سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :7

 

اسان پڇيس ته اهو ڀلا ڪيئن؟

خبر اٿو ڪيئن هن ٻڌايو ”نانيءَ سڄي دڪان ۾ شيشي جا ڪٻٽ ٺهرايا آهن. جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون شيون؛ پاڪيٽ ريڊيا، استريون، هيئر ڊرائر، سئچ، بلب، عطر، واچون، گهڙيال سينگاري رکيا آهن. هاڻ نانو ۽ ناني هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي چڪاس ڪرڻ بدران ته ڪو چوري ته نه ٿو ڪري هڪ هنڌ آرام ڪرسيءَ تي ويٺا آهن. جيئن ئي ڪو اندر گهڙي ٿو ته هن کي ويٺي ويٺي اسلام عليڪم يا نمستي چئي خبرچار پڇن ٿا.(اها ڳالهه لکڻ وسري ويئي ته ”ناني ڪي دڪان“ جي ناني ٿورو گهڻو اردو/ هندي به ڳالهائيندي هئي.)

اڄڪلهه خبر ناهي ته اها بيلجق پوڙهي ناني اڃا جيئري آهي يانه جو ڪجهه سالن کان بيلجم وڃڻ نه ٿيو آهي. پر سنگاپور جي هن پوڙهيءَ چينياڻيءَ ناني ضرور ان بيلجم جي رهاڪو نانيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي دڪان جو نالو ”ناني ڪي دڪان“ رکيو آهي. ان نانيءَ وانگر هن به نه فقط نالوساڳيو رکيو ۽ گراهڪن سان اردو ڳالهائي ٿي، پر ساڳي سستي اگهه تي ڏئي ٿي. يعني في الحال ته گهٽ اگهه تي ڏيئي رهي آهي. ان ڪري نالي ۽ سستي اگهه ڪري سندس دڪان ضرور ڪامياب ويندو  جيتوڻيڪ کيس بيلجم جي نانيءَ کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، ڇو جو بيلجم جهڙي مهنگي شهر ۾ ٿوري گهٽ اگهه ڪرڻ تي به شيءِ سستي پيئي لڳندي هئي، پر سنگاپور جهڙي شهر ۾ جتي هر وکر جا هزارين ۽ سستا دڪان آهن، اتي اگهه اڃا به گهٽ ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي.

هيئر ڪٽ يا شيو

ذوالفقار کي ٿانون جي ضرورت هئي، سو هن چيني نانيءَ جي دڪان تان يڪو پنجيتاليهن نگن جو ڊنر سيٽ وٺي آيو، جيڪو کيس فقط پنجاهه ڊالرن (ساڍن ٽن سؤ روپين ۾ پيو.) هن قسم جا شيشي جهڙا ناسي رنگ جا فرانس جا ٺهيل ٿانو ڪيترن هنڌن تي عام آهن. ٻين اوچن ٿانون کان هي چڱا سستا آهن. جيتوڻيڪ شڪل ۽ مٽيريل ۾ به اهڙاخراب نه آهن. ۽ هن مائيءَ ته واقعي ايتري سستي اگهه تي ڏنو جو اسان کي شڪ ٿيو ته  هن پنهنجي دڪان جي مشهوريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي گهٽ فائدي ۾ ته ڇاپر نقصان ۾ نه رکيو هجي. پر لڇمڻ مير چنداڻي ۽ موهن جهڙن سنڌي سنگاپوري دڪاندارن جا گفتا به ياد اچن ٿا، ته دڪاندار/واپاري ڪڏهن به پاڻ کي نقصان ۾ نه رکندو.

پيپلس پارڪ Peoples Park ۾ پهرين ته اسان وڃي ماني کاڌي پوءِ آصف ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ جي في ڏهه سينٽ در تي ويٺل پوڙهي چينيءَ کي ڏيئي اندر اسهيو ۽ آئون اهو اڌ ڪلاڪ کن پاس ڪرڻ لاءِ هڪ باربر شاپ ۾ هليو آيس؛ ان لاءِ نه ته ڪو منهنجي گنج تي رهيل چند وارن کي استري يا ڪٽائيءَ جي سخت ضرورت هئي، پر بس اهو ئي هڪ هنڌ بهتر لڳو جتي اکيون پوري نرم ڪرسيءَ تي ويهي ٿوري دير ٿڪ ڀڃي سگهيس ٿي، ڇو جو اڃا تائين رڳو هل هلان ۾ هئا سين. مئڪڊونالڊ دڪان / هوٽل ۾  به ويهڻ جي جاءِ نه ملڻ ڪري ماني بيهي کاڌي هئيسين .

