برسات جي راتين ۾ جڏهن فٽ پاٿ تي ڦڙڦوٽ پوندي هئي
۽ هر ڪو پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اجها پيو
ڳوليندو هو، تڏهن انهن بيمار جسمن کي جن ۾ ڍونڍ
جهڙي باس هوندي هئي، ڪير به اجها نه ڏيندو هو.
اهڙي راتين ۾ هن جي جوان وجود کي اَجهو ملندو هو،
ان جي صلي ۾ هن کي پنهنجو پاڻ وڪڻڻو پوندو هو.
ڪيترا ڏينهن پنڻ جي باوجود ڪجهه ڀي نه ملندو هوس،
تڏهن هو پنهنجو پاڻ وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندي هئي ۽
پوءِ هر روز چند ٽڪن تي نون نون خريدارن جي ٻانهن
۾ هوندي هئي. هن جو ڪوئي ڪونه هو، هن جڏهن اک پٽي
ته هو فٽ پاٿ تي رهندي هئي. پنندي هئي. انهيءَ ئي
فٽ پاٿ تي اڄ به زندگي ٿي گذري. هن جو ڪوئي ماضي
يا مستقبل ڪونه هو، نه ئي حال هئس. هوءَ هئي ۽
زندگيءَ هئي. ڪڏهن فٽ پاٿ جي پٿرن تي ڪڏهن عاليشان
بيڊرومن ۾. پر ائين به ٿيندو؟ اها ته کيس ڄاڻ ئي
ڪانه هئي ۽ اڄ جڏهن هن جي چيڀاٽيل وجود مان هڪ
نئين وجود جنم ورتو ته هو سوچڻ لڳي ته هن جو مالڪ
ڪير آهي. پر هن جي اڳيان ته پوري پلٽڻ هئي. ڪنهن
جي سڃاڻپ ڪري.
”گند جي ڊرم ۾ اڇلائي ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني. هن
ڪا وراڻي ڪانه ڏني. سڀئي هن کي تڪي رهيا هئا ۽
هوءَ اکيون ٻوٽيو پئي هئي، سانت ٿي وئي. ڪي هاڻ
ٿڪجي پيا هئا ۽ واپس رڙهي پنهنجي جاءِ تي هليا
ويا. ٻه پوليس وارا گشت ڪندا پاڇن جيان لنگهي ويا.
هنن کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو، جيڪر پوليس واري کي
خبر پوي ته سڀني کي وڏي گهر وٺي وڃي.
”گهٽو ڏئي ماريانس.“ دائي سرٻاٽ ڪيو.
”اڌ مئل ته آهي، کڻي ماري ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني.
بصران خاموش هئي. نئين وجود هلڪڙي وائون وائون
ڪئي، هو سڀ ڇرڪي پري ٿيا، ڄڻ راڪاس اچي ويو هجي.
پوليس وارن جي بوٽن جا ٺڪاءُ ٻڌي دائيءَ جهٽ ڪري
کڻي هٿ هن جي وات تي رکيا.
”اڄ ته پڪ جهلياسون... بصران اسان جي روزيءَ تي
ضرور لت هڻندي.“ ڪنهن خارن منجهان چيو.
هو چپ رهي، ڪنهن اوچيءَ هستي جيان ماٺ.
”اَئي هاڻ ڦاٽ، آخر ڄائي اٿئي سو ڪيڏانهن
ڪندينءَ؟“ مختلف
سرٻاٽ هن جي ڪنن تي پئي پيا.
”ماٺ ڪري ڏينس گهٽو.“ ڪنهن چيو. دائيءَ چور نظرن
سان عزرائيل جيان بصران کي ڏٺو، بصران ڄڻ ڏري پئي.
