃي- سو- ذهني آسودگيءَ واري دور ۾
ڪجهه به نه لکي سگهندي آهيان.
لفظن جي گهري درياهه ۾ گم ٿيڻ کان پوءِ ڇا وڃايم-
ڇا پاتم- انهيءَ جي ڪٿ آئون پاڻ ڪريان، اهو مون کي
ڪين جڳائي- مون ڌرتيءَ تي ويهي لکيو آهي ۽ منهنجا
سڀئي گس ڌرتيءَ ۾ پاتال تائين وڃيو پڄاڻي ڪن- مون
ڪيتري قدر ٺيڪ لکيو آهي انهيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت
۽ نسلن تي به ته نٿو ڇڏي سگهجي، جو مون هن وقت جي
ڄڀ ڪپيل اداس نسلن لاءِ لکيو آهي، جيڪو منهنجي
مٿان کان ڪاري اونداهي رات وانگر هوريان- هوريان
وهندو ٿو وڃي.
مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾
ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا
زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين،
اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه
سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي
جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن
پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو
نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته
انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾
مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام
مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر
ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار
جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟
پير ڪڙيون پائي چؤواٽي تي سنگسار ٿيڻ کان پوءِ به
ڪم از ڪم منهنجو ڪنڌ نميل ناهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪو
هر سچوءَ سان ٿيندو پي آيو آهي، مون لاءِ
ڇرڪائيندڙ ته ناهي، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي
آهي سا ايڏي اڙانگي آهي جيڪا اُڪري پار پوڻ لاءِ
اڃا سگهه گهرجي ٿي، پر ائين ته ناهي ته ڪو اها
وڇوٽي اُڪري ئي نٿي سگهجي.
۽ آئون زمانن کان انهيءَ وڇوٽيءَ تي (جنهن جو ٻيو
نانءُ پلصرات آهي) هلان ٿي پئي.
۽- منهنجا پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن.
منهنجين ڪهاڻين ۾ پلصراط تي هلندڙ منهنجو پنهنجو
وجود ڪيتري قدر شريڪ هوندو آهي، انهيءَ لاءِ جي
ائين چوان ته منهنجي هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار آئون پاڻ
آهيان، ته اها ڳالهه ايڏي ڇرڪائيندڙ ته هوندي، هر
ليکڪ پنهنجي اندر جي صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ پنهنجي تنها
وجود تي به لکي ٿو- ڪائنات جي سموري پيڙا ليکڪ جي
اندر اڱارن سمان دکندي رهي ٿي.
مون ڪڏهين به چڪلو ڪونهي ڏٺو.
ڪنهن حرامي ٻار جي تخليق ڪانهي ڪئي.
ڪنهن فوٽ پاٿ تي بيهي بيک ناهي گهري، پوءِ به ائين
ڀاسندو اٿم ڄڻ ڪائنات جا سمورا انسان جن کي ڌڪاريو
ٿو وڃي، گندي پاڻيءَ جي نالين ۾ لوڙهيو ٿو وڃي،
منهنجيءَ نس- نس ۾ وسن ٿا.
مون مريم جي پوترتا کان رنڊيءَ جي وڪاڻل جسم تائين
جو سفر ڪيو آهي.
پاڻ کي ڪائنات جي سمورن حرامي ٻارن جي ماءُ ڀانيو
آهي.
پنهنجي سهاڳ جي ڇانوَ ۾ ويهي به مون انهن نياڻين
جا دک ڀوڳيا آهن، جيڪي حويليءَ جي اوچن- ڪوٽن ۾
بند آهن ۽ ڪوبه شهزادو ڪنهن چانڊوڪيءَ رات ۾ انهن
سان لاؤن لهڻ ڪونه ايندو- مون انهن ٻانهين جو به
عذاب سٺو آهي، جيڪي ستن پيڙهين کان مالڪن جي بسترن
جو شوپيس بڻجنديون ٿيون اچن- ۽- مون انهن خوبصورت
شهزادين جي احساسن جا به صليب کنيا آهن جيڪي نڪاح
جي ٽن ٻولن جي عيوض ڪنهن پوڙهي مير- پير- رئيس جي
پوڙهي جسم جي گهنجن ۾ سجايون ٿيون وڃن- سو،
منهنجين انيڪ ڪهاڻين جو ڪردار آئون پاڻ به آهيان.
