سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :8

 

سنگاپور _ ڪارڪردگيءَ ۾ سٺو بندرگاهه آهي

ڪمري ۾ اچي ڪپڙا بدلائي سمهڻ جي تياري ڪيم، مرڻينگ ايئرڪنڊيشنر، ڪمري کي نه جهڙو ٿڌو ڪري رهيو هو. اٿي دريون کولڻ جو سوچيم. پردو ريڙهي ڏٺم ته سامهون ڪيپل شپ يارڊ ۽ بندرگاهه جي زردي رنگ جي تيز سوڊيم لائيٽن اکيو ٿي ڪڍيون ۽ ساڳئي وقت خط استوائي ملڪن ۾ ڪمري جون دريون کولڻ معيٰ مڇرن ۽ جيتن جڻين کي گهر ۾ گهرائڻ. پر مٿاهين ماڙ هجڻ ڪري لانگهائو جيتن به اندر جو رخ نه ٿي ڪيو. بهر حال ٻاهر جي تکي روشني ۽ رکي رکي ڦڙين جي ڇاٽ اندر اچڻ ڪري وري دري بند ڪرڻي پئي. ٻئي نمبر نسخي موجب قميص لاهي فقط ڪڇي ۾ سمهڻو پيو ۽ ننڊ کي آڻڻ لاءِ رڍون يا هاٿي ڳڻڻ بدران سنگاپور شهر جو سوچڻ لڳس جتي گذريل ڏهن سالن کان ڪيترائي دفعا آيو هوندس. هن دفعي وقت نه هجڻ جي ڪري ڪيڏانهن به وڃڻ نه ٿي سگهيو، نه ته سنگاپور جي حڪومت سنگاپور کي ڏينهون ڏينهن اهڙو بنائيندي وڃي جو ٻار کان وٺي وڏي عمر جو ماڻهو هتي وندريل رهي ٿو _ گهمڻ ڦرڻ ۾، خريداريءَ ۾، راندين روندين، ۽ فلمن ڊرامن ۾، مذهبي توڙي دنياوي مشغولي ۾.

سنگاپور ملڪ، ٻيٽ، شهر، يا بندرگاهه جيڪي ڪجهه به سمجهيو وڃي _ ان جي بنيادي اهميت بندرگاهه جي ڪري آهي ۽ جاگرافيائي طور اهڙي بيهڪ اٿس جو سندس ڀرسان جهازن جو تمام گهڻو لنگهه ٿئي ٿو ۽ اهڙي بيهڪ جيتوڻيڪ سلون (سريلنڪا)، عدن، پورٽ توفيق، پورٽ سعيد، لاس پاماس، ڪيپ وردي ٻيٽن جي بندرگاهن جي پڻ آهي، پر سنگاپور جي  حڪومت ايڏي ته ملڪ ۽ ماڻهن سان وفادار، گهڻي حد تائين ايماندار، هڏ ڏوکي ۽ محنتي آهي، جو هنن سنگاپور کي اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو آهي، جو اڄڪلهه سنگاپور تمام گهڻو سهڻو، مشهور ۽ امير ملڪ ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن زماني ۾ سلون، عدن جهڙن هنڌن تي وڏي لئه هوندي هئي _ گهمڻ ڦرڻ کان وٺي واپار وڙي ۽ سونهن سوڀيا تائين، پر پوءِ حڪومتون ۽ انهن جا نمونا ڪجهه اهڙا ٿيندا ويا جو ان قسم جا بندرگاهه ور ي اڀري نه سگهيا آهن. سنگاپور جيتوڻيڪ اڄ کان ويهه سال کن اڳ تائين عدن، ڪولمبو جهڙن بندرگاهن کان گهٽ مشهور هو پر هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو ٻيو نمبر مشغول ترين بندرگاهه ٿي ويو آهي. اڄ کان فقط ڏهه ٻارنهن سال کن اڳ سنگاپور ۾ چوري چڪاري ايتري ته هوندي هئي جو سرڪاري بسن تي به چئني قومي زبانن؛ چيني، انگريزي، ملئي، تامل ۾ لکيل هوندو هوته کيسو ڪترڻ وارن کان خبردار ٿجو _ جنهن جو ذڪر مون پنهنجن پهرين سفرنامن ۾ پڻ ڪيو آهي. پر هاڻي حڪومت ڏينهون ڏينهن سنگاپور کي هر لحاظ سان اهڙو ته بنائي ڇڏيو آهي جو ڌاريان ماڻهو هتي ئي سلامتي محسوس ڪن ٿا ۽ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ڌاريان جهاز پڻ هتان ئي سودو سامان وٺڻ اچن ٿا. مثال طور اسان جي ملڪ جي جهازن جو لنگهه ته ايشيا جي ٻين به ڪيترن ئي ٻيٽن ۽ بندرگاهن وٽان ٿئي ٿو، پر ڪسٽم ۽ اميگريش جو ڊگهو طريقو، واپارن ۽ ايجنٽن جي سستي ۽ بدامنيءَ ڪري ٻين ٻيٽن تان سيدو سامان وٺڻ کان لنوائڻو پوي ٿو، يا وري گهربل پنجن شين مان ٻه ملنديون ته ٽي غائب! مصر هيڏو سارو ملڪ آهي ۽ ڀر ۾ ڪيترائي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ اٿس، پر شل نه ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي. تيل وٺڻ لاءِ به پريشان ٿيڻو پوندو آهي، سلون، جبوتي، ممباسا، ويندي ڪراچيءَ جهڙن بندرگاهن ۾ پاڻيءَ جا ٻه اڍائي هزار ٽن خريد ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي ۽ جهاز کي ترسائي ايتري ديرڪرائي وڃي ٿي جو ماڳهين ٻيڻو نقصان، ياڪڏهن جهاز جا خلاصي بيمار هجڻ يا بدلي ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز رستي ٻئي ملڪ موڪلڻو هوندو آهي ته هفتو هفتو اڏام جو بندو بست نه ٿيندو آهي ۽ اهو عرصو ترسڻ لاءِ ڪنهن چڱي هوٽل ۾ ڪمرو ئي نه ملندو آهي. ياڪمرو ملي ويو ته هفتي اندر چوري، کيسو ڪترڻ يا کاڌي ۾ زهريات ڪري بيماريءَ جهڙن وارداتن جو انديشو هوندو آهي. پر سنگاپور حڪومت ۽ عوام هر ڪم سليقي، سٺائي ۽ اڇتائيءَ سان اڪلائڻ جو اهڙو ته سهڻو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جو روزانو سوين جهازن جي اچ وڃ ٿئي ٿي. ۽ سنگاپور دنيا جو ٻيو نمبر مشغول بندرگاهه هجڻ جي باوجود به هر جهاز جي مالڪ کي ائين لڳندو ڄڻ سندس جهاز ڏي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ جهاز جي عملي زبان تان ڪنهن ڳالهه، ڪم، مسئلي جو نالو کنيو ناهي ته ان جو تدارڪ ٿيو ناهي. جهاز تان سنگاپور پهچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سنگاپور جي ايجنٽ کي جيئن ئي تار ڪبي آهي ته فلاڻي ڏينهن شام جو چئين بجي اسان جو جهاز سنگاپور جي پاڻيءَ ۾ پهچي رهيو آهي ته جواب ملندو؛ ”موسٽ ويلڪم پائليٽ پوڻين چئين کان توهان جو منتظر هوندو.“

