سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: جلاوطن

باب: --

صفحو :6

من درپن

وشال ڌرتيءَ تي هن ڀر تائين گونجندڙ پيڙا جو پڙلاءُ.

ساروڻين ۾ جڳن تائين اها ساڳي پيڙا ڇو ٿي رهي نرمل! ـ ساروڻا، جيڪي اسان سارڻ نه چاهيون، پوءِ ڇو ٿا ڀلا اندر منجهاران ريههءَ ڪري اُڀرن (ساروڻين کي ڪيڏو نه پڙلاءُ آهي). نرمل! ساروڻا هٿ تريءَ جون ريکائون ته ناهن جو ڊاهي نه سگهجن. پوءِ ڀلا تون ڇو نٿي وسرين بلڪل ائين جيئن تو کي ۽ مون کي، پنهنجي پنهنجي، جنم پل جا ساروڻا ڪينهن.

۽ اڪيلائپ جو گهيرو ڪيڏو نه تنگ آهي (ڄڻ ڪُن ۾ گهريا پيا هجون جُڳن کان) ڪو دوست، ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي، سڀ ڪيڏو دُور رهجي ويا، وشال نيري اُڀ جي هن پار. تون به نرمل! ـ ۽ آئون بلڪل اڪيلو سرءُ جي اگهاڙي وڻ سمان.

نرمل ـ او ـ و ـ نر ـ مل.

تون منهنجو ڳالهيون سَلين ڇو نٿي، جڏهن ته هر ڳالهه کي هزارين معنائون آهن. جيئن تنهنجي چانڊوڪي رات جهڙِي بدن کي انيڪ روپ آهن. منهنجو روح گفائن ۾ گم ٿي چڪو آهي. هي منهنجي آخري جنم ـ پل آهي، پوءِ آئون ڪڏهن به  هن ڀونءِ  تي موٽي ڪونه ايندوسانءِ. تون ـ مون کي پڪارين ڇو نٿي نرمل (پيڙا جي پڙلاءُ سمان) آئون ـ جو گم ٿيندو ٿو وڃان هوري ـ هوري ڀُرندو ٿو وڃان. آئون ته موهن جي دڙي جو کنڊر آهيان نرمل!ـ

وسڪيءَ جي ڀريل گلاس ۾ ليئو پائي ـ هن نرمل کي ٿي پڪاريو.

سگريٽ جي دونهين جي هن پار ـ هن نرمل جا سرخ چپ چمي ورتا هئا ۽ لپ اسٽڪ جو رنگ هن جي چپن تي رهجي ويو هو. (رنگ، جيڪي جڳن تائين رهجيو وڃن). هن نرمل کي انهيءَ ئي گلاس ۾ ڀري پيئڻ چاهيو هو ۽ هوءَ چپ چاپ هلي وئي هئي. اُڃ کان نڙي خشڪ ٿي پئي هئي.

ـ ۽ هو بلڪل اڪيلو ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهريل

من ـ درپن ٽٽڻ جو آواز لاڳيتو ٿو اندر منجهاران اُڀريس، نر ـ مل ـ او ـ و ـ وـ نرمل ـ او ـ و ـ وـ

هن ڀونءِ کي ڀلا ڪو سک آهي؟ـ ۽ دک جي انهي سلسلي ۾ اسان سڀ گهيرجي ويا آهيون. دک جا گول دائرا ـ ۽ اندر ۾ انيڪ صليب ٽنگيا پيا آهن.،وک ـ وک تي ـ

 دور ـ بيروت ۾ باهه ٿي دکي ـ

ڀارت ۾ هندو مسلم فسادـ

باهه ۾ ٻرندڙ ايران جي ڌرتي ڌٻي هئي ـ ۽ سڀ موت ڳڙڪائي ويوـ

۽ ـ تون نرمل ! ڪير ڄاڻي  بيروت جي باهه ۾ سڙي وئين يا ايران ۾ تنهنجو سَجيل سجايل گهروندو کن ـ پل ۾ ناس ٿي ويو ـ ۽ تون ڪنهن ڊٺل ديوار هيٺ رهجي وئين. او ـ و ـ نرمل! تون ڀلا وسرين ڇو نٿي !!؟؟

سگريٽ جي بوءِ ۾ اُجهامندو ٿو وڃي ـ ڀُرندو ٿو وڃي.