اُمالڪ ڪانوَ جيان ٻار کي جهٽي ورتائين، سڀني جي
آڏو ڪنهن شرم ۽ حيا کانسواءِ ڇاتيءَ تان ڦاٽل
چولي کڻي ٿڃ ڏيڻ لڳس ۽ هوءَ به چُس چُس ڪري پيئڻ
لڳي. سڀني هڪ ٻئي کي اچرج وچان ڏٺو. بصران هٿن جو
سهارو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي. هن جي هيٺيان گندي
پاڻيءَ جو نالو وهي رهيو هو.سندس چولو گندي پاڻيءَ
سان پُسڻ لڳو، پر سندس جذبن اهڙي اٿل کاڌي هئي جو
هوءِ هر شيءِ کان کن پل ۾، بي نياز ٿي وئي هئي ۽
سندس تخليق سندس ڇاتيءَ ۾ چنبڙي پئي هئي ۽ ٿڃ ائين
ڌائي رهي هئي ڄڻ پوءِ ڪڏهن ڀي نه ملندس. سانت ۾
چُس چُس جو آواز
پئي گونجيو.
سڀني جون اچرج وچان ڦاٽل اکيون بصران تي کتل
هيون.
بصران ڇو ٿي اسان جو اَجهو وڃائين. پوليس ڏسندي ته
اسان جو به ٻيڙو ٻوڙيندي.“ ڪنهن ڊپ جو اظهار ڪيو.
سڀئي ٻيهر رڙهي آيا، انهيءَ سوال جي جواب لاءِ
سڀني ٻانهي کي ڏٺو. فٽ پاٿ ٻانهي جي جاگير هئي. هو
سڀني کان چار چار آنا وٺندو هو ۽ پوليس کي ٽاريندو
هو. سندس گذارو به انهن پئسن مان ٿيندو هو جنهن
مان هو ڀنگ، ٻيڙيون ۽ ماني ڪندو هو. جڏهن ڀاڳ
جاڳندو هوس ته ٽي چار رپيا جوا ۾ کٽي ايندو هو، نه
ته فٽ پاٿ جي ڪمائي به هارائي ايندو هو.
ٻانهي جو سڀني کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺو ته کيس
پنهنجي جاگير خطري ۾ نظر آئي. چيائين: ”بصران هت
رهڻو اٿئي ته انهيءَ ڪتي جي ٻچي کي گند جي ڊرم ۾
اڇلائي ڇڏ، نه ته پوءِ تون به هتان رواني ٿي.“
ٻانهي حاڪماڻي انداز ۾ چيو هو. هن جي اکين ۾ ساري
جهان جو ڪروڌ تري آيو. هن جو هانَو ڏڪي اُٿيو.
سڀئي ٻانهي کي ائين ڏسي رهيا هئا ڄڻ داد ڏئي رهيا
هجن.
بصران ڀت کي ٽيڪ ڏيو، نيڻ نوايو پنهنجي تخليق کي
ڏسي رهي هئي. سو چيائين هن ڀريل جهان ۾ مان پنهنجو
پيٽ نٿي پاري سگهان، سو هن کي ڪٿان پارينديس. کن
کان پوءِ ماءُ جا اُُتم جذبا سندس خود غرض سوچن تي
ڳرا پئجي ويا.
پريان پوليس جي سيٽيءَ سانت جو سينو چيريو، ٻانهو
۽ ٻيا هن کي يڪ ٽڪ ڏسي رهيا هئا.
”ٻڌاءِ ڇا ٿي چئين؟“ ٻانهي ڪنهن جاگيردار جيان
گجگوڙ ڪئي.
”هي فٽ پاٿ سرڪار جو آهي، تنهن جو ڪونهي.“ بصران
بي نيازيءَ سان چيو. هوءَ ڏاڍي ڪمزوري ۽ تڪليف
محسوس ڪري رهي هئي پوءِ به جبل جيان اٽل ٿي بيٺي.
جيتوڻيڪ سندس سَنڌ سَنڌ ڀُري رهيو هو. ڪيڏي نه
تڪيلف سَٺي هئائين هن ٻار جي تخليق ڪندي، پوءِ
ڪيئن پنهنجي تخليق کي اڇلائي ڇڏي.
