باب پهريون
ولادت حضرت قطب الاقطاب والافلاڪ
سيد حسين ملقب (شاهه) مراد شيرازي رحمة
الله عليه
حڪايت:
سيد حسين شاهه شيرازيءَ جو والد سڳورو سيد احمد
رحمة
الله
عليه
شيخ عيسيٰ لنگوٽي
(ساموئي جو اولياء)
جي زيارت ڪرڻ ويو ۽ ان کي چيو ته:
”اي
شيخ، مون کي پنهنجي خادمن ۾ شامل ڪر!“
ان تي شيخ (عيسيٰ لنگوٽي) ورندي ڏني: ”آءٌ توکي
شاهد ٿو بنايان ته، تنهنجي پٺ مان جيڪا هستي (يعني
تنهنجو فرزند سيد حسين شاهه مراد) ظاهر ۽ پيدا
ٿيندي، آءٌ ان جو مريد آهيان.“
حڪايت:
هڪ نيڪ عورت شاهه مراد جي والد سيد احمد کي عرض
ڪيو ته: ”خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ سيد احمد
عورت کي چيو ته،
”ڀلي
ڳالهه ٻڌاءِ.“
عورت چيو ته، ”مون سان شادي ڪر.“
هيءَ ڳالهه طئي ٿي ته انشاء
الله تعاليٰ سڀاڻي نڪاح ٿيندو. سيد احمد وعدي موجب
عورت وٽ ويو. ان عورت ڏسڻ سان شادي ڪرڻ کان انڪار
ڪيو. سيد حيران ٿي، ان عورت کان پڇيو: ”چري ته
ڪانه ٿي آهين.“ تنهن تي نيڪ عورت ورندي ڏني:
”اي
منهنجا سائين! هينئر شادي کان انڪار ڪرڻ جو سبب
ٻڌ، مون تو ۾ هڪ شيءِ ڏٺي هئي. تنهنجي منهن ۾ نور
ٿي چمڪيو، اهو نور هينئر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.“
(ان نور مان مقصد شاهه مراد هو، جيڪو سندس پيءُ
سيد احمد کان سندس گهر واري بيبي فاطمه
جي پيٽ ۾ منتقل ٿي ويو هو. ان ڪري نيڪ عورت شاديءَ
کان انڪار ڪيو.)
حڪايت:
جنهن وقت شاهه مراد جي ولادت جو وقت ويجهو ٿيو، ته
سندس ماءُ کي ويم جا تمام سخت گهڻا سور ٿيڻ لڳا.
تنهن تي بيبي سڳوريءَ پنهنجي خاوند سيد احمد کي
چوڻ لڳي:
”اي
سيد! هنن تمام سخت سورن جو ڪهڙو سبب آهي؟“
سيد وضو ڪري نماز پڙهي، تڪليف دور ڪرڻ لاءِ دعا
ڪرڻ لڳو ته، سيد جي ننڊ وانگر اک لڳي وئي. ڏسي ته
ڪو کيس چئي رهيو آهي ته:
”تنهنجو
پٽ ماءُ جي پيٽ ۾ پورو قرآن ۽ قرآني علم پڙهي رهيو
آهي. رڳو هڪ سبق باقي رهيل آهي، ٿورو صبر ڪر. ٿوري
دير کان پوءِ ٻار از خود هن دنيا ۾ اچڻ وارو آهي.“
حڪايت: جنهن وقت
ٻار ڄائو ته ان جو نالو
”سيد
حسين شيرازي“
رکيو ويو. ڄمڻ کان پوءِ اکين تي هٿ رکيل هئس.
اکيون ان ڪري نه ٿي کوليائين، جيستائين الله
تعاليٰ جي اوليائن مان پهرين نظر اوليا
ِّ تي نه پئي هئس. پوءِ اها ڳالهه ٻڌي الله
جو ولي شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) ان ٻار جي زيارت ڪرڻ
آيو، ته پوءِ سيد حسين اکيون کوليون.
جيئن مشهور روايت
آهي ته، جڏهن علي بن ابي طالب ڪرم الله وجهه ڄائو
هو، ان به اکيون نه ٿي کوليون، جيسين امام الانبياء سيدنا
محمد
صلي الله عليه وسلم
جن جي مٿس نظر پئي. نبي
صلي الله عليه وسلم
جن آيا، ته پوءِ علي المرتضيٰ اکيون کوليون. تاريخ
۾ هيءُ قصو مشهور آهي.
حڪايت: سيد حسين
جڏهن ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر آيو ته، ظاهري ۽ باطني
علم ڪشف ٿيل هئس. ٻار اڃا تنجڻن ۾ هو، ته شيخ
عيسيٰ (لنگوٽي) ولي الله سندس زيارت ڪرڻ آيو. سندس
مرتبو سڃاڻي چيائين:
”اي
حسين! پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍ.“
الله تعاليٰ جي قدرت سان ٻار هٿ ٻاهر ڪيو. شيخ
عيسيٰ اهو هٿ وٺي چميو. مٿي
۽
اکين تي لڳايو ۽
چيو:
”اوهان
جي مريدن مان پهريون مريد آءٌ آهيان، جيڪي آخر وقت
۾ ظاهر ٿيندا.“
شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو.
جيئن ته ورقه بن
نوفل، رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن کي چيو هو:
”آءٌ
اوهان جي امتين کان پهريون امتي آهيان، جيڪي آخر
زماني ۾ ظاهر ٿيندا. جيڪڏهن ان وقت آءٌ زندهه
هوندس، ته ان شاءَ الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندس.“
(ورقه بن نوفل) ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو هو.
(هيءُ واقعو تمثيل طور بيان ٿيل آهي.) ۽ هيءُ
واقعو حديث جي ڪتابن ۽ تاريخ ۾ مشهور آهي.
|