آئون ـ هن ڀونءِ تي سڀ کا دُکي انسان آهيان. بلڪل اڪيلو ـ جڏهن تنهنجو جهاز ڌرتيءَ تان اُڏاڻو هو ۽ نيڻ نهار کان اڳتي وڃي گم ٿي ويو هو ـ تڏهن آءٌ ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو هئس. اُڀ تي بادل ڦهلجي ويا هئا ۽ آئون پولارن ۾ توکي ڳوليندو رهيو هئس.

هن لمحي تون ڪٿي آهين نرمل ـ  سڄي ڀونءِ تي باهه ٿي دُکي.

هي چنڊ وري ڪڏهن نه اُڀرندو

هن رات کي اچ ته وسڪيءَ جي ڍُڪ سمان

ڳيت ڏئي پي ڇڏيون

سمنڊ ڪناري ـ واريءَ تي

هڪ ٻي جان ناءَ لکندا رهون.

Oh! My friend come Back, come back.

وشال نيري آڪاش تي ـ ٽيڙو ٿو ٽمڪي، جيئن تنهنجي نيڻن ۾ ٽيڙو ٽمڪندو آهي.

تو کي ياد آهي سکر جي اها بيحد اُداس رات ـ نرمل! ـ تو چيو هو ـ ”تون منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين.“ انهيءَ پل آسمان تي انيڪ تارا ٿي جرڪيا ۽ جڏهن هڪ تارو اُجهاڻو هو. تڏهن تو چيو هو، ”اهو اجهاڻل تارو ـ آئون هيس. “

”نه آئون هئس ـ“ مون چيو هو.

هن پل ـ جڏهن انيڪ تارا منهنجي اندر ۾ اُجهامندا ٿا وڃن ـ تڏهن آئون سوچيان ٿو ته اهو اُجهامندڙ تارو به آئون هوندس.

گذري ائين ٿي رات وئي ـ تَن مان نه تنهنجي تات وئي.

منجا پرين ـ اوبانورا ـ او سانورا،  جهونگاريندي ـ جهونگاريندي انيڪ ساروڻا ورائي ويا اٿس ـ

اڃا رات ڪيڏي ڊگهي آهي ـ منهنجي ٻانهن ۾ هلي آ ـ نرمل!

زندگي نانءُ آهي انهي پل جو، جيڪو گذري ٿو تنهنجين هٿ ريکائن ۾

۽ ـ اهو پل ڪڏهن به ته نه آيو هو ـ هن جي ڪنهن به جيون ۾ ـ پل ۾ ـ صديون ـ يُگ ـ جنم اڳ

اھجهامندڙ نماشام جو پهريون پل.

نرمل کي، سريل جي وڻ هيٺ، ميل جي سفيد پٿرن سمان، بلڪل تنها ڏٺو هئائين.

ـ عابد! ـ هوءَ تنهنجي ڪنوار ـ سريل جي وڻ هيٺ (من ـ ڀنڀرجي پيو هئس). ٻرانگهون ڀريندو ـ سَريل جي وڻ هيٺ، هن جي بيحد ويجهو اچي بيٺو هو ـ ايترو ويجهو جو نرمل کي هن جو ساهه پنهنجي مک تي سُرندو محسوس ٿيو هو. هوءَ لپ اسٽڪ جي رنگ وانگر سرخ پئجي وئي هئي. سَريل جي انهيءَ وڻ هيٺ هن نرمل جا چپ چمي ورتا هئا ۽ ڪيترا رنگ سندس چپن تي رهجي ويا هئا.

”مون سان اُڀ جي هن پار ـ هلي هل نرمل!“

” ڇا آهي ـ اُڀ جي هن پار؟“ هن جي ٻانهن ۾ گلاب جي سرخ پنکڙين وانگر هڪ ـ هڪ ڪري وکرندي ٿي وئي.

”هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو ؛ هلندئين نه نرمل!“

اُڀ تي تارا ٿي جرڪيا ـ روح ۾ ڦهليل بليو روشنيءَ ۾ هن نرمل کي ٿي ڏٺو، جنهن ڇلڪڻ ٿي گهريو ۽ ڪيترا رنگ هن جي سرخ لپ اسٽڪ لڳل چپن تي چهٽيا پيا هئا. ۽ هو اُهي سمورا رنگ، هڪ هڪ ڪري، پنهنجن بي رنگ چپن تي سجائيندو رهيو هو.

”چور!“ هوءَ ائين کلي ـ ڄڻ دُور ـ ڪٿي ڪو ساز وڄندو هجي. الله ـ هو ـ هو ـ ، الله  هوـ هو ـ هوـ

برسات جون انيڪ بوندو مٿانس اچي ڪريون هيون، ٽپ ٽپ، ٽپ.

 

بليو روشنيءَ ۾ جرڪندڙ، نرمل جي سُندر پاڇولي تان سٽ ڏئي ـ ڪاري ، اُماس رات جهڙي ساڙهي ڇڪي ورتي هئائين. دُور ـ اُڀ جي هن پار ڪو سڏڪو اُڀريو هوـ ’ڪنهن جو هو اهو سڏڪو!‘  (هو جڳن تائين سوچيندو رهيو هو) اڄ به وسڪي جي ڀريل گلاس منجهاران اهڙا انيڪ سڏڪا اڀرندا آهن ـ ۽

۽ ـ هو پگهريل ميڻ بتيءَ وانگر اُجهامي ويندو آهي

نرمل ـ هن جي زندگيءَ جي الاءِ ڪائين عورت هئي.

هر عورت جو بدن هڪجهڙو ٿيندو آهي.

ساڳي خوشبو

پر ـ نرمل ـ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪائنات جا سڀئي رنگ ۽ روپ هيا.

نرمل ـ جيڪا سندس حواسن تي ڇانئجي وئي هئي.

ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ وـ

انيڪ ڏينهن کان پوءِ.

انهيءَ  ئي سَريل جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺي هيائين (جڳن جي بيمار ٿي لڳي) هوـ چپ چاپ سندس پويان اچي بيٺو هو.

 هن، اُڀ جي هن پار ٿي ڏٺو (ڇا آهي اُڀ جي هن پار؟. هڪ ننڍڙو سجايل ـ سنواريل ـ سکيو ـ ستابو گهرندو )

۽ هو چپ چاپ هليو آيو هو ۽ نرمل کي ڪل ئي ڪانه پئي هئي.

هو ـ اُماس راتين ۾ سوچيندو هو  ته ڀلا ڇا ٿي ڏٺو هن، ائين اُڀ جي هن پار ـ

پوءِ گڏيءَ جي برٿ ڊي تي.

ڀاڀيءَ جي بيڊ روم ۾ ؛ کيس اڇي رئي ۾ ويڙهيل سيڙهيل نماز پڙهندي ڏٺو هيائين ـ ايڏي شوق سان ـ ڄڻ خدا کي ڏسندي هجي ۽ هو ـ ڀر ۾ ـ پٽ تي ويهي رهيو هئس ۽ ـ جڏهن سلام واري هن کي ڏٺو هيائين ـ تڏهن، ڏسندي ئي رهي هئي. انيڪ پل ’مون لاءِ به دعا گهر نرمل!‘ ـ زندگيءَ ۾ پهريو ڀيرو ـ ڪيڏي سچائيءَ سان هن روئڻ چاهيو هو، نرمل جي بوٽ تي سر ڌري.

۽ ـ هو ٻنهي هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي ـ ” تون ـ تون ـ هليو وڃ هتان ـ هليو وڃ“ چري ٿي پئي هئي ڇا! (هن اڪيلائپ ۾ سوچيو هو) ۽ نرمل جي انهن انيڪ سڏڪن جي موٽ ۾ هو وکري پيو هو.