”چارسؤ ٽن ڪچو تيل، سؤ ٽن ڊيزل آئل، هزار گئلن ليوب آئل ۽ ٽي سؤ ٽن تازو پاڻي کپي.“ جواب ملندو: ”بلڪل تيار ملندو.“

”هڪ جهازي سخت بيمار آهي، ان کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻو آهي ۽ مڙني جهازين کي سندن اڌ اڌ مهيني جي پگهار هتي جي سڪي ۾ کپي، ان لاءِ هيترا هزار ڊالر گهرجن، پر انهن ۾ هيترا سؤ جا نوٽ هيتراپنجاهه جا هيترا ڏهين، پنجين، ۽ هڪ هڪ جا هجڻ کپن.“ جواب ملندو؛ ”بلڪل صحيح آهي اهو به ڪم ٿي ويندو. بي فڪر ٿي هليا اچو.“

پوءِ بندرگاهه ۾ شام جو پهچڻ ڪري جيتوڻيڪ آفيسون بند هونديون پر آفيس جو ايجنٽ ڪنهن به نموني سان بئنڪ کان اسپتال تائين، جهاز جي مرمت کان اسپيئر پارٽ خريد ڪرڻ تائين جي ڪم جو بندوبست ۽ اڪلاءُ ڪرائي وٺندو. بلڪه ڪيتريون شيون ۽ مسئلا بندرگاهه ۾ پهچڻ بعد ياد ايندا يا رونما ٿيندا ته انهن جو به اڪلاءُ سنگاپوري ايجنٽ ڪرائي وٺندو.

سنگاپور ۾ گهڻن جي دلچسپي رهي ٿي

سنگاپور هڪ شهر جيڏو ٻيٽ ۽ ملڪ آهي، پر منجهس ڏهاڪو کن ته رڳو شپ يارڊ آهن _ جتي ننڍا وڏا جهاز ٺهن ۽ مرمت ٿين ٿا. موڪل واري ڏينهن تي به جهاز ۾ خرابي ٿئي ته وقت ضايع ڪرڻ بنا ڪم ضرور ڪري ڏيندا، نه ته دنيا ۾ ڪيترا ملڪ آهن جن ۾ سنگاپور جي شپ يارڊن کان وڏا ۽ پراڻا شپ يارڊ آهن، پر الله نه ڪري جي اتي جهاز خراب ٿي پوي پهرين ته وارو نه ملندو پر جي وارو ملي به ويو ته هڪ ڏينهن جي ڪم کي انگهائي ٽي ڏينهن ڪندا ۽ پوءِ اڌو اڌ چانس هوندو ته سمنڊ تي هلي ويلڊ ٿيل پليٽ وري ٽڙڪي نه پوي يا مرمت ڪيل بيرنگ وري نه گرم ٿي پوي يا وائنڊنگ ڪيل موٽر وري نه سڙي پوي.پر سنگاپور جي حڪومت ۽ ماڻهن ملڪ ۾ ايندڙ جهازين ۽ ٽوئرسٽن کي ڌيان ۾ رکي، ۽ ٻين بندرگاهن جي ڪمزورين مان سبق ۽ فائدو حاصل ڪري پاڻ کي ايڏو ماڊرن ڪري ڇڏيو آهي جو پاڻ به پئسو ڪمائي سکيا ستابا پيا ٿين ته ايندڙ ويندڙ جهازي ۽ ٽوئرسٽ به منجهائن خوش آهن. مثال طور؛ جهاز سان واسطو رکندڙ هرهڪ ماڻهو _ مالڪ کان وٺي جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر تائين اهو چاهيندو ته سندس جهاز جي مرمت سنگاپور ۾ ٿئي، جهاز جو سيدو سامان ۽ تيل پاڻي سنگاپور ۾ ورتو وڃي ان ڪري ڪڏهن ٻئي ملڪ وٽان لنگهندي جهاز کي ڪو مسئلو درپيش ايندو ته، جهازران ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس وارا يڪدم ٽيليڪس ذريعي جهاز وارن کان اهو پڇندا ته اڳيان سنگاپور تائين ڏکيو سکيو پهچي سگهيو ته اتان وڃي مرمت ڪرايو ۽ تيل پاڻي به اتان ئي کڻو.