ڪهاڻي پوري ٿيڻ تائين- مون انهيءَ ڪردار جا سمورا
دک ڀوڳيا آهن.
انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ ۾ ڪيڏي ٿورڙي وڇوٽي آهي،
انهيءَ وڇوٽيءَ جي وچ ۾ بيهي مون لکيو آهي، سوچيو
آهي- پڙهيو آهي- پروڙيوآهي.
هر ڪنهن جي اندر هڪ خوبصورت انسان موجود آهي- پوءِ
اهو عورتن جا جسم وڪڻندڙ ڪو دلال ئي ڇو نه هجي- هر
ڪنهن جي اندر هڪ شيطان جو به واسو آهي، پوءِ اهو
ڪو مذهبي اڳواڻ ئي ڇو نه هجي- پر ڪنهن ۾ ايڏو ساهس
آهي- انسانن ۽ شيطانن جي ٻوٿن تان ماسڪ پٽي لاهڻ
جو(؟)
انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ واري وڇوٽي- جتي سچ ازل
کان ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي- ڪير آهي جيڪو اناالحق
جونعرو هڻي- ڪير آهي جيڪو زهر جو پيالو نڙيءَ کان
هيٺ لاهي سگهي.
انهيءَ احساس هيٺ پيڙهجندي مون زهر جهڙيون نفرتون
به ڪيون آهن-
انهن ماڻهن سان جيڪي اڇي پڳ ٻڌي- اندر جو گند پيا
لڪائيندا آهن-
جيڪي انهن انسانن سان نفرت ڪرڻ جي فتويٰ ڏينداآهن،
جيڪي ماءُ پيٽان، دلال- حرامي- جسم وڪڻندڙ- چور-
جواري- شرابي- ڌاڙيل ڪونه ٿيا آهن.
ڪڏهين- ڪڏهين ڪيڏي شدت سان چاهيندي آهيان ته سٽ
ڏئي اهي اڇيون پڳون لاهي، ڪنين ڪسين ۾ اڇلائي
ڇڏيان.
ڪوٽن ۾ زمانن کان قيد شهزاديون ڀڄائي وڃان.
چڪلن جون ڪسبياڻيون باعزت پڳدارن سان پرڻائي
ڇڏيان.
بنگلن کي باهيون ڏياري ڇڏيان.
ٽجوڙين ۽ بينڪن ۾ ڌاڙا هڻائي- اها سموري دولت
سنڌوءَ ۾ لوڙهي ڇڏيان- جيڪا ٿر جي بک ۽ اُڃ، نٿي
وسائي سگهي- منهنجن انگ اگهاڙن ماروئڙن جو انگ نٿي
ڍڪي سگهي.
پر آئون ڪجهه به نه ڪري سگهندي آهيان-
اهڙي سمي آئون ڪهاڻيون لکندي آهيان-
آئون، جيڪا سنڌي سماج جي هڪ بيحد عام عورت آهيان.
آئون- جڏهين اهڙيون ڪهاڻيون لکندي آهيان ته ماڻهو
مڇرجي پوندا آهن. الزام لڳندا آهن- مونکي گارين جا
خط لکيا ويندا آهن. محض انهيءَ ڪاڻ جو آئون سنڌي
سماج ۾، سيد خاندان جي هڪ بيحد عام عورت آهيان.