جنهن حجام جي دڪان ۾ آئون گهڙيس اهو آهي ته ڪافي سالن کان ۽ پهرين به گهڻو ڪري ان ۾ اچڻ ٿيو آهي، پر هن دفعي اندر گهڙي ڏٺم ته دڪان جي مالڪ _ يا مالڪڻ هن کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ لاءِ سڄي دڪان کي ڀت کان ڀت تائين غاليچن سان ڀري ڇڏيو آهي. ايئرڪنڊيشنڊ ته اڳهين هئو، پر هاڻ وري چوڌاري سهڻا پردا ۽ ٽنٽيڊ شيشا هڻائي ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ برقرار رکڻ جو جوڳو بندو بست ڪيو اٿس ۽ سڀني گراهڪن کي هڪ قطار ۾ ڪرسين تي ويهارڻ بدران ننڍڙين ڀتين وارا ننڍڙا ڪمرا  (Cubicles ) ٺهرائي ڇڏيا آهن، جيئن انهن ۾ هرهڪ الڳ سانتيڪو ويهي وار ٺهرائي يا شيو شيمپو ڪرائي. وار ٺاهڻ لاءِ حجامن بدران ”حجام ڇوڪريون“ ۽ تمام سهڻيون ۽ نوجوان ڇوڪريون رکيون اٿس _ يعني پنهنجي پر ۾ دڪان جو معيار هيٺين ماڙ تي ٺهيل ٻين حجامڪن دڪانن کان بلند ڪيو اٿس _ ۽ هاڻ وار ٺهرائڻ جي في به گهڻي ٿي ته ٽپ به، بحرحال اهو احساس اندر گهڙڻ بعد ٿيو. ”ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪهڙو“  چواڻيءَ تي عمل ڪري دخل تي ويٺل عورت جي اشاري سان ساڄي پاسي واري هڪ خالي ڪيو بيڪل ۾ وڃي ويٺس سندس ڀر ۾ ويٺل ٻن ٽن چيني حجام ڇوڪرين مان هڪ کي مون ڏي موڪليائين، جنهن نيلان جو اڇو ترڪڻو  ڪپڙو منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهي ڪلهن تي (منهنجن ڪلهن تي) هٿ رکي پڇيو؛ ”وار ٺهرائڻا آهن ياشيوِ.“

ايتري ۾ ٻاهرين هڪ چيني هوٽل جو بيرو سندس اڳ ڏنل آرڊر موجب هن لاءِ مانيءَ جو پيالو ۽ کائڻ لاءِ ٻه تيليون (Chop Stics ) کڻي اندر گهڙيو. هن کانئس ماني ورتي ۽ مونکان کائڻ جي اجازت وٺي منهنجي اڳيان پلاسٽڪ جي صندليءَ تي ٿي ويٺي. اهڙيءَ طرح مون کي سندس پڇيل  ڏکيو سوال سارڻ جو موقعو ملي ويو ته مون کي واقعي ڇاڪرائڻو آهي. شيو يا هيئر ڪٽ!يا ڪي ڪجهه ٻيو. شيو جي بنهه ضرورت ان ڪري ڪانه هئي جو تازو صبح جو اڃان ڪئي هيم ۽ ساڳيءَ ريت هيئرڪٽ جي به ڪا اهڙي ضرورت نه هئي _ جو ايترن ٿورن وارن جي ايتري گهٽ وقفي بعد ڳوٺ جي بچل حجام کان پنج روپيا ڏئي هيئر ڪٽ ته ڪرائي سگهجي ٿي، پر ولايت ۾ فارين ايڪسچينج ۾ پئسا ڏئي، اهڙن وارن پٺيان انويسٽ مينٽ ڪرڻ اجايو ڪم هو _ جيڪي حجامت کان اڳ به ڪٽيل لڳي رهيا هئا. بحرحال شيو کان هيئرڪٽ ڪرائڻ جو فيصلو هن وقت مناسب لڳو.

چينين لاءِ آئيڊيل ڪنوار

نرس جهڙن ڪپڙن ۾ ٿلهي _ پر سهڻي حجام چينياڻيءَ رس سان ڀريل پيالي ۾ ڪاٺ جون تيليون ٽنبي منجهائس گوبيءَ جا ٽڪر، سائو بصر۽ گول اُس  ڇٽيءَ جهڙيون کنڀيون  Mush Rooms ڪڍي کائيندي رهي. ان سان گڏوگڏ سرڪاٽ ڪري رس جا ڍڪ پڻ ڀرڻ لڳي. پيالو خالي ٿيڻ تي هن ٽشو پيپر سان چپ اگهيا ان بعد ڪٻٽ مٿان رکيل ٽرپل فائوِ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي لائيٽر سان دکائي پهرين موالين وانگر ڊگهو ڪش هڻي دونهين جي لار کي ٻاهر ڪڍيو پوءِ ڪئنچي کڻي منهنجن وارن تي ڪم شروع ڪيو. حجامڪي پر پوري ڪرڻ لاءِ خبر چار ڪرڻ لڳي. منهنجو مختصر حال احوال وٺي بس ڪيائين ته مون کانئس پڇيو ته آيا هوءَ هتي جي (سنگاپور جي ) چينياڻي آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي.

هن سگريٽ جو ڦلو ائشٽري ۾ ڇنڊي چيو: ”تون ٻڌاءِ؟ هونءَ سنگاپور جي نه آهيان.“

”انگريزي سٺي ڳالهائين ٿي سو پڪ هانگ ڪانگ يا تائيوان جي هوندينءَ.“ مون وراڻيو مانس.