جهاز کان علاوه جهازين ۽ ٻين مسافرن لاءِ به سنگاپور ۾ مزو آهي جو سنگاپور ۾ هرهڪ جي پسند جي هرهڪ شيءِ ملي ٿي ۽ گهٽ ڊيوٽيءَ ڪري چڱي سستي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻي کپت ڪري دڪاندار ساڳيو فائدو بلڪه وڌيڪ حاصل ڪيو وڃي.پر خريدار لاءِ مزو ٿيو جو هن کي سنگاپور ۾ هرشيءِ سستي پوي ٿي.

ڪوخريداريءَ ۾ دلچسپي نٿو رکي ته هن جي وندر لاءِ سنگاپور ۾ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آهن. مندر مسجدن کان وٺي لئبرريون، جماعت خانا (ڪميونٽي سينٽر) آهن. شراب خانا، بار ۽ پبن کان وٺي مساج گهر، ناچ گاني جا گهر ۽ ٻيا عياشيءَ جا اڏا آهن. وڏن وڏن اميرن، شهزادن ۽ عرب پتي عربن جي سڪون ۽ خاموشيءَ ۾ ننڊون ڪرڻ لاءِ شهر جي گوڙ گمسان اندر ماٺيڻيون هوٽلون آهن. جن جي ڪمري جي روزانا مسواڙ هزارين روپيا آهي _ جيئن ته ڊائنسٽي هوٽل، مينگ ڪورٽ هوٽل، فونيڪس، رئفلس، حايات ريجنسي، پينشولا هوٽل وغيره.

ان کان علاوه هتي جي حڪومت ٻارن توڙي وڏن لاءِ صحتمند وندر ۽ سٺو وقت گذارڻ لاءِ چڙيا گهر، پکين جا پارڪ، مانگرمڇن جا تالاب ۽ ڪيبل ڪار جهڙيون شيون اهڙي ته سهڻي نموني سان ٺاهي ڇڏيون آهن، جو سنگاپور ۾ جنهن کي به وقت ملي ٿو، اهو اوڏانهن ڀڄي ٿو. انهن مان ڪجهه شيون هتي مختصر طور بيان ڪرڻ بي مقصد نه ٿيندو، جيئن هيڏانهن ايندڙ يا نه ايندڙ کي ٿوري ڄاڻ رهي.

هونءَ ته سنگاپور جو سڄو ٻيٽ هالا يا ميهڙ تعلقي جيترو مس ٿيندو ۽ سڄو ٻيٽ هڪ ئي شهر سنگاپور آهي. پر حڪومت سنگاپور جي شهر /ٻيٽ جي مختلف هنڌن کي سڃاڻڻ جي خيال کان کيس ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ هر حصي ۾ چڱاخاصا شاپنگ سينٽر، ماڻهن جي رهائش لاءِ تمام گهڻا ”گهڻ ماڙ “ فليٽ، ڪميو نٽي سينٽر، اسڪول، اسپتالون، راندين جا ميدان ۽ پارڪ ٺهرائي ڇڏيا آهن. جيئن هر هڪ جون گهرجون پنهنجي ئي رهائش واري حصي ۾ پوريون ٿي سگهن. اهڙيءَ طرح ملڪ جي آدم شماري سڄي ملڪ ۾ ٽڙيل پکڙيل رهي ۽ سڀ هڪ هنڌ رئفلس اسڪوائر، ڪلفرڊ پيئر، واري علائقي ۾ ڳهت ٿي نه رهي. مثال طور؛ ڪراچيءَ ۾ ڪورٽن کان وٺي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ پوليس جي هيڊ آفيس، ميونسپالٽي، بندرگاهه، جنرل پوسٽ آفيس، وڏاڪاليج، جنرل ٽيليفونون، ۽ تار گهر وغيره هڪ ئي هنڌ هجڻ ڪري، ڪراچيءَ جي سڄي شهر جو لوڊ فقط بندرگاهه ميڪلو روڊ وارن حصن تي آهي.