”نر ـ مل! ـ سچي، آئون ڏاڍو برو آهيان. ڏس توکي هٿ ٿو ٻڌان (هن هٿ جوڙيا هئا) آئون انهيءَ رات توکي ڏسي ـ الاءِ ڇو وس ۾ ڪونه رهيو هئس ـ تون ـ مون لاءِ ڪائنات جي سڀ کان مقدس عورت آهين ـ نرمل! مون کي معاف ڪندينءَ ـ آئون تنهنجو گنهگار آهيان نه “

”منهنجي ڪنوار نه ٿيندينءَ نرمل!“ هو سچ پچ هن جي اڇي رئي جي پلاند ۾ مُک لڪائي روئي پيو هو  هي ڇوڪريون ايڏو جلد ڇو ڀُرڻ لڳنديون آهن.

ـ نرمل کان پوءِ ـ هن کي سڀ عورتون ڪوڙ ۽ ڌوڙ ڀاسنديون هيون.

پوءِ ـ هوءَ هن کي روئندي ڇڏي ـ روم کان ٻاهر نڪري وئي هئي ـ هو ڀنل اکين سان فرش تي وڇايل مُسلو ڏسندو رهيو هو، جنهن تي هوءَ پنهنجي عبادت جا نشان ڇڏي وئي هئي. ڪيڏو چاهيو هيائين ته انهيءَ مُسلي تي ويهي ـ اهو هڪ گناهه بخشرائي ـ  اهو گناهه جيڪو ، هڪ بيحد اُداس رات، نرمل جي بدن جي سُندرتا، پنهنجي هٿ ـ ريکائن ۾ سجائڻ جي عيوض مليو هئس.

ـ الا ـ ايڏو ـ ڪلاپ

هن لائٽ آف ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪلاڪن تائين دريءَ وٽ سگريٽ پيئندو رهيو هو ( ۽ پل پل ڪري دُکندو رهيو هو) ٻاهر لان ۾. برٿ ڊي مهل سڀني ٿي سندس پڇا ڪئي، هن پنهنجو نانءُ ڪيترا ڀيرا ٻڌو هوـ پر ـ ڪوبه سڏ ڪونه ڏنو هئائين.

لان ۾، ٿوهر جي ٻوٽن وٽ ـ هو سڀني کان الڳ ٿلڳ بيٺي رهي ـ هو چپ چاپ بند دريءَ جي شيشي مان هن کي ڏسندو رهيوـ ڪيترا پل ـ ڪيترا پهر

ـ ۽ پوءِ ـ

نشي ۾ الوٽ

روم ۾ ڦهليل چوڌاري ـسگريٽن جا اڌڙ

ماچس جون تيليون ـ ڪيترو  چاهيو هئائين ته ڪنهن هڪ تيليءَ سان پاڻ ساڙي ناس ڪري ـ زندگي ـ موت

اهو به ته موت هيو ـ زندگي ته اها آهي جيڪا نرمل جي ڇانوَ ۾ گذري.

ڀلا انهيءَ ۾ ڇا هيو جو هن نرمل جي ڪنواري بدن کي (نرمل جي نه چاهيندي به) انيڪ روپ ڏنا هئا. (هي عورتون ـ بدن جي پوترتا لاءِ ايڏيون ڇتيون ڇو آهن ـ پر ـ نرمل ته اڄ به مون لاءِ ـ  ساري لوڪ لاءِ پوتر آهي)ـ ويهاڻي پُسي پيو هئس.

ڀاڻس جي گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين (جتي نرمل جو واسو هو) اُتي متان ڪنهن پل ـ سَريل هيٺ ـ اُمالڪ هوءَ لڀي پوي

۽ ـ پوءِ هڪ رات فون جي ريهه ـ سانت جو سينو چيريندي ـ سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي هئي ـ مُک تاڻجي ويو هئس ـ سَٽ ڏئي ڪريڊل تان رسيور کنيو هئائين.

هُن پار ـ ڀاڀي هيس

”عابد! ـ پليز ـ هينئر ـ هن لمحي ـ هليو آ ـ“ فون جي هُن پار ڀاڀيءَ جو سُڏڪو اُڀريو هو ۽ هو من ئي من ۾ سڄو سَراپجي ويو هو ـ نرمل کي نه ڪجهه ٿيو هجي. هن بن ته هو مري پوندو. ناس ٿي ويندو ـ ”ڇا ٿيو ڀاڀي؟“ جيئن تيئن ڪري اُهي ٽي لفظ اُڪليا هئس.

