هاڻ آئون محبتن جون به ڪهاڻيون لکندس- محبتون،
جيڪي انسان، انسان سان ڪندو آهي، ۽ هي ڪتاب جڏهن
اوهان جي هٿن ۾ ايندو، هڪ نانءُ نه وسارجو، فهميده
حسين جو نانءُ. اهائي سگهڙين سٿ (هلال پاڪستان)
واري فهميده حسين، سنڌي لفظن سان منهنجي عشق جي
پهرين واٽ يا سنگ ميل- ڪهاڻي کيتر ۾ آئون جيڪر
ڪجهه آهيان ته فهميده حسين جي دين آهيان. مون
جڏهين سنڌيءَ ۾ پهريون ليک لکيو هو، تڏهين مون کي
سنڌي پڙهڻ به سولي ڪانه ايندي هئي- اهو ليک،
انهيءَ سگهڙين سٿ ۾ ڇپيو هو. پوءِ چترڪار کان انيڪ
ڪهاڻين تائين مون کي ڇپيندي رهي. سگهڙين سٿ منهنجي
عاشقيءَ جو پهريون ميدان- منهنجو ادبي اسڪول- اهو
پرچو پڙهندڙ سنڌ جون اداس شهزاديون اڄ به مون لاءِ
منزل جو پهريون نشان آهن. منهنجا سڀئي لفظ سنڌ جي
انهن اداس شهزادين لاءِ آهن.
ڪيترا اهل پل پويان رهجي ويا آهن، جن تي ڪهاڻيون
لکڻ چاهيندي آهيان- انهن سڀني ڪهاڻين کان مختلف
ڪهاڻيون- جڏهين ڪراچي پنهنجي اباڻي گهر ويندي
آهيان. صندل تي ڀرت ڀريندڙ امان ۽ جاءِ نماز تي
ويٺل بابا ڪيڏا اڪيلا اڪيلا ڀاسندا اٿم- ڄڻ ٻه
ننڍڙا، وڇڙي ويل ٻارڙا- آئون اڳتي نڪري آيس ۽ هو
گذري ويل لمحن وانگر پويان رهي ويا. منهنجو ڪمرو،
چپ چاپ پيو منهنجو اوسيئڙو ڪندو آهي. گهر جون
ديوارون سرگوشيون ڪنديون آهن. ڪهاڻيڪار! ايڏا
ڏينهن لاتا اٿئي. اسان به ته تنهنجي ڪا بيحد اداس
ڪندڙ ڪهاڻي آهيون.
تنهن پل دل چوندي اٿم ته امان جي اندر ۾ سمائجي
وڃان. ٻيو جنم وٺڻ لاءِ بابا جي ڪلهن تي چڙهي،
سياري جي بيحد سرد رات ۾ به شيءِ وٺي ڏيڻ لاءِ
ڌمچر ڪريان.
اهڙي پل انسان سان انسان جي محبتن جي اها ڪهاڻي
سرجي ويندي
آهي، جيڪا لکي سگهڻ جو مون ۾ ساهس ئي ڪونهي. محبتن
جا اهي انڪشاف شايد منهنجين ڪهاڻين مان نفرت جو
زهر ڌوئي سگهن.
پر ڳالهه انهيءَ قيامت جي به آهي، جيڪا اسان جي
مٿان کان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ وانگر وهندي ٿي وڃي.
نياءُ ۽ انياءُ جي وچ واري وڇوٽيءَ تان ڪيڏو الميو
آهي ته اسان جن پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي ٿي وڃي ۽
اسان ٻنيءَ ۽ ونيءَ لاءِ سر ڏيڻ وارا اندر ئي اندر
مئا پيا آهيون- جتي اعتبار جون حدون اچيو پڄاڻي
ڪن، اتان کان ڪوڙ جو اونداهو گس ٿو شروع ٿئي، ۽،
منهنجو اعتبار سڙي رک ٿيو آهي. آئون سچ چوندس ته
اوهان جو ڪنڌ نمي پوندو. اوهان ڏوراپا ڏيندا، ٻڪن
۾ پٿر ڀري منهنجي اڳيان سنگسار جي رسم نڀائڻ جو
اعلان ڪندا.
ڪوڙا، اسان جن نسن ۾ ڦهليو پيوآهي- پر، ڪوڙ اسان
جو ورثو ته ڪونهي. ٽکڙ جي جبلن تي ڦهليل ٿوهر جي
ٻوٽن کان سچ ۽ زهر مون کي ورثي ۾ مليو آهي. سچ جو
ميٺاج وسري ويو آهي به ته- اهو ئي زهر امرت ڌارا
بڻجي سگهي ٿو.
سو- اچو ته محبتون ڪريون، وصل جي ڪنهن خوبصورت رات
۾ سچائيءَ سان لائون لهون، محبتون، جيڪي جسم جي
ڄار ۾ ڦاٿل نه هجن، پر روح ۾ پاتال تائين ڦهلجي
وڃن. محبتون، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ به انسان- انسان
سان ڪري سگهي. محبتون جيڪي سنڌي سماج جي ڪلر کاڌل
ديوار کي ڊاهي سگهن.
آئون محبتن جي اها رسم نڀائيندي، اوهان کي هي
اڻپورو ڪتاب ٿي ڏيان.
اوهان به ڪجهه نه ڪجهه ڏيو- چپن تي جڳن کان اٽڪيل
اناالحق جو نعرو ئي سهي.
۽ پڇاڙيءَ ۾-
هي ڪتاب اوهان جن هٿن تائين آڻڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن
جي محبتن جو اعتراف.
خادم، پنهنجي جيون ساٿيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن
لکڻ وارن لمحن ۾ مون سان گڏ ويهي، منهنجين ڪهاڻين
جو زهر پيتو آهي. عالم حسينيءَ جي محبت جو اعتراف،
جنهن ڪتاب سهڙڻ لاءِ ڊگها ڊگها پنڌ ڪيا آهن. نثار
حسينيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن جو شوق ڪتاب ڇپجڻ
جو ڪارڻ آهي ۽ فتاح (شرجيل) جي محبت جو اعتراف،
جنهن منهنجن لفظن کي چترن جو روپ ڏنو آهي.
۽ -
ٻه ليڪا ڪڍي
صليب ٺاهي
پنهنجو پاڻ ٽنگي ڇڏيان
جي
دک سڀئي لکي نه سگهان.
نورالهديٰ شاهه
5
فيبروري
1979ع
حيدرآباد
پاروٿو گوشت
حويليءَ ۾ ٻانهين جو ولر، ۽ انهيءَ ولر ۾ هڪ ڏينهن
اوچتو هوءَ به الاءِ ڪٿان اچي نڪتي هئي. جنهن کي
پهريون ڀيرو ڏسي ننڍي سائينءَ کي ڪچيءَ ووڊڪا
(Vodka)
جو ذائقو ياد اچي ويو هو. هن جي بدن ۾ ڄڻ وڄ وراڪا
ڏيندي هئي. ڪڏهن هِتي، ڪڏهن هُتي. هو جيڏانهن
ويندو هو، هوءَ نظر ايندي هئس. ڀانءِ حويليءَ جي
هر ڪنڊ ۾، هر ڪمري ۾، ڪنهن هن جو هڪ هڪ بت سجائي
رکيو هجي ۽ هر بت جو پنهنجو روپ ۽ پنهنجو حسن هو.
هوءَ ڏسندڙ جي اکين ۾ بجليون ڀري غائب ٿي ويندي
هئي. سندس انهيءَ ادا ننڍي سائينءَ کي، بنا ڇهڻ،
بنا چکڻ ۽ پيئڻ جي مست ڪري ڇڏيو هو. هن جي اڳيان
هر ڪو شراب، هر ڪو نشڪو ڦڪو ۽ بي ذائقو ڀاسندو
هئس. ڀلا انهيءَ شيءِ جو نالو ڇا هئڻ گهرجي، جنهن
کي صرف ڏسڻ سان ئي نشو چڙهي وڃي. سڀئي روپ سڀئي
نالا هن لاءِ هئڻ گهرجن. ننڍو سائين هن کي ڏسيو
الاءِ ڇا ڇا پيو سوچيندو هو. بس ڪنهن اهڙي مهل جي
وجهه ۾ هو، جڏهن هوءَ اڪيلي نظر اچي وڃيس. ۽ هڪ
ڏينهن نيٺ هوءَ اڪيلي ور چڙهي وئي هيس اتر پاسي،
نما شام جي مهل.
”نالو اٿئي؟“ ننڍي سائينءَ جي ٻانهن، ناگ جيان ور
وڪڙ کائيندي هن جي سنهڙي چيلهه کي ويڙهي وئي.
هوءَ ائين ڇرڪي ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو هجيس.
هوءَ وڄ جيان ننڍي سائينءَ جي ٻانهن مان نڪري ڪجهه
پرڀرو وڃي بيٺي. ڪي پل حيران حيران نظرن سان ننڍي
سائين کي ڏسندي رهي، ڄڻ پڇي رهي هجي ته، ”ڀلا توکي
اهو حق ڪنهن ڏنو؟“ پوءَ اوچتو وٺي ڊوڙ پاتائين.
هوءَ ننڍي سائين جي اکين ۾ بجليون ڀري غائب ٿي
وئي. اُڃ جو شديد احساس ٿو هر جي ڪنڊن جيان ننڍي
سائينءَ جي نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳو.
هن کي شايد اڃا ڪل ئي ڪانه هئي ته مالڪ جو گهر جي
هر شيءِ تي حق هوندو آهي. ننڍو سائين به ته هن
حويليءَ جو مالڪ هو. وڏي سائين جو وڏو فرزند.
مستقبل ۾ گاديءَ جو وارث، هن جو ته ڄڻ ڪائنات جي
هر شيءِ تي حق هو. هوءَ ته پوءِ به انهيءَ ڪائنات
منجهان هڪ هئي.
هڪ ڏينهن ننڍو سائين حويليءَ ۾ اندرئين پاسي آيو.
ماڻس جي ڪمري ۾ وڄ پئي وراڪا ڏنا. وڄ جا چمڪاٽ ڏسي
هو به ماڻس جي ڪمري ۾ هليو آيو. هن کي ڏسي ننڍي
سائينءَ جي اکين ۾ بجليون ڀرجي آيون. عورت جي بدن
تي پوتي ويڙهيل نه هجي ته قيامتن جا آثار ويجها ٿي
ويندا آهن غاليچي تي برش ڏيندي هن جي بدن انيڪ روپ
ٿي مٽايا. ڀانءِ انڊلٺ جا ست رنگ ڌرتيءَ تي لهي
آيا هجن. اوچتو هن دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل ننڍي
سائينءَ کي ڏسي ورتو. الاءِ ڇو هن کي ڀٽونءَ جو
ڏنگ ياد اچي ويو. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي، پينگهي
جي گهوڙيءَ تي ٽنگليل پوتي لاهڻ لاءِ. انهيءَ کان
اڳ جو هوءَ پوتيءَ سان پاڻ ڍڪي، ننڍي سائينءَ جون
شڪاري ٻانهون ڪڻس نانگ جيان ويڙهي ويون.
”ڀڄين ڇو ٿي، اها قيامت جهڙي جواني لڪائڻ لاءِ
ٿورئي هوندي آهي، اها ته لٽائڻ لاءِ آهي، جيتري
لٽائي سگهين لٽاءِ، موٽ ۾ اسان تنهنجو گهر ڀري
ڇڏينداسون.“ ننڍو سائين بنا پيئڻ جي بهڪڻ لڳو هو.
هوءَ حيران ۽ هيسيل نگاهن سان ڪي کن ننڍي سائينءَ
جو چهرو تڪيندي رهي جيڪو شيطان جو روپ ڌاريو بيٺو
هو. ننڍي سائينءَ نمي پنهنجا چپ هن جي چپن ڏانهن
وڌايا، پر انهيءَ کان اڳ جو قيامت اچي هن جا ڏند،
ننڍي سائينءَ جي ٻانهن ۾ کپي ويا. هڪڙي دانهن جيڪا
ننڍي سائينءَ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي. ڀاڪرن جو گهيرو
ٽٽي پيو. هوءَ وڄ جيان وراڪا ڏيندي غائب ٿي وئي.
”هيءَ ڪير آهي؟ امان!“ هن کي دالان ۾ ڪڻڪ ڇڙيندو
ڏسي ننڍي سائينءَ ائين ماڻس کان پڇيو، ڄڻ پهريون
ڀيرو ڏسي رهيو هجيس. هن به شايد ننڍي سائينءَ جو
سوال ٻڌي ورتو هو. تڏهن هن پنهنجو منهن ڀت ڏانهن
ڪري ڇڏيو هو.
”ڇو؟“ ماءُ پٽ جي شوق کان اڻڄاڻ ته نه هئي سو ڏاڍي
غور سان هن جو چهرو تڪڻ لڳي.
”ائين ئي پڇان ٿو، اڳ ڪڏهن ته ڪانه هئي.“ هو
گهٻرائجي ويو هو. ”کدوءَ جي ڪنوار آهي، آهي ته
نئين پر ڏاڍي سگهڙ زال آهي، مون ته پنهنجا ڪم،
گُلان کان وٺي هن جي بلي ڪيا آهن.“ ننڍي سائينءَ
جون نظرون هن جي بدن جي قيامتن جو طواف ڪري رهيون
هيون. اهو ٻڌي ته هوءَ پرڻيل آهي، الاءِ ڇو ننڍو
سائين وسامي ويو.
حويليءَ ۾ ته ڪابه اهڙي پرڻيل ڪانه هئي جنهن جي
بدن جو افتتاح
ڪنواري هوندي ئي حويليءَ جي ڪنهن نه ڪنهن
”سائينءَ“ جي شوق جي قينچيءَ سان نه ٿيو هجي . اها
ريت وڏن کان هلندي ٿي آئي. هينئر ننڍو سائين اها
پراڻي روايت نڀائي رهيو هو.
هوءَ به شايد ان عنايت کان محروم نه رهي ها، پر
هوءَ ٻئي ڳوٺ مان، کدوءَ سان لائون لهي، ڏيڍ مهينو
کن اڳ حويليءَ ۾ آئي هئي. کدو ٻاهر اوطاق جو ڪم
ڪار ڪندو هو. سندس ابا ڏاڏا به ننڍپڻ کان انهيءَ
درجا ٽڪر کائيندا رهيا هئا ۽ پويان ورثي ۾ هن کي
ڇڏي ويا هئا. هوءَ نئين هئڻ ڪري حويلي جي اصولن
کان اڻڄاڻ هئي، نه ته ننڍي سائينءَ کي مٿس ايتري
محنت نه ڪرڻي پوي ها. پر پرڻيل هئڻ جي باوجود هوءَ
ڄڻ ووڊڪا
(Vodka)
جي ڀريل بوتل هئي، جنهن جو اڃا ڪنهن ڍَڪ به نه
لاٿو هجي. ننڍي سائينءَ جي بي پناهه شوق ۾ ڪو به
فرق نه آيو. هو بس ڪنهن اهڙي مهل جي وجهه ۾ هو
جڏهن هوءَ اڪيلي ملي وڃيس، پر هوءَ ته ڄڻ مائونٽ
ايورسٽ هئي ۽ هن جي اچڻ کان پوءِ ته ڄڻ ڪوهه
پيمائي به ننڍي سائينءَ جو شوق بڻجي وئي هئي.
هڪ ڏينهن ننڍي سائينءَ نيٺ ڪوهه پيمائيءَ ڏانهن
پهرين وک ائين وڌائي جو هوءَ ڌرتتيءَ مهل ماڻس جي
باٿ روم ۾ شاور هيٺ پنهنجين سمورين قيامتن سميت
نظر اچي وئي هيس. هوءَ ڳوٺاڻي، نئين نموني جي درن
جو ڪڙو ڏيڻ ايندو ڪونه هئس. در صرف ورائي ڇڏيو
هئائين. وڏي سائين جا ڪپڙا ۽ باٿ روم ڌوئڻ کان
پوءِ هوءَ پاڻ به شاور هيٺ اچي بيٺي هئي. باٿ روم
۾ وهنجڻ هن لاءِ ڪيڏو پُرڪشس هو. ڳوٺ ۾ ته ننڍي
هوندي کان، کٽ اڀي ڪري، پوتيءَ جي گوڏ ٻڌي، ڇل سان
پنهنجي مٿان پاڻي وجهندي وجهندي سندس هٿ ئي ساڻا
ٿي پوندا هئا. ڪنهن جي اچڻ جو ڀئو به ڪو نه هئس.
ڀلا وڏي سائڻ جي باٿ روم ۾ ڪنهن جو ڪم، ڪو هروڀرو
انهيءَ پاسي ايندو به ته ڪونه هو. هاڻي ڀلا ڪڻس
اها ته ڪل ئي ڪانه هئي ته ننڍي سائينءَ کي ڪائنات
جي هر ڪنڊ ۾ ووڊڪا جي ڀريل بوتل جي خوشبو اچيو
وڃي، شاور مان وهندڙ پاڻيءَ هيٺ قيامتون ڏسي، ننڍي
سائينءَ جون اکيون ته ڄڻ ڦاٽي پيون. ننڍو سائين ڄڻ
ميڪدي جي دروازي تي بيٺو هو. هيڏانهن هوڏانهن
چوڌاري مئي هاري پئي هئي. وڄ جا وراڪا، اکين ۾
بجليون ڀرجي آيون هئس. هوءَ جا پاڻ لڪائڻ لاءِ
واجهائي رهي هئي، تنهن کي پڪڙڻ لاءِ ننڍو سائين
پاڻ به وڃي شاور هيٺ بيٺو. انهيءَ کان اڳ جو ننڍو
سائين هٿ وڌائي، هن جون رڙيون باٿ روم ۾ گونجڻ
لڳيون. ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو هجيس. هن جي
رڙين کان گهٻرائجي ننڍو سائين تڪڙو تڪڙو باٿ روم
مان نڪري آيو، پاڻي ننڍي سائينءَ جي ڪپڙن مان پئي
ٽميو، ماءُ جي اچڻ جي ڊپ کان پوئين دروازي مان ئي
ٻاهر نڪري ويو. هوءَ انيڪ پل باٿ روم جي دروازي کي
ٽيڪ ڏيو بيٺي رهي. ڪڻس ننڍي سائينءَ جي موٽي اچڻ
جو ڊپ هو. ڊٺندي در جي سير ڪري ليئو پاتائين. ڪمري
۾ ڪوبه ڪو نه هو.
تڪڙا تڪڙا ڪپڙا پائي هوءِ ڊنل هرڻيءَ جيان وٺي
ٻاهر ڀڳي، دالان ۾ ننڍو سائين هارايل جواريءَ جيان
بيٺو هو. هوءَ سچ پچ مائونٽ ايورسٽ هئي، هن جي
چوٽيءَ تائين رسڻ ڪيڏو ڏکيو هو.
۽ انهيءَ ئي رات جڏهن ڪم ڪار لاهي ٿڪجي ٽٽي کدو
سندس ڀر ۾ اچي کٽ تي ليٽيو هو، تڏهن دل ڀرجي آئي
هيس. کدوءَ جي سيني تي مٿو رکي گهٽيل گهٽيل آواز ۾
چيائين.
”سوٽ! هڪڙي ڳالهه چوانءِ،“ آواز به لڙڪ گهٽڻ ڪري
ڀرجي آيو هئس، ”ڇاهي روئين ڇو پئي؟“ کدوءَ جي پڇڻ
تي سچ پچ سڏڪي پئي.
”آئون هاڻ حويليءَ ۾ ڪونه ويندس .“ هن ڄڻ فيصلو
ڪري ڇڏيو هو..
”ڇو؟“ کدوءَ کي سندس اهو فيصلو ناگوار محسوس ٿيو
هو. سندس ڏس ۾ ڪڏهن به ڪنهن اهڙي ڳالهه ڪانه چئي
هئي. هوءَ نئين هئي، پر انهيءَ جو مطلب اهو ته
ڪونه هو ته هوءَ ايڏي وڏي بغاوت ڪري.
”ڇو ڪانه ويندينءَ. حويليءَ ۾ ڪهڙا ڏنجهه پهتا
اٿئي؟“ کدوءَ جي آواز ۾ ڪيڏي نه ڌاريائپ ۽ سختي
هئي. وراڻيءَ ۾ هن سڏڪن جي وچ ۾ سڄي آکاڻي ڪري
ٻڌائي. کدو ٻڌندو رهيو ۽ جڏهن هن ڳالهه پوري ڪئي
تڏهن ڪوٺيءَ ۾ موت جهڙي ماٺ پکڙجي وئي.
”تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ هن کي کدوءَ جي ماٺ کان
مُنجهه ٿيڻ لڳي.
”تو ننڍي سائينءَ سان ائين ڪري چڱو ڪونه ڪيو.“
ڊگهيءَ ماٺ کان پوءِ کدوءَ ڳالهايو. هن تي ڄڻ ڇپ
ڪري پئي.
”هو اسان جي پير مرشد آهن، اسان جو سڀ ڪجهه هنن
لاءِ ئي ته آهي“ ڪيڏي نه وفاداري هئي کدوءَ جي
لهجي ۾.
”توکي ڪابه غيرت ڪانهي؟“ هوءَ حيران رهجي وئي. هن
ته ٻڌو هو ته مرد ته ڏاڍا غيرت مند ٿيندا آهن.
ٻنيءَ ۽ ونيءَ لاءِ ته ڪنڌ ڪپائي ڇڏيندا آهن. هن
کي کدوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. ڀانءِ هو ڪنيءَ
ڪسيءَ جو گندو ڪيڙو هجي.
”ڏس هو آهن وڏا ماڻهو. هڪڙي چمي ۽ ڀاڪر جي بدلي
گهر ڀري ڇڏيندا آهن. پاڻ ته هونئن به غريب آهيون.
ڏيڍ ٻن سون مان هيڏي منهگائي ۾ ڇا ٿو ٿئي. تون
جيڪر ننڍي سائين جي ڳالهه مڃيندي رهين ته ننڍو
سائين ائين به پنهنجون جهوليون ڀري ڇڏيندو.“ کدوءَ
جي اکين ۾ لالچ ڀرجي آئي. هو حيران حيران نظرن سان
کدوءَ کي ڏسندي رهي.
”ڏس هتي سڀني پنهنجا گهر ڀري ڇڏيا آهن. شاديءَ کان
اڳ آئون به دعائون ڪندو هئس ته الله سائين مون کي
به اهڙي زال ڏي جيڪا منهنجو گهر ڀري ڇڏي.“ ڪيڏو بي
غيرت پئي محسوس ٿيو. هن جي ڪنن جا پڙدا ڄڻ ڦاٽڻ
لڳا هئا.
”ڏس هاڻي جو ننڍو سائين چوي ته سندس ڳالهه ضرور
رکجئين“. کدوءَ جي لهجي ۾ حڪم هو، ”ٻڌين پئي نه
منهنجي ڳالهه.“ هوءَ چپ چاپ ڇت کي گهوريندي رهي.
ڪابه وراڻي ڪانه ڏنائين.
”آئون ڇا پيو چوان؟“ سندس ايڏي گهري ماٺ تي کدوءَ
کي ڪاوڙ اچي وئي.
”نه مون کان اهو ڪم ڪونه پڄندو.“ هن پنهنجو فيصلو
ائين ٻڌايو، ڀانءِ کدوءَ کي سندس فيصلو مٽائڻ جو
ڪو به حق نه هو. عورت ٻين لاءِ ڪيڏي به مائونٽ
ايورسٽ ڇو نه هجي، پر پنهنجي مڙس لاءِ محض واريءَ
جو ننڍڙو ذرو هوندي آهي.
کدوءَ ڪاوڙ ۾ هن ڏانهن نهاريو.
”منهنجي ڳالهه ڪانه مڃيندينءَ.“
”نه،“ هن جي آواز ۾ جبلن جيڏي سختي هئي.
هڪڙي لت جيڪا هن جي ڪُک تي پئي ۽ هوءَ اٿلجي کٽ
تان پٽ تي اچي ڪِري ۽ پوءِ مٿس لتن جا وسڪارا پئجي
ويا. هُو هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو. ٻئي هٿ
هن جي نڙيءَ تي هئس.
”جي منهنجي ڳالهه نه مڃيئي ته آئون توکي طلاق ڏئي
ڇڏيندس.“
ڪيڏو ڀوائتو ٿي ويو هو کدوءَ جو چهرو، هن اکيون
پوري ڇڏيون. سندس ساهه گهٽجڻ لڳو.
”تون ڀانئين ته آئون سڄي عمر ٻن سون جي آسانگي تي
گهاري ڇڏيان، بُکون مران، پر تون راڻي بڻجي
کائيندي رهين.“ وفاداريءَ کان وڌيڪ کدوءَ جي اکين
۾ پيسي جي لالچ هئي. ائين دال نه ڳرندي ڏسي، هو
ڍرو پئجي ويو. پيار مان هن کي سمجهائڻ لڳو، ”ڏس،
اسان آهيون نوڪر ماڻهو، اسان جي ڪهڙي عزت ۽ غيرت،
انهن کان وٺيو پيا کائينداسون. عزتون سوچڻ لڳاسون
ته بکون مرنداسيون، پوءِ ڪير اسان کي ٿڪ به ڪو نه
هڻندو.“ هوءَ ماٺ ڪيو اکيون پوريو پٽ تي پئي هئي،
سندس بند اکين جي اندر لڙڪ ڀرجي آيا هئا.
۽ ٻئي ڏينهن رات جو ننڍو سائين اوطاق مان پنهنجي
ڪمري ۾ موٽيو ته پل اپل لاءِ اونداهي ۾ هن کي ڏسي
نه سگهيو ۽ جڏهن لائٽ آن ڪيائين تڏهن ٽيوب لائٽ جي
روشنيءَ ۾ هن کي ڏسي ڇرڪي پيو. هوءَ ڪوچ کي ٽيڪ
ڏيو غاليچي تي وٺي هئي، ننڍي سائينءَ کي ڏسي هوءَ
مرڪي پئي (مئل مئل مرڪ).
”در ڏئي ڇڏيو سائين، ڪير اچي نه وڃي.“ اڄ مائونٽ
ايورسٽ ڪيڏو نه هيٺ لهي آيو هو. ننڍو سائين جيڪو
ننڍپڻ کان در ڏيندو آيو هو سو پل اپل لاءِ مُنجهي
پيو.
”در ڏئي ڇڏيو سائين“ هوءَ پنهنجي وات سان دعوت ڏئي
رهي هئي، پر سندس آواز ۾ ڪو زهر هو سو ننڍو سائين
محسوس ڪري نه سگهيو.
ننڍو سائين در ڏئي مڙيو ته هوءَ چولو لاهي رهي
هئي. هوريان هوريان هن جي بدن جون قيامتون ظاهر
ٿيڻ لڳيون هڪ هڪ ڪري هن پاڻ ئي سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيا.
ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ هو ننڍي سائين جي نالي
لکيل
Invitation Card
بڻيو ويٺي هئي. هن کي پلنگ تي ليٽائيندي ننڍي
سائين کي ائين لڳو ڄڻ، اجهو هينئر هو رڙيون ڪندي
يا پنهنجا ڏند ننڍي سائينءَ جي ٻانهن ۾ کپائي
ڇڏيندي، پر هن ڪجهه به ڪونه ڪيو، بس اکيون پوري
ڇڏيون هئائين. پرهه ڦٽيءَ کان اڳ هوءَ ننڍي
سائينءَ جي ڪمري مان ٻانهر نڪتي. سندس مُٺ ۾ ٻه سؤ
ڀيڙيل هئا.
جڏهن اهي ٻه سؤ کدوءَ کي ڏنا هئائين، تڏنهن کدوءَ
خوشي مان هڪ ڊگهي چمي ڏني هئي. انهن ٻن ڳاڙهن نوٽن
کان پوءِ ننڍي سائين سچ پچ هن جو گهر ڀري ڇڏيو. هو
روز آڌيءَ مهل ننڍي سائينءَ جي ڪمري ۾ ويندي هئي.
ننڍي سائينءَ کي مٿس ڪابه محنت ڪانه ڪرڻي پوندي
هئي. کدوءَ چيو هئس ته سائين کي ايترو خوش ڪر جو
سائين سون مان تو کي ڳاڙهو ڪري ڇڏي ۽ هن سچ سچ
ننڍي سائين کي خوش ڪري ڇڏيو هو، سون مان ڳاڙهي ٿيڻ
لاءِ نه، کدوءَ جي خوشيءَ لاءِ، جنهن سان نڪاح جي
ٽن ٻولن سندس مرڻ جيئڻ جو ساٿ لکي ڇڏيو هو. هوءَ
جڏهن به ننڍي سائينءَ جي ڪمري مان نڪرندي هئي ننڍو
سائين هٿ ۾ نوٽ ڏيندي چوندو هئس، ”سڀاڻي ايندينءَ
نه؟“ ۽ هو هائوڪاري ۾ ڪنڌ ڏوڻي پنهنجي ڪوٺي ۾
ايندي هئي ته کدو سندس انتظار ۾ پيو جاڳندو هو. هن
کي ڏسي هٿ وڌائيندو هو پيسن لاءِ ۽ پوءِ هڪڙي ڊگهي
چمي ڏيندو هو نوٽن کي.
ننڍو سائين ستاويهن جو اچي ٿيو هو. ماڻس هڪڙي
ڏينهن ڀيڻس کي چيو هو، ”ڪيسين ٻانهين ۽ شهر جي رنن
جي پويان پيو ڊوڙندو. مرد ماڻهو آهي، شادي جنجير
وجهينس ته ڪو ڍرو ٿئي.“ فيصلو ٿي ويو. ننڍپڻ جي
سدان ملوڪ مڱ ويٺي هئس. ننڍي سائينءَ کي ڀلا ڪهڙو
اعتراض! سو چيائين ته اهو به مزو وٺي ڏسجي سو يڪدم
کڻي هائوڪار ڪيائين. شاديءَ جون تياريون ٿيڻ شروع
ٿيون. انهيءَ نئين شوق سچ پچ ننڍي سائينءَ کي ٿورو
ڍرو ڪري ڇڏيو هو. هاڻ هوءَ رات جو ايندي هئي ته
رڳو سائين ڪڻس بستري ۾ ليٽائي ڀاڪر پايو ستو پيو
هوندو هو. هلڻ مهل ته هاڻي اڪثر ننڍو سائين ”خرچي“
ڏيڻ وساري ويهندو هو ۽ ٻيءَ رات اچڻ جو واعدو به
نه وٺندو هو. بس هوءَ پاڻ پئي ايندي هئي ته من اڄ
ننڍي سائينءَ کي خرچي ڏيڻ ياد اچي وڃي ته کدوءَ جي
ڪاوڙ به گهٽجي.
۽ پوءِ شاديءَ وارو ڏينهن به اچي ويو. ننڍو
سائين خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
”اڄ سائين موج ۾ اٿئي. اڄ نوازي ڇڏيندءِ. وڃ هيئنر
وڃ. اجهو هينئر اندر حويلي ۾ ويو آهي“ کدوءَ
ٻاهران سهڪندو آيو. اکين ۾ ڪيڏي لالچ هئس.
”نه. اڄ آئون ڪونه وينديس.“ هن کي خبر هئي ته ننڍي
سائينءَ جو اهو وقتي شوق ختم ٿي چڪو آهي. هن جي
بدن جون قيامتون ننڍي سائين کي نٿيون موهي سگهن.
”چري! اڄ ته گهرڻ جي مهل اٿئي. تون وڃ ته سهي.“
”نه آئون ڪونه وينديس.“ هن جواب ڏئي ڇڏيو.
”ڪانه ويندئين؟“ کدوءَ مٿس اکيون ڪڍيون، هوءِ
هيسجي وئي. هو کدوءَ جي مار کان ڏاڍو ڊڄندي هئي.
مارڻ ويل هو ڪيڏو ظالم بڻجي ويندو هو. هوءَ اٿي
بيٺي. ڀت ۾ ٽنگيل آرسي ۾ پنهنجو پاڻ ڏٺائين. اڄ
پنهنجي لانئن وارو وڳو ڍڪيو هئائين. اڄ وري مٿس
روپ آيو هو. ڀانءِ اڄ ڪا سندس ئي شادي جي رات هجي.
هن سوچيو هو ته اڄ هوءَ ننڍي سائينءَ وٽ ڪانه
ويندي. اڄ هو ڪم ڪار لاهي کدوءَ جي ڀاڪرن ۾ انيڪ
پل گهاريندي. هر ڪا عورت، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن
شاديءَ رات جا لمحا ورجائڻ چاهيندي آهي، پر کدوءَ
سندس انهيءَ ڪلپنا کي ڪيڏيءَ بيدرديءَ سان بي موت
ماري ڇڏيو هو. هو ڪنهن هارايل جواريءَ جيان ٿڪل
ٿڪل وکون کڻندي حويليءَ ڏانهن هلي وئي.
کدوءَ کي پڪ هئي ته ننڍو سائين اڄ دل تي نوازيندو.
هو کٽ تي ليٽي جوڻس جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. ائين پئي
ڀانيائين ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان وڏو خوش قسمت انسان
هو، جنهن جي پڃري ۾ سوني جهرڪي بند هئي. هن جون
اکيون دروازي تي کتل هيون. هو اندازو هڻي رهيو هو
ته ننڍو سائين ڪيترا ڳاڙها نوٽ ڏيندو. اڌ ڪلاڪ
ڪلاڪ کان پوءِ ڪوٺيءَ جو در کليو. هوءَ در جي تاڪ
کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. کدو ٽپ ڏئي اُٿي ويهي رهيو.
”وئينءَ؟“ کدوءَ جي آواز ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون.
هن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني. هوءَ چپ چاپ بيٺي رهي. هن
جون اکيون قبرستانن جيان سنسان هيون. ڪيڏي ٿڪل ٿڪل
پئي لڳي. ڀانءِ صديون پنڌ ڪيو هجيس. هن جي چهري تي
پيڙائن جا پاڇولا هئا.
”ڏاڍي جلد موٽينءَ؟“ کدو سندس اُجڙيل اُجڙيل وجود
جي معنيٰ نه پئي سمجهي سگهيو، پر هوءَ چپ، موت
جيان.
”ڇا ڏنو سائينءَ؟“ کدوءَ جون نظرون هن جي هٿن جو
طواف ڪرڻ لڳيون جيڪي خالي هئا، جن ۾ ڪوبه نوٽ ڪونه
هو.
”ڇا ڏنو ننڍي سائينءَ؟“ هو گهٻرائجي کٽ تان لهي هن
جي ويجهو اچي بيٺو.
”ڇا ڏنئين؟ ٻڌائين ڇو نٿي؟“ هن جو آواز اوچو ٿي
ويو. هن ڏسڻ ٿي ڇاهيو ته سائينءَ اڄ ڪيترو نوازيو
آهي، پر هن جا چپ ڀانءِ مئل انسان جا چپ، جن تي ڪا
اڌوري ڳالهه اٽڪيل هجي، جيڪا اوچتو مري وڃڻ جي ڪري
چئي نه سگهجي. هن جي چهري تي ڪائنات جو سمورو عذاب
هو.
”آئون توکي آهيان نه.“ هن ڪاوڙ ۾ وڏي سڏ چيو. ڄڻ
هن کي سجاڳ ڪرڻ ٿي چاهيائين. هن جي ڊگهي ماٺ کان
گهٻرائجي هو هن جي ڳاڙهيءَ پوتيءَ جا پلاند، سٿڻ
جا ور، چولي جي اندر جاچڻ لڳو ته متان هن نوٽ
لڪايا هجن، پر سڀ ڪجهه خالي هو. اڄ هوءَ به خالي
خالي هئي. ڀانءِ ووڊڪا جي خالي بوتل جنهن جي تري ۾
به ڪنهن ڦڙو نه ڇڏيو هجي.
”تون وئي هئينءَ؟“ هن پڇيو. ڪڻس ويساهه ئي نه پئي
آيو ته ڪو اڄ به سائين نوازيندو ڪونه. هوءَ چُپ
هئي هن جي اکين ۾ دُور دُور تائين واري اُڏامي رهي
هئي.
”تون ڳالهائين ڇو نٿي؟“ کدوءَ هن کي ڪلهن کان جهلي
ڌونڌاڙيو. تڏهن هن ويران ۽ اُجڙيل اُجڙيل اکيون
کڻي کدوءَ ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ اهو پل، اهو هانَو
ڏاريندڙ هڪڙو پل، هن جي زندگيءَ جو آخري پل هجي.
”ننڍي سائينءَ چيو آهي.“ هن جو آواز سڏڪن ۾ وچڙڻ
لڳو.
”ها، ها ڇا چيو آهي ننڍي سائينءَ“ اميد جو ڏيئو
جيڪو وسامڻ لڳو هو سو ٻيهر کدوءَ جي اکين ۾ ٻرڻ
لڳو.
”ننڍي سائينءَ چيو آهي،“ الاءِ ڇا هن چوڻ ٿي
چاهيو جيڪو هوءَ چئي نٿي سگهي.
”ننڍي سائين چيو آهي، ته مون کي تو مان، پاروٿي
گوشت جي ڌپ ٿي اچي.“ اهو لفظ جيڪو هن جي نڙيءَ مان
نٿي اُڪليو سو سڏڪن جي وچ ۾ ائين چيائين ڀانءِ
زندگيءَ جو سڀ کان وڏو هاڃو ٻڌائي رهي هجي.
”ننڍي سائين چيو، آهي ته ، مون کي تو مان پاروٿي
گوشت جي ڌپ ٿي اچي.“ دروازي جي چائنٺ تي ويهي،
گوڏن ۾ منهن لڪائي هوءَ ائين سُڏڪي پئي ڄڻ، هينئر
هن لمحي هن جو سهاڳ لٽجي ويو هجي، ۽ هوءَ نه
چاهيندي به، ڦوهه جوانيءَ ۾ ڏهاڳڻ ٿي وئي هجي.
|