دراصل اسان سنڌي عورت کي چُلهه جي آڳ ۾ دکندي ڏسڻ
جا عادي آهيون- برقعو اوڍائي، ڪاري نقاب مان عشق
ڪندو ڏسڻ جا هيراڪ آهيون- چئن ديوارن ۾ قيد ڪرڻ جا
شوقين آهيون- عورتن کي محض انهيءَ ڪري جاهل رکندا
پيا اچون ته جيئن هو پنهنجو حق گهرڻ جي سگهه نه
سارين- چلهه جي آڳ کان، مڙس جي جنسي خواهشن جي
تڪميل کان، ٻار ڄڻڻ واري مشين بڻجڻ تائين ته هنن
جو وجود قابل قبول آهي، پر جيڪر ڪا سنڌي عورت چئن
ديوارن مان نڪري ٿي اچي ۽ ٻوٿن تي چاڙهيل ماسڪ پٽي
لاهڻ جي سگهه ٿي ساري ۽ اناالحق جو نعرو ٿي هڻي ته
هٿ پير ٿڌا ٿيو پون- اکين اڳيان اونداهي اچيو وڃي
۽ نڪ تي رکيل مک جهڙي هٿ ٺوڪي عزت خطري ۾ پئجو
وڃي- تڏهن ٻيو نه- ته به ذاتي حملا ڪري
انهيءَ کي
هيسائي ته سگهجي ٿو. ائين اندر جي گندگيءَ جو ڀرم
به رهجي ايندو- اسان کوهه جا ڏيڏر آهيون- موهن جي
دڙي جا ڏاند آهيون.
پر- مون کي ويساهه آهي ته هڪ بيحد اداس رات کان
پوءِ نئون نڪور سج به اڀرندو.
آئون انهيءَ سج جي آس تي- ٿوهر جي ڪنڊن جهڙين ڪپيل
آڱرين سان لکندي رهندس- جيسين تائين جيئندس-
منهنجون سوچون- اداس راتين ۾- ڪمري جي ديوارن سان
پيون سر ٽڪرائينديون آهن- رتوڇاڻ سوچون- منهنجون
ڪهاڻيون آهن.
بند اکين اندر مون ڏاڍا ڊگها پنڌ ڪيا آهن- شريفن
جي پاڪ حويلين کان چڪلي جي سوڙهين گهٽين تائين-
جيل جي کولين کان ڦاسي گهاٽن تائين- مٽيءَ جي ڪچن
گهروندن کان خوبصورت بنگلن تائين- فوٽ پاٿن کان
ايئرڪنڊيشنڊ بيڊ رومن تائين- ۽ سنڌ کان آفريڪا
تائين- ڪيترا انسان منهنجيءَ نس- نس مان ٿا واسو
ڪن- حرامي ٻار- رنڊيون- دلال- چور- شريف زاديون-
ٻانهيون- مزور- هاري- ديس لاِءِ وڙهندڙ شاگرد-
ڌرتيءَ جو دک لکندڙ ليکڪ- لوڪ کان لڪي- ڪنهن ٻي
نالي سان ڪچا ڦڪا ليک لکندڙ سنڌيءَ جون گمنام
ليکڪائون- سنڌي وڏيرن جون سريتون- بک ۽ اُڃ کان
نستا انسان- بيمار- بکيا- ڏڪار جا ماريل انسان-
جنگن جي آڳ ۾ جلندڙ زندگيون-۽ ٻيا انيڪ.
قلم هٿ ۾ جهيل- پنهنجي اڳيان ڪورا ڪاڳر ڦهلائي
سوچيندي آهيان- انسان جي ذهنن ۾ ڇو ايڏيون گهور
اونداهيون-
دنيا ۾ کائڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، پوءِ به ڇو ٿا
ماڻهو بک مرن- ايڏا گهر آهن پوءِ به ڇو فوٽ پاٿ
تي تهه سياري جون سرد راتيون ماڻهو ٿا گذارين-
ايڏا ويس وڳا آهن پوءِ به ڇو منهنجي ديس جا
ماروئڙا ٿا انگ اگهاڙا رهن-
ڪيترا سوال- ڪيتريون سوچون آهن جيڪي صليب تي
ٽنگيون پيون آهن.