”سرڪار جو آهي ته وڃي سرڪار کان وٺ.“ اهو چئي
ٻانهي ٻانهن کان ڇڪي ڌڪو ڏنس ته اڇلجي وڃي رستي تي
ڪري. ڏامر جي ڪاري رستي تي، هن جو بيمار وجود ڄڻ
ڦٿڪي اُٿيو. سندس ڌيءَ سندسن ٻانهن ۾ ٻليءَ جيان
وائون وائون ڪري رهي هئي. بصران جو مٿو ڄڻ ڦري
ويو. ٿاٻڙجندي اُٿي، ڌيڻس کي هنج ۾ کنيائين. ڪنڌ
کڻي ڏٺائين، سڀڪو رڙهندو پنهنجي جاءِ تي پئي ويو،
بس ٻانهو اڏول ٿي بيٺو هو ۽ هن کي گهوري رهيو هو.
اونداهه رات ۾ هو ڌيءُ کي کڻي نڪري آئي. سيءُ جون
لهرون هن جي وجود مان سيسڙاٽ ڪري لنگهي رهيون
هيون. هن اُداس نظر فٽ پاٿ تي وڌي، سڀ ائين ويٺا،
ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هِن فٽ پاٿ تي هُن
زندگيءَ جا ڪيترا سال گهاريا هئا ۽ اڄ ڄڻ هڪ
ڊڪٽيٽر جي حڪم تي جلاوطن ٿي رهي هئي. فقط هڪ گناهه
ڪاڻ، جيڪو هن دور ۾ هر ماڻهو ڪري ٿو، پر ڀوڳي ڪوئي
ڪوئي ٿو.
اهي گناهه جڏهن گهر جي مقدس چار ديواريءَ ۾ ٿيندا
آهن تڏهن شرافت ۽ عزت جو ڀرم رکڻ لاءِ ائين دٻائي
ڇڏبا آهن، جو ٻاهر ٻاڦ به نه نڪرندي آهي. اُهي
گناهه رنڊيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندا آهن ته هو هن کي
سانڍي وڏو ڪندي آهي، جو هو هن هٿ ٺوڪئي معاشري کان
ڊڄي نٿي. شايد معاشرو هن کان انهيءَ ڪري ڊڄي ٿو جو
معاشري جي ٺيڪيدارن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهي
ٿي. ليڪن اهو ساڳيو گناهه جڏهن فٽ پاٿ تي جنم
وٺندو آهي، تڏهن گناهه جسماني ۽ روحاني عذاب ٿي
پوندو آهي. اڄ اهو جسماني ۽ روحاني عذاب بصران
ڀوڳي رهي هئي. اهو سڀ ڪجهه هن من ئي من ۾ سوچيو
هو.
هوءَ قبر مان اُٿيل انهيءَ لاش جيان هئي جنهن جو
چم ۽ ماس ڪيڙا کائي رڳو هڏ وڃي ڇڏيندا آهن. هن جو
دماغ ڀوانٽيون کائڻ لڳو. ميونسپالٽيءَ جو بلب سورج
جيان ٻرڻ لڳو. هو ڪيڏانهن پئي وئي، ڪائي ڄاڻ ڪانه
هيس. ڪنيو ڍونڍ گهٽيون ٽپي، هو بندر روڊ تي اڇي
بيٺي، جيڪو جيان جيان چپ چاپ هو. ڪيڏيءَ مهل ڪا
موٽر زوزاٽ سان هن جي اڳيان لنگهيو ٿي وئي.
سوچيان: ”ڪاس ڄاڻ هجيم ته هن جو پيءَ ڪير آهي؟“
بندر روڊ جو ويڪرو رستو ٽپندي هوءَ ڇرڪي پئي.
پوليس وارو هن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن اچرج وچان
هن جي هنج ۾ رت هاڻو ٻار ڏٺو، نرڙ تي گهنڊ وجهي
چيائين:
”ڪيڏانهن پئي وڃين؟،
هوءَ چپ.
”ڀڳي آحين؟“
هوءَ چپ رهي.
”هيءُ رت هاڻو ٻار ڪنهن جو آ؟“
”منهنجو“ هوءَ ڀڻڪي.
”ڪوڙ ٿي ڳالهائي. هيءُ تازو ڄاول ٻار آهي.“ ٻئي وچ
۾ ڳالهايو.