”نرمل ـ ننڊ جون گوريون کاڌيون آهن“ هوءَ فون تي روئي پئي هئي.

فليٽ جو در کليل ئي ڇڏي ـ لفٽ بدران ـ اٺين ماڙ تان ـ ڏاڪڻين مٿان ڊوڙندو لٿو هو. ڪيتريون ٽيڪسيون ڀرسان لنگهي ويون هئس ۽ هو چؤواٽي تي ـ ڪنهن ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر روئي پيو هو.

هاسپيٽل ۾  ـ نرمل جي سيرانديءَ بيهي ـ جڏهن هن ڏانهس نهاريو هو تڏهن ـ دُور ـ ڄڻ ڪنهن مندر ۾ گهنڊ ٿي وڳا.

”ڪيئن آهين ـ نر ـ مل“. هن الاءِ ڪائون سگريٽ دکايو هو ۽ ـ نرمل اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ شايد هن جو مُک ڪونه پسڻ چاهيو هئائين.

”آئون هن ڀونءِ تي سڀ کان بدصورت شيءِ آهيان نه ـ نرمل“ هو ٻارن وانگر اُداس ٿي پيو هو ـ نرمل جو مُک تاڻجي ويو هو ـ پيلي پئجي وئي هئي، سرءُ جي پيلي پن وانگرـ ”ڇو آيو آهين تون ـ نفرت آهي مون کي تو کان ـ آئي ـ آئي هيٽ يوـ“.

ڪيترا لڙڪ ـ ڪيترا دُک ۽ پيڙائون نرمل جي نيڻن ۾ ڦهلجي ويون هيون.

هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته ڪيترا هاڃا هئا نرمل جي بند اکين ۾

”ڪڏهن به مون سان پيار نه هُيئي ـ نرمل آئي ـ آئي ـ لو ـ يو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“  ٻرندر  سگريٽ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو.

”نه ـ“ نرمل جي اها هڪڙي نه (جنهن ڪڻس پاتال تائين لوڏي ڇڏيو هو)

ٻُڌي ـ موٽي آيو هو ـ ۽ ـ نرمل پڪاريو به نه هئس

۽ هن جي جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ اڻپورا رهجي ويا هئا

ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هو هن وٽ جيئڻ جو ـ هينئر هن لمحي ـ هن پل

زندگي تو بن ـ سنڌ جون ڀٽون ۽ بر آهي

زندگي تو بن ـ اُماس رات آهي نرمل!

تن ڏينهن جڏهن هو هاسپيٽل مان موٽيو هو ۽ نرمل کيس پڪاريو به نه هو

هو نشي ۾ الوٽ پيو هوندو هو

سڄو ڏينهن پنهنجي پاڻ سان پيو وڦلندو هو

وشال نيري آڪاش تي ـ جي ڪو تارو اجهامندو هو ته ـ اهو اجهاڻل تارو پنهنجو پاڻ ڀاسندو هئس ـ تن ڏينهن هن جي پلنگ وٽ پيل Dust bin سگريٽ جي اڌڙن ۽ ماچيس جي تيلين ۽ ڦاٽل ڪاغذن (جن تي هن نرمل لاءِ خط لکي ۽ ڦاڙي ڇڏيا هئا) سان ڀرجي ويو هو ـ تن ڏينهن ـ روز رات جو ـ ڪا نه ڪا عورت بيڊ روم ۾ سجائيندو هو ـ ڪٿي به سڪون ڪونهي ـ نر ـ مل!

هوءَ ـ جيڪا اهو سوچي آئي هئي ته هو هن جو انگ انگ ڦلوريندو ـ سا ڪيڏو هار سينگار ڪري آئي هئي ـ پر هو ـ هن جي اگهاڙي بدن تي ڪنڌ لاڙي روئندو رهيو هو ـ لڙڪ ـ جيڪي عورت جي بدن ۾ جذب ٿيندا ٿي ويا ـ هر لڙڪ جي ڪا ته معنيٰ هوندي آهي ـ ڪو ته نانءُ هوندو آهي.

”ڇو ٿو روئين؟“ هن جي روئڻ تي ـ عورت ڪيڏي ناگواريت محسوس ڪئي هئي.

اگهاڙي بدن تي لڙڪ ته ڪونه لاڙبا آهن ـ اتان ته رنگ چورائبا آهن

پر ـ هو روئندو رهيو ـ

”ڇو ٿو روئين؟“

”مون کي نرمل ٿي ـ ياد اچي ـ“ هو نشي ۾ وڦلڻ لڳو ـ ”هن کي مون سان نفرت آهي نه ـ ان ڪاڻ روئان ٿو ـ نه روئان ڇا؟ ٻڌ! اوهين عورتون ڪپڙن ۾ اندران هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ هڪ جهڙو حسن ڇو ڪونهي ـ اوهين سڀ بڪواس آهيو ـ آئي هيٽ ـ يو ـ“ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ ”تون به جڏهن هتان ويندينءَ ته مون کان نفرت ڪندينءَ نه ـ“ هو سڏڪيو.

هو روئندو رهيو ـ ۽ جڏهن صبح ٿيو هو، تڏهن هوءَ هلي ويئي هئي ـ

ٻيءَ رات ـ هن هڪ ٻي عورت بيڊ روم ۾ سجائي هئي

ڪابه ته نرمل ڪانه نڪتي

سڀ محض عورتون هيون ـ شوپيس ـ سجيل سنواريل

پر نرمل ڪابه ڪانه هئي ـ پر ـ نرمل به ته عورت هئي نه ـ

ڪيترين جون ساڙهيون هن سَٽ ڏئي لاٿيون هيون ـ پر ڪنهن به ته اهو سُڏڪو نه ڀريو هو ـ جيڪو سڄيءَ ڀونءِ تي (هن ڀر کان هُن ڀر تائين) پيڙا جو پڙلاءُ بڻجي گونجيو هو ـ ڪنهن به ته هن کان نفرت جو اظهار نه ڪيو هو.

ـ هو دکندو رهيو.

دکي ـ سڙي ـ رک ٿي ويندو ـ ناس ٿي ويندو

يا ـ هڪ اداس رات ـ گورين لپ ڦڪي مري ويندو

دُور ـ اُڀ مٿي چنڊ ٿو جرڪي

آئون توکي گلاب چپن سان چمڻ ٿو چاهيان

آئون ـ رڻ ۾ جُڳن کان ٿو رلان

پر چنڊ ڪڏهن به ڌرتي تي لهي نه سگهندو

اچ ته ـ هن لوڪ کان دُور

هڪ ننڍڙو گهروندو جوڙيون

جتي ڪوبه پاڻ کي لڀي نه سگهي

اچ ته هڪ ٻي ۾ گم ٿي وڃون

Oh! My friend come back, come back.

ڀاڻس کي ڪيڏو دُک هو سندس نه اچڻ جو

گڏي انيڪ ڏينهن بيمار هئي پر هو ڪونه ويو

نرمل آپگهات ڪيو ـ انيڪ ڏينهن هاسپٽل ۾ رهي ـ پر هو صرف هڪ وار ويو (هاڻ هو ڇا چوي ها ته اهو هڪ وار هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي پيو هو) ٻيو نه ته ڀاڀيءَ جو ئي خيال ڪري ها، جنهن جي هوءَ ڀيڻ آهي.

اسان ـ لوڪ ڪاڻ ٿا جيئون

لوڪ ڪاڻ ٿا مرون

لوڪ سان گڏ نه هلون ته ڪيڏا ڏوراپا گڏ ٿيو پون

هڪ گرم ٻنپهرن جو هو ڀاڻس جو گيٽ اورانگهي اندر گهڙيو هو

ورانڊي ۾ لڳل مني پلانٽ جا پن پيلا پئجي ويا هئا ـ ڪير به نه هو ـ بس ڀت تي ـ هڪ ڪارو ڪانگ ڪنڌ نوايو ويٺو هو ـ موٽي وڃڻ چاهيو هئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com