اُهي ليکڪ جيڪي نشي جي حالت ۾ بک ۽ اُڃ مرندڙ ديس
واسين تي ٿا لکن (نشي ۾ وڦلندڙ ماڻهوءَ تي به ڪو
اعتبار ڪبو آهي ڇا؟) ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ جي هام ٿا
هڻن- جيڪي عورت جي آزاديءَ جا زبردست قائل آهن- پر
جن جون زالون صرف هنن جي جنسي خواهشن جي تڪميل جو
ذريعو ۽ ٻار ڄڻڻ جي مشين آهن- پر ڪڏهين پنهنجن
عظيم ليکڪ مڙسن سان ڪنهن ادبي سنگت ۾ به نه ڏٺيون
ويون هونديون. اهڙن عظيم ليکڪن جي سچائيءَ تي
ڪيتريقدر ويساهه ڪري سگهجي ٿو.؟؟
اهي گمنام/نامور سنڌي ليکڪائون، جيڪي هزار الزام
سر تي کڻي- لوڪ کان لڪي- نالا مٽائي، لکن پيون-
لکنديون هيون- لکنديون رهنديون- انهن جي سچائيءَ
کان ڪيئن ٿو ڀلا انڪار ڪري سگهجي. مون کي ته انهن
ليکڪائن جي ڪچين ڦڪين لکڻين اڳيان، اياز جي شاعري،
خليل جون ڪهاڻيون به گهٽ نظر اينديون آهن.
آئون ادب ۾ بي ادبيءَ جي قائل ڪانه آهيان.
پر سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي، انهيءَ کان
به انڪار ته نٿو ڪري سگهجي. جيڪر ادب سرجڻ مهل اها
وڇوٽي نظر ۾ نٿي رکي وڃي ته اهو ادب سواءِ بڪواس
جي ٻيو ڇا آهي؟ آئون ائين به نٿي چوان ته ڪو مون
جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو صرف سچ آهي. بڪواس ڪونهي.
چوڻو صرف ايترو اٿم ته جيڪي ڪجهه لکيو اٿم- اهو
ڪهڙن احساسن سان لکيو اٿم- ڇو لکيو اٿم- ڪيئن لکيو
اٿم- منهنجا هٿ به صاف ڪونه آهن انهيءَ ڪري آئون
سموري سنڌي ادب بابت يا پنهنجين ڪهاڻين بابت فتويٰ
ڪانه ڏيندس.
سنڌي ادب تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوندم ته ادب
۾ منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي.
پر مون ادب ۾ ڪا کيپ کٽڻ لاءِ ڪونهي لکيو-
سنڌالاجيءَ جي ڪار منهن ڪٻٽن کان برٽش ميوزم جي
لائبريريءَ تائين ويندڙ سڀئي گس مون لاءِ ڪوڙ ۽
ڌوڙ آهن.
مون ڪڏهن سنڌي ادب تي لاڳاپا لاهي ويهي رهڻ بابت
ڪونهي سوچيو- منهنجي اندر جو زهر، جيڪو مون کي
سنڌي سماج کان وراثت ۾ مليو آهي، مون کان لکرائي
ٿو.
مون وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو طريقو آهي- انهيءَ
زهر جي نيڪال جو- مون انهن ماڻهن لاءِ لکيو آهي،
جيڪي منهنجين نسن ۾ وسن ٿا- مون انهن لاءِ سوچيو
آهي- مون کي ڪنهن به برک/ عظيم ليکڪ جي سرٽيفڪيٽ
جي ضرورت ڪانهي.
جڏهين ماڻهون منهنجيون ڪهاڻيون پڙهي مڇربا آهن ۽
مون کي گارين ڀريا خط لکندا آهن، تڏهين مون کي
سنڌي سماج جي اها اڏوهيءَ کاڌل ديوار بيحد ڪمزور
محسوس ٿيندي آهي، جنهن جي پاڇولي ۾ ويهي مون
ڪهاڻيون لکيون آهن.
فحش ادب ڇا آهي! بنا اهو سوچڻ جي ليکڪ جي ڪئي
ڪمائي ڪٽ ڪرڻ ڪنهن کي ٿو جڳائي؟ فحاشي، جيڪا انسان
جي ذهن تي پلجي- انهيءَ کي ڳولهڻ وارا ته پنهنجي
ئي جسم مان ڳولهيو ٿا لهن- نه ته فحاشي جنسي ڪتابن
۾ به ناهي.
هر شيءِ تي فحاشي جو الزام هڻڻ وارا پنهنجي اندر
جوگند لڪائڻ چاهيندا آهن- باٿ روم ۾ هرڪو ننگو
آهي- ٻاهر ڪپڙا پائي هر الزام کان آجو ٿيڻ سولو
آهي.