”ٻه ڪلاڪ اڳ مون هن کي جنم ڏنو آهي.“ هن وراڻي
ڏني. پوليس وارن کي ڄڻ سڪتو ٿي پيو.
ڀوتڻ ته نه آهين ني؟“ هڪ اچرج وچان پڇيو.
”ٻار چڻڻ واري ڀوتڻ ٿيندي آهي ڇا؟“ هن ٽوڪ ڪئي.
ٻئي پوليس وارا شڪي ٿي پيا.
”حرامي ٻار آهي؟“ هڪ سوال ڪيو.
”مان ۽ هن جو پيءُ حرامي آهيون، هيءَ حلالي آهي.“
نئين وجود کي ڏنل گار هن کان برداشت نه ٿي. هنن
ٻنهي کي پڪ ٿي وئي ته ٻار حرامي آهي.
”پرائيويٽ آهين؟“ هڪ سوال ڪيو.
هن سوچيو جواب ڏيان، ليڪن هوءَ خاموش رهي.
”نه فقيرياڻي آهي.“ ٻئي هن جا ڇيهون ڇيهون ٿيل
ڪپڙا ڏسي چيو ۽ هوءَ هنن ٻنهي جي اکرن ۾ پيڙهجي
رهي هئي ۽ هنن کي ڄڻ تماشو هٿ آيو هو.
”مون کي وڃڻ ڏيو.“ هوءَ ڀڻڪي.
”هڪڙي شرط تي“ پنهنجا فرض جا ڪپڙا لاهي هو ڄڻ کن
پل ۾ ننگا ٿي بيٺا.
”مان بيمار آهيان.“ هنن جو شود پائي کي سڃاڻندي
بصران حقارت سان هنن ٻنهي کي ڏ ٺو ۽ پٽ تي ٿُڪ
ائين اڇلايائين ڄڻ اها ٿُڪ سموري سنسار کي هڻي رهي
هجي ۽ هوءَ اڳتي وڌي وئي، جبل جيان اٽل پئي محسوس
ٿي، ٿاٻڙندي اڳتي وڌي آئي. پر تنهن پل بصران پاڻ
کي ڀُرندو محسوس ڪيو هو.
سيءُ جي سرد لهر کان هن جي ڌيءُ وڏي آواز ۾ روئڻ
لڳي. انهيءَ روئڻ ۾ بصران جو وجود ٻڏندو ويو. هن
پتڪڙي وجود جي تخليق لاءِ هن کي ڪيڏو ايذاءُ سهڻو
پيو هو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن جو دماغ
ڦري رهيو هو. سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. هن
کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ اتي ڊهي پوندي، ڪنهن پراڻي
عمارت جيان.
سندس ڌيءُ جو روئڻ ويران روڊ تي گونجڻ لڳو. الائي
ڇو ائين روئڻ سان هوءَ هيسجي وئي. هلندي هلندي هن
جا پير ڏڪڻ لڳا هئا. ڊينس هال وٽ فٽ پاٿ تي هوءَ
ساڻي ٿي ڪري پئي. اکيون ٻوٽڻ مهل هن ڌيءُ جي هانوَ
ڏاريندڙ دانهن ٻڌي جيڪا سانت ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي
اُٿي.
سج اُڀري آڪاس تي جرڪڻ لڳو هو. هن اکيون کوليون،
هوءَ ڊينس هال جي فٽ پاٿ تي پئي هئي، ساڻي ساڻي.
هن آڏو ٻه ٽي آنا پيا هئا، پر اهو وجود ڪونه هو،
جنهن لاءِ هن رات اکٽ سفر ڪيو هو. هن جو سَنڌ سَنڌ
ساڻو ٿي پيو هو. بس فٽ پاٿ تي لال لال لهوءَ جا
داغ هئا، جيڪي سورج جي ڪرڻ ۾ وڌيڪ جرڪي رهيا هئا.
