باب نائون
شاهه مراد جي نَون مريدن لاءِ تلقين جو بيان
جڏهن ڪو ماڻهو شاهه مراد وٽ (مريد ٿيڻ لاءِ)
ايندو هو ته، پاڻ ان کان پڇندو هو:
”تون
مون وٽ ڪيئن آيو آهين؟“
اهو ماڻهو عرض ڪندو هو ته،
”مون
کي پنهنجي خادمن ۾ داخل ڪريو.“
پوءِ پاڻ پنهنجو هٿ ان مريد ڏي وڌائيندو هو ته،
اهو مريد محبت ۽ عزت خاطر سندس هٿ چمي اکين ٿي
رکندو هو.
پاڻ ان نئين مريد کي پهريان ٽي روزا رکڻ جو امر
ڪندو هو. هر حال ۾ سچ چوڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو.
پوءِ ان سچ چوڻ جي ڪري ٻڌندڙ خوش ٿئي يا رنج ٿئي.
وڌيڪ نصيحت ڪندا هئا ته:
”حق
جو طالب هر حال هر ڪم ۾ شريعت تي ثابت قدم رهي.
ڪوڙ ڪپت، خراب ڳالهين، گلا غيبت، چغلي بهتان،
تعزيه تي روئڻ پٽڻ ۽ دف (دهل) وڄائڻ، جيتوڻيڪ نڪاح
لاءِ هجي، انهي سڀني ڳالهين کان (مريد کي) منع ڪرڻ
جي تلقين ۽ هدايت ڪندا هئا.
”جيڪو
به انهن ڪمن جي موافقت ۽ هميشگي ڪندو، اهو منهنجو
مريد آهي، آءٌ ان جو مرشد آهيان.“
ان کان پوءِ مريد کي تلقين ڪندا هئا، چئو ته:
”آمنت
بالله ڪما هو باسمآئه
و صفاته
و قبلت جميع احڪامه.“
(ترجمو: مون ايمان آندو الله تعاليٰ تي، جيئن هو
پنهنجن نالن ۽ صفتن سان آهي ۽ مون ان جا سڀ حڪم
قبول ڪيا.)
آمنت باالله و ملائڪته
و کتبه
و رسله
واليوم الاخر و القدر خيره و شره من الله تعاليٰ و
البعث بعد الموت.
(ترجمو: مون ايمان آندو (الله تي)، سندس فرشتن تي،
سندس ڪتابن، سندس رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ان
ڳالهه تي ته، هر هڪ چڱائي ۽ برائي ان جي قدرت ۽
علم کان آهي ۽ موت کان پوءِ زندهه ڪرڻ تي.)
آءٌ چوان ٿو: اشهد ان لا الٰه
الالله وحده لاشريڪ لہ و اشهد ان محمداً عبده و
رسولہ.
(ترجمو: آءٌ شاهدي ڏيان ٿو، ته الله تعاليٰ کان
سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي، هو اڪيلو آهي ۽
آءٌ شاهدي ڏيان ٿو، ته محمد
صلي الله عليه وسلم
ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.“)
(هر مريد لاءِ سندس اها جامع تلقين هوندي هئي.)
هن وقت يادگيريءَ ۽ نصيحت طور عيد جي ڏينهن اها
پوري تلقين، سندس اولاد جي سامهون پڙهندا آهن. اهو
تلقين ۽ نصيحت جو سلسلو سندس وقت کان هن وقت تائين
هليو ٿو اچي ۽ جاري آهي.
اي مريدو! ڄاڻو ته حضرت شاهه مراد وٽ سماع (راڳ)
ڪونه هو. جيئن هينئر عيد ۽ ٻين (شادين مرادين) جي
موقعن تي دف (دهل وڄايو) راڳ رنگ ڪيو وڃي ٿو. اهو
سڀ غير مشروع يعني جائز نه آهي.
ڪن ماڻهن چيو، ته ڪتاب جي مصنف تي هيءُ شبهو
اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف ڪتاب جي هر باب ۾ اهو
لکيو آهي ته:
”شاهه
مراد شريعت جو پابند هو“،
ان ڪري (راڳ جي منع ڪرڻ جي) هتي هي ڳالهه لکي اٿس؟
مصنف (حاجي حسين صفائي) جواب ۾ چوي ٿو ته: انهن
معترضن جو دليل هيءَ حديث آهي:
”حضرت
ابوبڪر صديق رضي الله عنه!،
رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن جي خدمت ۾ آيا ته، ٻه ڇوڪريون دف وڄائي رهيون
هيون. اهو عيد جو ڏينهن هو. انهن وٽ رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن ويٺا هئا. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه!