فحاشي تي بحث ڪبو ته چڱا چوکا پڳدار ننگا ٿي
پوندا- جيسين تائين منهنجين ڪهاڻين جو تعلق آهي ته
مون ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ جنس کي موضوع طور نه کنيو
آهي- آئون جنس جي اهميت کان انڪار نٿي ڪريان- جنس
ترقي ڪيل ملڪن جو ايڏو مسئلو ناهي، جيڏو پوئتي پيل
قومن جو آهي. غربت ۾ جنس نارمل صورت اڪري مرض
بڻجيو پوي- حق بخشرائڻ، عمر جي فرق بنا ڏسڻ جي
شاديون ڪرڻ، ٻه ٻه شاديون ڪرڻ، زالن کي پراڻي
رانديڪي وانگر اڇلائي ڇڏڻ، زالن کي ڪوٽن ۾ بند
رکڻ، اتي ئي اچي هم جنس پرستي جنم وڄندي آهي. اهي
غريب مڙد جيڪي شادي معاشي مسئلن جي ڪري نٿا ڪري
سگهن، هڪ رات لاءِ عورت جو جسم به افورڊ نٿا ڪري
سگهن- هم جنس پرستيءَ ۾ وڃيو پناهه ٿا وٺن ۽ هم
جنس پرستي- جنس جو سڀ کان ڀوائتو روپ آهي. اسان وٽ
جنس جي ڪري مسئلا نٿا جنم وٺن- اسان وٽ مٿئين
روايتن جي ڪري جنسي مسئلا ٿا جنم وٺن.
اهڙي صورت ۾ ڪنهن کي سنگسار ڪجي. روايتون جوڙڻ
وارن کي يا انهن هيٺ پيڙهجڻ وارن کي؟ اسان وٽ عورت
کي يا مڙد کي، هڪ هم عمر، صحت مند ۽ هم خيال جيون
ساٿيءَ کان محروم رکيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري به
اسان وٽ جنس فحش هوندي به بيحد پرڪشش آهي. سو مون
جنسي مسئلا ڪڏهين به ڪونه لکيا آهن. مون انهن هٿ
ٺوڪين روايتن جي خلاف لکيو آهي، جيڪي جنس يا هم
جنس پرستيءَ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.
اهو چوندي مون کي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿي ٿيئي ته جيسين
روايتون رهنديون- حويليون ۽ ڪوٽ ڪڙا رهندا- انيڪ
شادين جو رواج رهندو- حق بخشرائڻ ۽ ننڍين عمرين ۾
يا بي جوڙ شادين جو رواج رهندو- تيسين اها فحاشي
انهن ئي ماڻهن جي گهرن ۾ پلجندي رهندي- جيڪي اهي
روايتون قائم رکندا ٿا اچن. آئون ڪهاڻيون لکان يا
نه،- ڪوبه فرق نٿو پوي. ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي ذڪر سان
ئي ماڻهن کي جيڪي جنسي خواب ٿا اچن ته انهي ۾ ڀلا
ليکڪ جو ڪهڙو دوش؟؟؟
لکڻ مهل مون عورت بڻجي ڪونهي لکيو. محض هڪ ليکڪ جي
حيثيت ۾ ئي لکيو آهي- جيتوڻيڪ مون صرف عورت تي
ڪونهي لکيو، پر هوءَ منهنجين انيڪ ڪهاڻين جو مکيه
ڪردار ضروري آهي- سنڌي سماج ۾ عورت سڀ کان ڪڙو ۽
ايذائيندڙ سچ رهي آهي، جيڪو چؤواٽي تي چئي ڏيڻ جي
ڪنهن ۾ سگهه آهي؟ شايد اهو ئي ڪارڻ هجي عورت جي
ڪردار تي گهڻو لکڻ جو- پر انهيءَ جو ڪارڻ منهنجو
عورت هئڻ ڪونهي- مڙد، جيڪو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
عورت جيڪا احساسن جا صليب ڪُلهن تي کڻڻ لاءِ تخليق
ٿي آهي. اهو ئي سچ آهي، جنهن تي ماڻهو مڇرجي پوندا
آهن- آئون انهيءَ سچ کان اکيون نٿي پوري سگهان.
هڪ شريف زادي جيڪا شريفن جي پاڙِي ۾ رهي ٿي، جيڪر
انيڪ مڙد هن جي جسم جا رازدار آهن ته به هوءَ شريف
زادي آهي.
هڪ رنڊي جيڪا مفت ۾ جسم استعمال ڪرائڻ بدران،
انهيءَ جو اگهه ٿي مقرر ڪري ته به رنڊي آهي.
هوءَ- جيڪا حويلين ۾ محض انهيءَ ڪري قيد آهي ته
جيئن ڪنهن نامحرم جو نظرمٿس نه پوي- اها هم جنس
پرستيءَ ۾ پناهه به نه وٺي؟
جنهن جو پيءُ چارُ چار شاديون ڪري سگهي ٿو- پر
جنهن لاءِ ڪوبه شهزادو نٿو اچي سگهي- جيڪر ديوار
اُڪري ڀڄي وڃي ته ڪهڙو عيب آهي.
آئون اهو سڀ ڪجهه سمجهي نه سگهي آهيان- مون کي اڄ
تائين شريف زاديءَ ۽ رنڊيءَ جو فرق سمجهه ۾ ڪونهي
آيو- مون کي اهو به نٿو سمجهه ۾ اچي ته حرامي ٻار
کي حلالي ڇو نه چيو ويندو آهي- پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ
جي سزا هو ڇو ڀوڳي.
جي آئون ائين چوان ته شرعي طور ثابت ڪري سگهجي ٿو
ته اسان جي سماج ۾ اڌ کان به مٿي ماڻهو حرامي آهن-
ته ڪيترن ٻوٿن تي دانگيءَ جي ڪارٺ ملجي ويندي.
حرامي ٻارن سان منهنجا اٿاهه پيار جو اهو ئي ڪارڻ
رهيو آهي ته اهي ڪائنات جو سڀ کان اڙانگو ۽
ايذائيندڙ سچ آهن- جن کان مذهبن به انڪار ڪيو آهي.
مون لاءِ هر عورت مريم آهي.
هر ٻار- عيسيٰ آهي.
۽ هر اهو انسان اُتم آهي- جنهن جي حصي جون خوشيون-
محبتون- نفرتون سماج جي کوهه ۾ اڇلايون ويون آهن.
ٿوهر، منهنجين ڪهاڻين ۾ آئون پاڻ آهيان- اهو سچ،
جيڪو من ۾ ڪنڊي وانگر جڳن تائين چڀندو رهي.
ڪير آهي جيڪو مون کي ڦاهيءَ چاڙهي سگهي.
۽، آئو، اِجهو- هينئر- هن لمحي اناالاحق جو نعرو
ٿي هڻان-
ڪنڌ ڪپي
ساڄي هٿ جي تريءَ تي
سجائي رکيو اٿم
سوني- روپي سج سمان
اي ديس واسيو!
آئون-
سرخ انقلاب جو
پهريون پل آهيان
منهنجو نانءُ ڳنهي- گيت ڳايو
اي ديس واسيو!
ڇا ڪجي _ ڇا لکجي
انيڪ ڳالهيون، جيڪي من پاتال ۾ رهجي وينديون، پر
آئون چئي نه سگهندس، مون تي فرض رهنديون- آئون
شرمسار به ڪانه آهيان- اُداس ضرور آهيان- آئون اهو
قرض نٿي لاهي سگهان، جيڪو مون کي سنڌ جي پراڻن
نسلن کان ورثي ۾ مليو آهي- پر آئون مايوس ڪانه
آهيان، آئون نه سهي مون کان پوءِ اچڻ وارا سهي-
ڪير نه ڪير، ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندو- ڪو سورهيه،
ڪو درويش، ڪو شاعر، ڪو پيغمبر، اوسيئڙ جي انهيءَ
سلسلي ۾ مون کي نه وسارجو.
مون سان شهر سڄو ناراض آهي، سپنا ڏسڻ ڏوهه آهي.