ماڳ ڏانهن ويندڙ راهه جي اڌ تي ئي لٽجي ويندڙ
مسافر جي احساس وانگر، هوءَ ڀي ڄڻ پاڻ کي لٽجندڙ
محسوس ڪري رهي هئي. سهڪندي ڀت جو سهارو وٺي اُٿي
بيٺي، ڏڪندڙ پير اڳتي وڌايائين، تڏهن سندس نظر
کاٻي گهٽيءَ جي فٽ پاٿ تي پيل گند جي ڍير تي ٻار
جي لاش تي پئي جنهن کي ڪتا سونگهي رهيا هئا ۽
واٽهڙو ائين ڏسي ٿي اڳتي وڌيا ڄڻ اُهي روز جا
تماشا هجن. هن گهري نظر لاش تي وڌي ۽ پنهنجي پراڻي
فٽ پاٿ ڏانهن موٽي وئي.
شريف زادي
ڀريل شهر اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس، بدن ۾ پکڙجي
آيل انيڪ ننڍڙين ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو زهر، رڳ
رڳ ۾ سمايل اڪيلائپ جي گهٽ ، اکين ۾ چڀندڙ کاري
پاڻيءَ جو ذائقو، ڀانءِ اندر ۾ کاري پاڻيءَ جو
نيرو سمنڊ ڀرجي آيو هجي. اهڙي سمي اهي سڀ پيڙائون
جيڪي زمانن کان من جي ڪنهن سنسان ڪنڊ ۾ دفن هيون،
هينئر سندس ئي جنازو ڪلهن تي کنيو آڏو اچي بيٺيون
آهن.
”جيجي! ڇا ٿيو؟“ سندس ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ لڙڪن
جون قطارون ڏسي زيبوءَ جا زور ڏيندڙ هٿ رڪجي ويا،
پر هوءَ ماٺ، موت جي تنها احساس جيان. اکيون
پينگهي جي گهوڙيءَ ۾ لڳل آرسيءَ تي اٽڪيل، چهري تي
جوانيءَ جا پڇاڙڪا پساهه. ڪارن وارن ۾ پکڙيل
چانديءَ جون انيڪ تارون، ڍرڪيل بي ڊولو بدن. اکين
۾ پنهنجي ئي وجود جو آسيب سمايل. تنهن پر پنهنجي
گهٽيل خواهشن کان گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس.
”جيجي! چاڪ ته آهيو؟“ وراڻيءَ ۾ ٿڌو شوڪارو. جيڪو
اٽڪي پيو اٿس بند چپن ۾.
”زيبو!“ کن کان پوءِ بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ؟“
”سگريٽ آندو اٿئي؟“
”هائو سائڻ! پيندؤ؟“
هوءَ ماٺ.
سگريٽ دکايو اٿس سائڻ لاءِ ۽ سائڻ جي سڪل ٺوٺ چپن
۾ اٽڪيل سستو سگريٽ . بدن جي پاتال تائين پکڙجي
آيو اٿس سگريٽ جو اڇو دونهون. اڪيلائپ جي گهٽ.
”سائڻ! اڄ ته ڪاروءَ به ڏسي ورتو.“
”پو؟،“ ڀؤ کان ڇرڪ.
”چوڻ لڳو، ڇاڪندي آهين سگريٽن کي؟“
”تو ڇا چيو؟“ اکين ۾ راز کلڻ جي ڀَو جا پاڇولا.
؟چيم، آئون سگريٽ پيندي آهيان.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل
ڄڻ کنڊرن ۾ تنها سڏجو پڙلاءُ.
”زيبو!“ اهو ئي بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ.“
”توکي ڪارو وڻندو آهي.“ ڏاڍو گهرو سوال پر بظاهر
رواجي.
”پنهنجا ورَ ڪنهن کي ڪونه وڻندا سائڻ؟“
”تو کي ڀائيندو آهي؟“ ساڳي گهرائپ سوال ۾.
