سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :10

مٿي  جي سُور لاءِ سنگاپور ۾ دوا

”سو هاڻ دل ۾ سوچ ۽ پنهنجي گهر وارن سان به صلاح ڪر، جي بهتر سمجهين ته سڀاڻي پرينءَ هتان سنگاپور کان ٽئڪسي ذريعي ملاڪا هليو وڃ. ڇو جو ملاڪا پهچي نوڪريءَ لاءِ واسطيدار عملدارن سان آمهون سامهون ملندين ته نوڪري اتي جو اتي ملي ويندئي، نه ته پوءِ انتظار ڪرڻو پوندئي، جيسين هتي جي حڪومت پنهنجا نمائندا انٽرويو وٺڻ لاءِ پاڪستان موڪلي. جيئن اسان کي ان ڪري سال کن انتظار ڪرڻو پيو هو.“

”اسان جو دراصل پرينءَ هتان جهاز Sail پيو ڪري.“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو ۽ ان مونجهاري ڪري في الحال ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيو.

”جهاز کي ڏينهن ٻن لاءِ ترسائي نه سگهندين؟“ مون پڇيو مانس.

”سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪلاڪ ٻه به ليٽ ڪرائي نه ٿو سگهان جو شيڊول ايڏو ٽائيٽ آهي. جو سنگاپور بندرگاهه وارائي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍندا ۽ هوڏانهن ڪراچيءَ به پوري وقت تي پهچڻو آهي.“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو.

”پوءِ ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ يا پورٽ ڪلانگ ۾ اچين ته اتان ملاڪا ڪار ذريعي هليو اچجانءِ.“ مون صلاح ڏني مانس.

”اهو ته سڀ صحيح آهي پر بدقسمتيءَ سان هينئر موٽندي وقت اتي ترسڻو ناهي،“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو. ”بس رڳو ڪولمبو ۾ ٻارنهن ڪلاڪ کن ترسي پوءِ ڪراچيءَ پهچڻو آهي.“

”پوءِ!_“ مونکي پڻ سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو.

”آئون سڀاڻي صبح جو واندو آهيان سو ٽئڪسي ڪري ملاڪا هليو ٿو وڃان ۽ نوڪريءَ لاءِ رضامندي ڏيکاري اچان ٿو.“ رشيد پروگرام رٿيو.“

”اهو ته پاڻ سٺو آئون هتان سنگاپور کان شام ڌاري نڪرندس سو ملاڪا پهچندي رات ٿي ويندي. تون اسان جي گهر وڃي آرام ڪجانءِ. گهر جي ڪنجي گارڊ روم مان منهنجي نالي وٺجانءِ. آئون کين فون ڪري ڇڏيندس. باقي ڪمرن جون چاٻيون در مٿان ملندءِ. کائڻ پيئڻ جو ڪجهه نه ڪجهه سامان ڪچن مان ملندءِ. نوڪريءَ لاءِ ضمانت گهرن ته منهنجو ۽ آصف جو نالو ڏجانءِ.“ مون سمجهايو مانس ۽ وڌيڪ خبرون روبرو يا خط ۾ لکڻ جو پروگرام رٿي موڪلايو سين.

ٽيليفون ڪري بس ڪيم ته ان وقت سامهون ڪئپٽن ذوالفقار ۽ آصف تي نظر پئي.

”ڪريو خبر هاڻ پيا موٽو ڇا؟“ مون پڇيو مان .

”بس يار دير ٿي ويئي، تنجم پگار ۾ ننڍيون وڏيون هوٽلون بند ٿي ويون هيون. پوءِ اهو شينٽن وي ڏيئي ڪلفرڊ پيئر تان وڃي نڪتاسين، تون ڪر خبر؟“

”مون توهان جي ڳولا۾ پوليس اسٽيشن فون پئي ڪيو،“ مون وراڻيو مان ۽ پوءِ ڪئپٽن رشيد ابڙي جي فون جي خبر ٻڌايم ته هو ملائيشيا اچڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. اهو ٻڌي هو به خوش ٿيا ۽ وڌيڪ خبرون ٻئي ڏينهن لاءِ رکي رات جا باقي بچيل پهر سمهڻ لاءِ لفٽن ڏي وڌيا سين.

ننڊ ته ايندي ايندي اکين مان وري هلي وئي هئي. ڪمري ۾ پهچي اهو محسوس ڪيم ته شام کان پيل مٿي ۾ سو ر اڃا جان نه ڇڏي هئي. سو وري پويان پير ڪري مٿي جي سو ر جي ڪا گوري وٺڻ جي لاءِ هيٺ چيني ڪلارڪ وٽ آيس جنهن هڪ ننڍڙو هٽڙو _ ڪتابن، چاڪليٽن ۽ سگريٽن جو پڻ هلايو پئي. ان وقت پاڻ مشغول هو. ڪنهن جهاز جا فلپينو جهازي سنگاپور جي ڪنهن سستي پب (شراب خاني) مان ٿڙندا ٿاٻڙندا دخل تي پنهنجن ڪمرن جون چاٻيون وٺي رهيا هئا. ان وقت آفريڪي ملڪ جا ٻه شيدي جهازي ٽئڪسي مان لٿا. هو سنگاپور ۾ ڪنهن بيٺل يا ڏينهن ٻن ۾ پهچڻ واري جهاز تي نوڪريءَ لاءِ پهتاهئا. ڪمرا سڀ ڀريل هئا سو پوڙهي چيني ڪلارڪ کين واءِ. ايم. سي. اي ۽ ٻين اهڙين رهائشي جڳهين ۽ هوٽلن جا نالا پئي ٻڌايا، جتي دنيا جي جهازين کي گهٽ اگهه تي رهائش ملي ٿي.

