ڀاڳ جي ڪهاڻي
ڪئپٽن مکڙي کان سواءِ سنگاپور ۾ اسان جو ٻيو ويجھوسڃاڻو ڪئپٽن
ظهور عالم آهي. اهو ڪئپٽن ظهور اسان جو ڪلاس ميٽ ۽
چرچائي دوست آهي پاڻ پڻ سندس گهر رهڻ لاءِ چوندو
رهندو آهي. ظهور گذريل اٺن نون سالن کان سنگاپور ۾
آهي.۽ سنگاپور جي مئرين ڊپارٽمينٽ جو اڄڪلهه تمام
وڏو آفيسر آهي. پاڻ بنگالي آهي پر سنگاپور جي
شهريت ملڻ ڪري اڄڪلهه سنگاپوري سڏجي ٿو. سندس
ڪهاڻي به ڀاڳ جي ڪهاڻي آهي. اسان ڪلاس ميٽن مان هن
سمنڊ جون تڪليفون تمام گهٽ ڏٺيون آهن. ڪئپٽن ٿيڻ
بعد ته هڪ مسافري (Vovage)
به پوري نه ڪيائين ته ڪناري جي نوڪري ملي ويس. سا
به اعليٰ قسم جي ۽ سنگاپور جهڙي شهر/ ملڪ ۾.
ٿيو ائين جو ظهور ڍاڪا مان شادي ڪري زال سان گڏ پاڻي جي جهاز
تي ڪئپٽن جي حيثيت ۾ بنگلاديش کان ٽوڪيو (جاپان)
لاءِ نڪتو. پر سندس زال کي ايڏي ته سي - سڪنيس
Sea sicknessٿي جو هن لاءِ مسئلو ٿي پيو ته خراب موسم ۾ زال کي سنڀالي يا
جهاز کي.جيئن تيئن ڪري خليج بنگال لتاڙي ملاڪا نار
مان ٿي جهاز کي سنگاپور پڄايائين. تن ڏينهن ۾
منهنجو جهاز به سنگاپور ۾ بيٺل هو. پاڻ پرو گرام
ٻڌايائين ته في الحال هو هي جهاز ڇڏي زال کي وٺي
ڍاڪا ٿو وڃي، پوءِ جيئن قسمت ۾ هوندو. جي ساڳي
ڪمپنيءَ جو جهاز ملي ويو ته جوائن
Join
ڪندو نه ته پوءِ ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ ۾ اڪيلو
Sail
ڪندو.
ٻئي ڏينهن اسان جي جهاز سنگاپور کان لنگر کنيو ۽ هانگ ڪانگ ڏي
روانو ٿي ويو. ظهور سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ترسي پيو
جو هو ڍاڪا ”ايئر انڊيا“ جي هوائي جهاز ذريعي وڃي
رهيو هو جنهن جي اڏام ٻن ڏينهن بعد هئي. اسان جو
جهاز هانگ ڪانگ ۾ سامان لاهي پوءِ ٻن مهينن اندر
ڪوريا جاپان ۽ چين مان ڪم لاهيندو واپسيءَ تي
سنگاپور مان لنگهيو. ڪنهن طرح خبر پئي ته ڪئپٽن
ظهور ته اڃا سنگاپور ۾ آهي.ڏاڍو تعجب لڳو. شهر مان
هڪ هنڌان سندس مليل نمبر تي فون ڪيم. هڪ سرڪاري
آفيس جو نمبر هو، ظهور عالم ڳالهايو.
”ڪي خوبور _ ڀالوتَو _“
(ڪهڙي خبر چار خوش ته آهين نه.) هن بنگاليءَ ۾ کيڪاريو.
”اڙي خوش ڇا، تون خبر ڪر.“ اسين آهيون جو سمنڊ تي پيا لوڙيون ۽
تون آهين جو سنگاپور کي ڄمايون ويٺو آهين.
بنگلاديش اڃا نه ويو آهين.؟ وائڙو ٿي پڇيو مانس:
”نه“ هن مختصر جواب ڏنو.
”ڇوڀلا؟ تُمي ايدي ڪي ڪي ڪوريو.؟“ (تون هتي ڪري ڇاپيو.)
