سنگاپور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي
سرنگون روڊ کان پوءِ جلدي جلدي وڪٽوريا اسٽريٽ
پهتس ۽ تائي پان هوٽل جي سامهون براس بساهه
ڪامپليڪس گهڙيس _ جتي نون ۽ اڌ قيمت تي وڪامندڙ
ڪتابن جا ڪيترائي دڪان هيٺ مٿي ٺهيل آهن. نوان
ڪتاب ته ڪنهن به هنڌان وٺي سگهجن ٿا. پوسٽ ذريعي
به گهرائي سگهجن ٿا. پر منهنجي دلچسپي پراڻن _
يعني سيڪنڊ هئنڊ، اڃا به ٿرڊ هئنڊ ڪتابن ۾ هئي.
ملئي ۽ چيني ادب جا اهي ڪتاب مون کي کتا ٿي، جن جو
انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هجي يا وري ڪنهن فارينر
هتان ٿي وڃڻ بعد ملائيشيا يا سنگاپورتي ان جي پس
منظر ۾ ناول، افسانا يا ڪهاڻيون لکيون هجن. ڪتابن
کان علاوه ڪجهه رسالا ۽ اخبارون پڻ ورتم. اهي
وٺندي وقت ڪراچيءَ جي کوڙي گارڊن (ڊينسو هال جي
پٺيان ۽ ميرٽ روڊ جي ڀروارو) ياد اچي ويو _ جتي هر
هفتي پراڻو ٽائيم، نيوزويڪ، ۽ ريڊرس ڊائجسٽ رسالو
ٽي ٽي رپئي وٺندو هوس ۽ پراڻو گراهڪ هجڻ ڪري
دڪاندار پراڻا ڪتاب تور جي حساب سان ڏئي ڇڏيندو
هو.
ان بعد تکو تکو هاءِ اسٽريٽ ڏي ڀڳس جو وقت جو پکي
سنگاپور ۾ ڪجهه تکو ئي اڏامي رهيو هو. رستي تي
پيننشولا پلازا ۽ نارٿ برج روڊ تان سنڌي هندن جي
دڪانن تان هلڪيون هلڪيون شيون؛ قميص، پتلون، بيلٽ،
گانن جا ڪيسٽ، جوراب، ٽائيون، آرٽ لائين جون لکڻ
لاءِ نيون آيل پينون ورتم، وقت جو جيترو سوچيم ٿي
اوترو ئي تيزيءَ سان هٿن مان نڪرندو ٿي ويو، هر
وقت واپس پهچڻ جو ڌيان هو جيئن ٻين بجي کان اڳ
پهچي ٽئڪسيءَ ۾ ”باليق ڪمپونگ“ يعني واپس ڳوٺ
ملاڪا پهچي سگهجي. بک به ڪافي وڌي ويئي هئي _ خاص
ڪري سڄو وقت پنڌ ئي پنڌ ۽ تکو تکو هلڻ ڪري.
ويجهڙائيءَ ۾ ڪا به اهڙي هوٽل مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي،
اي ائنڊ ڊبليو، يا ومپي نموني جي غريب نواز ۽
اڇتائيءَ واري نه هئي. جتان جلد جلد ماني وٺي کائي
ڀڄجي. هاءِاسٽريٽ پلازا ۾ يارهين ماڙ تي هڪ سنڌيءَ
جي هوٽل ٽپسي ٽاپسي
Tipsy _ Topsy آهي، جتي پهرين ٻه ٻه چار چار گهمرا کائي چڪو هوس، اتي
پهتس. هوٽل جو سڄو هال ماڻهن سان ٽٻ هو. هڪ ٽيبل
تي ٻن ڄڻن جي جاءِ بچيل هئي. هڪ تي آئون به وڃي
ويٺس مانيءَ جو وقت هو ان ڪري ماڻهن جو وڌيڪ هجڻ
لازمي هو. پر ڪجهه سال اڳ جڏهن هن هوٽل جي سنڌي
مالڪ هيءَ هوٽل ٺهرائي هئي ته مانيءَ جي وقتن
Lunch – Hour تي به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ همراهه نظر ٿي آيو. اسان جهڙا جهازن
جا همراهه ڪلفرڊ پيئر کان واڪ ڪري ماني هتي کائي
ويندا هئا. هوٽل جو مالڪ ور ور ڏيو لذيذ هجڻ جي پڪ
پيو ڪندو هو. ويهڻ سان ويٽرس ڇوڪري مينو رکندي هئي
ته پاڻيءَ جا گلاس پاڻ مالڪ ڀري رکندو هو. هاڻ ته
ماشا الله اها هوٽل ايڏي وڌي ويئي آهي جو مالڪ کي
ماڻهن جا بل ڪٽڻ ۽ پئسا وصول ڪرڻ کان ئي واندڪائي
ناهي. هونءَ گراهڪ در تائين پهچي خالي ٽيبل ڏسي به
ويهڻ يا موٽي وڃڻ جو سوچيندا هئا ۽ هاڻ رش ايڏي
وڌي وئي آهي، جو گراهڪ در وٽ بيهي ٽيبل خالي ٿيڻ
لاءِ واجهائيندا رهيا ٿي.
ملئي ڊريس _ سرونگ ۽ باجو ڪرونگ ۾ ڪم واريون ملئي
ڇوڪريون، وڃڻين وانگر بورچيخاني کان ٻوڙ، ڀت،
مانيون،پاپڙ خومچن ۾ کڻي گراهڪن اڳيان رکي رهيون
هيون. بورچيخاني جو اسپرنگن وارو در پٽيو پوريو ٿي
ته سامهون سک تندورچي نظر آيو ٿي، جيڪو اٽي جا
لڏون ٺاهي ماني پچائڻ ۾ مشغول هو.
توکي مال وڪڻڻ جي ڳڻتي آهي
کاڌي جي لسٽ _ مينو آڻڻ لاءِ هڪ ٻن ڇوڪرين جو ڌيان
پاڻ ڏي ڇڪايم، پر هنن کي پهرين کان آيل گراهڪن کان
فرصت ئي نه هئي، آخر هڪ بورچيخاني ۾ ويندي وقت
مينو واري ڇپيل دفتري اڳيان اڇلي ويئي. آئون مينو
تي پهرين کاڌن جانالا ڏسڻ لڳس؛
تندورچي چڪن، بمبئي ڪواب، ڪيلي جي پن تي مڇي،
گانگٽ ڳاڙهن مرچن مسالن ۾ مٽن دو پيازا، ساڳ پنير
۽ ملائي ڪوفتا، نان ڪلچا ۽ اڦڙاٽا، ڪشميري پلاءُ،
ويجيٽيرين ٿالهي _ وغيره وغيره.
پوءِ سندس قيمتون پڙهي دماغ چڪرائڻ لڳو ته هي ڇا _
ڇڙو سال ڏيڍ اڳ جيڪو نان فقط چند سينٽ (روپيو
سوا) ۾ ورتو پئي ويو، اهو هاڻ ڊالرکن ۾ (ستين اٺين
روپئي) ٻوڙ ڀاڄي ويندي دال جي پليٽ به پهرين کان
ٻيڻي ٽيڻي اگهه تي. سنگاپور ڪو جپان يا سئيڊن
ناروي ته نه آهي _ جتي نه اناج پهچي سگهي نه ڀاڄي
بيضو _ جنهن ڪري قيمتن ۾ ايترو واڌارو رکيو وڃي،
پر ڪمال آهي، هيڏن قيمتن هوندي به هيءَ ماڻهن جي
رش! خبر ناهي ڪهڙا ماڻهو هتي ٽي وقت ماني کائڻ اچن
ٿا. سامهون نظر ڦيرايم؛ هڪڙا ته سنڌي سيٺيون لکها
ڪروڙا ڊالرن جا واپاري ۽ ڪوٺين دڪانن جا مالڪ
پنهنجن يورپين يا ديسي مهمانن سان گڏ هئاڪجهه
انڊين ايئر لائين جون ايئر هوسٽسون ۽ ٻيو ڪجهه
عملو هو. ڪجهه سک دڪاندار ۽ ٽوئرسٽ هئا. انهن کان
علاوه چوٿو کن هوٽل سٿڻ قميص ۾ ملبوس پٺاڻن ۽
افغانين سان ڀريل هئي. ٿوري دير اڳ اچان ها ته
شايد تعجب لڳي ها ته هي غريب ماڻهو ايڏو خرچ ڪري
سنگاپور ۾ ڇا ڏسڻ آيا آهن. پر مٿي چڙهندي وقت هاءِ
اسٽريٽ شاپنگ سينٽر جي بهري
Basment
وارن دڪانن مان هڪ سک دڪاندار کان قميص لاءِ ڪپڙو
ٿي ورتم ته هن وراڻيو؛ ”سائين اسان هاڻ يڪو يڪو
تاڪيو وڪڻندا آهيون. قميص لاءِ ٽي گز ڪتري نه ڏئي
سگهنداسين.“
”يڪو يڪو تاڪيو!“ مون کي تعجب لڳو. هي بهري جا
دڪاندار ته ٻه چار سال اڳ اچبو هو ته وال وال ڪپڙي
وٺڻ تي به خوشامندون ڪندا هئا. هينئر ڏسندي ئي
ڏسندي سنگاپور چڱي ترقي ڪئي آهي. هر ڪو هول سيل جو
دڪان ٿي ويو آهي. مون اچرج مان پڇيو مانس؛ ”سردار
جي هتي ڪنڊ پاسي ۾ توهان کان تاڪين جي تاڪيا ڪير
ٿو وٺي“
ٻه چار افغاني ان وقت دڪان جي ٻاهران لنگهي رهيا
هئا. انهن ڏي اشارو ڪندي چيائين؛ ”اسان جا اڄڪلهه
وڏا گراهڪ پاڪستاني آهن. تاڪيا ته ڇا هي جيڪي دٻا
ڏسو ٿا _ جن ۾ ٻاهتر ٻاهتر تاڪيا اچن ٿا _ اهي دٻا
يڪا يڪا ڊزن وٺيو وڃن. ڪڏهن پاڻيءَ واري جهاز رستي
ڪڏهن هوائي جهاز رستي _ ڪراچيءَ کڻي ويندا آهن.“
سک دڪاندار ساهه کڻي چيو؛ ”خبر ناهي ڪٿي ڪٿي هيڏو
مال وڃيو ٿا وڪڻن.“
”توکي مال وڪڻڻ جي ڳڻتي آهي،“ مون دل ۾ سوچيو،
”مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي افغاني، هي
بنگالي، هي ايراني خبر ناهي ڪٿان پاسپورٽ ۽ شناختي
ڪارڊ هٿ ڪرايو رات اندر پاڪستاني ٿيو وڃن.“ ۽ هاڻ
وري اهي ڳالهيون هن هوٽل ۾ ويهي سوچي رهيو هوس ۽
ملئي ڇوڪريءَ اچي وچ ۾ ڳالهايو؛ ”سائين اڃا ٿورو
انتظار ڪرڻو پوندو جو ٻاهر جا ڪجهه آيل آرڊر اڃا
آهن.“
سنگاپور کان ملائيشيا واپسي
مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هن هو ٽل مان نڪرڻ لاءِ
سٺو بهانو مليو. جهاز جي پگهار واري کي به هاڻ ته
هن هوٽل ۾ کائڻ لاءِ ٻه دفعا سوچڻو پوندو. گهٽ ۾
گهٽ ڪناري جي هن گهٽ پگهار واري نوڪريءَ ۾ ته ههڙي
عياشي بنهه نه ٿي ڪري سگهجي. خاص ڪري هن وقت جڏهن
هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. ۽ جي اسان واري ملائيشيا
ويندڙ ٽئڪسي مونکان نڪري ويئي ته ملاڪا تائين ٽي
سؤ ميل جهاڳڻ لاءِ سوا سؤ کن ڊالرن جي اڪيلي سر ٻي
ٽئڪسي ڪرڻي پوندي يا ٻه سؤ ڊالرن جي چٽي ڀري هوائي
جهاز ۾ ملائيشيا پهچڻو پوندو.
ٻاهر نڪتس ته هل اسٽريٽ تي ٻه مدراسي هوٽلون نظرآيون. پهرين ئي چڙهي سامهون
ايندڙ بئري کي ماني پيڪ ڪري ڏيڻ لاءِ چيم.
”يس واٽ ڊو يو وانٽ؟“ هوٽل جي بئري چيو.
هوٽل جي در وٽ ئي ديڳڙن جي قطار رکيل هئي جنهن ۾
مختلف مڇين، گانگٽن ۽ گوشتن جا ٻوڙ هئا. منهنجي
اڳيان هڪ آسٽريلين همراهه مون وانگر ان مدراسيءَ
جي هوٽل کان ماني پارسل ڪرائي رهيو هو لڳو پئي ته
هو ڪيترن ڏينهن کان هتي ماني وٺندو رهيو آهي، جو
هن کي چڱيءَ طرح ياد هو ته ڪهڙي ديڳڙيءَ ۾ ڪهڙو
ٻوڙ آهي. ان بعد مون به پنهنجي لاءِ ساڳيون شيون؛
مٽرن وارو ڀت ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ گهريو. جنهن جون هوٽل
واري ٻه ٿيلهيون ٺاهيون ۽ ٽينءَ ۾ بصر، ساون مرچن،
۽ ونگن جي ڪاتر وڌي.ڏهن ڊالرن جو نوٽ هٿ تي رکيو
مانس، ڇهه ڊالر ۽ اسي سينٽ واپس ڪيائين.
ٻاهر نڪتس ته شينٽن وي واري بس تيار بيٺي هئي،
جنهن کي پنجاهه سينٽ ڏيئي اچي ڪنڊ واري سيٽ تي
دريءَ پاسي ويٺس. ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ
تان اڏامي ايندڙ هيرون، اکين ۾ خمار پيدا ڪري
رهيون هيون. چوڌاري هن ٻيٽ تي اڀرندڙ گلڪاريون
هيون يا ڪڪرن سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون. دل ۾
سوچيم ته سنگاپور ته ترقي ڪندو وڃي جو ماڳهين اسان
جهڙن غريبن جي رهائش ۽ اچ وڃ جو آسرو ختم ڪري رکيو
اٿس. بس جي ڀتين ڏي چوڌاري نظر ڪيم ڀتيون خالي
خالي هيون. ڏهه سال کن اڳ هنن رستن تي هلندڙ بسن
جي هنن ڀتين تي ڌارين کي خبردار ڪرڻ لاءِ انگريزي،
تامل، ملئي ۽ چيني زبانن ۾ لکيل هوندو هو؛ ”کيسا
ڪتريندڙن ۽ چورن کان خبردار رهو.“ ۽ هاڻ هن ملڪ ۾
ئي پئسي جي ايڏي اچ وڃ ٿي وئي آهي جو هر ڪو ماڻهو
سکيو ستابو ۽ پنهنجيءَ وارو ٿي ويو آهي ۽ کيس ٻئي
جي کيسي ڏي اک وجهڻ جي فرصت ئي ناهي. ساڳي وقت
قانون تي به سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو ۽ سنگاپور دنيا
جي باحفاظت ملڪن مان هڪ سڏجي ٿو.
مئرينرس ڪلب ۾ وقت اندر پهتس. ٽئڪسي اچڻ ۾ اڃا به
اڌ ڪلاڪ کن هو. ڪمري ۾ پهچي مدراسيءَ جي هوٽل تان
ورتل ڀت ۽ ٻوڙ جلدي جلدي پليٽن ۾ لاهي کائي سامان
کڻي لفٽ ذريعي هيٺ لٿس ته سامهون واري لفٽ مان
ذوالفقار به لهي رهيو هو. آصف اڳهين ڪوچ تي ٽيڪ
ڏيئي ويٺي اسان جو انتظار ڪيو. نورالدين ڊرائيور
پڻ پنج ست منٽ اڳ اچي چڪو هو ۽ اسان جي اچڻ تي هن
اسان جو سامان ٽئڪسيءَ ۾ رکرايو. تيسين اسان
ريسيپشن تي هڪ ڏينهن هڪ رات جي رهائش جو بل ادا
ڪري ورتو. پوءِ اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين. ٽئڪسيءَ هڪ
دفعو وري گذريل ڏينهن وارن ساڳين رستن تان اسان کي
واپس وٺي هلڻ لڳي، جنهن تان هڪ ڏينهن _ چوويهه
ڪلاڪ کن اڳ ملائيشيا جي شهر ملاڪا کان سنگاپور وٺي
آئي هئي. |