آئون سڀئي سڱ سياڪا ڇني، اوهان لاءِ لفظن جي
جادوگري ڪندي رهندس- الف لکڻ مهل ئي مون سڀئي سڱ
سياڪا ڇني ڇڏيا هئا- مون سنگسار جا سمورا پٿر پاند
۾ ميڙي ورتا هئا- ماڻهن جو خيال هو آئون چري ٿي
پئي آهيان- ڪنهن بيحد اداس رات جي پڇاڙڪي پهر ۾
اجهامي ويندس- ٿڪجي پوندس- ساڻي ٿي ڪري پوندس- مون
کي ائين پنهنجي حيثيت وساري نه لکڻ گهرجي- آپگهات
به نه ڪرڻ گهرجي- منهنجا سڀئي گس اڙانگا آهن، پر
ويهي رهڻ جو گناهه مون کان ڪونه ٿيندو- دوزخ کان
جنت تائين جو اهو سفر- ڪيڏو ڊگهو آهي ڄاڻان ٿي، پر
اهو ڪير ڪيئن سمجهي سگهندو ته آئون سڀئي ٻيڙيون
ساڙي آئي آهيان ۽ واپسيءَ جا گس بند آهن.
اها به ته عاشقيءَ جي رسم آهي نه- جو جڳن تائين
ديوار سان سر پيو ٽڪرائجي- يا ديوار ڊهندي يا آئون
فنا ٿيندس- لفظن سان عشق ڪرڻ کان پوءِ لفظ به گهڻو
پويان رهجي ويا آهن- لفظ منهنجن پيرن جا نشان کڻي
منهنجي پويان پيا ايندا آهن، پر منهنجا گس اڙانگا
آهن.
ماڻهو، منهنجا پيرا کڻي مون وٽ ايندا آهن- انيڪ
سوال- مون وٽ جواب ڪونه آهن. آئون پاڻ نٿي ڄاڻان
ته ايتريون ڪهاڻيون ڪيئن ٿيون من ۾ واسو ڪن- آئون
ايڏي وڏي ليکڪه به ڪانه آهيان،-ڪير انهن کي
سمجهائي ته آئون اها ڪانه آهيان جنهن لاءِ هو اچن
ٿا.
تماشو ڏسندڙن اڳيان منهنجو ساهه نپوڙبو آهي- آئون
پنهنجي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ها- مون انهيءَ تي
مهاڳ ۾ پاڻ تي لکڻ شروع ڪيو، پر پوءِ ڦاڙري ڇڏيئم-
اوهان کي بس ايترو ٻڌايان ته آئون اها ناهيان-
اوهان جو قسم- اها ناهيان.
ڪيتريون ڪهاڻيون لکڻيون اٿم،-ڪڏهن لکندس- نٿي
ڄاڻان.
آئون لکندي رهندس پر شرط انهيءَ تي ته مون سان
نفرت ڪانه ڪبي- نفرت ڪرڻ جو اوهان کي حق آهي پر
محبتون منهنجو به حق آهي- منهنجون ڪهاڻيون پڙهي،
من ۾ جيڪو زهر ٿي ڀرجيو اچي ته
اهو زهر اوهان
منهنجي وجود تي نه هاريو- انهيءَ سنڌي سماج تي
هاريو.
مون جڏهين ٻارهن سالن جي عمر ۾ ادا شبير جي ڪتابن
مان عصمت چغتائي ۽ منٽو جا ڪتاب ڪڍي پڙيا هئا،
جيتوڻيڪ سمجهيا ڪونه هئم پر من ۾ زهر ضروري ڀرجي
آيو هئم. انهيءَ زهر مان وري پاڻ آجو نه ڪرائي
سگهيس، لفظن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا پل ياد ڪين اٿم-
پر، اهو ئي هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي، جنهن کي ٽوڙڻ جو مون
۾ ساهس ئي ڪين هو.
اوهان جو اهو خيال ته دنيا ۾ ٻيا به موضوع ڦهليا
پيا آهن، انهن تي ڇو نٿي لکان- دنيا جا سڀئي دک ته
منهنجي هٿ تريءَ ۾ نٿا بند ٿي سگهن- ڪجهه دک اوهان
پاڻ ڇو نٿا من- پاتان ۾ سانڍيو- ڪو هڪڙو پل، جنهن
۾ آئون به مرڪي سگهان.
ماڻهن جو اهو سوال ته شاديءَ کان پوءِ ڇو نٿي
لکان- ڪا پابندي- ڪو اختلاف- ڪا ذهني ناآسودگي؟
نه- ائين ڪونهي- خادم سان وهانءَ ڪرڻ کانپوءِ
منهنجون وِکون مضبوط ٿيون آهن- مون ۾ پنڌ ڪرڻ جي
سگهه وڌي وئي آهي. خادم کي به مون سان گڏ (اڻ
سڌيءَ طرح ئي سهي) منهنجين ڪهاڻين جو عذاب ڀوڳڻو
ٿو پوي- مون پنهنجا عذاب ونڊي ڇڏيا آهن. اڳي آئون
اڪيلي هيس، مون وٽ سواءِ لفظن جي ڪاريگريءَ جو ڪو
ٻيو هنر ڪونه هو. هاڻ آئون ڪنهن ساٿيءَ جو هٿ
پڪڙي، ڊگهو پنڌ ڪرڻ جو هنر به سکڻ چاهيان ٿي. ائين
ناهي ته ڪو هر سنڌي عورت وانگر نڪاح جي ٽن ٻولن
کان پوءِ فنا ٿي وئي آهيان- مون پنهنجي ساٿيءَ جي
اڳيان ويهي لکيو آهي- لکندي رهندس- مڃان ٿي ته
آئون گهٽ لکڻ لڳي آهيان- ڪارڻ انيڪ آهن- هاڻ آئون
ائين به سوچيندي آهيان ته زندگيءَ کي ڪهڙا ڪهڙا
رنگ ڏجن- هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو- اٽو- لٽو-
اجهو.
هي مئو جيٽ ايج، جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا، سڀ ڪجهه اوکو
آهي. آئون چپ ٿي وڃان ته مون کي مئل نه سمجهيو
وڃي- گهٽ لکان ته اجهامي وڃڻ جا ڏوراپا نه ڏيئوم-
منهنجيءَ چپ جو ڪارڻ خادم ساڻ سنجوڳ ڪونهي- انهيءَ
کان مليل ذهني آسودگي آهي- جيڪا ورهين پڄاڻان ملي
اٿم. مون چيو نه ته آئون ذهني آسودگيءَ واري دور ۾
ڪجهه به نه لکي سگهندي آهيان- ڪجهه ڏينهن لفظن جي
عذب کان پاسي رهي زندگيءَ جا ست رنگ پاند ۾ ميڙي
وٺان- زندگيءَ کي صرف ڪارو رنگ ته نه گهرجي.
آئون، هن ميدان ۾ اڪيلي ڪانه آهيان- مون سان گڏ
زندگيءَ جي سنگهر به آهي، جيڪا نڀاڳي مرڻ- پل
تائين پيرن ۾ پيل آهي- ڪنهن اڻپوري پل ۾ ڪو اڻپورو
نظم ئي سهي- لفظن سان وفا ته ڪرڻي آهي- پتنگن کان
کامڻ جون خبرون پڇبيون ته پوءِ انيڪ آهن، پر ڇپجڻ
ايڏو ضروري ته ڪونهي. ها دوستن جي اها به صلاح آهي
ته آئون نئون انداز- نئون روپ ڏيان لفظن کي- ايڏي
نفرت جيڪا لوڪ لاءِ من ۾ پالي رکي اٿم مون کي فنا
ڪري ڇڏيندي- جلاوطن مون محبتن جي ڪهاڻي لکڻ چاهي
هئي، پر انهيءَ نفرت تي وڃي پڄاڻي ڪئي- تازو لکيل
ڪهاڻي ”من – درپن“ نفرتن جي ڪهاڻي آهي، جنهن محبتن
تي وڃي پڄاڻي ڪئي
“Come Back Africa”
محبتن ۽ نفرتن جي وچ واري وڇوٽيءَ تي هلندڙ ڪهاڻي
آهي- جيڪا منهنجي هنن لمحن جي ڪهاڻي آهي- ڪو
دوست- ڪو دشمن- انهن ڪهاڻين کي ڪو نانءُ ڏيڻ کان
اڳ، منهنجين اڳوڻڪين ڪهاڻين جي سچائيءَ کان انڪار
ڪري سگهندو!! هي ٻه ڪهاڻيون لکڻ مهل، منهنجي من ۾
محبتن جو واسو هو، نفرت جو نه. |