سنگاپور جا مختلف علائقا

هاڻ مڙيئي جيڪي نوان علائقا، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، ڊفينس سوسائٽي ٿيا آهن، انهن ۾ ڪجهه ڪجهه سهولتون ۽ رهندڙ جي گهرج مطابق ڪجهه شيون ٺاهيون ويون آهن. سو هتي سنگاپور کي مختلف حصن ۾ ورهائي هر حصي ۾ نئين ڪالوني ۽ ان جي ضرورت پٽاندر شيون ٺاهيون ويون آهن. سنگاپور جي سرڪار اهي نوان علائقا يا بستيون ڪجهه اهڙي اسٽائل ۾ ٺهرايون آهن، جيئن ڪراچيءَ جي شهر ۾ آغاخان (اسماعيلين) جا فليٽس؛ ڪريم آباد، نظاري، حسين آباد وغيره ۾ آهن. اهي هميشه شهر کان پري جتي  اڃا آبادي نه هجي اڏاوت ڪري رهڻ شروع ڪندا آهن. پهرين ڪراچي جڏهن ناظم آباد ۽ لالو کيت تائين هئي ان وقت اڄ جو نارٿ ناظم آباد ۽ ڪريم آباد وارو علائقو ويران هو. آغاخانين اتي پٽ وٺي پنهنجن ماڻهن لاءِ ڪئين فليٽن واريون عمارتون ۽ دڪان ٺهرائي رهڻ شروع ڪيو، هڪ جماعت خانو، اسپتال ۽ ڪميونٽي سينٽر پڻ، نتيجي ۾ اهي هنڌ هڪدم آباد ٿي ويا ۽ پوءِ انهن کي ڏسي ان علائقي ۾ ٻيا ماڻهو به رهڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪراچي شهر اندر اهي علائقا هاڻ ننڍا شهر ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي جيڪا شروع ۾ فقط ڪياماڙي، چاڪيواڙه، کارادر، ميٺادر، ۽ بولٽن مارڪيٽ هئي، سا هاڻ وڃي سپر هاءِ وي سان لڳي آهي _ يعني وڃي ٿي حيدرآباد جي ويجهو ٿيندي. اهڙي طرح اصل سنگاپور شهر فقط ڏکڻ وارو سمنڊ جو پاسو آهي جنهن ۾ آرچرڊ روڊ کان وٺي هاءِ اسٽريٽ، رئفلس اسڪائر، سُرنگون روڊ جو ڪجهه ڏاکڻو حصو، شينٽن وي ڪلفرڊپيئر وغيره اچن ٿا. باقي ٻيٽ جو اتراهون حصو جيڪو اڳيان وڃي ملائيشيا جي سرزمين پُل (Cause _ Way) ذريعي ملي ٿو سو جهنگل، ٽڪرين ۽ دلدل سان ڀريل هو. هاڻ ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ حڪومت هن ٻيٽ جي هڪ هڪ ٽڪر کي صحيح ڪرائي ان تي پنهنجي (سرڪاري) خرچ سان هزارين فليٽ ٺهرائي هر بي گهر سنگاپوريءَ کي تمام گهٽ قسطين تي رهائش لاءِ آڇ ڪئي آهي. اها قسط ڄڻ مسواڙ وانگر ٿي ۽ فليٽ جي قيمت جيترا پئسا پورا ٿيڻ تي اهو فليٽ ان حوالي. فليٽن جي هيٺ يا ڀر ۾  دڪان، اسڪول، اسپتالون، ڪميونٽي سينٽر، وغيره پڻ سرڪار ٺهرائي ڇڏيا آهن جيئن اتي جا رهاڪو ضروري ۽ روزمره جي گهرجن لاءِ پري وڃڻ بدران اتي ئي پوريون ڪري وٺن. ساڳي وقت پراڻي شهر _ يا کڻي چئجي ته شروعاتي شهر واري حصي سان ڳنڍڻ لاءِ رستن جوپڻ ڄار وڇائي ڇڏيو آهي جيئن ڪنهن کي اصلي شهر واري حصي ۾ وڃڻو به پوي ته وقت ضايع نه ٿئي، جو سنگاپورين جو اهو Moto آهي ته وقت پئسو آهي، سو پئسي وانگر وقت کي هر گز اجايو نه وڃائجي.

سنگاپورجي حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ جتي ٻيون سهولتون مهيا ڪيون آهن، اتي هر علائقي جي ماڻهن جي مذهب ۽ زبان جو پڻ خيال رکيو آهي ايتري قدر جوهر علائقي ۾ جتي مسلمان گهڻا آهن، اتي خوبصورت مسجد ٺهرائي وئي آهي. ۽ جتي چيني يا هندو گهڻا آهن ته اتي انهن جو عبادت گهر _ مندر، پگوڊا وغيره ٺهرائي ڏنو آهي. نتيجي ۾ اهي نيون اڀريل بستيون ايتريون ئي ماڊرن ۽ سهولت واريون آهن جيترو شهر جو پهريون / اصلوڪو علائقو آهي.

بهرحال انگ موکيو، ووڊلئنڊس، تمپين، جورونگ ٽائون، بڪت بانوڪ، ٽوئا پايوه، تي سون وغيره سنگاپور جون نيو بستيون /علائقا /ڪالونيون /شهر Town آهن _ جتي هاڻ هر ڪو سهولت آهر شاپنگ ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃي ٿو. ووڊلئنڊس وارو حصو بلڪل ملائشيا جي ڀر وارو آهي جتي بيهي ملائيشيا جي سرزمين ۽ آخري شهر جوهورباروءَ جون ڊگهيون عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون. اتي (ووڊلئنڊس  ۾ ) ملائيشيا جا ماڻهو به اچن ٿا. هوائي جهاز رستي سنگاپور ۾ آيل مسافر گهڻو ڪري آرچرڊ روڊ، هاءِ اسٽريٽ، پيپلس پارڪ وارن پاسن ۾ شاپنگ ڪن ٿا. انڊيا، پاڪستان، يايورپ پاسي کان آيل پاڻيءَ جاجهاز ويسٽ ڪوسٽ پاسي بيهڻ ڪري جورونگ وارو حصو کين ويجهو پوي ٿو ۽ جپان، چين، ڪوريا کان ايندڙ پاڻيءَ جا جهاز گهڻو ڪري سنگاپور ۾ ايسٽ ڪوسٽ پاسي لنگر انداز ٿين ۽ انهن کي چانگي ٽائون ۽ ڪيبل وارو علائقو ويجهو ٿئي.