”يو ويٽ ڊيئر آءِ ايم ڪمنگ (تون اتي ترس آئون اچان پيو.“
آئون ڪلفرڊ پيئر ڀرسان ڪوئين ايلزبيٿ واڪ وٽ سندس بيچينيءَ سان
انتظار ڪرڻ لڳس ٿوري دير بعد هو ڪار ۾ پهتو ۽
مونکي گهر وٺي آيو. رستي تي پنهنجي ڪٿا ٻڌايائين:
”جنهن هوٽل ۾ آئون اچي رهيس ان جي ڪمري ۾ هڪ هفتو
کن پراڻي اخبار پئي هئي. جيڪا مونکان اڳ رهندڙ
همراهه ڇڏي ويو هو. ان ۾ پنهنجا بوٽ ويڙهي ٿي رکيم
ته هڪ اشتهار تي نظر پئي. جنهن موجب سنگاپور حڪومت
کي هڪ مئرين ڊپارٽمينٽ لاءِ هڪ جهاز جي ڪئپٽن جي
ضرورت هئي. جيڪو ڪناري تي رهي هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم
ڪر ي. درخواست جي آخري تاريخ اهو ئي ڏينهن هئي، ۽
ٻئي ڏينهن انٽرويو ٿيڻوهو. مون يڪدم فون ڪري چيو
مانس ته مون هاڻ هاڻ اشتهار پڙهيو آهي.اجازت ڏيو
ته آئون به انٽرويو تي اچان. هنن هاڪار ڪئي ۽ ٻئي
ڏينهن هنن ڏهين بجي مون کي گهرايو. اتي پهچي خبر
پئي ته آئون ئي هڪ اميدوار آهيان، ڇو ته ٻيا
همراهه يا جهازن تي هئا يا ملڪ کان ٻاهر. منهنجي
به الله ٻڌي پگهار تن ڏينهن وارو جيتوڻيڪ ڪو گهڻو
نه هو. پر ڪناري جي نوڪري جي ڪر ي هاڪار ڪئي مانِ
جو منهنجون پنهنجون به مجبوريون هيون. ڀڄي ڊڪي
ڍاڪا وڃڻ جي ٽڪيٽ ڪئنسل ڪرايم، سنگاپور حڪومت هفتو
کن هوٽل ۾ رکيو، ان بعد ٺهيل جڙيل گهر ڏنائون، هاڻ
گاڏي به ڏني اٿن ۽ آئون خوش آهيان.“
ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ٿيا سين جو ظهور منهنجي سٺن بنگالي
دوستن مان هڪ آهي. بنگلاديش ۾ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا
سين. موڪلن ۾ هنن جي گهر وڃي رهندا هئا سين. سندس
هڪ ڀاءُ ٽي وي ڍاڪا جو فنڪار هو، ۽ ڀيڻويو اخبار
جو ڦوٽو گرافر، جن جي معرفت ڍاڪا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي
ٽي وي جي فنڪارن ۽ اخبار نويسين سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
پاڻ به مون وٽ ڪراچي ۽ ڳوٺ هالا ايندو رهندو هو
_جيسين بنگلاديش ٿيو. کيس سنگاپور ۾ نوڪري ملڻ بعد
مون لاءِ سنگاپور ائين ٿي پيو جيئن ڪراچي. جڏهن به
منهنجو جهاز سنگاپور ايندو هو ته رهندو ظهور وٽ
هوس . نه ته به ماني ٽڪي ضرور کائيندو هوس ۽ سندس
ڪار منهنجي حوالي رهندي هئي.
سنگاپور ۾ رهائش جو مسئلو
منهنجي ڪري آصف ۽ ذوالفقار به هن جا سڃا ڻا ٿي پيا.پر
هن وقت سڀني جو يڪراءِ خيال هو ته جيئن هن وقت سڀ
ڇڙها آهيون، ان ڪري ڪئپٽن مکڙي يا ظهور وٽ رهڻ ۾
اجايو تڪليف ٿيندي. ۽ ٻيو ته گهمڻ ڦرڻ ۽ خريداري
ڪرڻ جو فيصلو ٿورو ٿي پوندو جو ظاهر آهي جنهن جي
گهر هلبو، ان سان ڪچهري ته ڪرڻي پوندي نه.
”ته پوءِ ڀلا رات ڪٿي رهجي.“ آصف چيو.
اڙي يار ڪنهن هوٽل ۾ ڏهه پندرنهن ڊالر ڏئي رهندا سين.فڪر جي
ڪهڙي ڳالهه آهي.“ ذوالفقار چيو.
”يار ڳالهيون ڪهڙي سن جون پيو ڪرين، جڏهن سنگاپور ساٽين مهاڻن
جو ڳوٺ هو ؟هينئر ته جهڙي تهڙي هوٽل جي مسواڙ
پنجاهه سٺ ڊالرن (ٽي چار سؤ روپين) کان گهٽ نه
آهي.سو به ڪنهن هوٽل ۾ اڄڪلهه خبر ناهي ڪو ڪمرو
خالي ملي به يا نه. ڇو جو هڪ ته ڏياري جي ڪري
ملائيشيا جا ماڻهو به موڪل ملهائڻ لاءِ سنگاپور
پهچي ويا هوندا ۽ ٻيو ته هينئر يورپ ۽ آسٽريليا
پاسي سرديون آهن، سو اتي جا سڀ ٽوئرسٽ هنن ڏينهن ۾
هن پاسي گهمڻ لاءِ نڪتا هوندا. ان ڪري هوٽلون پڪ
ڀريل هونديون. جي پاڻ کي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻو به آهي
ته هينئر ئي اڳواٽ فون ذريعي ڪمرا رزرو ڪرائجن، ڇو
جو پوءِ ائين نه ٿئي جو اتي پهچي سڄو وقت خالي
ڪمرا ڳولڻ لاءِ هڪ هوٽل کان ڊوڙي ٻي ڏي ڊوڙجي
۽سستائي ڪري جنهن خريداريءَ لاءِ سنگاپور وڃي پئسا
بچائي رهيا آهيون، اهي پئسا ۽ وقت ٽئڪسين پٺيان ئي
نڪري وڃن. ٻي ڳالهه ته پنهنجي خرچ تي ٿا هلي رهون
سو گهڻي مسواڙ واري هوٽل ۾ ته هرگز رهڻو ناهي.“
”پوءِ ڀلا ڇاڪجي؟“ ذوالفقار پڇيو.
جواب بدران آصف پڇيو؛ ”سنگاپور ۾ ڪو مئرين ڪلب ناهي جيئن هانگ
ڪانگ، انگلينڊ، جاپان، يا وري ڪراچيءَ ۾ آهي. جتي
جهازي گهٽ اگهه تي رهي سگهن.“
ان لاءِ ڪئپٽن مخدوم کان معلومات وٺڻ ويا هئاسين، جنهن جو
سنگاپور سان گهڻو واسطو آهي. تنهن ٻڌايو ته بلڪل
آهي.” تنجم پگار جي گيٽ نمبر چوٿين وٽ ۽ شينٽن وي
جي پوڇڙ تي تمام وڏو مئرينر ڪلب
Mariner Club
آهي. پر ان لاءِ مهينو مهينو اڳ بڪنگ ڪرائڻي پوندي
آهي. جو هڪ ته هر وقت ڪيترائي جهاز سنگاپور ايندا
رهن ٿا، ۽ ٻيو ته ڪلب جا ڪمرا سستا هجڻ ڪري سڀني
جو منهن ايڏانهن آهي.آئون به هڪ دفعو رهي چڪو
آهيان ڪمرا ۽ڊائننگ هال ايئر ڪنڊيشنڊ اٿس. ڪمري جا
ٽيهه ڊالر مس ٿا وٺن، پر پاڻ سان سي مئن ڪارڊ يا
جهاز واري سي، ڊي، سي ياد ڪري کڻي وڃجو، جيئن
توهان وٽ ثبوت هجي ته توهان جهازي آهيو.“
دادوءَ جا ٽانگا
اسان سڀني کي اها ڳالهه وڻي جو اهو هنڌ شهر جي ويجهو به
هو ۽ هر بس اتان لنگهي ٿي. پر ٻن ڏينهن جي نوٽيس
تي اتي ڪمرا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن. اسان جي هڪ
انڊين ڪئپٽن هرداس ٻڌايو ته هن هڪ دفعي سنگاپور جي
مرچنٽ نيويءَ جو ڪو رسالو ڏٺو هو، ان ۾ اسان واري
ڪئپٽن ظهور عالم جو نالو پڻ هو ته هو ان ڪلب جو
ڊائريڪٽر، ميمبر يا ڪا ٻي اهم شخصيت آهي.
آصف هڪ دم رڙ ڪري چيو ته ظهور کي فون ڪيو وڃي. جي ائين آهي ته
هو اسان جي رهڻ جو بندو بست ان مئرين ڪلب ۾ ڪري.
ملائيشيا مان سنگاپور فون ڪرڻ لاءِ پهرين
02 نمبر ڊائل ڪرڻو ٿو پوي، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد لاءِ
0221
نمبر ملائبو آهي. سو
02
ملائي ظهور جي آفيس جو نمبر ملايو سين، هو آفيس ۾
ئي هو.کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو سين ته اسان کي نه
ڪچهري ڪرڻي آهي نه ڪنهن سان ملڻو آهي.فقط ۽ فقط
خريداري ڪرڻي اٿئون جو ٽي سال ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ
گهر جي لاءِ ٿانوَ ٿپا، ڪپڙا گنديون ۽ ٻيو سنهو
سنهو سامان وٺڻو آهي. توسان ملاقات ٻئي دفعي اچي
ڪبي. هينئر اهو ٻڌاءِ ته آيا هي ڪم ٿي سگهي ٿو يا
نه.جي ڪمرا ملڻ جي پڪ هجي ته اسان کي فون ڪري
اطلاع ڪر جيئن سنگاپور اچڻ جو پروگرام ٺاهيون نه
ته نه .
پاڻ ان ئي وقت وڏي اعتماد سان چيائين ته هليا اچو. سمجهو ته
ڪمرا بڪ ٿيا پيا آهن.
آصف کي چيم ته جنهن اعتماد سان ڪئپٽن ظهور ها ڪئي آهي. ان مان
لڳي ٿو ته هن جي واقعي ڪجهه هلندي ۽ اثر رسوخ آهي
يا پاڻ کي ذليل ڪري تماشو ڏسڻ جي موڊ ۾ آهي.بحرحال
في الحال اهو سمجهو ته رهائش کان ته آجا ٿيا سين ۽
پوءِ واقعي سنگاپور پهچي، رهائش جو مسئلو نه ٿيو،
جو ظهور اسان لاءِ سٺو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. مسئلو
جيڪو ٿيو سو هتان هلڻ مهل ٿيو جڏهن جمعي جي ڏينهن
تيار ٿي ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجهي اچي ٽئڪسيءَ واري جو
انتظار ڪرڻ لڳا سين، چوڌاري اڃا اونداهه ئي
اونداهه هئي ۽ رستو سنسان هو. ساڍا ڇهه ٿي چڪا هئا
پر ٽئڪسيءَ جو ڪو پتو ئي ڪو نه هو. رکي رکي ڪنهن
گاڏي جي بتي اميد جي روشنيءَ وانگر نظر آئي ٿي، پر
ويجهو اچڻ تي ڪا پرائيويٽ ڪار ٿي نڪتي .
اسان چيو هاڻ ته ڏاڍي ٿي سوير ئي ننڊون به ڦٽايون سين،
سنگاپور ۾ رهائش لاءِ ڪمرا به بڪ ڪراياسين، جن جي
مسواڙ ٻارهين وڳي کان شروع ٿي ويندي ۽ هي ڊرائيور
ڌو ڪو ڏئي ويو. واقعي هن سان دادوءَ جي ٽانگي وارن
واري پر ڪجي هان. ذوالفقار چيو ته جيئن ئي ست
ٿيندا ته هن ٽئڪسيءَ جو آسرو لاهي ٻي ڪا ٽئڪسي
وٺي، ڀر واري شهر مسجد تاناح هليا ويندا سين. ۽
اتان سنگاپور لاءِ ڪا سواري هٿ ڪنداسين.
”اهو ته سڀ صحيح پر ان سڄي ڦير ۾ اڌ ڏينهن ته ائين ئي هليو
ويندو - خاص ڪري هتان کان سو به هن وقت سواريءَ جو
ملڻ ڏکيو ٿو لڳي. جو هن رستي تي رڳو ڍڳي گاڏيون
پيون هلن. ڪابس يا پائريٽ ٽئڪسي ته نظر ئي ڪونه ٿي
اچي.“
اتي هڪ پائريٽ نه پر پراڻي زماني جي پرائيويٽ ڪار اچي لنگهي ۽
منجهس ويٺل چيني ان شرط تي وٺي هلڻ لاءِ تيار ٿيو
ته ڀر واري ڳوٺ مسجد تاناح تائين اسان کي پنج
ڊالرکيس ڀاڙي طور ڏيڻا پوندا. اسان هائوڪار ڪئي ته
هن رڙ ڪري چيو ته ”جلدي ويهو گاڏي جي بيهي ويئي ته
ڌڪا ڏيڻا پونداوَ.“
سٺو ڪوڙ ڳالهايو اٿوَ
اسان گهڻي ئي تڙ تڪڙ ڪئي پر ويهندي ئي ويهندي گاڏي جي انجڻ بند
ٿي وئي. ڊرائيور اڌ انگريزيءَ ۾ ۽ اڌ اشارن ۾ چيو
لهي ڌڪا ڏيو .آصف چيو خواريءَ جي به حد ٿيندي آهي،
اڃا ويهي ساهه ئي نه پٽيو اٿئون ته ڌڪا ڏيو. هلو
ته موٽي گهر هلون، خبر ناهي ڪڏهن مسجد تاناح
پهچون ۽ پوءِ ملاڪا شهر. سنگاپور جي منزل ته ٿي
اڃا ڏور.
ذوالفقار آهستي چيو: ”صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺجي.“ ان چوڻ
سان گڏ هن ڪار مان لهي اسان جي اڳواڻي ڪئي. سڀ ڪار
مان لٿاسين سواءِ چيني همراهه جي جنهن جي ڪار
هئي.جهازن جو ڪئپٽن- يعني ذوالفقار ۽ چيف انجنيئر
_ يعني آصف ۽ آئون ٽنهي گاڏيءَ تي هٿ رکي ڌڪا ڏنا.
ذوالفقار چيو سڄي اڪيڊميءَ ۾ هفتي سوا کان پڙهو
ڏنو اٿئون ته جمعي ڏينهن صبح سان اسان سنگاپور
روانا ٿي ويندا سين. ڪاش! هاڻ ڪو اچي ڏسي ته اسين
ڪيئن پيا سنگاپور وڃون. ذوالفقار کي چيم ته سن
1962ع
۾ آئون ائين هالا کان ڀٽ شاهه ويو هوس.
فرلانگ کن جڏهن مرزيل ڪار کي ڌڪيوسين تڏهن اسان جي سهڪي سان گڏ
ڪار جي انجڻ جو سهڪو شروع ٿيو. اسان ٽپ ڏئي اندر
ويهي رهيا سين. آصف چيو حراميءَ جي بيٽري ته ڊائون
آهي. پر پلگ ۽ پئانٽ به ائين اٿس. ڊرائيور يڪدم
گير بدلائي گاڏي تکي ڪئي يعني هن ڪار جي پهرين کان
ٿوري رفتار وڌائي. نڪرڻ مهل جيڪا ٿوري ٿوري ڦڙ ڦڙ
وسي رهي هئي سا هاڻي وڏ ڦڙي جي شڪل اختيار ڪرڻ
لڳي. اسان شڪر ڪيو ته ههڙي مينهن وسڻ کان اڳ اجهي
لاءِ هيءَ ڀڳل گاڏي ئي ملي وئي. چيني ڊرائيور ڀڳل
سڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ڪير آهيو. اسان ٻڌايو ته
جهازن جا ڏهن سالن کان به پراڻا ڪئپٽن ۽ چيف
انجنيئر آهيون.
ڊرائيور اهيو ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو يعني سٺو ڪوڙ ڳالهايو اٿوَ. اسان
کي چڙ ته ڏاڍي لڳي پر ڇا ٿي ڪري سگهيا سين. اڳيان
مينهن جو ڌَڻُ فرلانگ کان پنڌ تي پکڙيو پيو هو. نه
ته به سٺ ستر کن مينهون هونديون.
(هتي جيئن ئي ڪار ورتيسين ته ماڻهن چتاءُ ڏنو ته ڪار خيال سان
هلائجو، جو ڏينهن جو سائيڪلن وارا تنگ ٿاڪن، ته
رات جو ڍڳيون، مينهون، مينهون به ڪنهن هڪ ٻن هنڌ
ملن ته به ٺهيو. هر ميل ٻن بعد وائڙين جو ڌڻ، مسجد
تاناح ۽ ڪئالا سنگائي باروءَ جي وچ ۾، رات جو
ملندو ئي ملندو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪنهن جون
مينهون آهن. جي ڏينهن رات کليل آهن. اسان وٽ سنڌ
پنجاپ ۾ وهٽن جو آزار فقط پرهه ڦٽيءَ ۽ سج لٿي مهل
هوندو آهي. سو به رستو ٽپي هليون وينديون آهن، پر
هتي ته رستي جي کاٻي پاسي گھاٽن وڻن مان شروع
ٿينديون ۽ پڪو رستو وٺي ساڄي ڪپر جي گھاٽن وڻن ۾
هليون وينديون ۽ چرڻ پرڻ بدران هڪ هنڌ ڄميل
هونديون آهن. ڪنهن جي چواڻي ته ملائيشيا ۾ ماڻهن
کان وڌيڪ مينهون آهن. هونءَ به سندس کائڻ پيئڻ
لاءِ گاهه ۽ پاڻي جام ۽ جتي ڪٿي موجود آهي. سواءِ
پڪي رستي جي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي گاهه نظر ايندو.)