انهن کي جهڻڪيو ۽ روڪيو ... رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن فرمايو:
”اي
ابوبڪر رضي الله عنه!
انهن کي ڇڏي ڏي. هر قوم جي خوشي عيد آهي. هيءَ
اسان جي عيد، خوشي آهي.“
ان ڪري هن حديث مان ڪراهت معلوم ڪانه ٿي ٿئي.
شاهه مراد پنهنجي تلقين ۾ چيو آهي ته:
”آءٌ
بدعت کان بيزار آهيان ۽ آءٌ سنت جماعت جو آهيان.“
هيءُ دليل تلقين ۾ موجود آهي.
(ڪتاب)
”الدستور“
جي مصنف لکيو آهي ته.
”سماع
(راڳ ٻڌڻ) ۾ ڇهه شرط آهن:
1. ان (سماع جي) مجلس ۾ سهڻا ڇوڪرا نه هجن.
2. سڀ هڪ خيال ۽ جنس وارا هجن يعني فاسق، اهل دنيا
۽ عورتون به نه هجن.
3. سماع ڪندڙ قوال جي نيت سچي هجي. ماني ۽ کاڌي
پيتي جو ارادو ۽ نيت نه هجي.
4. ماڻهو به کائڻ پيئڻ لاءِ گڏ نه ٿين.
5. ماڻهو،
ڪنهن
سبب يا علت کان سواءِ نه اچن يا پرائي پچار ۽ گلا
غيبت نه ڪن.
6. هرو ڀرو سماع ٻڌڻ وقت وجد ڪرڻ، جهومڻ، ٽپا ڏيڻ
نه گهرجن. جيڪر حقيقي طور وجد ٿئي ته منع نه آهي،
ڇاڪاڻ ته ڪن الله وارن عارفن چيو آهي ته،”ڦند
۽ ڪوڙو وجد ڪرڻ گلا غيبت کان به سخت گناهه آهي.“
حاصل مطلب ته، سماع جي باري ۾ اجازت جنيد بغدادي
(وفات 297 هجري) رحمته
الله عليه
جي زماني ۾ به ڪانه هئي. ان به سماع (ڪرڻ ۽ ٻڌڻ)
کان توبهه ڪئي هئي.
سوال: سماع ۾ رقص ناچ جائز آهي؟
جواب: جائز نه آهي.
ڪتاب
”الخلاصته”
۾ فتويٰ نقل ڪيل آهي ته:
”غير
شرعي آواز ٻڌڻ، تلوار جي وار وانگر (ايمان کي
وڍيندڙ) ۽ حرام آهي.“
”الدستور“
ڪتاب جي مصنف لکيو آهي:
”هن
روايت موجب دف، دهل، شرناء
وڄائڻ وغيره اجايو وقت وڃائڻ جو ڪم آهي. شاديءَ جي
رات نڪاح وقت اهي ساز آواز حرام آهن. جڏهن ته انهن
(سازن سرودن وڄائڻ) کان سواءِ به نڪاح جو اعلان
حاصل ٿي سگهي ٿو، ان ڪري حرام آهي. تنهنڪري ماڻهن
کي شاديءَ جي رات نڪاح وقت (ساز سرود) وڄائڻ کان
روڪيو وڃي.“
جيئن معترض، حضور
صلي الله عليه وسلم
جن جي هن قول مان ساز ۽ سماع جي جواز جو دليل وٺن
ٿا:
”اعلنوا
النڪاح ولو بالدف“
مطلب ته نڪاح جو اعلان ڪريو توڙي دف سان.
ڇاڪاڻ ته حديث جو مقصد آهي، نڪاح جو اعلان ۽
هروڀرو دف جو وڄائڻ مقصد نه آهي. جيڪڏهن ان جو دف
وڄائڻ مقصد هجي ها ته، حديث جا لفظ هن نموني اچن
ها:
”اعلنوا
النڪاح بالدف“
يعني نڪاح جو دف سان اعلان ڪريو. پوءِ دف وڄائڻ
مباح نه آهي. اهڙي طرح ڪتاب
”حساب
الاحتساب“
۾ ذڪر آيل آهي.
حضرت سيد شاهه مراد جي حياتيءَ کان هي سهڻو سلسلو
هلندڙ آهي ته، جڏهن عيدن جي نماز تان پاڻ جاءِ تي
موٽندو هو ته، ڪجهه وقت صفي ۾ اچي ويهندو هو. وٽس
مجلس ۾ قرآن شريف جا حافظ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا
هئا. اهو سلسلو اڃا (تائين) سندس پونير اولاد وٽ
جاري آهي.
اي الله! سندس اولاد کي سندس طريقي تي ثابت قدم
رک! يا اڪرم الاڪريمن يا ارحم الراحمين!
|