انهن کان واندو ٿيو ته مون مٿي جي سور لاءِ ڪنهن گوريءَ جي گهر ڪئيمانس، ائسپرو، ڊسپرو، پئراسٽال، ساريڊان، انجلين، پئناڊال، _ مون ٽي ويءَ تان وقت به وقت ٻڌل اشتهاري گورين جا نالا ياد ڪري پڇيو مانس. پر پوڙهي وٽ ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي! اهي گوريون ته آسٽريليا کان آمريڪا جي شهرن تائين، وچ آفريڪا کان ڏور اوڀر جي ملڪن تائين جتي ڪٿي ملن ٿيون. کنڊو، کپرو، کوسن جي ڳوٺن کان وٺي مڪي، ميامي، ۽ مدراس شهر جي دڪانن تي به ملن ٿيون. اچي اچي هتي نه. نيٺ چيو مانس؛ ”ڪجهه ته هوندءِ جنهن سان مٿي جو سُور لهي _ ڪا ستي ڦڪي يا ڪو ٻورو چورو. ڪو خاڪو خمير يا ڪو بام ترياق؟“

ان تي هن هڪ ننڍڙي بام جي شيشي ميز جي هيٺئين خاني مان ڪڍي منهنجي حوالي ڪئي. شيشي جي مٿان واگهه Tiger جي شڪل ٺهيل هئي ۽ مٿانئس ٽائيگر بام لکيل هو.

”بس بس مهرباني!“ کانئس جڳ مشهور ”ٽائيگر بام“ وٺي پنهنجي ڪمري ڏي موٽيس.

ٽائيگر بام ۽ گارڊن

ٽائيگر بام لاءِ مشهور آهي ته اهو ڪيترن ئي مرضن لاءِ يڪ ٽڪ علاج آهي. مٿي جي سور کان وڇونءَ جي ڏنگ تائين، سنڌن جي سور ۽ رهنڊ رانڀوٽي کان وٺي ٿڌيل ڇاتي ۽ بند ٿيل نڪ جي علاج لاءِ ورهين کان هي بام هلندو اچي. جنهن جا اشتهار ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن، رسالن، ٽي وي، فلمن ۽ ڀتين تي نظر ايندا. گڏيل هندستان تائين _ بلڪه ان کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين اهو بام ۽ ڪمپنيءَ جون ٻيون به ڪجهه دوائون پاڪستان ۾ هلنديون رهيون. اڄ به ٽائيگر بام ۽ ان ڪمپنيءَ جون ٻيون به ڪجهه دوائون پاڪستان ۾ هلنديون رهيون. اڄ به ٽائيگر بام جا ڪجهه پراڻا اشتهار ريل لنگهندي وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي نظر اچن ٿا. سنڌي هندن جي گهرن ۾ اهو تمام گهڻو استعمال ٿيندو هو جو هندو واپاري ولايتن مان موٽڻ وقت سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملايا، انڊونيشيا، برما جهڙن ملڪن مان اهو ننڍڙي دٻيءَ وارو، اڇي رنگ جو تکي خوشبوءَ /بدبوءَ وارو بام گهرو علاج لاءِ وٺي ايندا هئا. اڃا جڏهن ته انگريزي دوائن ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ نه وري اهي اڃا عام ٿيون هيون ته هي بام ئي گهر جي اهم ضرورتن مان هڪ سمجهيو ويندو هو. اڄ جڏهن ته انگريزي دوائون اوج تي پهتل آهن تڏهن به هي بام _ ملڪن مان سڀ کان گهڻو سنگاپور ۾  ۽ قومن مان سڀ کان گهڻو چين ۾ ۽ ٻئي نمبر تي ملئي ۽ تامل ماڻهن ۾ گهڻو مشهور آهي ۽ هن صديءَ جو وڏو حصو، هن دوا، مريضن کي آرام پهچايو هجي يا نه، پر هن بام ملڪن کي چڱو ناڻو ڪمائي ڏنو آهي. هي بام ماڻهن جي ڏاٺن جي سور، مٿي جي سور، کنگهه، سي سڪنيس جو علاج ڪري سگهيو هجي يا نه پر بام جي ايجاد ڪندڙ /ٺاهيندڙ ملڪن جي غربت جو علاج ضرور ڪيو آهي.

لونگن ۽ جَوَ هَرَ جي تکي خوشبوءَ جهڙي هن بام(ٽائيگربام) جي نالي سان سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ هڪ باغيچو _ ٽائيگربام گارڊن _پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي سنگاپور ۾ اچن ٿا. هن باغ ۾ وڻ ٽڻ ۽ سهڻن ٻوٽن کان علاوه چيني، ديومالائن،Mythology جا هوبهو ساڳي قد ڪاٺ جا جانور ٺهيل آهن. باغ ۾ گهڙڻ سان ئي هڪ واگهه Tiger وڏي بلا (اجگر) کي کائڻ لاءِ تيار نظر ايندو _ جيڪا غمن، مشڪلاتن ۽ ڏکن جي علامت آهي. هڪ حوض ۾ ماڻهو ڄار سان جل _ پريون ڦاسائيندو نظر ايندو ۽ ٻيا به ڪيترائي پرين جي قصن جا پٿر ۽ سيمنٽ جا ٺهيل جانور نظر ايندا.