ڇتن ڇولين کان بچاءُ
بحر حال هونءَ ته اها ڳالهه سٺي آهي ته هن ملڪ ۾ مال
گهڻو آهي، پر ڪي ڪي مينهون اهڙيون ته نٺر آهن _ يا
شايد موڳيون آهن جو ڪيترا به کڻي هارن ڏي پر مجال
آهي جو پنهنجي جاءِ تان چرن _ هن چينيءَ جي ڀڳل
ڪار ۾ ته هارن به ڪونه هو. نيٺ ٻيو نسخو استعمال
ڪرڻو پيو جيڪو اڪثر ڪرڻو پوندو آهي.يعني ڪار مان
لهي مينهن کي هڪلي رستي تان لاهڻو پيو. اهو ڪم مون
سر انجام ڏنو پڪي رستي تي موجود ويهارو کن مينهن
کي ساڄي کاٻي ڪرڻ کان پوءِ ٽپ ڏئي ڪار ۾ ويهي
رهيس، شڪر آهي هن دفعي ڪار نه بيٺي. جيتوڻيڪ ڪافي
وقت لڳي ويو هو مينهن هڪلڻ ۽ بوٽن تان ڇيڻن کُرچي
لاهڻ ۾. ذوالفقار چيو ته ڊرائيور وڏو لاهه آهي پاڻ
ته لهي هڪڙو ڪم به نه ٿو ڪري رڳو ڏند ڪڍيو ويٺو
کلي. يا ته ڏندن جي فٽنگ ئي اهڙِي اٿس جو هر وقت
ٻاهر نڪتل ٿا نظر اچن ۽ لڳي ٿو ته کلي پيو.
”بس يار سنگاپور گهمڻ جي شوق ۾ هي سڀ ڏوجهرا سهڻا پوندا.“
ذوالفقار ٿڌو ساهه کڻي چيو؛”هاءِ ڙِي قسمت ڇا ته هيءُ خواريءَ
جو سنگاپور شهر وڃڻ پيو ٿئي.هن کان اڳ پنهنجي جهاز
۾ ويندي ڇا ته رعب ۽ لئه هوندي هئي. ٽي ڏينهن اڳ
سنگاپور جي اخبار ۾ اچي ويندو هو ته فلاڻي جو
فلاڻو جهاز فلاڻي تاريخ تي ڪولمبو کان شنگهائيءَ
ويندي تيل وٺڻ لاءِ سنگاپور ۾ لنگر انداز ٿيندو. ۽
پوءِ جهاز پهچڻ تي سنگاپور آفيس جو عملو مختلف ڪمن
لاءِ اڳيان پويان پيو ڦرندو ته سائين سفر ڪيئن
رهيو اڳتي جي منزل لاءِ ڪجهه کپي ته نه. سنگاپور ۾
ترسڻ دوران جهاز جي عملي کي ڪيترا پئسا کپن. ڪنهن
کي ڊاڪٽر وٽ ته ناهي وڃڻو پوسٽ ڪرڻ لاءِ خط ته نه
آهن. وغيره وغيره ٽئڪسي ۽ موٽر بوٽ انتظار ۾ رهندي
هئي، تيل وارا سيدو سپلاءِ ڪرڻ وارا چادرون ٽوال
ڌوئڻ وارا، سگريٽ ۽ شربت پهچائڻ وارا سڀ حڪم جا
بندا ٿيو بيٺاهوندا هئا- چاهي جهاز ڏينهن جو پهچي
چاهي آڌي رات جو، پر هاڻي اهي ڏينهن ساريو اکيون
آب ٿيون هارين.“ آصف چيو؛ ”اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي
پر ان سڄيءَ لئه کان هيءَ غريبيءَ جي زندگي بهتر
آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ سنگاپور گهمڻ کان پوءِ واپس
پنهنجي پکن ۾ ته اچي پئبو. ڏکڻ چيني سمنڊ يا هندي
وڏي سمنڊ جي ڇتين ڇولين حوالي ته نه ٿبو.“
هڻ شيطان کي موچڙو
ڊرائيور پڇيو: ”توهان کي جي جوهوربارو (ملائيشيا جي بارڊر واري
شهر) تائين وٺي هلان ته گهڻو ڏيندئو؟“
”تون ٻڌاءِ گهڻو وٺندين.“ اسان پڇيس.
”ٻه سؤ ڊالر.“
”واهه ڙي چاچا واه! مرسڊيز ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيون وٺن سؤ ڊالر ۽
تون ٻه سؤ ڊالر اسي ڊالر قبول اٿئي.؟“ ذوالفقار
چيس ۽ مون رڙ ڪري چيو مانس؛ ڇڏ يار هن ۾ ته مفت ۾
به اهو هلندو جنهن کي کٽيءَ کنيو هوندو. خبر ناهي
ته ڪڏهن سنگاپور تائين جو پنڌ اڍائي سؤ کن ميل
پورا ڪرائي. سڄي واٽ مينهون هڪلائيندو ۽ ڌڪا
ڏياريندو.“مون هڪ دفعو ري پنهنجن نون بوٽن کي ڏٺو
جن کي اڃا تائين پاسن کان ڇيڻو لڳو پيو هو. ۽ جن
جوتن کي منهنجن پيرن ۾ پيل ڏسي آصف غيور هلڻ وقت
چيو هو ته سنگاپور پيو هلين ڪو عيد نماز تي نه.
”ٿورو ماٺ ته ڪر. پهرين ههڙي ڪار ملاڪا شهر ۽ ٻين واٽ
وارن شهرن ۾ هلائيندو ڪيئن جنهن ۾ ناهي سڄو هارن ۽
نه ثابت بتي.“ ذوالفقار چيو. ايتري ۾ آخر ڏهه ميل
(سورهن ڪلو ميٽر) کن پنڌ جا ختم ٿيا ۽ مسجد تاناح
شهر اچي ويو. جنهن جي ٽئڪسي بس اسٽاپ تي اچي
لاٿائين. اسان پنج ڊالر ڏنس ته منهن بڇڙو ڪري
چيائين ته ڏهه ڊالر کپنم. اسان چيس ته هو پاڻ اسان
کي ويهارڻ مهل ليمارنگٽ (پنج ڊالر) چيو هو هاڻ ڏهه
ٿو گهرين.بس اسٽاپ تي جيڪي ٽئڪسي ڊرائيور بيٺاهئا
تن به چيس ته پهرين تو مسافر پئسن تي کنيا ڇو جڏهن
ته تنهنجي ڪار ٽئڪسي ناهي. آصف ۽ آئون ته اچي ڪاٺ
جي بينچ تي ويهي رهيا سين، اڳيان ذوالفقار بيٺو هو
تنهن سان ٽئڪسي ڊرائيور رکي رکي بحث ڪري رهيو هو.
اسان ذوالفقار کي سمجهايو ته هاڻي هو ئي ِضد تان
لهي وڃي. ” هاڻ هڻ شيطان کي موچڙو ۽ ڏهه ڊالر ڪڍي
ڏينس.“
ذوالفقار وراڻيو؛ ”شيطان کان اڳ هن کي نه موچڙو هڻان.“
۽ پوءِ هن ڊرائيور کي چيو؛ ”فرينڊ هلو ته هلي
پوليس اسٽيشن هلي فيصلو ڪريون.“
پوليس جو نالو ٻڌي همراهه ائين وسامي ويو ڄڻ ڪنهن گهر
جي بتين جو مئن سوچ آف ڪيو. پنج ڊالر وٺي چپڙي ڪري
هليو ويو. ذوالفقار کي چيو سين تون واقعي اسان جو
سٺو خزانچي آهين.
”ڏيتي ليتي جي معاملي ۾ آئيندي توهان مون کي ڊسٽرب نه
ڪيو.“ ذوالفقار اسان کي وارننگ ڏني.
هتي جي چانهه
ڊرائيورن جي وچ ۾ هڪ ڊگهي قد جو ملئي بيٺوهو جيڪو سڀني
همراهمن جو انچارج ٿي لڳو، تنهن سان ذوالفقار صلاح
ڪئي ته اسان کي ڪا اهڙي ٽئڪسي وٺي ڏي جيڪا هتان
سڌو سنگاپور تائين هلي. هن چيو ته هيءُ سڀ ٽئڪسيون
جوهوربارو تائين هلنديون سنگاپور لاءِ ٽئڪسي وٺڻ
لاءِ اسان کي ملاڪا شهر وڃڻو پوندو.”پرڪجهه وقت
ترسو ته آئون ڪنهن پرائيويٽ ٽئڪسيءَ واري کي وٺي
ٿو اچان.“
صبح جا اٺ ٿي ويا هئا ڏياريءَ ڪري سڀني کي موڪل هئي سو
اسڪولن، آفيسن،۽ فيڪٽرين جون بسون يا ٻارن ۽ ماڻهن
جي اچ وڃ گهٽ هئي. هڪ ٻه ملبارين ۽ چينين جون
هوٽلون کلي چڪيون هيون، جن مان هڪ تان ٽي گلاس
چانهه جا وٺي پيئڻ لڳاسين. هتي چانهه نه کير پتي
ٿئي، نه اسپيشل نه ڪڙڪ، نه سنگاپوري - هتي چانهه
جو هڪ ئي نمونو ٿئي. چوٿون گلاس دٻي جي گهاٽي
مٺي
Condensed
کير سان ڀري مٿان چانهه جي پتيءَ وارو ڇاڻيل پاڻي
وجهي ڏيندا آهن. کيرٿڌي ۽ گهاٽي هجڻ ڪري هڪ ته
چانهه ٿڌي ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هيڪاندو کير مٺو هجڻ
ڪري چانهن ايتري ته مٺي ٿيو پوي جو اسان جهڙن مٺاڻ
کائڻ وارن جي به ايتري مٺي چانهه پي، دل پئي ڪچي
ٿيندي آهي. اها هڪ ئي نموني جي چانهه ملائيشيا جي
هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ساڳي هلي. جوهر کان ڪيڊاح
تائين ۽ ترگانو کان سلينگر رياست تائين، نه فقط
ملائيشيا ۾ پر سنگاپور ۾ پڻ ساڳي چانهه هلي.
بحرحال بيٺي بيٺي چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳاسين، ايتري ۾
ڊرائيورن جو شريف انچارج اچي نڪتو ۽ اچي چوڻ لڳو
ته اسان ڪنهن ٽئڪسي واري سان سنگاپور وڃڻ جو وعدو
ته نه ڪيو هو. اسان جي هائو ڪار تي ٻڌايائين ته
هتي جو هڪ ڊرائيور توهان کي اڪيڊميءَ ۾ ڳولڻ ويو
آهي. سندس ڀاءُ ٻڌايو آ ته اجهو ته موٽيو.
نورالدين ڊرائيور
ٿوري دير بعد هڪ همراهه مرسڊيز ڪار ۾ آيو ۽ اچي
ٻڌايائين ته جنهن ڊرائيور کي توهان چيو هو ان
مونکي موڪليو آهي.پر مونکي ڇهين جي بدران ستين جو
وقت ٻڌايائين. ۽ مونکان ٿوري دير ٿي وئي. اسان
وڌيڪ بحث ڪرڻ بنا سندس ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين ۽
هي ملئي ڊرائيور نورالدين نالي جلدي برانچ روڊ
لتاڙي هاءِ وي تي اچي چڙهيو، جيڪو سڌو جوهور بارو
ٿي ويو. ان وقت صبح جا ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽ اسان جي
ٽئڪسي هوا ۾ ته نه پر رستي تي ضرور اڏامي رهي هئي.
هميشه ڪراچيءَ کان حيدرآباد واري سنسان رستي جا
عادي سو هتي، جهڙاليءَ موسم ۽ چوڌاري ساوڪ ئي
ساوڪ مان لنگهندي مزو اچي رهيو هو.ڊرائيور سان
خبرون ڪيون سين ته معلوم ٿيو ته ڊرائيور ته بيحد
دلچسپ ۽ دلبرماڻهو آهي.پاڻ ٻڌايائين ته سندس پنج
پٽ سنگاپور ۾ رهن ٿا. سو اڪثر انهيءَ بهاني
سنگاپور ويندو رهي ٿو پاڻ به جوانيءَ جا ڏينهن
سنگاپور ۾ گذاريا هئائين. شادي به سنگاپور مان
ڪيائين، سندس سس ملئي مسلمان هئي ۽ سهري انڊو
نيشيا کان اچي سنگاپور رهائش اختيار ڪئي هئي. پاڻ
انگريزي سٺي ڳالهايائين ٿي ۽ ڪيترائي جملا اڙدوءَ
۾ پڻ ڳالهايائين ٿي.جيڪي هن ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ ننڍي
کنڊ جي سپاهين سان گڏ رهي سکيا هئا.
”اسان پڇيس نورالدين تون آرميءَ ۾ به هئين ڇا؟“
”نه نه آئون ته شهري ماڻهو هوس. هڪ ڏينهن جاپاني فوج
ڳوٺ ۾ آئي جيڪي به مرد هئا تن کي بندوقن جي زور تي
برما وٺي هليا ته هلي انگريزن جي فوج خلاف وڙهو.“
هو پنهنجون خبرون به ڪندو هليو ته ڊرائيونگ به ڪندو
رهيو. جوهور رياست ۾ ڪافي وقت کان گهڙي چڪا هئا
سين. جو ملاڪا رياست ته تمام ننڍي آهي ۽ جلد ئي
ختم ٿي چڪي هئي. جوهور رياست اتر ۾ ملاڪا ۽ بهانگ
رياست کان شروع ٿئي ٿي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سنگاپور ٻيٽ
سان پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ايڏي وڏي رياست ته نه
آهي، پر ته به ملاڪا، نگيري، سيمبيلان، سيلينگر،
پيرلس، ڪيڊاح ۽ پنانگ، رياستن کان وڏي آهي. پکيڙ ۾
ست هزار ٽي سؤ کن چورس ميل ٿيندي. سنڌ جو صوبو
پکيڙ ۾ جوهور رياست کان ستوڻو وڏو آهي.جوهور شهر
جي آدم شماري سورنهن لک آهي. ۽ سنڌ جيتوڻيڪ جوهور
رياست جهڙو سرسبز ناهي، پر آدمشماريءَ جي لحاظ سان
جوهور جي آدمشماري کان تيرهن دفعا وڌيڪ آهي_ يعني
اٽڪل ڪروڙ کن آدم آهي.
جوهور رياست جو پهريون وڏو شهر ”موئر“ ٿپڻ بعد ڊرائيور
نورالدين کي چيو سين ته گهران بنا نيرن پاڻيءَ جي
نڪتا آهيون. مانيءَ لاءِ ڪنهن هنڌ ضرور ترسجانءِ.
آير حطام
ملاڪا ۽ سنگاپور جي وچ تي جوهور رياست جو هڪ ٻيو وڏو
شهر آير حطام نالي آهي. جنهن کانپوءِ سنگاپور باقي
سٺ ميل. (هڪ سؤ ڪلوميٽرن )کن تي آهي. (Air
Hitam
) ملئي زبان جو لفظ آهي. آير معنيٰ پاڻي ۽ حطام
معنيٰ ڪارو _ ڪارو پاڻي. دراصل هتان ڀر ۾ جيڪو
درياءُ وهي ٿو ان جي پاڻيءَ ۾ رءُ يا مٽي هجڻ ڪري
ميرانجهڙو رنگ اٿس ان ڪري هن شهر جو نالو
ميرانجهڙو - ڪارو پاڻي پيو آهي - شايد
.
سنگاپور کان ملاڪا يا ملاڪا کان سنگاپور ويندي هر ڪو
آير حطام تي ترسي ٿڪ ڀڃي ٿو. هن شهر جي بيهڪ ائين
آهي جيئن سڪرنڊ شهر جي. جتي نه فقط ڪراچي ۽ لاهور
جو نيشنل هاءِ وي پاسي کان اچي ٿو. پر نواب شاهه
پاسي کان پڻ اچيو رستو پوي يعني ڪوٽڙي ريلوي
اسٽيشن وانگر جنڪشن جو ڪم ٿو ڏئي. ٻي ڳالهه ته آير
حطام شهر جي بس اسٽاپ واريون هوٽلون روڊ تي ئي
آهن. ۽ پارڪنگ جي به ڪافي جاءِ آهي. ان ڪري ڪو به
شهر ۾ اندر وڃڻ تي وقت ضايع نه ٿو ڪري پر اتي ئي
بيهي ماني ٽڪي کائي روانو ٿيو وڃي. جيئن پاڻ وٽ بس
اسٽاپ واريون هوٽلون وڌيڪ هلن ٿيون.
ان کان علاوه آير حطام شهر واري بس اسٽاپ تي انڊين،
ملئي هندو ۽ مسلمانن جي سوادي کاڌن جون هوٽلون آهن
ته چيني کاڌن جون پڻ. وڏي ڳالهه ته هي هوٽلون
چوويهه ئي ڪلاڪ کليون پيون آهن. ان ڪري هاءِ وي
تان لنگهندڙ کي ڪنهن وقت به کٽڪو ناهي ته آير حطام
شهر ۾ هوٽل کليل هوندي يا نه. ماني چيني يا ملئي
قسم جي هوندي يا نه. ڪار بيهارڻ لاءِ چڱي خاصي
جاءِ هوندي يا نه.
اسان جنهن هوٽل تي اچي ڪار بيهاري ان تي انگريزيءَ ۾
Islamic Restorant
لکيل هو. ان جي هيٺان لکيل هو.Selamat Detang
بلڪه اهئي لفظ انگريزيءَ جا ته نه ٿا چئي سگهئون،
پر ملئي ڀاشا جا ٿيا. جو ملئي به انگريزيءُ وارن
اکرن اي بي سي ڊي سان لکي ويندي آهي.ملئي زبان ۾
ريسٽورنٽ کي ريسٽوران چئبو آهي. (جيئن پاڻ بس
اسٽاپ کي بس اسٽان سڏيون ۽ اسٽيشن کي ٽيشن.)
سلامت داتنگ معنيٰ ڀلي ڪري آيائو. ڀر ۾ نيو ڪئٿي
نالي هڪ ٻي هوٽل چينين جي هئي ۽ ان کان ٿورو
پرڀرو
D&D Restoran
نالي هوٽل_ ٻئي پاسي بانس ڪاٺ ۽ ڪکن مان هٿ جا
ٺهيل رانديڪا ۽ ٻيون هتي جون شيون دڪان ۾ هيون_
جيڪي ڌارين ٿي خريد ڪيون_خاص ڪري آسٽريليا ۽
نيوزيلينڊ کان آيل ٽوئرسٽن. اهي شيون ائين هيون
جيئن هالا يا ملتان جي بس اسٽاپن جي دڪانن تي
جنڊيءَ، ڪاشيءَ يا اٺ جي کلن جا ٽيبل لئمپ ۽ گلدان
رکيل هوندا آهن..
اسان اسلامڪ ريسٽورنٽ ۾ اندر گهڙيا سين جنهن جي ٻمڀي وٽ
ساڄي پاسي کان پئسن وصول ڪرڻ جي دخل پويان ڪيرالا_
ڏکڻ هندستان جو عبدالله بن ورين ڪوٽي _ هوٽل جو
مالڪ ويٺو هو. ۽ کاٻِي پاسي هڪ وڏي تئي_ اٽڪل چار
فٽ ڊايا ميٽر ۽ اڌ انچ کن ٿلهو - تي سندس ٻيو نمبر
پٽ عبدالرزاق مئدي جا ست پڙا اڦراٽا پچائي رهيو
هو. اٽي جي پيڙي کي ڪاٺ جي ٽيبل تي پکيڙي اخبار جي
اڌ جيتري سنهي چادر ٿي ٺاهيائين. پوءِ ان کي رومال
وانگر ويڙهي سيڙهي چورس اڦراٽا ٺاهي تئي تي پکيڙيل
تيل مٿان پچڻ لاءِ ٿي وڌائين. تئي جي ٿولهه ۽ گيهه
جي ڪري اوڦراٽو سڙيو نه ٿي.ڀرسان کليل ديڳڙين مان
ڪن ۾ رڌل ڪڪڙ هو، ڪن ۾ ڀاڄي، ڪنهن ۾ ڳائو يا ٻاڪرو
گوشت، اونهين ٿالين ۾ تريل ڀاڄيون، قسمين قسمين
مڇيون ۽ بيضا هئا. ڪجهه مٺاين جا قسم پڻ رکيل هئا
جيڪي سڀ ناريل ۽ ڏونگهيءَ مان ٺهيل ٿي لڳيون. ڪجهه
سڪل مڇيون پٽاٽن جي چپس وانگر پڻ تريل هيون ۽ ڪجهه
گانگٽن جا ٻوڙ پڻ. |