”سائڻ! هو ته چوندو آهي ته پل به مون کان پري نه
ٿي.“ ڏاڍي مانَ سان ڏنل جواب ۽ هن جي اندر ۾ نڙيءَ
کان هيٺ ڄڻ گرم گرم رت لهي آيو هجي. بدن جي پاتال
تائين پکڙجي آيل سگريٽ جو دونهون، هڪ ڊگهو سوٽو،
سوچن جو سلسلو.. اڻپورين خواهشن جو زهر. تڏهن من
تي هُري آيو اٿس هڪ سانورو چهرو، جيڪو بند دروازي
جي سِير مان ليئو پائي ڏسندي هئي.
هڪ ڏينهن ڌرتتيءَ مهل بند دروازي جي سِير مان هن
ڪڻس ليئا
پائيندي پڪڙي ورتو هو. ”ڇا ٿي ڏسين؟“ ڀو کان هن جو
ساهه سُڪي ويو.
”ڇا ٿي ڏسين؟، جان!“ هن جي هيسيل وجود جي چوڌاري
ٻانهون پکيڙيندي چيائين. هن جي دل سيني مان نڪري
اچي رت جي هر ڦڙي ۾ ڌڙڪڻ لڳي. پيار جو ايڏو انبر
جيڏو ڦهلاءُ هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي آيو هو. تڏهن
زيبوءَ ڪنهن کي ايندو ڏسي کنگهڪار ڪئي هئي ۽ هوءَ
ٻانهن جي گهيري مان نڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ لڪي
هئي.
ننڍي هوندي کان احمد جي نانءِ ٿيل هئي. گهڻو اڳ سج
لٿي ويل سندس چاچيءَ ڪڻس جهلمل ڪندي ڳاڙهي پوتي
پارائي، ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو هو، ”منهنجي احمد جي
ننڍڙي ڪنوار.“ ۽ اهي لفظ زمانن کان سندس ڪنن ۾
گونجي رهيا هئا. تڏهن کان احمد لاءِ انيڪ خوبصورت
سپنا ڏٺا هئائين.
پوءِ سندس خوابن کي تعبير ائين مليو جو زيبوءَ جي
پهري ۾ اونداهين راتين جو ڇت تي ڊگهيون ملاقاتون،
خوشبو وارا ڊگها خط، ٻانهن جو انبر جيڏو ڦهلاءُ،
تيستائين جو احمد جيڪو پڙهڻ سانگي وٽن حيدرآباد ۾
اچي رهيو هو، وري موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ولايت
هليو ويو. تڏهن هو هيڏي ڀريل بنگلي ۾ اڪيلي رهجي
وئي. ڄڻ مڪليءَ جي مقبرن ۾ ڀٽڪندڙ ڪو تنها بدروح.
رنگ هئيڊو پئجي ويو هئس. اندر اندر بدن جي پاتال ۾
احمد جي ٻانهن جو مضبوط وڪڙ. ڪنن ۾ سُرٻاٽ. ”نيٺ
به ته منهنجي ڪنوار ٿيندينءَ جان! شرمائين ڇو ٿي؟“
۽ رت جي هر ڦڙي ۾ اڻڄاتو ڀاري بوجهه سمائجي آيو
هئس. ٻئي مهيني ئي پاڻ سمجهي وئي تڏهن ڄڻ چري ٿي
پئي. ٻئي هٿ ڪنن تي رکي جا ريهه ڪندي هئي ته
ڌرتيءَ کان آڪاش تائين پڙلاءُ بڻجي گونجندي هئي.
ماڻس جون تکيون اکيون سڀڪجهه سمجهي ويون هيون.
بيهوش ٿي پئي هئي، اکين آڏو اونداهي پکڙجي وئي
هئس. اهو سوچي ته ڀاڻس جن جيڪي ايڏا غيرت وارا
آهن؛ جيڪر خبر پوين ته ڪڻس اُڦٽ ماري ڇڏين. پڻس
جيڪو هيڏي عزت وارو آهي؛ سندس ساهه نپوڙي ڇڏي، پر
تن ڏينهن هو سڀ گهر ۾ نه هئا.
ڀاڻس جن نيون گاڏيون کنيو شهر جي ڇورين سميت
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا هئا. پڻس
ڳوٺ ۾ اڃا تازو هڪڙي مهاڻي بي نڪاحي ويهاري هئي؛
سو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ هوندو هو. هڪڙي ماڻس هئي
جيڪا سارو ڏينهن چرين وانگر پئي سندس پيٽ گهوريندي
هئي ۽ هوءَ هئي جا ڪمرو بند ڪيو سارو سارو ڏينهن
پينگهي ۾ اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هوندي هئي.
پوءِ نيٺ ماڻس زيبوءَ کي موڪلي شهر مان ڊاڪٽرياڻي
گهرائي. جڏهن هن جي بدن جي پاتال ۾ لڪل بوجهه
گهٽجي ويو، تڏهن ماڻس ٻه هزار ۽ سوني منڊي ڏئي
ڊاڪٽرياڻي جو وات بند ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ ته ڪي
ڏينهن سڪل ٺوٺ اکين مان ڇت کي پئي گهوريندي هئي.
هر احساس ڄڻ پنهنجي موت پاڻ مئو پيو هو. تڏهن
اُمالڪ من تي سٽ ڏئي هُري ايندو هئس، رت ۽ گوشت جو
ننڍڙو ڳاڙهو ٽڪر، جيڪو زيبوءَ ڪموڊ ۾ هاري فليش
هلائي ڇڏيو هو. پاڻيءَ جي هڪڙي تکي لهر آئي ۽ گوشت
۽ رت جي ان ڳاڙهي ٽڪر کي ڌرتيءَ جي پاتال ڏانهن
ڇڪي وئي.
پر ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ٽڪر هن جي من ۾
ڪئڪٽس جي ٻوٽي جيان چڀندو رهيو، تڏهن هن کي پنهنجي
بدن تي اهو ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو ٽڪر سُرندو محسوس
ٿيندو هو. ننڍڙيون پتڪڙيون ٻانهون هن جي سموري بدن
کي ويڙهي وينديون هيون ۽ پوءِ اندران من جي پاتال
مان دانهن نڪرندي هئس، جيڪا سموري ڪائنات کي ويڙهي
ويندي هئي. پڻس ڊاڪٽر اچي گڏ ڪيا، ”هسٽريا اٿس،
شادي ڪرايوس“ ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني. پڻس مڇرجي پيو،
”اسان جي نياڻي لاءِ چون ٿا ته شادي ڪرايوس...
دوزخي“. ڊاڪٽرن کي گاريون ڏئي ڪڍيائين، تڏهن هن
جون دانهون ويتر وڏي ويون.
پنهنجن گهٽيل احساسن کان گهٻرائجي احمد کي خط لکيو
هئائين، جيڪو زيبو سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري آئي
هئي. وراڻيءَ ۾ انيڪ ڏينهن کان پوءِ احمد جو خط
آيو ته سهي، پر پڻس جي نانءِ: ”آئون فردوس کي وڏن
جي ڪيل فيصلن کان آزاد ڪيان ٿو. جون مون به هتي
شادي ڇڏي آهي.“ احمد جي خط ته ڄڻ ڪو ممڻ مچائي
ڇڏيو هو، ڀاڻس جن ته مرڳو ٽڪيٽ وٺيو ولايت ٿي ويا،
احمد جو خون ڪرڻ (ڄڻ هتي به سنڌ جيان ماڻهو مارڻ
ڪو سولو هو)، پر پڻس عقل وارو هو، عزت جو معاملو
هو. غيرت وارا هڪ ڀيرو جتي پلاند اٽڪائيندا آهن،
اتي نڀائيندا به آهن ۽ اها ڳالهه ڪا ايڏي وڏي به
ته نه هئي.
ٻه ونيون ته اسان سنڌي مڙدن جو شان آهي. سو احمد
کي لکي موڪليائين، ”جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون
اوترو مرد جو شان، پر لکئي جا ليکا ڊاهبا ڪونه
آهن. جتي پلاند اٽڪائبو اُتي نڀائبو؛ اهو اسان جي
راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي
تولاءِ ويٺي هوندي.“
پر احمد ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ جڏهن راڄ ۾ ڳالهه
پکڙي ته هن به ٻڌي ۽ من جون بلند عبادتگاهون پل ۾
ڊهي پيون. ڪڻس هڪ وار وري رت ۽ گوشت جو اهو بيجان
ڳاڙهو ٽڪر ياد اچڻ لڳو، جيڪو اونداهه ۾ ڪڻس پنهنجي
بدن تي سُرندو محسوس ٿيندو هو. انيڪ خط احمد جي
نانءِ لکيائين. زيبو جن سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري
ايندي هئي، پر هن پار ڪيڏي ماٺ، ڪابه وراڻي نه،
ڪوبه لفظ، ڪوبه خط نه. هوءَ اندر ئي اندر ڀُرندي
رهي واريءَ جي وکريل ذرڙن جيان.
رت جي هر ڦڙي ۾ زندگيءَ جو زهر پکڙي ويو اٿس،
جواني جي ٻڏندڙ سج جو شديد احساس، اڪيلائپ جي
گهُٽ. زيبوءَ پوتيءَ جي پلاند مان هڪ ٻيو سگريٽ
ڇوڙي دکائي ڏنو اٿس. سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ،
ٻه ٽي لاڳيتا ڊگها سوٽا، سيني مان اٿندڙ هلڪڙي
کنگهه جو پڙلاءُ، دل ٿي چويس، انسان جي وستيءَ مان
منهن ڪري ڪيڏانهن نڪري وڃي، پر زهريليون سوچون
دماغ جي هر ڪنڊ ۾ پکڙجي آيون اٿس.
”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ؟“
”آئون جيڪر مري پوان ته؟“
”اوهان جا دشمن مرن، سائڻ!“
”نه، آئون ڀڄي وينديس.“ هلڪڙي کل.
”ڪو ٻڌي نه وٺي!“ ڀَوَ کان ڇرڪ، ڪنهن جي ٻڌي وٺڻ
جو ڊپ.
”تو ڀانيو ته آئون سچ پچ ڀڄي وينديس ڇا؟“ زوردار
ٽهڪ، ڄڻ سلهه جي کنگهه جو پڙلاءُ وراڻيءَ ۾ زيبوءَ
جو به هلڪڙو ٽهڪ.
”آئون ڀڄي وڃان ته مرڪو ڪُهي ڇڏينم.“ ٽهڪ، پر ٽهڪ
۾ اها ساڳي کوکلائپ، جنهن تي سڏڪي جو گمان. اکين ۾
خوابن جا جنازا سمائجي آيا اٿس. من ۾ پڻس ۽ڀاڻس جن
جو ڊپ، جن جون غيرتون ۽ عزتون صليب جيان سندس ڪلهي
تي ٽنگيل آهن، تنهن پر بند اکين ۾ تري آيون اٿس
انيڪ ساروڻيون.
سليم، جيڪو برقعي جي ڪاري نقاب مان ريشمي گهٽيءَ
جي هڪ زيورن جي دڪان تي ڏٺو هئائين، زيبوءَ سان گڏ
هن جي بيحد ويجهو زيور ڏسندس الائي ڇو هن جي دل
ڌڙڪڻ لڳي هئي.
”اوهان نقاب ته کڻو.“ منڊيون ڏيکاريندي هن فردوس
جي ڪنن ۾ سرگوشي ڪئي. نقاب جي اندر هن جو چهرو پل
اپل لاءِ ڳاڙهو ٿي ويو. ۽ جڏهن هن منڊي آڱر ۾ پائي
ٿي ڏٺي، تڏهن اُمالڪ هن سندس هٿ پڪڙي ورتو.
”ايڏن نازڪ هٿن ۾ ايڏي بيدرديءَ سان منڊي نه
پايو.“ هوءَ هن جي هٿن مان پنهنجا هٿ ڇڏائي نه
سگهي، هو ڪڻس ديسي فلمن جو هيرو محسوس ٿيو هو،
جنهن سان ڪنهن زماني ۾ ڪڻس عشق ٿي پيو هو، جنهن
جا فلمي اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيل ڏيڍ سؤ کن فوٽا
هئا سندس ڪٻٽ ۾ رکيل. |