”نه ملائيشيا جي ئي آهيان. هتي ڏهاڙيءَ جي حساب سان نوڪري ڪريان ٿي.“

”پگهار ته هتي چڱو ڳرو ملندو هوندءِ؟“

”نه دڪان جي مالڪن پاڻ ته گهڻو ئي ٿي ڪمائي، پر ظاهر آهي دڪان تي هن لک کن خرچ ڪيا آهن، اسان پورهيتن کي ايترو ته نه ڏيندي.“ سندس لهجي ۾ ايئر هوسٽس ٽائيپ مرڪ بدران نهٺائي ۽ مايوسي هئي. کانئس پڇيم ته ڪمايل پئسن مان پنهنجو  دڪان ڇو نه ٿي کولين ته ٻڌائين ته هوءَ نه ته سنگاپور جي شهري آهي. نه پاسپورٽ رکي ٿي ۽ نه سنگاپور جي   پي .آر (مستقل رهائش) اٿس. ان ڪري هتي پنهنجو دڪان نه ٿي کولي سگهي ۽ نه ئي وري پنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ دڪان کولڻ جيترا پئسا اٿس.

”هونءَ کڻي ملائشيا ۾ ڪٿي دڪان کولي به وڃان.“ هن ٻڌايو: ”پر في الحال اوڏانهن واپس وڃڻ نه ٿي چاهيان جو تازو مڙس سان جهيڙو ٿيو آهي ۽ طلاق گهري اٿم.سو جيسين ڪورٽ ڪو فيصلو ڏئي تيسين وڪيل جي صلاح موجب هتي رهڻ چاهيان ٿي جيئن پنهنجو ۽ پنهنجي ٻن سالن جي ٻار جو بي خوف نيپاج ڪري سگهان.“کانئس سندس جهڳڙي ۽ طلاق جو سبب پڇيم.

”هو مون تي الزام ٿو هڻي ته آئون بدڪردار آهيان، پر حقيقت اها آهي ته هن جو شروع کان ٻيءَ ڇوڪريءَ سان پيار آهي. مائٽي ۽ گڏيل واپار جي چڪر ۾ اسان جي واپاري مائٽن اسان جي شادي کڻي ڪرائي، پر ان ۾ ٻنهي واسطيدار ڌرين جي رضامندي نه هئي.“

”توهان چينين ۾ ڇوڪرو سڀ کان گهڻي اهميت ڪهڙي ڳالهه کي ڏئي ٿو  ڪنوار جي سونهن کي، تعليم کي، قدبت کي، خانداني رتبي کي، يا مٽيءَ مائٽيءَ کي؟“ مون پڇيو مانس .

”انهن ڳالهين کي به ٿورو گهڻو ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو“ حجام چيني ڇوڪريءَ ٻڌايو، ”پر گهڻو خيال ان جو رکيو وڃي ٿو ته ڇوڪري کي به واپار وڙي جي سڌ سماءُ آهي يا نه. مڙس يا سهري جي دڪان تي ڇوڪري سٺي سيلز گرل جا فرائض سرانجام ڏيئي سگهندي يا نه. ڪنوار جي اچڻ ڪري گهوٽ جي گهر جي مالي حالت ۾ واڌارو ايندو يا نه _ وغيره وغيره

اسان جون ڳالهيون اڃا وڌيڪ هلن ها پر هڪ ته منهنجي مختصر هيئر ڪٽ اختتام تي پهچي وئي ٻيو ته آصف به پڇائيندو اچي ان حصي ۾ نڪتو جتي اسين هئا سين، ۽ هاڻ هڪ منٽ به وڌيڪ ترسڻ لاءِ تيار نه هو. هيئرڪٽ جا ڏهه ڊالر ۽ هڪ ڊالر ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتاسين  جيڪو ان دڪان جي ماڊرن ٿيڻ ڪري آخري دفعو هو ۽ فيصلو ڪيم ته آئينده اهڙي آرام ۽ هيئرڪٽ لاءِ پيپلس پارڪ جي گرائونڊ فلور وارن دڪانن ۾ ئي وڃڻو پوندو، جتي هيئر ڪٽ جا پنج ڊالر آهن يا اڃا به ٻاهر عام دڪانن ۾ جتي فقط ٽي ڊالر (ايڪيهه رپيا) ٿا وٺن _ پرواهه ناهي جي اهي دڪان کڻي ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهن.

مئرينرس ڪلب ڏي واپسي

پيپلس پارڪ مان جيڪا هلڪي ڦلڪي يا وڏي خريداري ڪئيسين سا چڱي طرح ته ياد نه آهي، پر هڪ دڪان تان آصف سئنڊوچ ٺاهڻ لاءِ اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر ورتو، جيڪو جپان جو هوندي به جپان کان هتي سستو _ اٽڪل پنجاهه کن ڊالرن ۾ مليو. ڇو جو جپان ۾  ”لوڪل مارڪيٽ ٽئڪس“ ۽ ٻيا ٽئڪس هجڻ ڪري ٻين شين وانگر مهنگو آهي. پر سنگاپور ۾ فقط شيءِ جي قيمت ورتي وڃي ٿي ۽ مٿان هلڪو فائدو. ۽ جي ڪن شين تي ٽئڪس آهي ته به نه برابر.هن اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر ۾ ڊبل روٽي جا ٻه پڙ رکي وچ ۾ رڌل ڀاڄي يا قيمون وجهڻ سان سمبوسي وانگر ڪڙڪ سئنڊوچ ٺهيو وڃي. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا مشغول شهرن جي گهرن ۾ ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيندي وڃي. ڪراچيءَ ۾ ان جو آسان نسخو بوري بازار ۾ پندرهين ويهين رپئي ملندو جيڪو ٽين جي ٻن پڙن کي ڊگهين لوهي ڏنڊين سان ڳنڍي ٺاهيو ويو آهي ۽ اهيو اليڪٽرڪ بدران باهه تي گرم ڪرڻ سان اندر سئنڊوچ ٺهيو وڃي. ڪراچيءَ مان  جي اهوکڻي اچئون ها ته هن اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر پٺيان خرچ ڪيل پنجاهه ڊالر (ٽي سؤ رپيا) به بچي پون ها. (پر پوءِ اها خبر معلوم ڪري ويتر افسوس ٿيو ته ملاڪا شهر ۾ پڻ اها ساڳي بوري بازار واري شيءِ لئان فاٽ ڊپارٽمينٽ اسٽور جي سامهون واري گهٽيءَ ۾ ملي پئي.)

سنگاپور جي پيپلس پارڪ مان ڪجهه قميصون، پتلون، چڍيون ۽ ٽوال به ورتاسين، گهڻي بحث بعد مدراسي دڪاندار گهٽ ڪري هڪ هڪ پتلون جا ٽيهه ڊالر (ٻه سؤ روپيا کن) ورتا.پر ٻئي ڏينهن هاءِ اسٽريٽ جي ”هاءِ اسٽريٽ سينٽر“ جي هڪ دڪان ۾ اها ساڳي پتلون ويهه ڊالر پئي ملي. پيپلس پارڪ مان هڪ هڪ بيگ ۽ هڪ بريف ڪيس ورتوسين. بوٽن جا ڪشا ۽ شيونگ ڪريم ورتي سين جو اهي ٻئي شيون ملائيشيا ۾ ڏکيون ٿيون ملن. ملائيشيا ۾ هر گهر ۾ بوٽ ٻاهر لاهي وڃڻ جي عادت ڪري ماڻهو ڪشن (ڪهين) وارا بوٽ ئي ڪونه پائين، جو ذري ذري ڪير لاهي ۽ ٻڌي. ان ڪري ملائيشيا ۾ ڪهين وارا بوٽ ۽ ڪهيون ورلي ڪو ملن. ملائيشيا ۾ شيونگ ڪريم يا صابڻ بدران فقط صابڻ جي گج  Shaving lather استعمال ٿئي. جنهن سان ٻچي ڏاڙهي يا کنڀ کنڀ وارن وارا چيني ۽ ملئي ته آرام سان شيو ڪريو وڃن، پر اسان جهڙن ڌارين لاءِ مشڪل آهي. جن جا ڏاڙهيءَ جا وار گهڻا ۽ کهرا آهن _ جن کي ڪوڙڻ کان اڳ نرم ڪرڻ لاءِ برش سان چڱي طرح صابڻ يا شيونگ ڪريم هڻڻ جي ضرورت آهي. آصف کي Diabetes (ذيابطيس) هجڻ ڪري هن ڪجهه ڪولڊ ڊرنڪس، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ چاڪليٽ اهڙا ورتا جن ۾ کنڊ بدران سيڪرين جهڙو مٺاڻ ٿئي ٿو. بحرحال اهڙيون ڪجهه شيون وٺي واپس رهائش گهر  يعني مئرينرس ڪلب ڏي آياسين.

مئرينرس ڪلب جي ڊائننگ هال ۾ ان وقت تمبولا راند  جيڪا جوا جو هڪ فئشن ايبل قسم چئي سگهجي ٿو هلي رهي هئي. نمونو ڏسڻ لاءِ اسين به اندر گهڙياسين. سڀ پني تي پنهنجا نمبر ڪٽڻ ۾ مشغول هئا. اسان هڪ ٽيبل تي ڪرسيون خالي ڏسي وڃي ويٺاسين. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنياسين ته من ڪو چانهه جو آرڊر وٺڻ لاءِ اچي يا راند جو کيڏڻ لاءِ چوي، پر ڪا پهر نظر نه آئي. ٿوري دير بعد هڪ ويٽرس ڇوڪري اچي لنگهي تنهن کي ڪجهه آڻڻ لاءِ چيوسين. تنهن ڀت ۾ لڳل لڏڪڻي واري گهڙيال ڏي اکين سان اشارو ڪري چيو ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي. حساب ڪتاب بند ڪري ڇڏيو اٿئون. هيءَ راند به آخري هلي رهي آهي. آصف چيو اهو ته پاڻ سٺو. اسان ته هتي ويهڻ جي تڪلف ۾ ڪجهه گهرايو ٿي، جيئن ڪلب وارو اهو نه سمجهي ته بنا خرچ جي مفت ۾ اچي ويٺاآهيون .

تمبولا  لڪي فارسم

هال ۾ ڏيڍ سؤ کن ماڻهو هئا ۽ ذري گهٽ سڀ تمبولا کيڏي رهيا هئا. ڪن جي اڳيان چانهه رکي هئي ته ڪن اڳيان ڪوڪا ڪولا وغيره گهڻن اڳيان هتي جي سنگاپوري بيئر Anchor جاٿڌا دٻا رکيا هئا، جن مان هو چسڪيون ڀري رهيا هئا.راند جاري هئي ۽ سڀ هٿن ۾ پينسلون جهلي پنهنجن نمبرن کي ڪٽي رهيا هئا. دخل تي ويٺل انائونسر دٻي مان گولا ڪڍي ان تي لکيل مختلف نمبر وڏي واڪ سان ائين ٻڌائيندو رهيو جيئن نيلام جو واڪ ڏيندڙ اگهه جو اعلان ڪندو آهي.

”ٻه ننڍيون بدڪون  _ Two Small Ducks نمبر ٻاويهه ”دخل تي ويٺل همراهه گولي تي لکيل نمبر پڙهي اعلان ڪيو اسان جي ٽيبل تي ويٺل هڪ چيني ڇوڪريءَ پنهنجي  ڪاغذ تي ڇپيل اهو نمبر ڪٽيو. سندس جهازي بواءِ فرينڊ خوشيءَ مان کيس ٿڦڪي ڏني. 

”شينهن جو پنجو“ دخل تي بيٺل هڪ ٻئي همراهه نمبر ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي ”نمبر پنج.“

جن جي پنن تي پنج جو انگ هو انهن اهو ڪٽيو ۽ ڪجهه همراهن اهو ڏند ڪڍي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته سندن نمبر ڪٽجن پيا. ڇو جو جنهن جي پني جا سڀ نمبر پهرين ڪٽجندا ان لاءِ انعام هو. ۽ تمبولا ۾ انعام چڱا ڳرا رکيا وڃن ٿا.

”ابتو سبتو نمبر سڪسٽي نائن“ انائونسر وري اعلا ڪيو.

تمبولا اند جهازين ۾  ڪناري توڙي جهاز تي تمام مشهور راند/ جوا آهي، جو اها ٿورا ڄڻا به کيڏي سگهن ٿا ته گهڻا به. ان راند لاءِ فقط ننڍڙا پنا  ڪتاب جي صفحي جي اڌ جيترا کپن. جن تي ويهه کن چونڪڙيون ٿين جن ۾ مختلف نمبر ڇپيل ٿين. اهي نمبر هڪ کان نوي تائين ڪي به ٿي سگهن ٿا. هڪڙي پرچي ٻيءَ کان مختلف ٿئي يعني ڪو نه ڪو نمبر ٻئي ۾ مختلف رکندا آهن. مثال طور هڪ پرچيءَ جي مٿينءَ قطار ۾ نمبر آهن. ٻه، يارنهن، ٽيهه، پنجيتاليهه، ۽ اسي، ته ٻيءَ پرچيءَ جي مٿينءَ قطار ۾ ضرور انهن نمبرن مان ڪو هڪ يا ٻه ڦريل هوندا. يا مٿين قطار ٻنهي جي ساڳي هوندي ته ٻي يا ٽي قطار جو انگ ضرور ڦريل هوندو.

راند کيڏندڙ اها پرچي مقرر ٿيل قيمت ۾ وٺندو آهي. قيمت ڪيتري به رکي سگهجي ٿي، جيئن ته روپيو، ڏهه روپيا يا هتي سنگاپور جي هن ڪلب هڪ پرچيءَ جي قيمت هڪ ڊالر رکي هئي. انائونسر وچان وچان نمبر چونڊيندو ويندو. گهڻو ڪري نوانوي بلور ٿين جن تي هڪ کان نوانوي تائين نمبر ٿين. اهي بلور برنيءَ يا پيالي ۾ رکي پوءِ هڪ هڪ ڪري ان نمبر جواعلان ڪندو آهي ۽ کيڏندڙ اهي نمبر پنهنجي پرچيءَ تان ڪٽيندا ويندا آهن. پوءِ جنهن جي پرچيءَ جا نمبر سڀ کان پهرين ڪٽجن، ان کي انعام ملندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ وڏو انعام سڀ نمبر ڪٽجڻ تي هوندو آهي ۽ ان کان علاوه ٻه ٽي ننڍا انعام پڻ رکيا ويندا آهن. جيئن ته جنهن جي پهرين مٿين نمبرن جي قطار ڪٽجي، يا جنهن جا بارڊر وارا نمبر ڪٽجن، وغيره وغيره. پوءِ هڪ راند بعد وري کيڏڻ لاءِ ٻيون پرچيون وٺبيون آهن. ڪوچاهي ته هڪ کان وڌيڪ پرچيون به خريد ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ ان ۾ ايتري ڦڙتي هجي جو هڪ ئي وقت سڀني پرچين جا نمبر جانچي ۽ ڪاٽي سگهي .

جهاز تي اڪثر ائين ڪندا هئاسين ته هر راند ۾ جيترين پرچين جو وڪرو ٿيندو هو، انهن پئسن جو چوٿون حصو رکي باقي پئسا انعام ۾ هلائبا هئا. پوءِ آخري راند ۾، هر دفعي جي راند مان بچيل پئسا به ملائي تمام وڏو انعام ڪري رکيو ويندو هو. جيڪو اڪثر ڪري  SnowBall سڏبو آهي يا جئڪ _ پاٽ. خير ههڙن ڪلبن ۾ ته هر راند مان هوٽل جو به حصو ڪڍيو ويندو آهي. بس پوءِ جنهن هارايو ان جا ٻه چار ڊالر ويا، پر جنهن کي انعام مليو، ان جو عيش ٿي ويو. هوٽل وارن جو ان فائدي کان علاوه شراب ۽ شربت جو وڪرو پڻ ٿيو .

اسان جنهن وقت اچي ويٺا سين ان وقت تمام وڏي انعام سنو بال جي آخري راند هلي رهي هئي ۽ اسان کيڏندڙن جي چهرن جا تاثرات پڙهندا رهيا سين ته ڪير ڪير کٽڻ تي آهي. ڪي چيني هئا، ڪي ملئي، ڪي يورپين جهازي هئا، ته ڪي انڊونيشي ۽ انڊين پاڪستاني، ۽ سندن هتي جون چيني ملئي ۽ تامل ناڊو گرل فرينڊس هيون. هڪ همراهه ته بلڪل پاڪستاني انجنيئر جميل جهڙو لڳي رهيو هو. پاڪستان کان ملائيشيا بدلي ٿيڻ کان اڳ خالد جميل نالي هڪ سيڪنڊ انجنيئر امتحان لاءِ مون وٽ مئرين ڪاليج ۾  E.K (انجنيئرنگ ) پڙهڻ آيو هو. آصف کي چيم يار ڏس ته سهي بلڪل هو بهو خالد جميل جهڙو پيو لڳي. اڃا مهينو ڏيڍ ڪراچي ڇڏڻ وقت مليو هو. سندس امتحان ٿيڻ ۾ اڃا ٽي مهينا دير هئي. ذوالفقار کي ٻڌايم ته سامهون جيڪو ڪارن ڪپڙن ۽ ڳچيءَ ۾ سوني تار وارو چيني ڇوڪريءَ سان گڏ ويٺو آهي. ان جي شڪل منهنجي هڪ شاگرد خالد جميل سان ڪافي ملي ٿي. ان ئي وقت هن بيئر جو ڍڪ پي اسان ڏي نهاريو. ذوالفقار يڪدم چيو پراين ماڻهن کي ويٺا گهوري ڏسون اجايو ڦڏو نه ٿي پوي. ۽ اسان يڪدم کڻي ٻئي پاسي منهن ڪيو. هال ۾ چوڌاري ويٺل پنهنجين پرچين تي ڪنڌ جهڪائي اعلان ٿيل نمبر ڪٽي رهيا هئا.

”ٽوفئٽ ليڊيز _ Tow Fat Ladies  نمبراٺاسي“ دخل تي بيٺل همراه اعلان ڪيو ۽ جن جي پرچين ۾ 88 جو انگ هو انهن ڪٽيو. ان بعد ٻين نمبرن جو اعلان ٿيو.

”سيلرس ليگ Sailors _ legs نمبر يارهون.“

”لڪي فار سم Lucky for Some نمبرستون.“

Un Lucky نمبر ٿرٽين _ تيرهون ۽ نمبر ٽين _ ڊائوننگ اسٽريٽ“

مڙسي منجهس نه، ڏوهه ڪنوار جو

هال مان ڪنهن رڙ ڪري چيو ”هائوس“ معنيٰ هن جي پرچيءَ جا سڀ نمبر ڪٽجي ويا.هو پنهجي پرچي کڻي دخل تي پهتو. انائونسر ان جا نمبر چيڪ ڪيا ۽ کيس انعام ڏنو ۽ راند ختم ٿي. پوءِ سڀ ڪپڙا ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا. هڪ دفعو وري مون خالد جميل سان ملندڙ همرهه کي ٽيڏي اک سان ڏٺو، جيڪو پڻ لڳاتار اسان ڏانهن نهاري رهيو هو.ايتري ۾ ذوالفقار جي ڌڪن ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان ۾ اچي ٻاهر نڪتاسين

جيئن ئي ٻاهر پهتاسين ته رسيپشن وٽ ٻي در کان آيل خالد جميل جهڙي همراهه اچي اڙدوءَ ۾ کيڪاريو کلي چيو مانس؛ ”ميان اسان به چئون ته بلڪل جميل جهڙو هتي ڪٿان اچي ويو؟“

”سر! مان ته توهان کي پهرين سڃاڻي ويس جيتوڻيڪ ٿورو شڪ ضرور ٿيم ته توهان ملائيشيا ۾ رهيل هتي سنگاپور ۾ ڪيئن؟“

”بس گهر لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو هو. ملائيشيا ۾ شيون مهنگيون آهن. ڏياريءَ جي موڪل هئي سو هيڏانهن سنگاپور هليا آياسين. تون ڪر خبر؟“

”بس سر امتحان ڏنم پهرين دفعي ئي سڀ سبجيڪٽ پاس ڪري ويم. ان بعد سوچيم ته رهڻو ته هونئي سمنڊ تي آهي، پوءِ ڇونه ڪنهن اهڙي جهاز ران ڪمپنيءَ جا جهاز هلائجن جيڪا گهڻو پگهار ڏئي _ پوءِ کڻي ان ڪمپنيءَ جا ڪهڙا به جهاز هجن، ڪهڙي به ملڪ ويندا هجن ۽ جهاز تي رهڻ جون حالتون ڪهڙيون به هجن. پنهنجي ملڪ جي ڪمپنيءَ کي جهازن جي مقابلي ۾ انجنيئر ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن، جو پاس ڪيل عهدي کان ٻه رئنڪون هيٺ نوڪري ٿا ڏين. يعني سيڪنڊ انجنيئر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مون کي فورٿ انجنيئر ٿا رکن ۽ پگهار به ايترو گهڻو نه  آهي. اهو سو فائدو ضرور آهي _ ۽ هڪ خيال کان وڏو فائدو آهي ته پنهنجي ملڪ جي جهاز ران ڪمپنيءَ کي نوان ۽ سٺا جهاز آهن. عملو گهڻو آهي ان ڪري ڪم جو آرام آهي. ان کان علاوه هر سفر (Vovage ) بعد جهاز پنهنجي ملڪ اچي ٿو، سو هڪ ته ماڻهو مائٽن مٽن سان مليو تازو ٿيو وڃي ۽ ٻيو پنهنجي لاءِ پڻ ٽي وي، فرج، واشنگ مشين جهڙي ڳري خريداري ڪري سگهي ٿو. پر آئون اڪيلو سرآهيان، اهو سوچي ولايتي جهاز ران ڪمپني اختيار ڪئي اٿم تازوگوڪل صاحب جي جهاز ران ڪمپنيءَ ”گلفايسٽ“ جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر جي ضرورت هئي، سو اشتهار ڏسي مون اپلاءِ ڪيو ۽ هنن مون کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏيئي سنگاپور موڪليو آهي. ڪالهه کان هتي هن ڪلب ۾ رهيل آهيان.جنهن جو بندوبست ايئرپورٽ تي پهچڻ سان گوڪل صاحب جي هتي جي آفيس وارن ڪرايو آهي. جنهن جهاز تي مونکي رکيو اٿن اهو پرينءَ يا ارينءَ بئنڪاڪ کان هتي پهچڻو آهي.“

منهنجي خيال ۾ ته سٺو ڪيئي، پنهنجي ملڪ جي ڪمپني به اهو ئي چاهي ٿي ته هن وقت ڀلي ڪجهه انجنيئر ۽ نيويگيٽر ٻاهر هليا وڃن، جيئن بار هلڪو رهي، “مون چيو مانس.

”پر سائين مون ٻڌو آهي ته جيڪو جهاز مون کي ملي رهيو آهي، اهو جهاز تمام پراڻو آهي. سندس انجڻ ۾ چڱا خاصا نقص آهن.“خالد جميل اداسيءَ مان چيو. سندس اهو خوف ليا پائي رهيو هو جيڪو ننڍي نيٽي ڪنوار جي چهري تي اڻ ڏٺل پوڙهي گهوٽ سان پرڻجي وڃڻ تي هوندو آهي. اهو خوف ڌارئين ملڪ جي جهاز تي ته ڇا، پر پنهنجي ملڪ جي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي وقت به ٿيندو آهي ته خبر ناهي ٻئي جهاز جو ماحول ڪيئن هوندو، ماني ڪيئن هوندي، ڪهڙن ملڪن ۽ موسمن ۾ سفر ڪندو ويتر جي پراڻو جهاز آهي، ته  انجنيئر لاءِ هيڪاندو وڌيڪ خوف ته آيا ان جهاز جي انجڻ ۾ ٿورا نقص آهن يا گهڻا. اوزار گٺل اٿس يا منجهس اڃا کڙ تيل آهي، ائين نه ٿئي ته سڀان هلي ”پنهنجي مڙسيءَ سان نه“ پر ڪمپني اوڙو پاڙو چوي ته ڏوهه انجنيئر/ڪنوار جو وغيره وغيره.

وڏي پارت پنهنجا لڇڻ آهن

”مڙيئي خير آهي يار. تو جهڙي محنتي ۽ نوجوان انجنيئر کي اهي ڳالهيو هرگز سوچڻ نه کپن. ڏينهن رات محنت ڪري سندس نقص دور ڪري ڇڏجانئس. پوءِ آرام ئي آرام اٿئي.“مون کيس دلداري ڏيندي چيو ”خبر اٿئي انجنيئر جڏهن جونيئر هجي ته هن کي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪرڻ کپي، جيئن هڪ ته هر قسم جو ڪم سکي وٺي ۽ ٻيو ته هڏ پورهئي تي هري وڃيس. پوءِ آخر ۾ جهاز جو چيف انجنيئر ٿي جيڪو به جهاز مليو ته مزو آهي _ جيڪڏهن نئون جهاز بنانقص جي مليو ته به آرام جي ننڊ، پر جيڪڏهن پراڻو جهاز گٺل پيٺل مليو ته به هن لاءِ مڙيئي خيرآهي. جو هن کي هر ڪم اچي ٿو. وچ سمنڊ تي اوچتو جهاز بيهي رهيو ته به هن جي دل بهادر آهي جو هر مسئلي کي منهن ڏيڻ سکيو آهي. وچ سمنڊ تي ڪوبه ڪناري جو مستري يا انجنيئر مدد لاءِ نه ايندو. جهاز جي انجنيئرن کي ئي هر خرابي دور ڪرڻي پوي ٿي. ۽ جڏهن ڪنهن به انجنيئر کان انجڻ صحيح نه ٿي ٿئي ته آخر ۾ چيف انجنيئر وٽ پهچن ٿا ته هاڻ ڪم زور آهي، تون سڀ کان پراڻو ۽ وڏو انجنيئر (مستري) آهين مترڪو پانو کڻي هلي انجڻ کي منهن ڏي ته جهاز سامونڊي ڪن مان نڪري، نه ته سڀ ٿا مرون. پوءِ جيڪڏهن چيف انجنيئر جو ننڍي هوندي کان ڪم ٿيل آهي ته ڪتابي علم ۽ تجربي جي آڌار تي وڏي اعتماد ۽ رعب سان اٿي انجڻ جو اهو پرزو ٺاهي عزت ماڻي ٿو ٻي صورت ۾ گلا ڪڍائي ٿو.“منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي خالد جميل مرڪڻ لڳو. اتي سندس ڀر ۾ ٽي ڄڻا ٻيا به اچي بيٺا جن جو پاڻ تعارف ڪرايائين ته هي به ساڳي جهاز لاءِ آيل آهن. ٻه ڄڻا رحيم يار خان جا هئا ۽ ۽ خلاصي طور جهاز ڀرتي ڪرڻ آيا هئا ۽ هڪ مدراس (هندستان) جو چيف آفيسر هو.

”گوڪل صاحب جا هي جهاز هانگ ڪانگ ۾  رجسٽر ٿيل آهن،“ خالد جميل ٻڌايو ،۽ ”اسٽاف گهڻي ڀاڱي انڊيا، پاڪستان، فلپين، مالديپ، ٻيٽ سريلنڪا ۽ بنگلاديش جو اٿس. “

”هامونکي خبر آهي.“ مون ٻڌايو مانس.

”منهنجا پڻ ٽي چار ڪلاسي دوست ڪافي عرصي کان گوڪل ڪمپنيءَ ۾ آهن ۽ خوش آهن. هڪ ته توهان جي جهاز جي مرمت مٿان سپرنٽينڊنٽ انجنيئر راشد ڪاظمي آهي. جتي به جهاز خراب ٿيندو آهي ته هانگ ڪانگ کان اوڏانهن هوائي جهاز رستي پهچي ويندو آهي، جيئن ان جي مرمت بابت فيصلو ڪري سگهي. ٻيو ڪلاسي قيصر اصغر هانگ ڪانگ  آفيس ۾ چيف انجنيئر آهي. ۽ هڪ چيف انجنيئر اڄڪلهه ڏکڻ ڪوريا ۾ آهي، جتي توهان جي شپنگ ڪمپنيءَ جا نوان جهاز ٺهي رهيا آهن ۽ هو انهن جي نظر سانيءَ تي مقرر ٿيل آهي.“

”سائين انهن کي منهنجي پارت ڪرڻ جي ضرورت سمجهو ٿا يا نه؟“جميل چيو.

”جهازن جي نوڪريءَ ۾ ته خبر اٿئي ته وڏي پارت پنهنجا لڇڻ ۽ محنت آهي، ڪو ماڻهو ذاتي زندگيءَ ۾ کڻي دشمن هجي، پر جهاز جي ڊيوٽيءَ ۾  جي هو گهڻو محنتي آهي ته اهو سڀ کان گهڻو پيو وڻندو.“

”واقعي اها ڳالهه ته آهي ۽ اهو ئي سر منهنجو اصول آهي، اميد ته توهان  جا دوست  جڏهن توهان سان ملندا ته منهنجي ڪم جي ضرور تعريف ڪندا.“ خالد جميل چيو.

”اهائي تو جهڙي سٺي ماڻهوءَ ۽ لائق انجنيئر مان اميد رکي سگهجي ٿي.“ مون کلي کانئس موڪلايو ۽ سڀ الڳ لفٽن ۾ چڙهي پنهنجن ڪمرن وارين ماڙين ڏانهن روانا ٿي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: