منڊي وٺي جڏهن هو دڪان مان نڪتيون ٿي، تڏهن فردوس
جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو هئائين.“ وري اچجو، مان اوهان
جو انتظار ڪندس.“ ۽ پوءِ سڄي واٽ هو ۽ زيبو هن جون
ڳالهيون ڪنديون رهيون هيون. اها سڄي رات ڪڻس ننڊ
نه آئي. ان رات ڪڻس نه احمد جو سانورو چهرو ياد
آيو نه ئي گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر، ڪڻس پنهنجي
بدن تي سُرندو محسوس ٿيو. سندس اکين آڏو اهو چهرو
گهمندو رهيو جنهن منڊي پارائيندي سندس هٿ پڪڙي چيو
هو، ”اوهان جا هٿ ڪيڏا نه نازڪ آهن، چمڻ تي ٿي دل
چوي.“ اها سڄي رات هوءَ اونداهه ۾ پنهنجا اُهي
خوبصورت هٿ گهوريندي رهي هئي، جن تي اڃا تائين ڪڻس
سليم جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ٿي رهيو هو.
ڪڻس ٻئي ڏينهن ئي اها منڊي آڱر ۾ سوڙهي محسوس ٿيڻ
لڳي. ماڻس کي چوڻ لڳي، ”منڊي سوڙهي ٿي پئي اٿم،
ڀانيان ته مٽائي اچان.“
۽ پوءِ شام جي اُداس ويلا ۾ جڏهن هوءَ چهري تي
نقاب ڍاري زيبوءَ سان گڏ دڪان ۾ گهڙي تڏهن هو ڄڻ
ٽڙي پيو. زيبو سندس چوڻ تي در وٽ ئي بيهي رهي ۽
هوءَ اڪيلي اڳتي وڌي آئي. هن جي بيحد ويجهو برقعي
جي ڪاري نقاب ۾ لڪل سندس چهرو گهوريندي هو مرڪي
پيو.
”مون کي پڪ هئي ته تون ايندينءَ.“
”ڇو؟“ ڪيترا سوال انهيءَ هڪ ڇو ۾ سمايل هئا.
”مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو.“ هن جو هٿ پڪڙي هن
ڏاڍي ويساهه سان چيو. تڏهن هن جي دل سيني مان نڪري
اچي ڀانءِ پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي، پر بظاهر ڏيکاءَ لاءِ
هن جي هٿ مان هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.جيتوڻيڪ
سندس دل ڪيڏي شدت سان پئي چاهيو ته هو ائين ئي
سندس هٿ جهليو بيٺو رهي ۽ زندگي ان لمحي ساڪت ٿي
وڃي، پر هو انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو تجربيڪار هو. هن
اتي ان دڪان ۾ انيڪ ڇوڪريون ڦاسايون هيون. هو
شريفزادين جي اندر ۾ لڪل انيڪ ننڍڙين اڻپورين
خواهشن کان اڻڄاڻ نه هو. هو پاڻ انهن خواهشن جي
تڪميل ڪندو هو، سو هن جو هٿ بيحد مضبوطيءَ سان
جهليو بيٺو رهيو.
”تنهنجا هٿ چمڻ تي ٿي دل چوي.“ هن سُرٻاٽ ڪيو ۽
هوءَ ائين شرمائجي وئي ڄڻ پهريون ڀيرو اهي لفظ ٻڌا
هجنس، نه ته احمد ته سندس سڄو وجود چميو هو. احمد
کان اڳ، سندس اسڪول جي ڪلارڪ به ته سندس چپ چميا
هئا. پر هوءَ شرمائجي وئي، ڪنهن ڪنوار جيان.
”منڊي سوڙهي اٿم، سا مٽائڻ آئي آهيان.“
”پهرين نقاب ته کڻو.“ هن فردوس جو نقاب کڻڻ چاهيو،
پر هو ڊپ کان ڇرڪي پئي.
”نه، نه، ڪوئي ڏسي وٺندو.“
”هڪ جهلڪ ته ڏسڻ ڏيو.“ هن هيٺ ٿيل نقاب مان ليئو
پائي، فردوس جو چهرو ڏٺو، هن جي دل سيني مان نڪري
اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي.
”ڪيڏي حسين آهين، دل ٿي چوي تنهنجو چهرو به چمي
ڇڏجي.“ هن جي آواز ۾ الائي ڇا هو، جو فردوس کي
پنهنجو پاڻ پگهرندو پئي محسوس ٿيو.
منڊي سوڙهي ته ڪانه هيس، پر ماڻس کي ڏيکارڻ لاءِ
ڪڻس منڊي به مٽائڻي پئي. تڏهن دڪان ۾ ٻيا گراهڪ
اچي ويا، جنهن جي ڪري ڪڻس موٽڻو پيو.
موٽر ۾ واٽ تي زيبوءَ کي هوءَ هوريان اهي سڀ
ڳالهيون ٻڌائيندي رهي، جيڪي سليم هن سان ڪيون
هيون.
۽ پوءِ اتي به ٽپاليءَ جو ڪم زيبوءَ ڏنو. خوشبودار
ڊگها روماني خط (جيڪي اردو شعرن سان ڀريل هوندا
هئا)، ڀرت ڀريل ريشمي رومال. ملڻ لاءِ نياپا ۽
ملاقاتون، جيڪي گهڻو ڪري سليم جي دڪان جي اندرينءَ
ڪوٺيءَ ۾ يا سندس دوستن جي گهرن ۾ ٿينديون هيون.
گهران ساهيڙين جو بهانو ڪري نڪرندي هئي، ڪڏهن
ميلاد شريف، ڪڏهن درزي، ڪڏهن دعوت جو بهانو، ماڻس
اٻوجهه، ڀانءِ ته ڀلي احمد جو ڏنل دک گهٽجي وڃيس.
پوءِ برقعو پائي زيبوءَ سان نڪرندي هئي. ٻه ٻه
موٽرون در تي بيٺل هيون، ڪوبه فاصلو نه هو، سندس ۽
سليم جي وچ ۾.
هڪ ڏينهن سليم جي ڪلهي تي مٿو رکندي چيائين، ”مون
سان شادي ڪندين؟“ ۽ هو ڇرڪي پيو.
”تنهنجا مائٽ وڏا ماڻهو آهن، فردوس مون کي تنهنجو
سڱ ڪڏهن به ڪونه ڏيندا.“ بهانو ڪيائين.
”پاڻ لڪي شادي ڪنداسون.“ هن جي ڳالهه ٻڌي سليم جو
منهن هئڊو پئجي ويو. هن ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي
ڪانه ڪئي هئي. هن جي پنهنجي زال هئي، بيحد خوبصورت
۽ هن کي بيحد پياري، سندس ٻه پٽ به هئا. فردوس ۽
ٻيون انيڪ هن جي زندگيءَ ۾ آيون ۽ هليو ويون. هو
هڪ تجربيڪار رانديگر هو.
”پنهنجي شادي جائز ڪانهي.“
”ڪوڙ ٿو چوين.“
”سچي، قرآن ۽ حديث کولي ڏس.“ هن قرآن ۽ حديث جو
ڪوڙو حوالو ڏنو. فردوس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ۽ هوءَ
چپ ٿي وئي. موت جي تنها احساس جيان اها ماٺ هن جي
من ۾ دور دور تائين زهر جيان پکڙجي وئي.
ٻئي ڀيري انيڪ ڏينهن دک ڀوڳڻ کان پوءِ زيبوءَ سان
اوچتو وڃي سليم جي دڪان تي پهتي. سليم ڪونه هو، هڪ
ٻيو ننڍيءَ عمر جو ڇوڪرو ويٺو هو. هن جي پڇڻ تي
چوڻ لڳو، ”ادا سکر هليو ويو آهي، هاڻ اتي ئي
رهندو، جو هاڻ هو سکر وارو دڪان سنڀاليندو.“ ان هڪ
لمحي سندس من جون ڪچيون پڪيون عبادتگاهون ڊهي
پيون.
هوءَ ڀريل شهر ۾ اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس کڻي گهر
موٽي آئي. ڪڻس هڪوار وري هسٽريا جا دورا پوڻ لڳا.
ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني، ”شادي ڪرايوس.“ پڻس مڇرجي پيو،
اها به ڪا ٿيڻي هئي، هن کي پڇاڙڪن پساهن تائين
احمد جو انتظار ڪرڻو هو، جيڪو هن ڪرڻ نٿي چاهيو.
ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ هڪ لڙڪ نه چاهيندي به لڙي
آيو اٿس هڪ ٻيو سگريٽ ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل ڊگهو
سوٽو، آرسيءَ ۾ سندس چهري جو عڪس، جيڪو انيڪ چپن
جي ڇهاءَ ڪاڻ ڪوماڻل. اندر ٻاهر اڪيلائپ جو احساس
ڀرئي ڀڪلي شهر ۾ موت جي احساس جهڙي اڪيلائپ انيڪ
ساروڻيون، رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل ڪيترا چهرا، ٻانهن
جو ڦهلاءُ، چپن جو ڇهاءُ، ڪلهن تي زندگيءَ جو
صليب، ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو هجوم، بدن جي
پاتال تائين پکڙجي آيل زهر زندگيءَ جو.
”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سانئڻ؟“
”پاڻي“ اُڃ ڪنڊا بڻجي نڙيءَ ۾ پئي چڀيس. پاڻي جا
لاڳيتا ٻه ٽي ڍُڪ، ٿڌو شوڪارو، ٿڪجي اکيون پوري
ڇڏيون اٿس.
”زيبو!“ اوچتو ڪجهه ياد اچي ويو اٿس.
”جي سائڻ؟“
”تون فيملي پلاننگ واري اسپتال وئينءَ؟“
”ها سائڻ وئي هيس.“
”گوريون مليون؟“ ڪجهه هٻڪندي پڇيو اٿس.
”ها سائڻ! پنهنجي نالي تي وٺي آئي آهيان. ڏاڍي
مشڪل سان مليون اٿم.“ پلاند مان فيملي پلاننگ جي
گورين جو پاڪيٽ ڇوڙي ڏنو اٿس سائڻ کي.
”سائڻ! ڊاڪٽرياڻي چوڻ لڳي ته جيترا ڏينهن اهي
گوريون کائبيون اوترا ڏينهن خير هوندو.“ ٻنهي جي
هلڪڙي کل، پر هن جي کل ڄڻ تنها سڏجو پڙلاءُ.
پاڻيءَ سان گوري نڙيءَ کان هيٺ لاٿي اٿس، ڄڻ
زندگيءَ جو زهر نڙيءَ مان هيٺ لاٿو هجيس. پل اپل
لاءِ ڪڻس گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر پنهنجي
ڪومايل بدن تي سُرندو محسوس ٿيو آهي، جيڪو گهڻو
اڳ، زيبوءَ باٿ روم جي ڪموڊ ۾ وجهي، فليش هلائي،
وهائي ڇڏيو هو. گورين جو پيڪيٽ ويهاڻي هيٺ رکي
ڇڏيائين. ويهاڻي هيٺ رکيل خط ڪڍي زيبوءَ کي
ڏنائين، ”هي جميل کي ڏئي اچجئين، چئجانس آئون
سڀاڻي شام جو اينديس.“ زيبو هلي وئي خط کڻي. هوءَ
اڪيلي موت جي احساس جيان، پينگهي جي تکي لوڏ،
سگريٽ جا ڊگها سوٽا، ازل جو عذاب رت جي هر ڦڙي ۾
سمائجي آيو اٿس ڊگهو ساهه کڻي اکيون پوري
ڇڏيائين.
سرحدون ۽ فاصلا
ريگل سئنيما جي سامهون شانتي منزل کي جڏهن به
ڏسندو هوس، تڏهن هڪ املهه تصوير اکڙين آڏو اچي
ويندي هئم. ننڍپڻ ۾ مان ۽ ٻيا هاسٽل جا ڇوڪرا
شانتي منزل ويندا هئاسون. شانتي ڌان جي وسيع
لائبريريءَ مان املهه ڪتاب کڻي ايندا هئا سون.
پوءِ شانتي ڌان انهن ڪتابن بابت ڏاڍيون اُچيون
ڳالهيون ڪندو هو. چوندو هو انسانيت دين ڌرم اٿم،
سنڌ ڌرتي ماءُ اٿم ۽ ڀٽائي مرشد! اسان ڀي هر ڪنهن
آڏو سندس اهي قول ورجائيندا هئاسون. اسان کي
سدائين چوندو هو جيڪر شادي ڪيو ته ڪنهن وئشيا سان
ڪجو. سندس چوڻي هئي ته وئشيا سان رات گذارڻ ۾ اُهو
لطف ڪونهي، جيڪو لطف ۽ راحت غلاظت جي گندين نالين
مان عورت جي موتيءَ جهڙي تقدس کي ڪڍي گهر جي چار
ديواريءَ جي حفاظت ۾ آڻڻ ۾ آهي.
اسان جا ڪچا ذهن انهن ڳالهين کي پوري ريت سمجهي نه
سگهندا هئا ۽ سماج جي ٺهيل ٺڪيل اصولن جي ائين
خلاف ورزيءَ تي عجب ٿيندو هو، پر انهن سڀني ڳالهين
هوندي به شانتي ڌان جي شخصيت، سندس قولن تي شڪ نه
ڪري سگهندا هئاسون. ڪيترا ڀيرا اسان کيس نيئپر روڊ
۾ ڏٺو. مٿس ڪيس هليو هو ته هو چڪلي جون رنون
ورغلائي ڀڄائي ٿو. رنن جي دلالن مٿس ڪيترا ڀيرا
ڪيس به ڪيا ته هو سندن زالن کي کانئن بغاوت تي
آماده ڪري اغوا ٿو ڪري، پر تڏهن خبر پئي ته اُهي
سڀئي رنون گهرن جي چار ديواريءَ ۾ عزت جي زندگي
گهاري رهيون آهن. ماڻهن ۾ شانتي ڌان لاءِ ڪيڏي نه
عزت وڌي وئي هئي. شانتي ڌان ڏينهن جو سوجهري ۾ به
انهن انسانن سان ملندو هو، جن کي انسان تڙي ڪڍندا
آهن ۽ رات جو دلين ۾ جايون ڏيندا آهن. پوءِ اسان
ڏٺو ته چڱن ماڻهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي نيچ
ڌنڌي وارا، دلال ۽ ڪسبياڻيون وٽس اينديون هيون.
سڀني کي اُٿي کيڪاريندو هو.
هڪ دفعو مون چيو هو، ”سائين! اوهان جهڙو بلند
انسان ايڏن ذليل ماڻهن سان ملڻ ڪيئن ٿو پسند ڪري!“
تڏهن ڏاڍي غور سان مون کي ڏسي چيائين، ”نه، مان
بلند آهيان، نه هي ذليل آهن. اسان فقط انسان
آهيون. هنن جي چهري تي غلاظت مڙهڻ جا ذميوار اسان
ئي آهيون ۽ هاڻ انهن جا مک ڌوئڻ اسان جو فرض آهي.
هي سڀ اسان جي ماحول جي غلط ڳالهين جي پيداوار
آهن. ڪوبه انسان ڄائي ڄم کان دلال يا وئشيا ناهي.“
شانتي ڌان جي شخصيت عجيب قسم جي هئي. ڊگهو سنهو،
وار وڏا ۽ سفيد، پهرياڻ ۽ پاجامي منجهه هو هڪ
اٿاهه سمنڊ وانگر لڳندو هو، جنهن جي مٿاڇري تي ماٺ
واسو ڪيل هجي. پر هُو ائين پيو ڇلي ڄڻ ڪي طوفان
پيا پلٽجن. ڳالهائيندو هو ته محسوس ٿيندو هو ڪو
ماڻهو نه پيو ڳالهائي. پر سندس اندر مان مٺي ۽ ٿڌي
پاڻيءَ جا چشما پيا ڦٽن. چڱن ۽ مٺن کي ائين سيني
سان لائيندو هو، ڄڻ اهي ٻئي سندس بدن جا حصا هئا.
هو ڪچن ذهنن سان ڊگهيون ڪچهريون ڪندو هو ۽ ٻئي
پاسي اِهي انسان جيڪي ظاهري طور سماج جي بيڪار
عضون مثل هئا، تن جي وڍ ڪٽ ۽ سنوارڻ ۾ رڌل رهندو
هو.
ورهاڱي جا فساد شروع ٿيا. هندو هندوستان وڃي رهيا
هئا. مسلمان پاڪستان اچي رهيا هئا. ٻڌم ته شانتي
ڌان وڃي رهيو آهي. پڇيو سين ته اُٻاڻڪو ٿي چيائين،
”سنڌ جي حد مان نڪرندي مان مري پوندس، اهو ياد
رکجو.“ ڄڻ سنڌ ۾ هن جو ساهه هو.
ڪراچي اچي مسلمانن وسائي. هن جي خلاف نفرت پکڙبي
وئي. شانتي منزل تي پٿر وسايا ويا. انهيءَ ڏينهن
شام جو شانتي ڌان هليو ويو. وڃڻ ويل سندس هٿ ۾ صرف
”شاهه جو راسلو“ هو اسين ڏاڍا رنا هئاسون. هن کي
ويندو ڏسي ڪيترا ماڻهو رنا هئا. انهن ۾ اُهي
عورتون به هيون، جيڪي هن جي آسانگي تي تقدس جي
زندگي گهاري رهيون هيون.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ ويهندي،
جڏهن کوکراپار کان سرحد ٽپيو ته سندس جسم ۾ ساهه
نه هو. ورهاڱو ٿي ويو. جسم هن پار هليو ويو ۽ روح
سنڌ جي ريگستانن ۾ رهجي ويو. اهو شانتي ڌان جو
انجام هو. پر هن ويندي مهل اهو به چيو هو ته ”مان
جنهن مذهب جو خادم آهيان، سو دنيا جي ذري ذري ۾
ڦهليل آهي. خدمت لاءِ ڌرتي ساري پئي آهي ۽ جڳائي
به ائين ٿو. پرماتا جي هنج ۾ ڏاڍي ڇڪ آهي. منهنجي
گهڻن ڀائرن کي اها ڄاڻ نٿي پوي ۽ نفرت جي آڌار تي
ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار پيو ٿئي، پر اصل برائي آهي
پريم جي اڻ هوند. جتي پيار آهي اُتي زندگي آهي. ڪو
به مذهب پيار جي پرچار جي خلاف نه آهي. ان لاءِ
ڪنهن کي ڏوهه ڏيان، پنهنجن کي يا پراون کي. سڀ ٺيڪ
آهي، پر ڌرتي ماتا کان ڌار ٿيڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
ويندي مهل شانتي ڌان، پنهنجي شانتي منزل انهن چئن
زالن جي حوالي ڪئي، جيڪي غليظ پيشي کي ڇڏڻ کانپوءِ
بي سهارا هيون. هاڻ شانتي منزل انهن جي هئي.
ڪيترا سارا ڏينهن اسان دوست گڏجي شانتي ڌان کي ياد
ڪندا هئاسون. اڄ به ريگل سئنيما جي سامهون اکڙين
آڏو ڦري ايندي اٿم. فرق ايترو آهي جو وڏي لوهي
دروازي وٽ سنگ مرمر جي ڪتبي تان شانتي ڌان جو نالو
ڪنهن کرڙي ڊاهي ڇڏيو آهي. شانتي منزل جا لفظ آهن،
جيڪي وقت جي دز ۾ جهڪا پئجي ويا آهن.
انهيءَ ڳالهه کي ورهه گذري ويا. تنهن ڏينهن
ڪراچيءَ جي رستن تي ٿاٻا جهلي رهيو هئس، جو اوچتو
گل محمد سومرو ملي ويو. ننڍپڻ کان وٺي ڪاليج تائين
گڏ پڙهيا هئاسون. سومرو هڪ وڏيري جو پٽ هو، انهيءَ
ڪري اڳتي نه پڙهيائين ۽ ڳوٺ هليو ويو. هو به اسان
سان گڏ شانتي منزل هلندو هو، پر کيس شانتي ڌان جو
اوچيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هو شانتي
ڌان کي سدائين چريو سمجهندو هو. پر اڄ هن هنگامن
جي شهر ۾ جتي هر انسان اڪيلو پيو ٿاٻا کائيندو
آهي، جنهن وٽ اوچو بنگلو مرسڊير ڪار، ڀريل کيسو ۽
ڀر ۾ سهڻي ڇوڪري نه هوندي آهي، ڪو وڇڙيل ساٿي ملي
وڃي ته خوشيءَ وچان انسان ٽپا ڏيڻ لڳندو آهي. ڏاڍا
ڀاڪر پائي مليو. پنهنجي مرسڊيز ڪار ۾ ويهاريندي
ڏاڍي فخر سان مون کي ڏٺائين. ڪوڙي مُرڪ چپن تي تري
آيس. ريگل سئنيما جي سامهون لنگهندي پڇيائين،
”شانتي منزل ويندو آهين؟“
”شانتي ڌان ڪونهي ته مان شانتي منزل ۾ ڇا وڃي
ڪيان؟“
”شانتي ڌان جون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ.“ هو طنز
وچان کليو.
مون به کلي ڏنو پوءِ چيم، ”مون کي ماضيءَ جا کنڊر
ڦلورڻ ۾ مزو نه ايندو آهي، جو فقط دز ۽ ڌوڙ نڪرندي
آهي.“
چيائين، ” پر جي هاڻ شانتي ڌان جا کنڊر کوٽين ته
رنگينيون ملندئي.“
سومري جي ڳالهه سمجهي نه سگهيم. هو ورائي ڪار
شانتي منزل آڏو وٺي آيو. ڪار مان لهندي چيائين،
”لهو.“
”ڪيڏانهن؟“ اچرج وچان پڇيم.
”شانتي منزل ۾ وٺيو ٿو هلانءِ.“ وراڻي ڏنائين.
الائي ڇو دل نه گهريو، ”مان ٽيويهن سالن کان هتي
نه آيو آهيان.“
”اڄ کڻي هل.“ سومري زور ڀريو. هن جي زور ڀرڻ تي
لهي پيم. سومرو گهر جي مالڪ جيان ڪارو لوهي دروازو
کولي اندر گهڙيو. الائي ڇو اندر گهڙندي اُداس ٿي
پيم. اسان هڪ سهڻي سينگاريل ڪمري ۾ اچي ويٺاسون.
نوڪر سومري آڏو وڇائجي ٿي ويا.
چيم، ”ڪٿي هي گهر خريد ته نه ڪيو اٿئي.؟“
”ائين ئي کڻي سمجهه.“ هو شودپائي سان هڪ اک ڀڃي
کلڻ لڳو. کلڻ تڏهن بند ڪيائين، جڏهن هڪ وڏي عمر جي
عورت غرارو سنڀاليندي پان چٻاڙيندي اندر گهڙي ۽
سومري کي چيائين، ”ڏاڍي راهه ڏيکاريئي.“ وراڻيءَ ۾
سومري ٻڌايس ته مان ڪير آهيان ۽ کلي چيائين، ”نئون
آهي.“ جواب ۾ پوڙهيءَ به هڪ آواره ٽهڪ ڏنو. پان جي
رنگ واڇن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هيس ۽ ڪوچ تي چڙهي
ويهي رهي.
”ناز بيگم ڪو مال ٻال هوندو؟“ هو ڏند ڪڍي کليو.
مان ڇرڪ ڀريو. ناز بيگم جو ٽهڪ اندر ساڙي ويو.
پاندان ريڙهي آڏو رکيائين. سومري کي پان ڏنائين ۽
ٻيو مون ڏي وڌايائين. چيم، ”مان کاوان ڪونه.“ اچرج
وچان وراڻي ڏنائين، ڪمال آهي. پان ته اڄ جي تهذيب
جو اهم جزو آهي.“
چيم، مان ڪنهن تهذيب جو غلام نه آهيان.“
”سومرو شروع ۾ ايندو هو ته ڪونه کائيندو هو، هاڻ
سڄو ڏينهن پيو کائيندو هو .“ ناز بيگم چيو.
تڏهن چيم، ”سنڌ جو هر وڏو ماڻهو چلڪندڙ تهذيب جو
غلام آهي ۽ ڪي خرمغز پنهنجي اصل تهذيب جي مقبري جا
مجاور آهن.“
سومري نرڙ تي گهنڊ وجهي منهنجي منهن ۾ نهاريو شايد
کيس منهنجو ڳالهائڻ نه وڻيو ۽ ناز بيگم کي چيائين،
”ڀلا ڪو مال ٻال آهي.“
”هت کپي يا...“ ناز بيگم ٽهڪ ڏئي پڇيو.
هڪ ڇوڪري آئي، ڇڻ ڇڻ ڪندي ڀت وٽ بيهي رهي. منهنجي
نظر ڀت تي ان هنڌ وڃي کتي جتي اڳ شانتي ڌان جي
تصوير ٽنگيل هئي. اجرڪ ڪلهن تي، هٿن ۾ ”شاهه جو
رسالو“ هئس. ساڳي گنڀيرتا ۽ خاموش وسيع سمنڊ جهڙي
شخصيت اکين آڏو ڦري وئي. انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾
غلاظت مان آيل مرد ۽ عورتون نئون جنم وٺنديون هيون
۽ هاڻ ساڳئي هنڌ هڪ رات لاءِ دلين جا سودا ٿي رهيا
آهن. هونئن هاڻ اسان جي هن عظيم شهر ۾ تمام وڏا
وڏا ڪارخانا کلي ويا آهن، جن ۾ مزدور پنهنجي پگهر
جي عيوض پيٽ قوت حاصل ڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي انيڪ بنگلن
۾ انيڪ جسم اطلس ۽ ڪيمخواب ۾ ويڙهيل رات جي
اوندهه ۾ جرڪن ٿا ۽ جرڪي جرڪي اُجهامي وڃن ٿا.
پهرئين اهي ڏياٽيون ڪن خاص هنڌن تي هونديون هيون
۽ هاڻ محلي محلي ۾ مشعلون ٻرن ٿيون. اُجهامن ٿيون.
اونداهي روشني! سومري کيسي مان نوٽ ڪڍي ناز بيگم
ڏي وڌايا.
اسان شانتي منزل مان ٻاهر نڪري آياسون. ڇوري رشو
به اسان ساڻ هئي. ڏاڍا اوچا اوچا ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
هن جا وار هلندڙ گاڏيءَ ۾ واءَ تي اُڏاڻا پئي،
تڏهن مون پاڻ کي شدت سان چرٻٽ محسوس ڪيو هو. سومرو
فاتح جيان مون ڏي ڏسي رهيو هيو. سوچيم ته سنڌ جا
وڏا ماڻهو هڪ رات لاءِ عورت کي خريد ڪري پاڻ کي
فاتح سمجهندا آهن، پر هو پنهنجو پاڻ به فتح نه ڪري
سگهيا آهن. هو سومري سان ڏاڍي بي تڪلف ٿي رهي هئي،
۽ مان پوئين سيٽ تي ڀوڪن جيان تڪي رهيو هئس. مون
پاڻ کي، سومري يا رشوءَ کي اهو ڪتو محسوس ڪيو هو،
جيڪو هر ڪنهن غلاظت تي نوس نوس ڪندو آهي. مون کي
اُهي عورتون ياد اچي ويون، جن کي شانتي ڌان وئشيا
مان عورت جو درجو ڏنو ۽ رستي تي هلندي هلندي مون
سومري کان پڇيو، ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. شانتي ڌان جن
زالن کي شانتي منزل ڏئي ويو هو سي ته مون ڪونه
ڏٺيون.“
”اڃا تائين بالغ نه ٿيو آهين“ سومري چيو، اهي ڪڏهو
ڪيون تڙجي نڪتيون. سيٽلمنٽ وارن هندو جائداد هٿ
ڪري، شانتي منزل هڪ مسلمان گهراڻي کي الاٽ ڪئي،
جنهن رنن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو. پوءِ شانتي منزل
ڪيترن هٿن مان گهمندي ڦرندي هاڻ ناز بيگم جي ملڪيت
آهي.
”انهن زالن جو ڇا ٿيو جيڪي شانتي منزل ۾ رهنديون
هيون.“
”ڇا ٿيندو! هر ڪو ماڻهو پنهنجي اصليت ڏانهن موٽندو
آهي، وڃي پنهنجي وڻج واپار کي لڳيون هونديون.“
سومرو ٿوري دير ماٺ رهيو، ”پر ڇڏ انهيءَ گهپلي کي
ـ هي معشوق ڪيئن آهي. شانتي ڌان وارن کان ته ڀلو
ماڻهو آهي ـ ماضيءَ کان حال بهتر آهي ۽ مستقبل ته
بهترين اٿئي.“
اڳئين موڙ تي مون گاڏي روڪائي ۽ رستي جي روشن
ماحول ۾ لهي ويس ۽ ائين لڳم ڄڻ روشني اکين ۾ چڀي
پئي. |