باب
ٽيون
قطب الاقطاب سيد حسين شيرازيءَ جون ڪرامتون
اصل ۾ سنڌ جا (اڪثر) ماڻهو حضرت مخدوم بهاءُ الدين
زڪريا ملتاني، (ولادت: 566 هه - وفات: 661 هه)
رهمته الله عليه جا مريد هئا. حضرت سيد حسين شاهه
مراد جي فيض ۽ ڪرامتن جو غلغلو ٿيو ته، ان وقت
بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان شيخ
صدر الدين ملتان واري جو زمانو هو. ان جو ذڪر ان
شاءَ الله ڇهين باب ۾ ڪنداسون.
ان جڏهن سيد حسين شاهه مراد جي ڪرامتن ۽ بزرگيءَ
جو احوال ٻڌو ته چيو:
”سنڌ
ملڪ اسان جي فيض ۽ برڪت سان ڀريو پيو آهي. ٻيو ڪير
آهي جو اسان جي ولايت ۾ ولايت ظاهر ٿو ڪري يا ٻئي
جي گنجائش ناممڪن آهي؟“
بزرگ شيخ صدر الدين امتحان طور پنهنجي خادم هٿان
شاهه مراد ڏي کير جو ڀريل پيالو ملتان مان ننگر
ٺٽي موڪليو ته، هي اسان جي طرفان ان ڏانهن تحفو
آهي. ملتان کان ٺٽي تائين ايتري پنڌ تي به کير نه
ڦٽو ۽ هڪ ڦڙو به نه هاريو.
شاهه مراد کير جي ڀريل پيالي تي گل کڻي رکيو. مطلب
ته اسان جي جاءِ اڃا خالي آهي. جيئن کير جي ڀريل
پيالي مٿان گل تري رهيو آهي، تيئن اسان به کير جي
پيالي مٿان گل وانگر ترندا رهنداسون.
ڪن چيو آهي ته بزرگ شيخ صدر الدين طرفان سيد (شاهه
مراد) ڏي کير موڪلڻ مان هن ڪرامت جو اظهار ڪرڻ هو
ته هڪ ته جيڪو کير ٿوري وقت ۾ ڦٽي پوندو آهي، اهو
کير (ملتان کان ننگر ٺٽي) مهيني جي پنڌ تي ذائقي ۽
رنگ ۾ نه ڦٽو. ٻيو هي ته اللهوارن ڏي رڳو کير
موڪلڻ بهتر آهي. کير کان سواءِ ٻي شيءِ موڪلڻ
مناسب نه آهي.
ڪتاب جو لکندڙ (حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي) هن جا
ٻه سبب لکي ٿو:
هڪ - گل، کير تي رکڻ. کير جيڪو ڪلاڪ ٻن ۾ ڦٽي
پوندو آهي ۽ گل جيڪو ٻوٽي مان پٽجڻ کان پوءِ ته
گهڙي پل ۾ مرجهائجي ويندو آهي
۽
ايتري پنڌ تي گل جي خوشبوءِ،
ذائقو ۽ رنگ نه مٽيو. گل سر سبز تر ۽ تازو رهيو
ته، اها ڪرامت پهرين کير نه ڦٽڻ واري ڪرامت کان
وڌيڪ افضل آهي.
ٻيو - هيءُ ته اصل ۾ گل، نبي ڪريم
صلي الله عليه وسلم
جن جي پگهر مان نڪتو آهي. حضرت سيد (شاهه مراد) به
نبي ڪريم
صلي الله عليه وسلم
جن جي جسم مبارڪ جو ٽڪرو آهي. پوءِ ان ڪري هي عزت
۽ ڪرامت به پهرين کان وڌيڪ آهي.
جنهن وقت اهو گل شيخ صدر الدين (ملتاني) کي پهتو
ته عجب ۾ پيو. پوءِ هن پنهنجو خادم شاهه مراد ڏي
موڪليو ۽ خادم، شاهه مراد کي نياپو ڏنو ته، شيخ
صدر الدين توکي پاڻ وٽ (ملتان) گهرايو آهي.
(تنهن تي شيخ صدر الدين جي خادم کي) شاهه مراد چيو
ته، شيخ صدرالدين کي وڃي چئو:
”تون
ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جو اولاد آهين ۽
آءٌ (محمد
صلي الله عليه وسلم)
جن جو اولاد آهيان. جيڪڏهن نبي
صلي الله عليه وسلم
جن ابوبڪر صديق رضه ڏانهن ويندا هئا ته، آءٌ به تو
وٽ اچان ۽ جيڪڏهن ابوبڪر صديق رضه، نبي
صلي الله عليه وسلم
جن وٽ ايندو هو ته، تون بنا فرصت جي اسان وٽ اچ.“
(مطلب ته ابوبڪر صديقرضه هر روز حضور
صلي الله عليه وسلم
جن وٽ خدمت ۾ ايندو هو ۽ حضور
صلي الله عليه وسلم
جن ان وٽ ڪڏهن
بوقت
ضرورت ويندا هئا. هن صورت ۾ اڳئين جي سنت موجب
توهان کي مون وٽ اچڻ جڳائي ۽ مون کي اوهان وٽ اچڻ
نه ٿو سونهين.)
شيخ صدر الدين ملتاني هن نياپي ملڻ کان پوءِ ننگر
ٺٽي شهر ۾ آيو. (شيخ صدر الدين ٺٽي شهر ۾ اچي)
پهريان شاهه مراد جي ڪشفي قوت ۽ روحاني طاقت جي
امتحان وٺڻ لاءِ هڪ جڳهه جوڙائي ۽ ان ۾ اندر قرآن
شريف رکائي ڇڏيو. جنهن وقت سيد حسين شاهه مراد،
شيخ صدر الدين جي ملاقات لاءِ آيو ته شيخ، شاهه
مراد کي چيو ته:
”تون
سيد آهين، آءٌ تنهنجو خادم آهيان، ان ڪري هن بلند
جاءِ ۾ ويهه.“
شاهه مراد باطني ڪشف ۽ فراست سان معلوم ڪري چيو:
”هن
جاءِ مان اندران قرآن شريف ٻاهر آڻ ته پوءِ ٿا
ويهون.“
ان کان پوءِ گڏجي ويٺا ۽ تفصيلي ملا قات ڪرڻ لاءِ
ٺٽي جي مشهور
”مسجد
ڪبير“
۾ جمعي جو ڏينهن مقرر ڪيائون.
وعدي موجب (ٻئي بزرگ) جمعي جي ڏينهن
”ڪبير
مسجد“
ڏي پئي آيا ته، واٽ تي ٻلي مئي پئي هئي. شيخ صدر
الدين چيو:
”قم
باذن الله“
يعني الله جي حڪم سان اُٿ. ان وقت ٻلي جيئري ٿي
پئي.
ان کان پوءِ سيد حسين، خادم کي چيو ته وڃ رستي ۾
جيڪو ماڻهو تو کي ملي، ان کي چئو:
”اسان
جو سائين توکي سڏي ٿو.“
پوءِ خادم ويو. ان کي رستي ۾ پوڙهو برهمڻ مليو.
خادم ان کي چيو ته:
”اي
برهمڻ! اسان جو مرشد تو کي سڏي ٿو.“
جڏهن برهمڻ سيد حسين شاهه مراد جو نالو ٻڌو، ته ان
ئي وقت مٿس وجد طاري ٿي ويو. هن اتي ئي جڻيو ڇني
ڇڏيو، شاهه مراد جي خدمت ۾ آيو ۽ مسجد ۾ داخل ٿيو.
جڏهن سيد حسين نماز پوري ڪري، هڪ نظر برهمڻ تي
وڌي، ته برهمڻ چوڻ لڳو: “توهان ڪامل مرشد آهيو،
آءٌ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيان ٿو: لااله
الاالله محمد رسول الله
صلي الله عليه وسلم
(الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه
آهي، محمد
صلي الله عليه وسلم
جن الله جا رسول آهن.)
پوءِ شاهه مراد ان نئين مسلمان ٿيل برهمڻ کي چيو:
”منبر
تي چڙهي ويهه.“
اهو جڏهن منبر تي ويٺو ته، الله تعاليٰ برڪت سان
ان تي ظاهري ۽ باطني علم کولي ڇڏيا، يعني سڀ حجاب
هٽي ويا. پوءِ سورة فاتحه.
(الحمد شريف) جون چوڏنهن (الڳ الڳ) معنائون بيان
ڪيائين. انهن مان شيخ صدرالدين ست معنائون سمجهيون
۽ ست معنائون سمجهي ئي نه سگهيو. جنهن مهل وعظ
پورو ٿيو ته اٿي بيٺا ۽ سيد حسين، شيخ صدر الدين
کي چيو ته:
”مئل
کي جيئرو ڪرڻ نبين سڳورن جو خاص معجزو آهي. مڙس
(ڪامل ولي) اهو آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر سان
مئل دلين کي جيئاري. مئل دليون زندهه ڪرڻ، مئل
(ٻلين) کي جيئارڻ کان وڌيڪ افضل - شرعي ڪرامت آهي
۽ اهو غير شرعي آهي.“
(اهو واقعو ڏسي
۽
ڳالهه ٻڌي) شيخ صدر الدين عرض ڪيو:
“اي
حسين! جيئن الله تعاليٰ توکي نوازيو آهي، ائين مون
تي به مهرباني ڪر.“
پوءِ شاهه مراد مٿس ڪرامت ڀري نظر ڪئي ته، ولايت
جي مٿانهين درجي تي پهچي ويو.
پوءِ شيخ صدر الدين چيو:
”اي
حسين! تون مشائخن ۽ اسان سڀني جي
”مراد“
آهين، ڇاڪاڻ ته مون ۽ برهمڻ،
تو وٽان پنهنجون مرادون ماڻيون.“
چون ٿا ته ان ڏينهن کان پوءِ سيد حسين
”شاهه
مراد“
جي لقب سان مشهور ٿي ويو.
شيخ صدر الدين وڌيڪ چيو:
”سيد
المراد! مريدن جو خرقو عطا ڪر. (خرقو، مرشد طرفان
مريد ڪامل کي تبرڪ طور ڏنل ڪپڙي کي چئبو آهي) جيڪو
مريدن لاءِ قبر ۾ حجت توشو ٿئي.”
شاهه مراد فرمايو:
”منهنجي
مريدن کي خرقي جي ڪا حاجت نه آهي“.
شيخ صدر الدين چيو:
”سيد
المراد! تون باهه آهين
۽
شيخ صدر الدين
”حليم“.
ڇاڪاڻ ته اسان توکي اعتقاد ۽ حلم وارو بردبار لڌو
آهي.“
ان کان پوءِ وري شيخ صدر الدين جو نالو
”حليم“
مشهور ٿي ويو.
شيخ صدر الدين
”شاهه
مراد“
سان وعدو ڪيو ته،
”جيڪڏهن
اوهان جو ڪو مريد مون وٽ مريد ٿيڻ لاءِ ايندو ته،
ان کي اوهان ڏي واپس موڪليندس، البت منهنجو ڪو
مريد اوهان وٽ مريد ٿيڻ لاءِ خدمت ۾ اچي ته،
اختيار وارو آهين.“
هن (گفتگو) کان پوءِ هڪ ٻئي کان (پيار محبت سان)
دعا سلام ڪري موڪلايائون. |