باب ٻيو
سيد حسين جي ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت جي باري ۾
جڏهن پاڻ ماءُ جي کير پيئڻ جي مدت کان پوءِ فارغ
ٿيو ته (راند روند جي بجاءِ)
الله تعاليٰ جي عبادت جو لاڙو ۽ شوق ٿيس. سندس عمر
چار سال چار مهينا ۽ چار ڏينهن ٿي ته، قرآن ڪريم
پڙهڻ لاءِ مدرسي ۾ (استاد وٽ) ويهاريو ويو. استاد
کيس بسم الله الرحمٰن الرحيم ۽ الحمد الله رب
العالمين، الرحمٰن الرحيم (سورت الفاتحه) پڙهائي ته اڳتي پورو قرآن
شريف از خود پڙهڻ لڳو. ان کان پوءِ استاد وٽ ڪجهه
ڪونه پڙهيو، ڇاڪاڻ ته قرآن شريف ۽ سڀ علم ماءُ جي
پيٽ ۾ اڳيئي پڙهي آيو هو، يعني ڄمندي ڄام هو.
البت استاد وٽ بسم الله ۽ الحمد الله (سورت فاتحه)
پڙهڻ مان هن ڳالهه ڏي اشارو هو ته، هر طالب العلم
لاءِ استاد جو هجڻ ضروري آهي، جيتوڻيڪ شاگرد کڻي
اصل ۾ ڪامل هجي.
مشهور آهي ته ٻار جڏهن بسم الله کان سورت فاتحه ۾
الرحمٰن الرحيم تائين سبق پئي پڙهيو ته پنهنجي پيءُ ماءُ ۽
استاد لاءِ بخشش جي دعا ٿي گهري. ڪتاب جو لکندڙ
(حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته،
”ان
وقت سندس والد ۽ استاد حيرت ۾ اچي ويا.“
پاڻ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته ٻين هڪ جيڏن ٻارن کي
چوندو هو:
”اي
منهنجا دوستو! منهنجي لاءِ منبر وانگر مٿي جاءِ
ٺاهيو ته، توهان کي وعظ ۽ نصيحت ڪريان.“
اهي جيڏا سرتا ٻار سندس چوڻ موجب ائين ڪندا هئا ته
پاڻ مٿانهين هنڌ تي ويهي، هڪ جيڏن ٻارن کي الله
تعاليٰ جي قرآن جي حڪمن مطابق وعظ ۽ نصيحت ڪندو
هو. اهڙي طرح پندرهن سالن جي عمر تائين انهيءَ
سلسلي ۾ مشغول رهيو.
البت جڏهن پندرهن سالن جي عمر کان وڌيو ته
”ڪبير
مسجد“
(مسجد ولي نعمت) ۾ ويهي جمعي جي ڏينهن ماڻهن کي
وعظ نصيحت ڪندو هو. اهڙي ريت چاليهن سالن جي ڄمار
تائين اهو سلسلو جاري رکيائين.
جنهن وقت سندس عمر چاليهه سال ٿي ته، پاڻ
(باقاعدي) طريقت ۾ ماڻهن کي فيض ڏيڻ، بيعت ۽ مريد
ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيائون. ان جو ذڪر اسان ڇهين
باب ۾ آڻينداسون، ان شاءَ الله تعاليٰ.
ان کان پوءِ هر جمعي جي ڏينهن
”قديم
ڪبير مسجد“
۾ جمعي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ويندو هو، ڇاڪاڻ ته قديم
جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ افضل ۽ ثواب ۾ وڌيڪ
آهي. (پوءِ پاڻ پنهنجي اولاد کي به امر ڪيائين ته)
سيد حسين رحمته الله عليه جي اولاد کي لازم آهي ته
انهيءَ مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهن، ڇو ته فقيهن جي
قول موجب، قديم مسجد جو وڏو رتبو آهي.
|