اڄ کان ڏهه ٻارهن سال کن اڳ چانگي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو ۽ هاڻ نه فقط چانگيءَ ۾ پر سنگاپور جي هر علائقي ۾ جديد پڻو نظر اچي ٿو. سنگاپور ۾ پهرين ٽرئفڪ جام ٿيڻ جو وڏو  مسئلو رهندو هو، ٻيٽ جي اوڀر پاسي کان اولهه ڏي ايندي ويندي وچ شهر /اصلوڪي شهر مان لنگهڻو پوندو هو، جتي ٽرئفڪ جي ڪري وقت ٿي لڳو. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنگاپور وارن گهڻن ئي ملڪن جا عالم انجنيئر گهرايا. آخر جپانين صلاح ڏني ته سمنڊ جو  ڪجهه حصو مٽيءَ سان ڀري ان مٿان سپر هاءِ وي (ايڪسپريس وي) ٺاهيا وڃن. جيئن ٽرئفڪ شهر بدران تيز رفتاريءَ سان سمنڊ مٿان ٺهيل رستي تان هلي وڃي. لکت ۾ ته اهو آسان هو پر سمنڊ کي ڪيئن ڀرجي. ان لاءِ ڀرپاسي ۾ هڪ ٻه جبل هئا جن کي ڊاهي ان جي مٽيءَ سان سمنڊ کي ڀرڻو هو، پر سمنڊ کان پري هجڻ ڪري اهو ڪم ٽرڪن ذريعي ته سالن جا سال کائي ها. ان ڪري سمنڊ ڀرڻ جي اها ترڪيب سوچي وئي ته مٽيءَ کي ٽرڪن بدران رٻڙ جي ڊگهن بيلٽن ذريعي جبل کان سمنڊ تائين آڻجي. اهو جيتوڻيڪ وڏو پروجيڪٽ هو، پر حڪومت ڏٺو ته ان مان فائدو ئي فائدو آهي سو ڪروڙها ڊالرن جي خرچ سان اهو ڪم جپانين کان مڪمل ڪرايو ويو. جتي جبل هئا اتي هاڻ لسو پٽ ڪري رهائش لاءِ وڌيڪ نوان علائقا ٺاهيا ويا آهن. ووڊلئنڊس جهڙن علائقن ۾ ته گهاٽو جهنگل هو جنهن کي ڪٽرائي کيس ماڊرن شهر جو روپ ڏنو ويو آهي. ڪن ڪن هنڌن تي سمنڊ اندر تائين آيو ٿي. اهڙن هنڌن کي ٻاهران بند ڪرائي خوبصورت ڍنڍون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ اڄ ڪلهه مينهن جو مٺو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.

سنگاپور ۾ پکين جو پارڪ

سنگاپور۾ ٻارن ۽ وڏن لاءِ ڪجهه ڏسڻ جون جايون هن ريت آهن؛ جورانگ برڊپارڪ (Jurong Bird Park ) ؛ پڃرن ۾ بند ٿيل مختلف قسمن جا جانور ۽ پکي ته هر هڪ ملڪ جي چڙيا گهر ۾ جام آهن. پر سنگاپور جي جورانگ برڊپارڪ ۾ فقط پکي ئي پکي آهن. ڪي پڃرن ۾ بند ته ڪي آزاد، دنيا جي چند سهڻن پارڪن مان هڪ، هي پارڪ، جورانگ ۾ احمد ابراهيم روڊ تي آهي. جورانگ سنگاپور ٻيٽ جو الهندو حصو آهي. آرچرڊ روڊ کان پارڪ تائين ٽئڪسي ڇهه ست ڊالر کن وٺي ٿي. پارڪ ۾ پکين جو تعداد ٽي هزار کن چيو وڃي ٿو جيڪي چار سؤ کن مختلف نمونن جا آهن. پارڪ جي پکيڙ ويهه کن هيڪٽر ٿيندي. پارڪ جوپٽ سڌو هجڻ بدران جبل ۽ ماٿرين وارو آهي ۽ نهايت خوبصو رت وڻن، ڇٻرن ۽ گلڪارين سان جهنجهيو پيو آهي. منجهس ڪي پکي وڏن پڃرن ۾ آهن ته ڪي ذاتيرا طوطن جهڙا ڳرا ۽ گهٽ اڏام وارا ائين ئي وڻن جي ٽارين تي ڇڏيا ويا آهن. پينگوئن جهڙن ڪيترن ئي ناياب پکين کي هن پارڪ ۾ ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو نه ته اهڙا پکي فقط ”نئشنل جاگرافڪ“ رسالي جي صفحن تي ڏسي سگهجن ٿا يا خواب ۾ . اهڙا رنگين وڏاطوطا _ چهچ ڳاڙهي، اڇي، ڪارسري، رنن جا يا وري قسمين قسمين جيئرا جاڳندا عقاب، باز ۽ ٻيا پهاڙي پکي گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن آسمان ۾ يا باغن ۾ اڏامندي مون ته نه ڏٺا آهن. (ڪنهن اهڙي پکيءَ مونکي واٽ ويندي ڏٺو هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي.) هي پارڪ ٻارن لاءِ نهايت ئي دلچسپ آهي ۽ ڪو ٻارن سان گڏ سنگاپور اچي ته ان کي هي پارڪ ضرور ڏسڻ کپي، پوءِ جي سندس دل پکي ڏسڻ تي نه چوي ته ڀلي نه ڏسي ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڏئي ته اڏامندڙ پکي پيا ڏسن.پاڻ اسڪرٽن ۽ گوڏين ۾ چيني ۽ ملئي ڇوڪريون ويٺو ڏسي. هونءَ باٽني ۽ زولاجي جي شاگردن کي هن پارڪ جا جهونا ۽ ناياب وڻ ٻوٽا پڻ پسند ايندا.پارڪ ۾ هڪ اهم شيءَ اها به آهي جو هن ۾ رات وارا پکي پڻ آهن. يعني اهي پکي جيڪي ڏينهن جو ته ڊٺل جاين، اونداهين چرن ۽ پراڻن وڻن جي ڏارن ۾ لڪي ننڊون ڪن ٿا، پر سج لٿي کان پوءِ اوندهه ٿيڻ تي سندن چرپر شروع ٿئي ٿي.

مثال طور؛ چٻرا، چڪور، چمڙا وغيره. انهن پکين جاڪيترائي نمونا هلڪي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ پڃرن ۾ رکيا ويا آهن ۽ ڏسندڙن واري پاسي انهن پڃرن اڳيان ٿلهو شيشو ڏنل آهي. جيئن ڳالهائڻ جوآواز به هنن تائين نه پهچي. هنن پکين جو ڦوٽو ڪڍڻ تي بندش آهي ڇو جو ڪئمرا جي فليش تي هو ڊسٽرپ ٿي سگهن ٿا. سج لٿي کان پوءِ جيئن ئي پارڪ بند ٿئي ٿو ته انهن پکين جي پڃرن جو بتيون ٻاري ڏينهن ڪري ڇڏين ٿا.جيئن جو پڃرن ۾ اڏا مڻ بدران هڪ هنڌ ڪنڊ پاسي ۾ سُمهي رهن.

پارڪ کي بين الاقوامي ٽچ ڏيڻ لاءِ (Asean) ملڪن جي پکين کان علاوه ٻين ملڪن جا پکي پڻ رکيا ويا آهن. جيئن ته اڇي ڪلنگيءَ وارو کلڻو پکي، آسٽريلين EMU، تائيوان جو مئگپائي پکي، پيڪنگي (چيني) ابابيل، برازيلي رابن، جپاني بنتام، نيو گني جا مختلف ڪاسووري پکي، ملئي عقاب ۽ چٻرا ۽ ڏکڻ جا پنگئن پکي، وغيره وغيره. هڪ هنڌ ڳيرا به چڳي رهيا هئا، جن کي پاڻ بختيارپور يا بوبڪن جا ڳيرا چئي سگهون ٿا.

مون هي پارڪ گهڻو اڳ ڏٺو هو جڏهن هڪ دفعي مرمت لاءِ جهاز کي سنگاپور آندو ويو هو. تڏهن هن پارڪ جي شايد ٽڪيٽ نه هئي، پر هاڻ ٻڌجي پيو ته وڏي ماڻهوءَ جي ٽڪيٽ ساڍا ٽي ڊالر ۽ ننڍي ٻار جي ڏيڍ ڊالر کن رکن ويئي آهي. فوٽوءَ لاءِ ڪئميرا کڻي وڃڻ جي ڊالر يا اڌ کن ٻي آهي.

سنگاپوري طوطا سڪرات ۾ هئا

ڪئميرا تان ياد آيو ته هن پارڪ جو هڪ هنڌ سڄو ڄاريءَ سان ڍڪي  هڪ وڏو پڃرو Walk in Aviary ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڪئين سوين وڻ پڻ اچي وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي هلڻ لاءِ رستا ۽ پليون پڻ ٺاهيون ويون آهن. ڄاري ٻه سؤ کن فوٽ مٿي لڳل آهي انڪري پکي آزاديءَ سان هن وڏي پڃر ي منجهه اڏامي وڻن تي ويهن، بيضا لاهين ۽ ٻچا ڪن. هڪ وڏو هٿرادو هٿرادو آبشار، پاڻيءَ جو واٽر ڪورس ۽ ڍنڍ پڻ ان پڃري اندر ٺاهي ويئي آهي جيئن پاڻيءَ جا پکي پڻ آزادي سان ان محدود ٽڪري ۾ هلي چلي سگهن. چوڌاري وڏو گاهه ۽ گهاٽا ٻوٽا ۽ ٻوڙا پڻ آهن، جن ۾ تترن جهڙا پکي پنهنجائي محسوس ڪري سگهن. هن وڏي پڃري Walk in Aviary ۾ پکين جو ايڏو ته وڏو تعداد آهي (رڳو مور ڊيلون ئي سؤ کن آهن) جوجتان لنگهه رستي جي ڪپرن تي، وڻن تي، گاهن مٿان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي قسمن جا پکي لاتيون لوندي نظر ايندا. سندن کاڌو خوراڪ ماڻهن جي لنگهڻ واري رستي ڀرسان ئي رکن ٿا، سو لنگهندڙ انهن پکين کي بلڪل ويجهڙائيءَ کان ڏسي سگهن ٿا. پکي به هري ويا آهن ۽ ماڻهن کي ڏسي اڏامن نٿا. سو اتي ان پکين جي پڃري Aviary ۾ ڏٺم ته هڪ آمريڪن ڪئميرا تي وڏا وڏا لينس هڻي هڪ ڊگهي اسٽينڊ تي ڪئميرا بيهاري تمام سنجيدگي ۽ غور سان هڪ هڪ پکيءَ جو فوٽو ڪڍي رهيو هو. مون کي اوچتو ڌيان اچي ويو ته نه ڄاڻ هي ڪنهن رسالي جو فوٽو گرافر نه هجي. نيٺ هڪ هنڌ پارڪ جي هوٽل ۾ چانهه تي گڏ ويهڻ وقت پڇيومانس ته کلي هائوڪار ڪيائين ۽ ان آمريڪن رسالي جو نالو ٻڌائي چيائين ته هن کي ان رسالي وارن نيويارڪ کان هيڏانهن خاص ڪري ان لاءِ موڪليو آهي ته وڃي ملائيشيا، برما، انڊونيشيا ۽ پاپئانيوگني جي جهنگلن ۾ اتي جي پکين جا فوٽو ڪڍي اچي. سو اتي جي  جهنگلن ۾ ڀٽڪڻ بدران هن اتي جي پکين جو هتي فوٽو ڪڍڻ جو هي آسان طريقو ڪڍيو آهي. ”باقي ڏينهن آئون هتي هوٽل ۾ آرام ڪندس. رسالي جي ايڊيٽر يا پڙهندڙن کي ڪهڙي خبر ته هي فوٽا پڃرن ۾ رهندڙ پکين جا آهن يا برما جي  جهنگلن جا.“ هن ٻڌايو.

پکين جو هي پارڪ ايڏو وڏو آهي جو جيڪو صبح جو جاگنگ نه ڪري آيو هجي، اهوئي ويٺو کڙيون هڻي. سڄي پارڪ کي ڏسڻ لاءِ پارڪ طرفان ٽرام ڪارون پڻ هلن _ جن کي ٽريڪٽر ڇڪين. اهي ”ٽرام ڪارون“ ڊالر جي ٽڪيٽ تي سڄي پارڪ جو سير ڪرائين.

روزانو پارڪ ۾ شام جو ٽي بجي ڌاري پکين جو شو _ کليل تماشو مفت ڏيکارين، جنهن ۾ ڳرا ڳرا پکي هارن بل Horn _ Bill جهڙا ۽ ڳاڙهن اڇن پوڙهن طوطن جهڙا ”ائڪٽر پکي“ ڪرتب ڪري ڏيکارين. مثال طور طوطن ۾ ڪو باسڪٽ بال کيڏي، ڪو توب هلائي، ڪو سائيڪل جي سواري ڪري، ڪو جهنڊو چاڙهي، ڪو راڪٽ ذريعي چنڊ تي مٿي وڃي واپس ڌوپ ڇٽيءَ ذريعي موٽي، ڪو ڪيبل ڪار ۾ چڙهي ڏيکاري. ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه اڃا به گهڻا ۽ نوان نوان ڪرتب ڏيکاريندا هجن جو ٻه چار سال اڳ جڏهن مون اهو شو ڏٺو هو ته ڪرتب ڪندڙ طوطن مان ٻه چار ذري گهٽ سڪرات جي ويجهو هئا ۽ ايڏو وزني ۽ پوڙها ٿي چڪا هئا، جو کائن هنن کان اڏامڻ ته ڪونه ٿي پڳو پر هلڻ کان به هلاڪ هئا.

ڪرتب ڏيکاريندڙ همراهه جي پهرين سڏ تي مجال آهي ڪو طوطو پڃري يا ڇڪي مان لهي اچي. پوءِ ٻئي يا ٽئي سڏ تي ”جاني“ (نر طوطي جو نالو) ۽”ملاڪا“ (مادي طوطيءَ جو نالو) هڪ پراڻو رکيل ٿڙ جي ٻر مان نڪري پهرين ٽپ ڏيئي ٽيبل تي ٿي لٿا. پوءِ ڪرتب ڪندڙ همراهه وٽ پهچڻ لاءِ  اڏامڻ بدران ٻرانگون ڀري ”واڪ“ ڪري ٿي ويا. سو ظاهر آهي ٽي چار سال اڳ جا اهي پوڙها جاني ۽ ملاڪائون ته هينئر تائين مرحوم ۽ مرحياتون ٿي چڪيون هونديون.

هي پارڪ صبح جو نائين کان ڇهين تائين کليل رهي ٿي ۽ سنگاپور جي بس نمبر  250 شهر کان پارڪ تائين وڃي ٿي.

سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار جو ڪِرڻ

ڪيبل ڪار منهنجي خيال ۾ اهڙي تفريح آهي، جنهن ۾ نه فقط ايشيائي ملڪن جا پر يورپ، آمريڪا، آسٽريليا جا ٽوئرسٽ پڻ چڙهن ٿا. ڇو ته گذريل سال انهن ڪيبل ڪارن جو رسو (Cable) ٽٽڻ ڪري، ڪيبل ڪار جا جيڪي مسافر مري ويا هئا، تن ۾ اڌ کان وڌيڪ آمريڪن ۽ آسٽريلين هئا.

ڪيبل ڪار هڪ ننڍڙي ڏولي ڇهه کن ماڻهن جي ويهڻ جيتري ٿئي ٿي، جيڪا تمام مٿي بلنديءَ تي ڇڪيل لوهي رسي تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين گهرڪي هلي. جن ملڪن ۾ جبل ٿين ٿا اتي هڪ جبل جي چوٽيءَ کان ٻئي جبل جي چوٽيءَ تائين اهي ڪيبل ڪارون هلن. جيئن جپان ۽ سئٽزرلئنڊ پاسي. پاڻ وٽ اسلام آباد ايوبيه ۾ آهي. هتي سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار سنگاپور جي وڏي ٻيٽ کان مسافرکڻي سمنڊ ٽپائي ٻئي پاسي سينتو سا نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي وڃي لاهي ٿي. سنگارپور پاسي هيءَ ڪيبل ڪار مائونٽ فيبر _ فيبر جبل تان شروع ٿئي ٿي _ جيڪا سندس پهرين اسٽيشن سڏجي ٿي. اها فيبر روڊ تي آهي. شهر کان ڏهه پندرهن منٽن جو مفاصلو آهي ۽ ٽئڪسي جو ڀاڙو پنج ڇهه ڊالر ٿئي ٿو. هونءَ شهر کان ڪيتريون ئي بسون پڻ وڃن ٿيون. جيئن ته ڏهون، ويهون، ٽيهون، ايڪٽيهون ۽ هڪ سؤ پنجويهون نمبر بس. فيبر جبل جي چوٽيءَ تي فقط بيهي سڄي سنگاپور ٻيٽ ۽ ڀر پاسي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ئي هڪ دل لڀائيندڙ شيءِ آهي. پر ڪيبل ڪار ۾ ويهي سنتوسا ٻيٽ تائين وڃڻ ۾ اوسي پاسي جو ٻين ننڍڙن ٻيٽن ۽ چوڌاري سمنڊ جو نظارو غور سان ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هونءَ ته سنگاپور پاڻ به هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. پر سندس اوسي پاسي ان کان به ننڍا ننڍا _ ڪي ته کٽ جيڏا به، چوونجاهه ٻيٽارا آهن. ان کان علاوه ڪيبل هڪ اهڙي هنڌان به لنگهي ٿي، جنهن هيٺان سمنڊ جو اونهو چئنل آهي ۽ پاڻيءَ جا وڏا جهاز سنگاپور ڏي ايندا ويندا نظر اچن ٿا. ڪيبل ڪار وارو رسو جهازن جي کوهن کان گهڻو مٿي ڇڪيل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جهاز جا کوها وڏا آهن ته ان کي هن پاسي کان لنگهڻ جي اجازت نه آهي. پر گذريل سال هڪ دردناڪ حادثو ٿيو.مرمت لاءِ هڪ جهاز  (Antiwetok نالي) جنهن جا پنهنجا کوها (Masts) هتان لنگهڻ وقت اتاهان نه هئا، سو ڪيبل ڪار جي رسن هيٺان 1981ع ۾ لنگهي سنگاپور جي ڪيبل شپ يارڊ ۾ ويو. مرمت کان علاوه پروگرام موجب هن جهاز ۾ ڪيتريون ئي وڏيون رتوبدليون Conversion پڻ ٿيون، جيئن ئي هو ٻئي ڪارگو کان علاوه ڊرلنگ مشينون (سمنڊ تي تيل کوٽڻ جا اوزار ۽Rigs) پڻ کڻي سگهي بهرحال اهو ڪم ائين هو جيئن گهر جو ڪجهه حصو ڊاهي، ڀتيون ۽ ڇتيون مضبوط ڪري ماڙ اڏائجي. اهو ڪم ٻه سال کن هلندو رهيو ان بعد جڏهن جهاز شپ يارڊ (ورڪشاپ) مان نڪتو ته هڪ ته ان جي اوچائي ٿوري وڌيل هئي، جيڪا لهندڙ وير (Ebb) ۾ ڪيبل ڪار جي رسن کي بلڪل نه ڇُهي سگهي ها، پر جهاز جنهن وقت لنگهي رهيو هو ان وقت  High _ Tide وڏي وير چڙهيل هئي جنهن ڪري جهاز ڪجهه مٿڀرو ٿي ويو ۽ سندس کوها ڪيبل ڪار جي رسيءَ ۾ وچڙي پيا، جهاز جيئن جيئن اڳيان رڙهندو ويو تيئن تيئن رسو ڇڪبو ويو ۽ آخر گهڻو سيٽجڻ ڪري وڍجي پيو ۽ ست کن ڪيبل ڪارون جيڪي ان وقت هلي رهيون هيون هيٺ ڪري پيون. ڪي سمنڊ ۾ ڪريون ته ڪي سنگاپور جي رستن ۽ گهاٽن وڻن ۾ ٽڙي پکڙي ويون. جيتوڻيڪ مدد لاءِ هڪدم فائربرگيڊ، هيليڪاپٽر، ۽ اسپيڊ لانچون پهچي ويون، پر ان هوندي به ست ماڻهون اڦٽ مري ويا ۽ تيرهن سخت زخمي ٿي پيا. هڪ ننڍو ٻار جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ اچي ڪريو پر هيليڪاپٽر ذريعي ان کي ٻڏڻ کان بچايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: