انتساب
ڪموڊورمرزا اشفاق بيگ نالي
اشفاق جهڙي ڪلاس ميٽ، روم، ميٽ، دوست، سنگتي ۽ نيڪ ماڻهوءَ لاءِ
ڪو ڪتاب منسوب نه ڪرڻ وڏي ناانصافي ٿيندي . اشفاق
بيگ اسانجي ڪاليج، اسان جي سنگت، اسان جي مٽن
مائٽن ۾ ۽ پاڪستان نيوي جي هڪ پسنديده ۽ قابل
احترام شخصيت مڃيو وڃي ٿو. هن اهو مقام هڪ وڏيري،
صنعتڪار، جاگيردار، وڏي آفيسر جي پٽ يا ڀائٽي
ڀاڻيجي ڪري حاصل نه ڪيو، پر ننڍپڻ کان محنت سٺن ۽
نيڪ ڪمن ۽ اصولن تي پابند رهڻ ڪري ئي حاصل ڪيو
آهي. هو پاڻ ته هڪ غريب گهر جو ٻارهو جنهن جو والد
ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو ۽ سندس ماءُ ۽ وڏن ڀائرن
ڪشالاڪڍي کيس پڙهايو. منهنجي به قسمت سٺي چئجي جو
اشفاق جهڙو ڪلاس ميٽ منهنجو روم ميٽ ٿيو، جنهن ڪري
نه فقط کيس ويجهڙائيءَ سان جانچڻ جو موقعو مليو ۽
سٺي دوستي ٿي وئي، پر هن کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو
موقعو پڻ ملي ويو.
ننڍپڻ جو زمانو اهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻار پنهنجن دوستن کي ڏسي پاڻ
کي سڌاري يا کاري ٿو. ڇو جو اهو منهنجي اکين ڏٺو
تجربو آهي ته هڪ ٻه منهنجا ڪلاس ميٽ جڏهن مون سان
گڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندا هئا.
(ستين ڪلاس) ۾ آيا ته بيحد معصوم ۽ پڙهائي ۾ سٺا
هئا (هڪ ڄڻي ته پهريان ٻه سال نمبر ۽ انعام به
حاصل ڪيا.) پر پوءِ هنن جي دوستي اهڙن سان ٿي، جو
پڙهائيءَ تان ڌيان هٽائي رلڻ پنڻ ۽ ڪاليج کان
گسائڻ ۾ لڳي ويا. آخري ڏينهن ۾ جوا ۽ شراب به پيئڻ
لڳا ۽ انهن شين کي خراب سمجهڻ بدران انکي
Heroic Deeds
تصور ڪرڻ لڳا آئون به مئٽرڪ بعد جڏهن فرسٽ ايئر ۾
پهتس ته ڪجهه ڪلاس ميٽن کي ڏسي مون کي به سگريٽ
پيئڻ جو شوق پيدا ٿيو، بلڪه ان وقت فلمي هيرو
وانگر سگريٽ جهلي ڪش هڻڻ کي وڏ ماڻهپو سمجهبو هو،
پر چڱو جو اشفاق بيگ جهڙن روم ميٽن جي سمجهاڻيءَ ۽
نصيحت اهڙو اثر ڪيو جو هميشه جي لاءِ هن کان پري
رهيس. يعني سگريٽ کان اشفاق بيگ کان نه.
ايترو لکڻ کان بعد هتي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ بي مهل نه ٿيندي بلڪه
مائٽن توڙي شاگردن لاءِ
Guide line ثابت ٿي سگهي ٿي ته، اسان کان هڪ سال جونيئر ڪئڊٽن مان هڪ ٻن
جو والد نيوي ۾ هجڻ ڪري هو گهران بيئر شراب لڪائي
کڻي ايندا هئا، جيڪي پاڻ، هڪ ٻه سندن ۽ اسان جا
ڪلاس ميٽ گڏجي پيئندا هئا. (تن ڏينهن ۾ شراب تي
اڃا بندش نه پئي هئي ۽ نيوي توڙي مرچنٽ نيوي ۾
شراب عام هلندو هو بلڪه ان جي پيئڻ کي فخر سمجهيو
ويندو هو.) بهرحال شراب پيئندڙن جو اهو ٽولو باقي
ڪلاس ميٽن جي نظرن ۾ وڏي ڳالهه _ يعني ”سڌريل ۽
ماڊرن“ سمجهيو ويندو هو. باقي اسان ڄڻ جاهل،
بيوقوف ۽ اڻ آريا هئا سين. ڪڏهن ڪڏهن دعوت ۾ هڪ ٻن
نون کي به گهرائيندا هئا، ۽ اهي به فخر محسوس ڪندا
هئا ته کين عزت بخشي وئي آهي. انٽر جي امتحانن جي
ڏينهن ۾ هنن همراهن کاڌي پيتي جي هڪ وڏي دعوت ڪئي
جنهن ۾ مونکي به گهرايائون. مون کي ياد آهي ته مان
پنهنجي ڪمري مان تيار ٿي وڃي رهيو هوس ته رستي ۾
هڪ ٻئي دوست نور احمد نظاماڻيءَ پڇيو ته، ڪيڏانهن
پيو وڃين.
مون کيس، ٽيڙيءَ مان ٻڌايو ته بيئر پارٽي پئي ٿئي، ان لاءِ
مونکي به دعوت آهي. ”ڪيڏي غلط ڳالهه آهي“،
نظاماڻيءَ مون کي سمجهايو، ”منهنجي ته صلاح اٿئي
ته نه وڃ ۽ شراب نه پيئجانءِ . گهٽ ۾ گهٽ قسم
کڻي سگهندين ته مون نه پيتو آهي.“
آئون مايوس ٿي موٽي آيس رستي تي اهو ئي سوچيم ته اجايو
نظاماڻيءَ کي ٻڌايم. هن تي لئه ٿي رکيم سا ته نه
رکي سگهيس، رهندو منهنجو مزو خراب ڪيائين. ڪمري
تي پهتس ته روم ميٽ اشفاق بيگ مون کان منهنجي
خاموشي بابت پڇيو، کيس ٻڌايم ته هو به نظاماڻيءَ
جو هم خيال نڪتو. مون ڪاوڙ مان اشفاق بيگ کان پڇيو
”فرض ڪرو تم نيوي
join
کرتيَ هو“ کيا وهان بهي نهين پيو گي“
”هرگز نهين کيا پينا ضروري هي؟“ هن عزم سان جواب ڏنو.
ڀلو ٿئي انهن دوستن جو جيڪي مون لاءِ
Blessing
ثابت ٿيا ۽ منهنجي ذهن ۾، بلڪه ڪچي ذهن ۾، اٿندي ئي صحيح ڳالهه
وڌائون ته وڏ ماڻهپائي ڪا اوچا ڪپڙا پائڻ، سگريٽ
ڇڪڻ ۽ شراب پيئڻ ۾ ناهي. اڄ ان کي چاليهه سال ٿيا
آهن، اشفاق بيگ پاڪستان نيوي لاءِ چونڊجي ويو ۽
نيول ڪئڊٽ اشفاق بيگ مان مڊ شپ مئن ٿي ويو. پوءِ
سب ليفٽيننٽ، ان بعد ليفٽيننٽ ڪمانڊر ۽ ڪئپٽن ٿي
هاڻي ڪموڊور اچي ٿيو آهي (جيڪا رئنڪ آرمي جي
”برگيڊيئر“ برابر آهي.) هو اسلام آباد کان ڪويت ۽
ڪراچيءَ تائين ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهيو آهي، پر
هن شخص ڪڏهن به شراب کي هٿ نه لاتو آهي. ساڳيو حال
نور احمد نظاماڻيءَ جو آهي جيڪو پنجونجاهه سال
يورپ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وڏين جاين تي رهيو آهي.
ابي ڏاڏي کان وڏو زميندار آهي. پر هن سڄي زندگي
سادگيءَ ۾ گذاري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته
سادگيءَ ۾ ئي عظمت آهي. پاڻ سگريٽ ۽ شراب کان ته
پري رهيو آهي، پر ڪپڙي لٽي جو به ڏيک نه ڪيو اٿس.
شلوار قميس کان پتلون ڪوٽ تائين کڻي ڇا به فيشن
اچي وڃي، پر هو پنهنجي ئي اسٽائيل ۾ نظر اچي ٿو.
هن کي لکڻ پڙهڻ، سماجي ۽ خير جي ڪمن کان ئي فرست
نه ٿي ملي جو کڻي فئشن جهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڏئي.
اشفاق بيگ سان منهنجو هڪ ئي روم ۾ رهڻ جو واقعو به اوچتو ٿيو.
مون ته پنهنجي ڳوٺاڻي ڪلاس ميٽ نجم انصاري (هاڻ
ڪمانڊر پاڪستان نيوي ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر شگرملز)
سان ئي رهڻ چاهيو ٿي، پر ڪاليج مير پور خاص کان
پيٽارو شفٽ ٿيڻ تي هن کي اسان جي لياقت هائوس
(ڊويزن) ۾ رکڻ بدران نئين هاسٽل ايوب هائوس ۾
ٽرانسفر ڪيو ويو، مون ان ڳالهه جي شڪايت ۽ ڏک جو
اظهار جڏهن پنهنجي پيءُ سان ڪيو ته، پاڻ منهنجي
ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ بدران مون کي سمجهايائون:
”سڄي زندگي رڳو ڳوٺ جا يا سنڌي ڳالهائيندڙ توسان گڏ ڪونه هوندا.
تو کي ٻين سان به گڏ رهڻ کپي ۽ هنن جون سٺيون
ڳالهيون سکڻ کپن، جيڪڏهن نئون روم ميٽ پڙهڻ ۾ سٺو
آهي سٺيون عادتون اٿس ته پوءِ توکي هن سان گڏرهڻ ۾
عار نه هئڻ کپي. چاهي هو مهاجر هجي يا پنجاپي شيعو
هجي يا سني، ڀلي امير يا ڪنهن وڏي آفيسر جو پٽ نه
هجي، ڀلي غريب ۽ يتيم هجي“
بابا جي اها نصيحت ايندڙ زندگيءَ ۾ نه فقط مون لاءِ ڪارآمدثابت
ٿي بلڪه منهنجي ٻين ڪلاس ميٽن: بشير وسطڙو، عالم
هاليپوٽو ۽ علي رضا ميمڻ لاءِ پڻ جيڪي ان وقت مون
سان گڏ بابا جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا ۽ ان وقت ڪئڊٽ
ڪاليج پيٽارو ۾ سڄي پاڪستان جا شاگرد ايندا هئا،
گلگت کان ڪوئيٽا چمن تائين جا ۽ اسان هاڻ سنڌي پاڻ
۾ ٽولو ٺاهي هلڻ بدران سڀني سان رلي ملي ويا سين.
ڪئڊٽ ڪاليج بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ، ورلڊ مئري
ٽائيم يونيورسٽي سئيڊن، مئري ٽائيم اڪيڊمي
ملائيشيا ۾ توڙي مختلف جهازن تي رهائش دوران مون
کي ڪڏهن به تڪليف نه ٿي. ڪيترن هنڌن تي سنڌي ته ڇا
پر ڪو پاڪستاني به گڏ نه هوندو هو ته به مون لاءِ
گذارو ڪرڻ ڏکيو نه رهيو. منهنجي هميشه اها ڪوشش
رهي ته ٻين جي سٺين ڳالهين جي مڃوتي (اعتراف) ڪجي
۽ سکڻ /اپنائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ۾
موجود ڪمزوريون قبول ڪرڻ کپن. ان بعد ئي انهن کان
نجات حاصل ڪري سگهبي. مونکي ڄاڻ نه آهي ته هن وقت
جي سنڌي شاگرد جي ڇا سوچ آهي پر اسان جي ڏينهن ۾
اسان گهڻا تڻا شرميلا هئاسين. غير سنڌي شاگردن
توڙي ماسترن کان ڪجهه پڇندي پيا لنوائيندا هئا
سين. پنهنجو ٽولو ٺاهي پيا هلندا هئا سين. سواءِ
ايڪڙ ٻيڪڙ جي گهڻن جو رجحان نه پڙهائيءَ ۾ هوندو
هو نه ئي وري راندين ۾. مائٽ به ايندا هئا ته انهن
جو به رڳو خرچيون ڏيڻ تي زور هو. پاڻ سان بسڪٽ،
ڪيڪ ۽ مٺايون آڻي اسان کي ويتر چٽر ۽ سست بڻائي
ڇڏيندا هئا. وڏا ڀاڪر پائي پيا ملندا هئا ۽ ويندي
مهل پيا پڇندا هئاته ڪڏهن ٿاڳوٺ اچو. ڀائر ڀينرون
پڦيون ۽ ماسيون سڀ ياد پيون ڪن. يعني ويتر اسان کي
Home sick بڻائي ڇڏيندا هئا. ۽ اهو احساس (ڪوڙو ۽ خيالي) ٿيندو هو، ته ڄڻ
اسان هتي ڪنهن قيد خاني ۾ آهيون ۽ ڪي وڏيون
قربانيون پيا ڏيون. هوڏانهن غير سنڌي شاگردن جي
ويجهو رهڻ بعد محسوس ٿيو ته هنن جا مائٽ اچڻ سان
کانئن پڙهائي جو پڇن ٿا ۽ کين اهو احساس ڏيارين ٿا
ته اسين خوش نصيب آهيون جو ههڙي ڪاليج لاءِ چونڊجي
آيا آهيون ۽ هاڻ اسان کي ان جي لائق بڻائڻ جي لاءِ
محنت ڪري پڙهڻو آهي. راندين ۽ پي ٽي پريڊ ۾ حصو
وٺڻو آهي، وغيره. اسان جي هائوس ۾ اسان کان ٻه سال
جونيئر ڪئڊٽ شاهد نالي هيرآباد حيدرآباد جو هو. هن
جو والد ته اچڻ سان هن کان پڇندو هو ته ”بيٽي ڪوئي
نماز کا وقت کذا تو نهين هوا ”يعني اسڪول جي
پڙهائي سان گڏ مذهب ۾ به هو زور هئا. جنهن لاءِ
Credit سندن والدين کي هجي ۽ اسانجي روم ميٽ اشفاق جو ته والد
به گذاري ويو هو ۽ هن کي هر وقت اهو احساس هو ته
هن جي ماءُ وڏ ي مشڪل سان اسڪول جي فين جو پورائو
ڪري ٿي. ان ڪري هڪ گهڙي به اجائي نه وڃائجي. هن کي
گهڻو وقت لکندو پڙهندو ڏسي، اسان کي به هڪ هنڌ
ڪرسي تي ويهي، لکڻ پڙهڻ جيStamina
وڌي. ۽ هاسٽل ۾ ته هو اسان
لاءِ هڪ ٽيچر به هو. اهي ڳالهيون جيڪي اسان کي
ڪلاس ۾ سمجهه ۾ نه اينديون هيون، سي ڪمري تي اشفاق
بيگ کان سکندا هئا سين. مون جهڙن جون مئٿس ۾ سؤ
سيڪڙو مارڪون هڪ اسان جي مئٿس ٽيچر ڪمانڊر
اسرارالله ڪري ۽ ٻيو اشفاق بيگ جي ڪري آيون ۽ پاڻ
ته بورڊ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو.
اشفاق بيگ جسماني طرح ايترو گهڻو پهلوان نه هو، پر
ته به هر راند ۾ حصو وٺندو هو، ويندي باڪسنگ ۾ پڻ.
چوندو هو ته رڳو پڙهڻ ضروري ناهي رانديون به ضروري
آهن.
Physical fitness is necessary for mental fitness
کيس تقريرون ڪرڻ جو شوق به ننڍپڻ کان آهي. ڪنهن جو
به ڏينهن هجي اشفاق بيگ تقرير ضرور ڪري. پراڻن
ڏينهن جي ياد ٿي اچي ته هڪ ڏينهن شام جي راندين
لاءِ ميدان تي گڏ ٿي رهيا هئا سين. اسين ڪجهه سوير
آيا هئا سين. بيٺي بيٺي اشفاق کي ڪو پور پيو سو پي
ٽي ڪرڻ واري ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي بيهي اسان کي مخاطب
ٿي تقرير ڪرڻ لڳو. اڃان ٻه چار جملا مس ڳالهايا
هوندائين ته اسان جي ڀر واري روم ۾ رهندڙ انيس
الرحمان (هاڻ پاڪستان نيوي ۾ ڪموڊور ۽ پي اين ايس
جوهر جو ڪمانڊنگ آفيسر) جيڪو اسان کان هڪ سال
جونيئر هو تنهن لڪي لڪي اشفاق جي پويان بيهي کيس
ڌڪو ڏنو ۽ اشفاق جي تقرير بند ٿي وئي. هو ڪپڙا
ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو . کيس ڪاوڙ لڳي پر يڪدم سمجهي
ويو ته انيس به چرچي ۾ ائين ڪيو آهي، پر تنهن
هوندي به چتاءُ ڪري اسان کي چيائين؛”توهان ڀلي کلو
. هڪ ڏينهن آئون ائين مٿي بيهي تقرير ڪندس ۽ توهان
کي ٻڌڻي پوندي.“ اشفاق جنهن نموني سان اسان کي
خبردار ڪيو، اهو اسانEnjoy
ڪيو ۽ ڪيترائي ڏينهن اسان انيس کي چيڙائيندا
رهياسين. ان واقعي کي اٽڪل
35 سال گذرڻ بعد گذريل سال ڪموڊور انيس پيٽارو جي
Old Boys کي
PNSجوهر
( نيوي جي اداري ) جي ميس ۾ ڊنر ڏني ۽ ڪافي دير
ڪچهري ڪندا رهياسين. اٿڻ مهل انيس کي چيم ته يار
دير ٿي وئي آهي، هاڻ گهر ڏي روانو ٿجي. خدا حافظ
لاءِ ڪا تقرير ڪرڻي هجئي ته جلد ڪا مختصر تقرير
ڪر.
”نه نه تقرير ۽ موڪلاڻي وري ڇاجي.“ اٿو ته اٿئون ” انيس اڃا اهو
چئي مهمانن کان موڪلائي رهيو هو ته اشفاق بيگ
ڏاڪڻن وٽ بيهي شروع ٿي ويو.
“On behalf of Commodore Anis, I take this
opportunity’’
انيس کلي مونکي آهستي چيو”ادا ڪٿي تقرير ٻڌڻ جو وقت اچي ويو
ڇا؟ هاڻ هيئن ڪر جو مين سئچ آف ڪر ته اوندهه ٿئي.
۽ تقرير مان جان ڇٽي وڃي، اشفاق تنهنجو ڪلاس ميٽ
آهي تنهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪندو.“ اشفاق منهنجو
ڪلاس ميٽ ضرور آهي پر مون سان گڏ سڀ ڪلاس ميٽ سندس
عزت ڪن ٿا. ويندي اهي جيڪي کانئس سينئر آهن مينجر
جنرل پرويز، ريئر ائڊمرل اظهر کان وٺي چيف منسٽر
لياقت جتوئي ۽ سيڪريٽري عاشق حسين شاهه جهڙا به
کيس عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڇو جو کين خبر آهي
ته اشفاق بيگ اصول وارو ماڻهو آهي ۽ سڄي زندگي
گذاري ٻين جي خير خواهي ڪئي اٿس. اشفاق ٻه سال
اسان جي شپنگ ڪارپوريشنPNSCجو ڊائريڪٽر پڻ ٿي رهيو آهي. پنهنجن دوست جنرل مئنيجرن (جن هن
جي ويجهو ڪم ڪيو ٿي) ڪجهه مهينن بعد، ۾ هڪ ڏينهن،
هن مون کي چيو ”يار تهنجو يار اشفاق بيگ وقت ۽
ڊيوٽي جو ڏاڍو پابند آهي. ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جو
هو دير سان اچي يا غير حاضر رهي.“
”خبر اٿانوَ،“ مون کيس ٻڌايو ”هو اسڪول جي ڏينهن ۾ به ڪڏهن به
غير حاضر نه رهيو. سڄو ڏينهن ته ڇا پر هڪ پيرڊ به
مس نه ڪيائين.“ مون کين اسڪولي ڏينهن جو هڪ واقعو
ٻڌايو. هڪ دفعي جو
Wood Work
سيکاريندڙ ٽيچر نه آيو. ان پيرڊ بعد رسيس هئي. ٻه
چار ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي، رفيع ڪاڇيلو، تاج بگٽي ۽
بشير وسطڙو ڪلاس ڇڏي هاسٽل روانا ٿي ويا. ويندي
وقت ٻاهران دريءَ مان مون کي به هلڻ لاءِ چيائون.
مون پنهنجي روم ميٽ اشفاق کي به هلڻ جي صلاح ڪئي ۽
هو يڪدم مونسان هلڻ لاءِ راضي ٿي اٿيو، پر ٻاهر
نڪري اڌ ورانڊي وٽ بيهي چوڻ لڳو ”يار آئون نه ٿو
هلان تون وڃين ته ڀلي وڃ ”آئون سمجهي ويس ته هو
پيرڊ گسائڻ نه ٿو چاهي سو سمجهايو مانس ته سبجيڪٽ
ٽيچر ته آهي ئي ڪونه، ان ڪري جهڙو ڪلاس ۾ تهڙو
هاسٽل ۾.“
”دراصل ڳالهه گُسائڻ جي ناهي.“ اشفاق بيگ مونکي لاجڪ سمجهايو،
”ڳالهه اصول جي آهي. پاڻ اڄ جيڪر ڪلاس ڇڏي ڀڄي
هلنداسين ته پوءِ عادت ٿي ويندي ۽ هر وقت ڀڄڻ لاءِ
وجھه ڳوليندا وتنداسين.“ اهو چئي هو واپس ڪلاس روم
ڏانهن موٽي ويو ۽ مجبور ٿي مون کي به موٽڻو پيو.
سو مرزا اشفاق بيگ جي ڪيترين ئي ڳالهين جو آئون به شاهد آهيان.
هن ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو، گار نه ڏني. ڪوڙ
نه ڳالهايو ۽ گلا نه ڪئي. هر وقت وڙهندڙن ۽ رٺلن
کي پرچائيندو رهندو هو. غلطي جو احساس ٿيڻ تي يڪدم
اعتراف ڪندو هو. ۽ ٻئي کان معافي وٺڻ ۾ دير نه
ڪندو هو. ٻئي جي تعريف ۾ بخيليءَ کان ڪم نه
ورتائين. بيمار ۽ ضرورت مند ڪلاسين توڙي غير
ڪلاسين جو ڏاڍو خيال ڪندو هو ۽ اها عادت هن ۾ اڃا
تائين اوتري ئي آهي، جو هر وقت ماڻهن جا ڪم ڪندو
وتي ٿو. اشفاق جا ٻه شوق هئا، جيڪي هن وقت تائين
هلندا اچن ٿا. هڪ باغباني ۽ ٻيو ڪتاب پڙهڻ. ماڻهو
ذوالفقار علي ڀٽي جي مطالعي جو ٻڌي تعجب کائين ٿا
. ته ايڏي مشغول ماڻهوءَ ايترو ڪيئن ٿي پڙهيو. پر
آئون ڪجهه ماڻهو سڃاڻان جن کي ننڍي هوندي کان
ڏسندو اچان ته هو ان ليول تائين لڳا تار پڙهندا
اچن. انهن مان ڪجهه ته منهنجا ڪلاس ميٽ (اشفاق
سوڌو) خالد مخدوم،عالم هاليپوٽو، رفيع ڪاڇيلو آهن،
جيڪي اسڪول جي ڏينهن کان ڪتابن جا ڪيڙا سمجهيا وڃن
ٿا. ۽ هنن هڪ هڪ ڪتاب نه، پر هڪ هڪ ليکڪ
(Auttor)ڪري
پورا ڪيا آهن. اسان ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ
۾ ان وقت جي انگلش ٽيچر خادم حسين جو پڻ هٿ هو
جيڪو پوءِ فيڊرل حڪومت ۾ ايجوڪيشن جو ائڊيشنل
سيڪريٽري ٿيو. هو پاڻ به ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو ۽
هر هفتي پڙهيل ڪتابن تي ڪلاس روم ۾ تبصرو ڪندو هو.
سندس هڪ خاص جملو هوندو هو. ڪنهن ڪتاب جي تعريف
ڪري چوندو هو. ”اڄ ئي اهو پڙهو ان جي پڙهڻ بنا
سمجهو ته توهان جو هن دنيا ۾ رهڻ اجايو آهي.“
اشفاق بيگ لئبرري جي ڪتابن سان گڏ پنهنجي ڪورس جي
ڪتابن ۾ به ڀڙ هو. پاڻ انٽر ۾، سنڌ جي بورڊ جي
امتحانن ۾ ٻيو نمبر آيو. (پهريون نمبر به اسان جو
ڪلاسي_لاڙڪاڻي جو اختر علي عباسي آيو هو.) اشفاق
انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلاورتي. هن
کي مڪينيڪل انجنيئر ٿيڻ جو شوق هو، پر پوءِ ڇهه
مهينا اتي پڙهڻ بعد هن کي اتان نڪرڻو پيو. مون
کانئس ڄامشورو ڇڏي منهوڙي (پاڪستاني نيول اڪيڊمي)
۾ داخلا وٺڻ جو سبب پڇيو ته هن وراڻيو هو:
”الطاف توکي ته منهنجي حال جي خبر آهي. ڇڪي تاڻي مائٽن انٽر
تائين پڙهايو، اها به اسان جي غريب ڪٽنب لاءِ وڏي
ڳالهه آهي. ڀائر به غريب ۽ ٻچڙيوال اٿم. مهراڻ
يونيورسٽيءَ جي پڙهائي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
ڏيڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري مونکي
هيڏانهن نيويءَ ۾ اچڻو پيو آهي.“
اشفاق بيگ جهڙو ذهين شاگرد جتي به وڃي ان اداري لاءِ
Asset
آهي. هن مئي
1964ع
۾ نيوي
join
ڪئي ۽ نيوي طرفان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾
B.E
ڪيائين. پاڪستان نيوي جي جهازن: بابر، خيبر،
جهانگير ۽ ڍاڪا تي سامونڊي زندگي گذاري. ڪناري جي
نوڪرين ۾ هو پاڪستان نيول انجنيئرنگ ڪاليج ۾ رهيو،
ڪويت ۾ ٽي سال ڊيپوٽيشن تي اتي جي نيوي وارن سان
ڪم ڪيائين، اسلام آباد نيول هيڊ ڪواٽر ۾ اسٽاف
آفيسر ٿي رهيو، ڊاڪيارڊ ۾ جنرل مئنيجر ٿي رهيو ۽
ٽي سال
PNSC
۾ ڊائريڪٽر
Ship Management
جي عهدي تي ڪم ڪيائين. اشفاق بيگ جي شادي
1972ع
۾ اسان جي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ عظمت ڪيانيءَ جي ڀيڻ
تسنيم سان ٿي. تسنيم شروع کان گرامر اسڪول ۾
پڙهائيندي اچي، کين ٻه ڌيون عنبرين ۽ سبين آهن،
جيڪي
MBA
ڪري رهيون آهن. ۽ هڪ پٽ ارسلان اٿن، ارسلان پڻ
اسان جي پراڻي ڪاليج، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو
آهي. انٽر بعد هو نيول اڪيڊميءَ لاءِ چونڊيو ويو،
جتي جي سالياني امتحانن ۾ مٿانهون نمبر اچڻ ڪري
کيس پنجن سالن لاءِ ترڪيءَ ۾ نيوي جا ڪجهه خاص
ڪورس ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. ڪموڊور اشفاق بيگ
جي ڄم جي تاريخ
26
جون
1944ع آهي ۽ هو اڄڪلهه
NHQ
۾ ڊائريڪٽر انسپيڪشن ائنڊ ٽيڪنيڪل ڊولپمينٽ آهي.
جنوري 1998ع
الطاف شيخ
ڪراچي
مهاڳ
جنوريءَ جو مهينو هو. نيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ باهه جي مچ جي
چوڌاري سٿيل پلال جي ڪُوئنري پاٿاريءَ تي تڏو پيل
هو ۽ مٿان رليون وڇايل هيون. ويهارو کن ماڻهو
ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا، ست اٺ پڙهيل لکيل (ڪجهه اکر
سڃاڻڻ وارا ته ڪجهه وڌيڪ سلجهيل ۽ ڳچ پڙهيل) باقي
اڻ پڙهيل هئا. پر انهن مان ڪي ته ڏاهپ ۽ سرت ۾
پڙهيلن کي دعويٰ سان ”اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين
ڪئاءِ“ چوڻ وارا جوان به موجود هئا. سياري جو
ٻهراڙيءَ ۾ لانڍيءَ هيٺان ٻريل مچ تي جيڪو به ڪڏهن
قسمت سانگي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيو هوندو. ته فقط
اهو ئي ڪچهريءَ جي ڪوڏين جي قربن، ڏاهپ جي گفتن،
وندر ورونهن جي ٻولن سوچ ۽ سرن جي دليلن بيتن،
ڏوهيڙن ۽ ڳجھارتن جي ڳولڻ ۽ ڳجهارت يا ڏور جي ڀڃڻ
تي داد ڏيندڙن جي واه واه مان لطف اندوز ٿيو
هوندو. هڪ اهڙي ئي ڪچهري ۾ يارن دوستن سان چار
چؤنڪ ڳالهين جا پئي هليا. اوڀاريون لهواريون
ڳالهيون، ڀانت ڀانت جا موضوع، ڳالهه مان ڳالهه،
ڪڏهن هالاڪو ۽ هٽلر بحث هيٺ آيا ته وري وارو آيو
ڪرنل قذافي جو ۽ محمد علي ڪِلي جي واکاڻ جو. محمد
علي ڪِلي جي بهادريءَ جو شايد ڪرشمو هو يا سندس
بدبختي هئي جو فوراً ڳالهه اچي پئي ڌاڙيلن ۾.
روزانو اغوا جي وارڌاتن، ڏينهن ڏٺي جو قتل،
رهزني، ڌاڙن ۽ ڦرن تي ڪافي گرما گرم بحث ٿيو. اها
ئي گهڙي جو ٿوري دير بعد ڳالهه ئي ٻي.
هاڻي بحث سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي شروع ٿي ويو تان جو معاملو
”پنج ند“ پار ڪري وڃي ڪالاباغ ڊيم تي پهتو. جڏهن
يارن کي ڊيم جي ٻاڙي موضوع مان مزو نه آيو ته
هاڻي ڪاهي پيا دنيا جي وڏن شهرن ۾. لنڊن، نيو
يارڪ، پئرس، هانگ ڪانگ، لاس اينجلس، شڪاگو،
سنگاپور، وغيره. هڪ شخص چيو ”اڄ ڪلهه جي تيز
رفتاريءَ جي دور ۾ ساڳئيءَ ڏينهن تي ماڻهو وڃيو
لنڊن، پئرس يا ڪنهن به ڏورانهين هنڌ وڃيو نڪري ۽
خبر تڏهن پئي جو ٻئي ٽئين ڏينهن ساڳيو ماڻهو ولايت
کان پنهنجي ماڳ موٽيو اچي. جڏهن سڄي دنيا ذري گھٽ
پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي ته پوءِ اڄ ڪلهه سفر نامن لکڻ
جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي. سفر ناما ته تڏهن ڪارگر
هئا جڏهن ملڪن جي وچ ۾ مفاصلا اڻ کٽ نظر ايندا
هئا. ۽ آمدرفت جا ذريعا ايترا وسيع ۽ تيز نه هئا.“
ڪچهريءَ ۾ ويٺل هڪ همراهه اعتراض ڪندڙ کان پڇيو: ”ٻڌاءِ تون ۽
مان ڪهڙي ولايت کان ٿي آيا آهيون. يا دوستن جي
اڄوڪي هن ميڙ ۾ هڪ ڄڻي کان سواءِ ٻڌاءِ ته اسان
مان ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ٻاهرين دنيا جو سير ڪري
آيا آهن.؟ هزارن ماڻهن مان هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو خوش نصيب
اهڙو ٿو نڪري جيڪو فارين وڃي ٿو باقي اسان ته ڄائي
ڄم کا چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي ئي پيا ڦرون، خدا
ڀلو ڪري الطاف شيخ جو جيڪو گهر ويٺي اسان کي ملڪن
جا سير ٿو ڪرائي. دلچسپ ۽ عجيب و غريب معلومات
ويٺو ڏئي ۽ اسان جي دل ويٺو وندرائي .“
اسان جو هڪ دوست جيڪو تازو جاپان مان ٿي آيو هو ۽ ڪچهريءَ ۾
موجود هو تنهن فوراً وراڻيو: ”يارو! سفر نامن لکڻ
جي جيتري هاڻوڪي دور ۾ ضرورت آهي، اوتري شايد اڳ
ڪڏهن به نه هئي.جاپان جي سڄي شهر ۾ منهنجي جيتري
رهنمائي الطاف شيخ جي سفر نامن ڪئي اوتري اتان جا
فقط گائيڊ ئي ڪري رهيا هئا. نه ته مان الطاف شيخ
جي سفر نامن جي غير موجودگيءَ ۾ شايد انهن سڀني
جاين جڳهين تي نه پهچي سگهان ها جتان هاڻي چڪر هڻي
آيس.
ٽوڪيو يا جاپان جي مکيه هنڌن (Tourist
Attraction Spot)
جن جو ڏس الطاف جي سفر نامن ۾ ڏنل هو، اتي ويس ۽
اتفاق سان ئي سي ماڳ مڪان وڌيڪ مشهور ۽ معروف هئا.
جو جاپاني گائيڊس به، ٿوري ڦير گھير کان سواءِ
ساڳين ئي هنڌن گهمڻ جو مشهورو ڏنو هو.“
هڪ نوجوان جيڪو چڱو خاصو پڙهيل ٿي لڳو تنهن ٺهه پهه اعتراض ڪيو،
”گذري ويا الطاف شيخ جي سفر نامن لکڻ جا ڏينهن.
هاڻي رڳو تڙ تڪڙ ۾ سفر جي ڊائري لکڻ تي گذارو ڪيون
ويٺو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ساڳين ساڳين شهرن ۽ ملڪن
جي باري ۾ الطاف وري وري ويٺو لکي، ائين هو اڄڪلهه
پڙهندڙن ۽ سندس سفرنامن جي خريدارن سان انصاف نه
پيو ڪري.“
اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيون هڪ ڪرڙوڍ جانٺو جوان جيڪو هن
وقت تائين چپ چاپ ويٺو هو، تنهن پنهنجا چپ چوريا:
”يار ٿڌو ٿيءُ. ساڳين ملڪن جي باري ۾ ساڳيون ڳالهيون ٿوروئي
لکيون هوندائين ٻه مهينا ٿيا مان ۽ جڙيل رڳو
ڪراچيءَ جو چڪر هڻي آيا آهيون ته جيڪي ڳالهيون
ڪراچيءَ جي باري ۾ دوستن کي مون ٻڌايون آهن ته
جڙيو وري نيون ڳالهيون پيو ڪري. مون سوچيو ياربلي!
گهميا سون ته گڏ ٿي پر هر ڪنهن جي نظر جدا جدا
نظارا پئي ڪيا. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي واري تي
جڏهن گهران نڪرندو آهيان ته ساڳين ئي رستن تان
لنگهندي ڪڏهن لنڊيون پيو لتاڙيندو آهيان. ڪڏهن
ڪاريهر ڪر کنيون مرحبا پيا ڪندا آهن. ته ڪڏهن وري
کُپرن سان به کيڪر ٿي ويندي آهي. ڪڏهن وري قسمت
سانگي ساڳين ئي رستن تي پياري پرينءَ سان به
ملاقات ٿي ويندي آهي. رستو ساڳيو پر روز نوان نوان
لقاوَ پيو ڏسندو آهيان. الطاف صاحب ته ملڪان ملڪ
پيو گهمي ۽ نوان تَڙَ پيو اورانگهي. منهنجو پٽ
مونکي الطاف شيخ جا سفر ناما پڙهي ٻڌائيندو آهي
_جس هجي سنڌڙيءَ جي انهيءَ سيلانيءَ کي جيڪو اسان
کي گهر ويٺي پيو پرڏيهه جا شهر گهمائي، ملڪن ۽
ڀانت ڀانت جي ماڻهن جا ڏس ڏئي ته ڪيئن ٿا رهن،
کائن پيئن ۽ زندگي گذارين. آخر ته ليکڪ جڏهن به
وڏن شهرن ۾ ويندو ته هر دفعي نيون ڳالهيون ڏسندو،
نوان نّظارا ڪندو، نون ماڻهن سان ملندو ۽ نت نوان
تجربا پرائيندو.“
سياري جي انگهندڙ رات جي اڌ رات لڙي چڪي هئي. سيءَ به هاڻي زور
اچي ڀريو. مچ ۾ ڪاٺيون سوريندڙ به وڃي سوڙ ڀيڙو
ٿيو هو، ڪچهريءَ مان ماڻهو هيڪڙ ٻيڪڙ ٿي اٿندا ويا
۽ اسان ”جيئي الطاف“ جو نعرو لڳائي وڃي بستري داخل
ٿيا سين. ننڊ ته ڄڻ سيرانديءَ کان ئي ستي پئي
هئي،سمهڻ شرط وڪوڙي وئي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الطاف سفر نامن جو سرواڻ آهي. کيس سنڌ جو
سند باد، ابن _ بطوطه ۽ مارڪو پولو چئجي ته ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته کيس گهمڻ ڦرڻ، دنيا کي ڏسڻ ۽
عام محاوري ۾ ست سمنڊ اورانگهڻ جو جيڪو موقعو مليو
آهي ته ان کي هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي.پر انهن پنڌن
۽ ڏورانهن ڏيهن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو وائٺو پسيو ۽
پرجهيو اٿائين ان مان نه رڳو پاڻ گهڻو ڪجهه پرايو
اٿس پر پنهنجن تجربن جو نچوڙ سفر نامن جي صورت ۾
سنڌ واسين آڏو رکيو اٿائين ته اوهان به پڙهو ۽
پرايو. جتي به وڃي ٿو پنهنجن اکين کان ڏسڻ جو پورو
ڪم وٺي ٿو. سندس نظرون هيڏي هوڏي، جاڏي ڪاڏي، چؤ
طرف ۽ چوڌار هر ڏسڻ جهڙي شيءِ کي فوڪس ۾ آڻي سندس
ذهن جي پردي تي پنهنجون تصويرون ٺاهينديون رهن
ٿيون.
فرست جي گهڙين ۾ الطاف قلم کڻي، سندس ذهن جي ڪئنوس تي چٽيل
منظرن جي اهڙي تي هو بهو عڪاسي ٿو ڪري جو ڄڻ
پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي پيو گهمي ڦري. ڪيترن
ماڻهن جي برعڪس هو اکين هوندي، پنهنجون اکيون ٻوٽي
نه ٿو هلي پر سدائين پنهنجيون اکيون کليل ٿو رکي.
اکين سان فقط نهاري ڪونه ٿو پر مشاهدو ٿو
ماڻي.سندس مشاهدي جي قوت (Power
of Observation)
تمام وسيع نظريي واري آهي. لاکيڻي لطيف، ماڻهن جي
ظاهري ڪنن، جيڪي هر ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا،
جي باري ۾ چيو آهي؛
هي ڪَنَ گاڏا وڪڻي، ڪن ٻيا ڳنهيج،
تنين ساڻ سڻيج،
سپريان جي ڳالهڙي.
الطاف ڀٽائي بادشاهه جي ان بيت تي عمل ڪندي، پنهنجن اکين کان
سرسري ۽ سطحي ڪم نه ٿو وٺي، پر هر شيءِ کي اندر جي
اک سان پوري طرح جاچي جوچي وٺي ٿو. ساڳي وقت هو
پنهنجي ديس جي محبت کان سواءِ هو پنهنجي بيان کي
اڻ پورو ۽ اڌورو ٿو سمجهي تنهن ڪري جڳهه جڳهه تي
پرديس ۾ مختلف هنڌن ۽ ماڳن جون تشبيهون ۽ مثال
اچيو سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۽ واهڻن سان ملائي ۽ اهڙيءَ
طرح سنڌ لاءِ اڪيرجي اظهار سان ڄڻ پنهنجي سڪ جو
پورائو پيو ڪري. سندس هر سفرنامي ۾ اهڙيون تشبيهون
اڪيچارون موجود آهن. موجوده سفر نامي ”سنگاپور
ويندي ويندي“ ۾ هڪ اڌ تشبيهون ڪجهه هن طرح ڏنيون
اٿائين:
اسان جي شهر _ملاڪان کان، سنگاپور ايترو پري آهي جيترو موري کان
ڪراچي ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي
جيترو ڪراچيءَ کان سکر“ يا ”سڄي ملائيشيا جي ماڻهن
لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄام شورو
۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد“
الطاف ڳالهين ڳالهين ۾ وندرائڻ جو ته ماهر آهي ئي آهي.”سنگاپور
ويندي ويندي“ هر ماڻهو ان تجسس ۽ انتظار ۾ هوندو
ته الطاف سنگاپور ۾ پهچندو به سهي يا کين راهه ۾
رولي ڇڏيندو.اڃا ته روانو ڪٿي ٿيو آهي. بس هيڏانهن
هوڏانهن جي ڳالهين ۾ اهڙو ته پيو وندرائي جو دل
پئي چئي ته ڀلي في الحال پنهنجي بيان کي جاري رکي.
ملائيشيا کان سنگاپور ويندي ويندي وري ٿورڙي ئي
پنڌتي پاڻ سان گڏ اسان کي به بيهاري ڇڏي ٿو. ٿورو
انتظار ۽ بي چيني وڌي ٿي ته سنگاپور جو سير الائي
ڪهڙي وقت ڪرائيندو ته اوچتو اسان جي ملاقات
سريمبان جي اسٽيشن ماسٽر رينگا سان ڪرائي ٿو جيڪو
هندستان جو تامل هندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ مسٽر
رينگا پنهنجي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا پڙهندڙ
لاءِ ڪافي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ٿي ۽ سنگاپور
پهچڻ جي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ عارضي طور جهڪي ٿي وڃي
ٿي . اڳتي هلي وري ”ناني ڪي دوڪان“ جو ذڪر ڪري
ٿو، جيڪو پڙهندڙ لاءِ بيحد دلچسپ ۽ معلوماتي آهي.
اهڙيءَ طرح سنگاپور ويندي ويندي، رستي تي قسطين ۾
ساهيون پٽيندي ۽ فلئش بئڪ ۾ ڪي مزيدار ڳالهيون ۽
دلچسپ واقعا ۽ قصا ٻڌائيندا ته الطاف پنهنجي
پڙهندڙ سميت سنگاپور پهچي ويو آهي. جتي پاڻ به
گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي سفرنامي جي ساٿين کي به
ڪافي معلومات ڏني اٿائين، سنگاپور جي تاريخ،
جاگرافي،ثقافت، صفائي سٺائي، تعليم، صحت، ماڻهن
جون ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، انهن جون دلچسپيون،
مطلب ته هر لحاظ کان ۽ هر زاويي کان سنگاپور جي
باري ۾ ٻڌايو اٿائين _ڪتاب ۾ جڳهه جڳهه تي مکيه
جاين ۽ هنڌن جا اسڪيچ ڏئي پنهنجي بيان جو ڄڻ
”تصويري خبر نامو“ پيش ڪيو اٿس.
سنگاپور جو پيپلس پارڪ هجي يا رئفلس اسڪوائر، سينتوساٻيٽ هجي يا
ان جو ڦوهارو (Musical
Fountain) جنهن جي ذڪر ڪرڻ سان ليکڪ کي ڪراچيءَ جو رنگ به رنگي ڦوهارو
ياد ٿو اچي. جيڪو ميٽرو پول هوٽل يا ريڪس سئنيما
(جا اڄ ڪلهه هاشو آڊيٽوريم آهي.) جي ڀر واري چونڪ
۾ لڳل هو، جنهن مان ميوزڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ مختلف
رنگن جي روشني پڻ نڪرندي رهندي هئي. ڪراچيءَ واري
ڦوهاري جي ماضيءَ جي سونهن، رنگ ۽ رونق ڄڻ الطاف
جا چاڪ چڪايو وجهي.
سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن هجي يا مانگر مڇن جو فارم، چيني ۽
جاپاني باغيچا هجن يا پکين جو پارڪ، مونوريل جو
ذڪر هجي يا ڪئبل ڪار جو تذڪرو يا وري ملائيشيا کان
سنگاپور ويندي بارڊر جي آخري شهر جو هور بارو ۽
سنگاپور ۾ داخل ٿيڻ شرط ”وڊلئنڊس“ جي باري ۾ الطاف
جو تفصيلي ذڪر نه رڳو مانائتو آهي پر ڪافي
معلوماتي پڻ آهي.وڊلئنڊس (سنگاپور) ۾ هڪ خوبصورت
مسجد جو تذڪرو به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو ته هر
جمعي تي ڪيئن نه ملائيشيا جا ماڻهو هڪ تير سان ٻه
شڪار ڪن ٿا. يعني وڊلئنڊس جي مسجد ۾ نماز به پڙهن
ته ساڳئي وقت خريداري به ڪري وٺن، عبادت ۽ خريداري
ٻئي گڏوگڏ.
سنگاپور جو دلچسپ احوال پڙهي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي سنگاپور جو
سير ڪندي محسوس ڪيم، جتي 1980ع ۾ ڪوالا لمپور
(ملائيشيا) ۾ ”ايشيا-پئسفڪ انسٽيٽيوٽ فار
براڊڪاسٽنگ ائنڊ ڊولپمينٽ“ (A.I.B.D)
۾ ٽرئننگ دوران فقط ٻن ڏينهن لاءِ سنگاپور ويو هوس
۽ پنهنجي سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ تمام مختصر
احوال ڏنو اٿم ڇو ته فقط ٻه ڏينهن قسم کڻڻ لاءِ ته
صحيح آهن ته ”سنگاپور ڏسي آيو آهيان“ پر گهمڻ ڦرڻ
۽ اطمينان سان سنگاپور کي ڏسڻ وائسڻ لاءِ نهايت
ناڪافي ۽ اڻ پورا آهن.
ٻين احوالن سان گڏ الطاف جيڪو سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال
لکيو آهي اهو به واهه جو دل سان لڳو. مون ته
سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال ”شل ڪو ڳڙو پئين“
جي عنوان سان لکيو هو، سنگاپور جي هرشيءِ سٺي پر
اتان جا ڪسٽم وارا نه رڳو راشي آهن پر ساڳئي وقت
غير مذهب پڻ آهن جيڪي هر چڱي مٺي سان ساڳيو غير
شريفاڻو سلوڪ ڪن ٿا ۽ سختيءَ سان پيش اچن ٿا.
الطاف کان جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته اهاته سفر دوران پنهنجي اندر
جو حال اوريندي جڏهن ڪنهن ٿيٽر، نائيٽ ڪلب، ڊسڪو
ٿيڪ يا ڪنهن ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته اتي الطاف،
گوهي کائي، کسڪي اسان کان وڃائجي ٿو وڃي.
پڙهندڙ پريشان ته الطاف ته هاڻي هاڻي اسان سان گڏ هو، ويو
ڪيڏانهن، پر مجال آ جو هو ڳوليو به لڀي. هاڻي اهو
ڪو ٻيو ماڻهو آهي جيڪو الطاف جي اوٽ ۾ اسان سان
مخاطب آهي. ۽ فقط ايتري دير تائين اسان سان گڏ رهي
ٿو جيتري دير نائيٽ ڪلب، ڊسڪوٿيڪ يا ڇوڪريءَ جو
ذڪر پورو ٿئي . تيستائين الطاف يا ته ڪنهن مندر ۾
پوڄا پاٺ ڪرڻ ويو آهي يا مسجد ۾ نماز نيتي ٿي بيهي
رهيو آهي. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن اسان سان مخاطب
ٿئي به ٿو ته بيحد محتاط، ٿي ڪري اڻ چٽو، ابهم ۽
دٻيل دٻيل انداز ۾ منهنجي خيال ۾ ڪيترا واقعا،
حادثا، ۽ منظر هر حساس ليکڪ اُهي بيان ڪندو آهي جن
جو پاڻ هڪ اٽل حصو هوندو آهي. يا جن واقعن سان هو
پاڻ
Identify
ڪندو آهي. مون کي يقين آهي ته الطاف به اهڙن کوڙ
واقعن ۽ حادثن مان گذريو هوندو جن سندس جيءَ کي
جهنجهوڙيو هوندو: ڪٿي ميلاپ ملاقاتون، ڪٿي وڇوڙي
جا ورلاپ، ڪٿي هجر جا هاڃا، ڪٿي پيار ۾ بي
اعتداليون ۽ ان سلسلي ۾ نه بخشجڻ جهڙيون سحوون پڻ
سرزد ٿيون هونديون، پر اهڙن موقعن تي هو پنهنجي
سفر نامن ۾ پڙهندڙن کان اهڙو ته اٽڪل تي پاسيرو ٿي
وڃي ٿو جو کانئس پڇي به نٿو سگهجي ته ”يار هاڻي
هاڻي تون اسان سان گڏ هئين، انتظار ۽ تجسس جي
گهڙين ۾ ڪيڏانهن گسائي وئين؟“ ان وقت پڙهندڙ کي
هوند لذيذ ۽ سوادي مضمون ۾ ڪجهه ڦڪائي ۽ ٻاڙائي
محسوس ٿئي ٿي توڙي جو سندس هن ڪتاب ”سنگاپور ويندي
ويندي“ ۾ ڪٿي به اهڙو واقعو ڪونه لکيو اٿائين پر
تنهن هوندي به سندس اڪثر سفرنامن ۾ مون کي اها
شڪايت ضرور رهي آهي. ساڳئي وقت معصوميت ۽ اڻ محسوس
ٿيندڙ طريقي سان نازڪ معاملن ۾ سندس نٽائڻ، لنوائڻ
۽ اصل حقيقت کي اڻ سڌيءَ طرح بيان ڪرڻ جي ٽيڪنڪ تي
کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي به نٿو سگهجي.
الطاف جي قلم ۾ وڏي جاذبيت آهي، ڏانءُ به اٿس ته ڏات به. واقعن
کي خوبصورت طريقي سان بيان ڪرڻ جي خوب مهارت اٿس.
محاورن مثالن ۽ تشبيهن جو ڄڻ ڪو خزانو پاڻ سان گڏ
کيسي ۾ کنيون گهمندو وتي، موقعي ۽ مهل تي انهن کي
فٽ ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو ۽ پڙهندڙ کي وندرائي
۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي به کيس پوري سگهه آهي. البت هاڻي
اونو اهو اچي لڳو آهي ته الطاف، جهاز راني (Sailing
) ڇڏي ملاڪا ۾ هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ وڏي ٽيبل ۽
ڪرسيءَ تي وڏو صاحب بڻجي ويهي رهيو آهي. سندس عهدو
کيس ۽ اسان سڀني کي مبارڪ هجي پر سيلاني هجڻ واري
ڪيفيت مان ڦري سندس هڪ هنڌ ويهڻ واري صاحب ٿيڻ مان
انديشو اهو آهي ته اڳتي هلي ڪٿي الطاف جي نون سفر
نامن کان محروم نه ٿيڻو پوي: پر مونکي اميد نه پر
يقين آهي ته ائين نه ٿيندو. سندس اندر وارو الطاف
کيس ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي ضرور اڪسائيندو ۽ آماده
ڪندو رهندو ۽ جڏهن وڃڻ شرط پڇبو ته ”ڀائو! آهي ڪو
الطاف جو نئون سفرنامو؟“ ته اسان کي اميد ته بوڪ
سيلر مايوس نه موٽائيندو.
عنايت بلوچ
حيدرآباد
30
جون
1986ع |