سنگاپور وارو”ٽائيگر بام گارڊن“ پاسر پنجانگ روڊ تي آهي ۽ وچ شهر کان ڏهين، ٽيهين، هڪ سؤ ٽيتاليهه، هڪ سؤ پنجيتاليهه ۽ ٻه سؤ نمبر جون بسون چائنا ٽائون ۽ويسٽ ڪوسٽ واري رستي کان ٿينديون اتي پهچن ٿيون. باغ ۾ داخلا لاءِ ڪابه في، ٽڪيٽ رکيل ناهي ۽ صبح جونائين کان شام جو ڇهين تائين پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ کليل رهي ٿو.

ڏور اوڀر جي ملڪن جي هيءَ عومي دوا ۽ باغيچي جو ايجاد ڪندڙ ۽ ٺاهيندڙ ”آ_ بون _ ها“ (Aw Boon _  Haw ) نالي هڪ چيني هو جنهن پنهنجي اڏايل سلطنت جو پايو رنگون شهر کان وڌو. رنگون شهر برما جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جتي آخري مغل شهنشاهه،بهادر شاهه ظفر پڻ دفنايل آهي.”ٽائيگر بام سلطنت“ جي مالڪ ”آ_ بون _ ها“ جو پيءَ اصل چين جي فجيان Fujian علائقي کان لڏي برما 1870ع ۾ آيو، جتي هن پيٽ قوت لاءِ چيني دوائن جو هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. 1880ع ۾ هن House of Tiger جي نالي سان مختلف قسمن جون دوائون هلائڻ شروع ڪيون. 1883ع ۾ هن کي پهريون پٽ ڄائو جنهن جو نالو  Boon Haw (طاقتور واگهه) رکيائين. واگهه (ٽائيگر) هن پاسي ڏي، يعني ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي، چينين جي عقيدي موجب تمام اهم جانور سمجهيو وڃي ٿو. چئن سالن بعد کيس ٻيو پٽ Boon _ par (طاقتور چيتو) ڄائو. پوءِ هنن ٻن ڀائرن اڳتي هلي ٽائيگر بام جي نالي سان محل محلاتون ۽ ايتري کڻي ملڪيت ٺاهي جو سنگاپور جي تاريخ ۾ هي گهراڻو امير ترين سڏجڻ لڳو. سندس ٽريڊ مارڪ ٽائيگر کان ايشيا جي ڪروڙها ماڻهو واقف ٿي ويا. سندن پيءُ 1908ع ۾ ئي مري ويو، جڏهن هي ڀائر ايڪويهن ۽ پنجويهن سالن جا ٿيا هئا.سندس مري وڃڻ کان پوءِ جيڪو هلڪو ڦلڪو اباڻو ڌنڌو هو سو هنن ڀائرن جي هٿ ۾ آيو. ٻنهي ڀائرن جي شخصيت ڪجهه اهڙي آڌار ڀري هئي، جو هڪ ٻئي جي مدد سان ڏينهون ڏينهن ڌنڌي کي وڌائيندا ويا.

چيني ۽ مغربي طب جي اصولن ۾ ٻنهي جو گهڻو مطالعو ۽ مشاهدو هو ۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي چيني ۽ برمي دوائن جي نسخن کان چڱي طرح ڄاڻو هئا سندن پهرين ايجاد ٽائيگر بام هو، جنهن کين ايترو ته ڪمائي ناڻو ڏنو جو سنگاپور ۽ باليءَ کان جاوا ۽ سماترا تائين، هندستان ۽ مالديپ ٻيٽن کان برما ۽ چين تائين ناڻي جون خرجينون ڀرڻ لڳا.

ٽائيگر بام ۾ بنيادي شيون جوهر Menthol ، چندن، ڪافور Camphor ميڻ ۽ جيلي Vaseline آهن. باقي ٻيون اهم شيون ڳجهيون رکيون ويون آهن ۽  جيتوڻيڪ بام ٺاهيندڙن ڪڏهن به لکت ۾ يا زباني ان ڳالهه جو اقرار نه ڪيو، پر هن تر جا ماڻهو _ خاص ڪري چيني سمجهن ٿا ته هن بام ۾ ٽائيگر (شينهن) جي جسم جاڪجهه پيٺل حصا پڻ پيل آهن ۽ چيني لوڪ ڪهاڻين مطابق ٽائيگر کي قدرت طرفان اها غير معمولي طاقت مليل آهي، جو هو پنهنجي شڪل بدلائي هر قسم جي دشمن کي مات ڏئي سگهي ٿو. سو جتي ”ٽائيگر“ جي نالي پٺيان ماڻهن جو ايڏو انڌو عقيدو هجي اتي دٻلين ۾ ٺلهي خاڪ به مڪمل شفا نه ته مريضن کي گهڻو ڪجهه تسلي ۽ سڪون ڏئي سگهي ٿي. ٽائيگربام دوا مان اڻ ميو ناڻو ڪمائڻ بعد هنن ڀائرن ٻيون به ڪيتريون ئي دوائون ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيون.

1926ع ۾ ٻئي ڀائر رنگون ڇڏي سنگاپور لڏي آيا، جتان سندن دوائون سولائيءَ سان ڏورانهن هنڌن تي پهچڻ لڳيون. پاڻ دوائن جي پهرين فئڪٽري اينگ _ اون _ ٽانگ (هميشه سڪون وارو گهر) جي نالي سان ”چائناٽائون“ جي وچ ۾ نيل روڊ تي ٺهرايائون جتي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سستي اگهه تي چيني مزور مليا ٿي. چين ۾ غربت ڪري اتان ٿورا ٿورا ٿي چيني ماڻهو سنگاپور ۽ ٻين اوسي پاسي وارن ملڪن ۾ پورهئي خاطر اچي رهيا هئا ۽ جيئن ته جهازراني ۽ واپار وڙي ڪري سنگاپور ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو هو، سو هي ڀائر سولائيءَ سان پنهنجون دوائون هند، سنڌ، بنگال، بهار کان وٺي سريلنڪا، جاوا، سماترا، فلپين، سيليبس، بورنيوبرونائي، ۽ هانگ ڪانگ چين تائين موڪلڻ لڳا. ۽ پوءِ ويندي ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ڏي ۽ اڳتي هلي يورپ ۾ به هنن جون دوائون مشهور ٿي ويون.

۽ هاڻ جيئن ئي سندن واپار دوائن جي سامان ۾ پڪو ۽ ٻڌلٿي ويو ته هي ڀائر ان کان علاوه ٻين ڌنڌن ۾ به گهڙڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ هڪ چيني اخبار Sin _ Poh  (اسٽار نيوز) نالي تمام مشهور هئي ۽ چوٽيءَ جي تيرهن اخبارن مان هڪ سمجهي ويندي هئي. ٽائيگربام جي مالڪ ”آ_ بون _ ها“ ان اخبار ۾ گهڻي کان گهڻو پئسو لڳايو ۽ آخر ۾ اها سڄي اخبار پنهنجي نالي خريد ڪئي. اخبار کان علاوه هنن انشورنس ۽ زمين جي خريداري جو ڪم پڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هنن جو پئسو وڌندو ويو تيئن تيئن گهر جايون، باغ، زمينون ۽ سندن مان مرتبو پڻ وڌيو. هر هڪ ڀاءَ چار چار زالون رکيون ”بون ها کي اٺ ٻار ٿيا ۽ بون پار کي چار. هنن ايشيا جي هروڏي شهر ۾ محل نما گهر ٺهرايا. وڏي ۾ وڏو گهر هانگ ڪانگ ۾ ٺهرايائون جنهن جي اڳيان پندرهن ايڪڙن جو ته فقط باغيچو هو. هانگ ڪانگ ۽سنگاپور جهڙا ٻيٽ نما ملڪ جتي زمين ايڏي مهنگي آهي جو  ٻن کٽن جيڏن ٻن ڪمرن واري فليٽ جي ئي لکها ڊالر قيمت آهي. سو اتي ايڏا وڏا محل نما گهر راجا يا انهن جي برابريءَ جا ماڻهو ئي ڌاري سگهن ٿا.

هائوس آف جيڊ

اهڙيءَ طرح سنگاپور ۾ به سندن ٻه محل نما گهر هئا. هڪ جيڊ پٿر جو گهر House of Jade _ جيڪو نسيم روڊ تي آهي ۽ ٻيو ها _ پار _ ولا يعني ٽائيگر بام گارڊن  _ جيڪو پاسر پنجنگ روڊ تي آهي. سنگاپور ۾ ايندڙ ماڻهو ٻنهي کان چڱي طرح واقف آهن. ٽائيگر بام گارڊن جو ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. باقي جيڊ پٿر جيڪو سائي رنگ جو ٿئي ٿو، هن پاسي قيمتي ۽ اهم شين مان سمجهيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور، وغيره ۾ ان پٿر مان گوتم ٻڌ جا ٺهيل مجسما ۽ سينگار جون شيون تمام ڳري اگهه تي ملن ٿيون. هائوس آف جيڊ ۾ ان قسم جون شيو نمائش لاءِ رکيل آهن جيڪي ٽائيگر بام جي مالڪ پنهنجي شوق لاءِ گڏ ڪيون هيون. پاڻ سنگاپور جو هي گهر 1927ع ۾ ٺهرايائين ۽ سندس ڊيزائن ۽ نمونو هو بهو آمريڪا جي وائيٽ هائوس جهڙو رکيائين.ان جي ٺاهڻ جو ڪم پڻ هڪ آمريڪن آرڪيٽڪ انجنيئر جي سپرد ڪيو هئائين. ان ڪري هن گهر کي مقامي ماڻهو وائيٽ هائوس ئي سڏين ٿا. پر ڌارين ولايت ۾ هي گهر جيڊ _ پٿر جي شين جو گهر سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته ٽائيگربام گهراڻي جي هنن ڀائرن کي واپار خاطر ڪيترن ئي ولايتن ۾ وڃڻو پوندو هو سو اتان هو ڪيتريون ئي جيڊ، هيرن ۽ پٿرن جون سوکڙيون وٺي ايندا هئا. بون _ ها جڏهن 1932ع ۾ ٽائيگر بام مرهم جو وڪرو پهريون دفعو شنگهائيءَ ۾ شروع ڪيو، تڏهن کان هن چين مان جيڊ پٿر جي ڪم جون شيون آڻڻ شروع ڪيون. هي ان جي خريداري ۾  ايڏو ته مشهور ٿي ويو جو چيني ماڻهو ان قسم جون قيمتي شيون ۽ هٿ جا هنر ”بون ها“ وٽ ئي وڪري لاءِ کڻي ايندا هئا. اهڙي طرح هن وٽ ان قسم جون شيون  ايتريون ته گڏ ٿي ويون جو 1945ع ۾ هائوس آف جيڊ جڏهن پهريون دفعو عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو ته کين خبر پيئي _ سڄي دنيا ۾ ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو  نمائش گهر هو.

هن گهر ۾ رکيل جيڊ پٿر جي ناياب شين کي تازو 1949ع ۾ اتان کڻائي سنگاپور جي قومي عجائب گهر   National Museum ۾ رکرايون ويون آهن. جيئن اتي اڃا به گهڻي کان گهڻا ماڻهو ڏسي سگهن تواريخ ۾ هن کان اڳ جيڊ پٿر جون اهي شيون فقط هڪ دفعو اڳ ان گهر مان نڪتيون هيون جڏهن جپانين سنگاپور تي قبضو ڪيو هو. نوڪرن چاڪرن جلدي جلدي ان نازڪ ۽ قيمتي سامان کي اخبارن ۾ ويڙهي کوکن ۽دٻن ۾ بند ڪري گهر جي هيٺان ٺهيل Basement (بهري) ۾ رکي ڇڏيو هو. جنگ پوري ٿيڻ بعد جڏهن ٽائيگر بام جا مالڪ سنگاپور موٽيا ته هنن کي اهو مڙئي سامان کوکن ۾ بند ٿيل بندرگاهه جي ڀر۾ هڪ گدام ۾ صحيح سلامت نظر آيو. اهو هڪ اهڙو راز آهي جنهن جي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي. هونءَ سنگاپور جو ”ٽائيگربام گارڊن“ به ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپانين ڪافي تباهه ڪري ڇڏيو هو. اڄ جو جيڪو اسان ڏسون ٿا اهو حڪومت مرامتون ڪرائيندي اچي ۽ کيس ذري گهٽ ان ساڳي شڪل ۽ رنگ روغن ۾ رکندي اچي .

ٽائيگر بام مرهم جي مالڪ مسٽر ”آ_ بون _ ها“ سنگاپور وانگر هانگ ڪانگ ۾ به ٽائيگربام باغ ٺهرايو هو. جيڪوالبت اڄ به ساڳي شڪل ۾ آهي. اهو باغ سنگاپور واري باغ کان اڳ ٺهرائي پوءِ ساڳي چيني آرٽسٽ مسٽر ” ڪو ووڪ ون شان“ کان 1931ع ۾ سنگاپورجي باغ تي ڪم شروع ڪرايو ويو. دراصل اهو آرٽسٽ مسٽر ”آ _ بون _ ها“ جي چين واري شهر Swatow جي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو.

ٻي وڏي جنگ ۾ جڏهن جپانين سنگاپور تي قبضو ڪيو هوته ان کان اڳ ئي ٻين امير چيني واپارين وانگر هي ٻئي ڀائر پڻ سنگاپور ڇڏي ڀڄي ويا هئا. مسٽر بون پار (طاقتور چيتو) ته رنگون ۾ ئي پوءِ ٽڪي پيو ۽ 1944ع ۾ اتي ئي گذاري ويو. پر وڏو ڀاءُ ”بون _ ها“ (طاقتور ٽائيگر) هانگ ڪانگ ڀڄي ويو. جتي جيتو ڻيڪ جهلجي پيو هو، پر پنهنجي سٺي پاليسيءَ ڪري بچي ويو. جنگ کان پوءِ ٽائيگر صاحب اڪيلي سر پنهنجي خانداني ملڪيت ۽ واپار کي وري سڌارڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ ڪن ڪن نقصانن جي _ جيڪي کين چين ۾ رسيا، انهن جي ته وري تلافي هر گز نه ٿي سگهي. سو مسٽر ”بون _ ها“ چين کي پاسيرو ڪري پنهنجي واپار کي ٻين اوسي پاسي جي ملڪن ۾ وڌيڪ پکيڙيو.

هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ڏي ”جنگ خيا“ Chung Khiaw نالي بئنڪ تمام مشهور آهي. اها پڻ مسٽر آ _ بون _ ها يعني (ٽائيگر صاحب) 1950ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ کولي هئي، جنهن جون اڄڪلهه شاخون ڪيترن ئي هنڌن تي آهن. ساڳي وقت هن هانگ ڪانگ جي اخبار؛ هانگ ڪانگ اسٽينڊرڊ ۽ سنگاپور جي اخبار؛ ٽائيگر اسٽينڊرڊ ۾ پڻ پئسو لڳائي رکيو. (هانگ ڪانگ واري اخبار ته اڃا تائين هلي پئي پر سنگاپور واري بند ٿي وئي.) ان کان علاوه گهر ٺهرائڻ ۾ پڻ تمام گهڻو پئسو لڳائيندو آيو _ جن کي محلات سڏيندو هو. مرڻ وقت سندس اهڙا ڇويهه محلات هئا.

مسٽر آ _ بون  _ ها جي اها وڏي ڳالهه هئي ته هو خير خيرات ڏاڍا ڪندو هو. غريبن غربن کي سنئون سڌو پئسا ڏيڻ کان علاوه اسڪولن، اسپتالن، ۽ پوڙهن ماڻهن جي گذرسفر لاءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏهه ملين ڊالر کن خيرات طور ڏنائين ۽ نه فقط سنگاپور ۾ پر ڏکڻ اوڀر جي مڙني ملڪن ۾ سندن سخاوت مشهور هئي. سندس اهو مشهور قول هئو؛ ”انسان جيڪو ناڻو جنهن قوم مان ڪمائي ٿو، کيس کپي ته اهو ناڻو ان تي ئي خرچ ڪري.“

مسٽر آبون دل جي دوري ڪري 1954ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پر هزارين غريب ڪٽنبن کي سندس ٿورا ۽ مددون اڃا تائين ياد آهن. لکين ماڻهو سندس ڇڏيل اخبار پڙهن ٿا ۽ سندس بئنڪ مان فائدو وٺن ٿا. ان کان به گهڻا گهڻا سندس دوا ”ٽائيگر بام“ وغيره مان مٿي جو سور، هڏن جو سور، ٿڌ زڪام وغيره جو علاج ڪن ٿا. انهن مان هڪ شايد آئون به آهيان جنهن کي سنگاپور ۾ ان رات نفسياتي طرح يا واقعي سچ پچ نرڙ تي لڳايل ٽائيگر بام جي هڪ مک فرحت بخشي ۽ وري گهاٽي ننڊ ۾ سمهي رهيس. هينئر جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته ان بابت يڪي ڊگهي بڪ لکي پڙهندڙن کي مٿي ۾ سور وجهي ويٺو آهيان.

سنگاپور جو چائنا ٽائون

ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي نائين بجي ڌاري نيرن لاءِ هيٺ هوٽل ۾ آيس.رات وارو پاڪستاني انجنيئر به پنهنجي نئين جهاز جي ٻين ساٿين سان گڏ هڪ ٽيبل تي ويٺو هو.منجهن هڪ انڊين چيف آفيسر فيمليءَ سان هو، هڪ انڊين ٿرڊ انجنيئر هو ۽ ڪجهه ٻيا به. سڀني سان مختصر طور ”هيلو، هيلو“ ڪري ڪنڊ کا هڪ ٽيبل تي اچي بيٺس. بئري کي چانهه ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽي سيڪيل پترا ۽ فراءِ بيضو آڻڻ لاءِ چئي انتظار ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ آصف به اچي نڪتو ۽ پروگرام ٺاهيو سين ته نيرن بعد هرڪو الڳ الڳ پنهنجن ڪمن لاءِ نڪري وڃي. ڇو جو وقت تمام ٿورو آهي. پوري ٻين بجي پنهنجي ٽئڪسيءَ وارو ڊرائيور پاڻ کي وٺڻ لاءِ پهچي ويندو، ۽ ٻين بجي ڌاري جڏهن هتان نڪرنداسين تڏهن سنگاپور ۽ جوهور جي بارڊر واري پل (Cause _ Way) تي ٽين بجي مس پهچندا سين ۽ پوءِ ملاڪا گهر تائين پهچڻ ۾ رات جا نَوَ ٿي ويندا. جيتري سنگاپور کان نڪرڻ ۾ دير ڪنداسين اوتري ئي پهچڻ ۾ دير ٿيندي. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير آفيس پڻ هئي. آصف کي به اها اڪيلي اڪيلي نڪرڻ واري ڳالهه صحيح لڳي، جو سنگاپور شهر ۾ هاڻ رلڻ ۽ ڪم ڪاريون لاهڻ لاءِ ڪي پنج ڪلاڪ مس وڃي بچيا هئا. مونکي به ٻن ٽن هنڌن تي ڪم هو. هڪ ته سيشل اسٽريٽ تي پنهنجي پراڻي جهاز ران ڪمپنيءَ ۾ ڪم هو.

ملائيشيا ايندي وقت هوائي جهاز تي آيو هوس سو پاڻ سا گهڻو سامان نه کڻي سگهيو هوس. ان ڪري وڌيڪ ڪتاب ۽ ڪپڙا پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ جي ڪئپٽن کي ڏئي آيو هوس ته يار سنگاپور کان لنگهين ته هي منهنجون هڙون سنگاپور لاهيندو وڃجانءِ اهو ويچارو ڪڏهوڪو اهو سامان سنگاپور واري آفيس ۾ ڇڏي ويو هو ۽ آفيس جي چيني مئنيجر فون ذريعي مون کي اطلاع ڪيو هو. سو پهرين ان آفيس مان اهو سامان کڻي پنهنجي هڪ ٻئي پراڻي بنگالي ڪلاس ميٽ؛ شهاب الدين جي گهر موڪليو، جيڪو پڻ مون وانگر جهاز تي ڳپل حصو چيف انجنيئر رهڻ بعد هاڻ سنگاپور جي پوليٽيڪنڪ ۾ گذريل ٽن سان کان ”اليڪٽرو ٽيڪنالاجي“ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو. پاڻ موڪلون گذارڻ لاءِ مون وٽ ملاڪا اچي رهيو هو ۽ جيئن ته اسان واري ٽئڪسيءَ ۾ ٽن ڄڻن جو سامان هجڻ ڪري جاءِ نه هئي سو مون ان سامان لاءِ کيس ملاڪا کڻي اچڻ لاءِ اڳ ئي چئي ڇڏيو هو.

سيشل اسٽريٽ جي سڌائيءَ ۾ اوڀر کان رابن سن روڊ وهي ٿو ۽ اولهه ۾ سائوٿ برج روڊ ۽ نيو برج روڊ آهي ۽ انهن رستن کي وري سنهيون گهٽيون ؛ ماسق (مسجد) اسٽريٽ، ٽيمپل (مندر) اسٽريٽ، پگوڊا (ٻڌن جو مندر) اسٽريٽ، هوڪين اسٽريٽ، ڪراس اسٽريٽ وغيره ڳنڍين ٿيون. هي علائقو سنگاپور جو چائنا ٽائون سڏجي ٿو. جيڪو علائقو تمام آڳاٽو آهي. هونءَ ته سنگاپور ۾ انڊين، ملئي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به آهن. پر هن علائقي ۾ گهڻي کان گهڻا دڪان چينين جا آهن ۽ تمام گهڻو ڳتيل آهي. گهڙڻ سان دڪانن جي درن، ڀتين ۽ ڇتين کي ٽيڪ ڏيڻ وارن ٿلهن ٿنڀن تي وڏا وڏا چيني اکر نظر ايندا. دڪانن ۽ گهرن اڳيان ٻريل اگربتين جون بچيل ڪاٺين جون ٽڪريون ۽ ديوتائن لاءِ آڇيل نارنگيون ڪيلا يا انناس نظر ايندا.گهرن جي درن ۽ بالڪنين مان نڪتل بانس جي لڙهن تي سڪڻ لاءِ رکيل ڪپڙا جهنڊن وانگر ڦڙڪندا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪي ڪي ته سؤ سوا سؤ کن ٻه ماڙ ۽ ٽماڙ پراڻا گهر اڃا تائين نظر اچن ٿا. جن جون ڪاٺ جون ڏاڪڻيون اڏوهي کاڌل ۽ در درين تي پردن بدران ڪوڪن سان لڳل پراڻيون چادرون هونديون. انهن چادرن جا هيٺاهان حصا گر، مٽي ۽ ٻارن جي سنگهن سان ٿڦيل نظر ايندا. گهڻي سامان ۽ ننڍي گهر ڪري هر شيءِ اڌگابري گهر کان ٻاهر نظر ايندي. بوٽ، کوکا، ڌوپ ڇٽيون، سائيڪلون وغيره ته در ٻاهران يا بالڪنين ۾ رکيل نظر اينديون . شام جي وقت گهرن جون زالون ڍرن ڪپڙن ۾ ٻاهر فٽ پاٿ يا گهرن جي وچ واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڪچهري به ويٺيون ڪنديون ته آرڀرڻ، جوئون ڪڍڻ، هڪ ٻئي جا پنهنجا وار ٺاهڻ جهڙا ڪم به پيون ڪنديون، گهر جا پوڙها چيني مرد ڪنڊ تي ٺهيل اسٽالن تان چاليهن سينٽن واري چانهه جون چسڪيون ڀري سڄي ڏينهن جون خبرون ويٺا ڏيندا وٺندا.

اڄ جي سنگاپور کي ٺاهڻ وارو

بهرحال سنگاپورجو چپو چپو ايترو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي جو آئون نه ٿو سمجهان ته ٻن ٽن سالن بعد چائنا ٽائون جا بچيل ههڙا لقاءَ وري ڏسڻ لاءِ ملن. ڇو جو گذريل ڏهن سالن اندر _ بلڪه گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ سنگاپور ۾ ايتري ته ڀڃ ڊاهه، نئين جوڙجڪ ۽ ٺاهه جوڙ اچي ويئي آهي جو چوڌاري چپي چپي تي اوچيون عمارتون ۽ پئسي دولت جي ريل پيل ئي واسو ڪري وئي آهي. پئسي سان گڏ رهڻ جو معيار، کاڌي پيتي ۽ پهرڻ جا طور طريقا ۽ اسٽائيل، دڪان هوٽل ۽ گهر گهاٽن جي بناوٽ جو رنگ روپ سڀ  اعليٰ کان اعليٰ ٿيندو وڃي. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون جيڪي هتي ڏهه سال اڳ عام هونديون هيون ۽ جيڪي جيتوڻيڪ هينئر به اکين اڳيان ڦري رهيون آهن، پر هاڻ سامهون مور نه آهن. انهن شين ۽ ڳالهين بابت فقط انهن سان ياد اوري سگهجي ٿي، جيڪي هتي جا جهونا رهاڪو آهن. يا انهن ڌارين سان جن مون وانگر سنگاپور جا مڙئي روپ ڏٺا آهن. باقي اڄڪلهه جا ايندڙ سياح ۽ ٽوئرسٽ سنگاپور کي يورپ، آمريڪا ۽ جپان جهڙو سهڻو سکيو ستابو ڏسي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندا ته ڪجهه سال اڳ سنگاپور ڇاهو. سنگاپور جڏهن انگريز گورنر رئفلس لڌو ۽ ٺاهيو ته سنگاپور کي اڄ جي ماڊرن حالت ۾ هتي جي چيني پرائيم منسٽر مسٽر ”لي _ ڪئان _ يوءَ“ آندو.   مون جهڙن ماڻهن جن لي ڪئان يو جهڙي ملڪ سان وفادار حاڪم جي حڪومت ۾ سنگاپور کي هيڏي ترقي ڪندي ڏٺو هوندو، اهي پڪ سڌون ڪندا هوندا ته اهڙا حاڪم جيڪڏهن اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن کي ملي وڃن ته الائي ڇا ٿي پوي. جڏهن سنگاپور جهڙا ڀينگيا ملڪ اهڙن سياستدانن ۽ عوامي ليڊرن ڪري ايڏي ترقي ڪري سگهن ٿا ته اسان جا ملڪ ته ان کان به وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿا. اسان جهڙا ملڪ جن کي قدرت طرفان نه فقط پوک لاءِ وشال ڌرتي، نديون نارا ۽ معدني ذخيرا مليل آهن پر محنتي ماڻهو ۽ ڏات پڻ موجود آهي. هڪ چيني چوڻي پڙهيم ته ”ڳالهائڻ جا ڪي لفظ سلطنتون ٺاهي سگهن ٿا ۽ ڪي لفظ سلطنتون ڊاهي سگهن ٿا.“ ساڳي طرح منهنجي خيال ۾ ڪي سياسي ليڊر، حاڪم، رهنما هن مهانگائيءَ ۽ مسعلن جي دور ۾ به ملڪ کي ٺاهي سگهن ٿا ته ڪي ٺهيل ملڪ کي ڊاهي سگهن ٿا.

سنگاپور جو پرائم منسٽر مسٽر لي _ ڪئان _ يو Lee _ kuan _yew سنگاپور جي هڪ امير چيني گهراڻي ۾ 1923ع ۾ ڄائو. سندس وڏا اڻويهين صديءَ ۾ چين کان لڏي سنگاپور آيا هئا. وڏو ٿي انگريزي پڙهيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وانگر پاڻ به سڀ کان پهريائين انگريزي زبان تي عبور حاصل ڪيائين. پر پوءِ سياست ۾ گهڙڻ بعد پنهنجي مادري زبان؛ چيني ۽ ٻيون زبانون ملئي ۽ تامل ڳالهائڻ لڳو.  

ننڍپڻ جي تعليم سنگاپو رجي اسڪول ۾ ئي حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان تمام هوشيار ۽ ذهين هو. اسڪول ختم ڪرڻ تي کيس سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي ان بعد انگلينڊ جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي هن کي قانون (Law) ۾ ڊبل فرسٽ ڪلاس مليو _ معنيٰ ٻن سبجيڪٽن ۾ فرسٽ ڪلاس آنرز مليو.1950ع ۾ کيس انگلينڊ جي بار ۾ داخلا ملي ان ئي سال هن هڪ ملايا جي چيني ڇوڪريءَ مس ڪوا _ گيوڪ _ چو سان شادي ڪئي، جيڪا پڻ ڪئمبرج جي شاگرد هئي.

انگلينڊ ۾ بئريسٽر ٿي رهڻ بدران لي سنگاپور موٽي آيو. هن جتي پوسٽل يونين جو قانوني صلاحڪار (Legal Adviser) ٿي ڪم ڪيو ۽ کين انگريز سرڪار کان سٺا پهگار وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ساڳي  وقت هو ٻين ٽريڊ يونين لاءِ پڻ ساڳيا ڪم ڪرڻ لڳو. لي ساڳي وقت پنهنجي هڪ سياسي پارٽي _ پيپلس ائڪشن پارٽي PAP پڻ ٺاهي، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري جنرل ٿي ڪم هلائڻ لڳو.

1955ع ۾ ڪائونسل ۾ وڌيڪ سيٽون رکڻ لاءِ اليڪشن ٿي جنهن ۾ لي جي پارٽيءَ کي سيٽون مليون. هڪ سيٽ ته سنگاپور جي ان علائقي مان مليس جتي سڀ کان غريب چيني رهيا ٿي. ساڳي سال کان لي سنگاپور ۾ ڌارين جي حڪومت خلاف آواز اٿاريو. 1959ع جي اليڪشن ۾ ليءَ جي پارٽيءَ کي 51 مان 43 سيٽون مليون. پاڻ ڪئبينيٽ ٺاهيائين ۽ ان سان گڏ پهرين پنج سال رٿاپڻ _ جنهن ۾ تعليم، ڪارخانن ۽ عورتن جي آزاديءَ تي گهڻو زور ڏنائين. سندس پارٽي هر اليڪشن ۾ کٽيندي اچي ۽ پاڻ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو پسند ايندڙ پرائيم منسٽر ليکيو وڃي ٿو. هيڏي ڌن دولت مان مرتبي هوندي به چيو وڃي ٿو ته سندس ذاتي زندگي تمام سادي سودي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: