بسم الله الرحمٰن
الرحيم
مترجم طرفان مهاڳ
الحمد لله رب العالمين والصلاة و السلام عليٰ سيد
المرسلين و عليٰ آله
واصحابه
اجمعين.
سنڌ ۾ روهڙي، سيوهڻ ۽ مڪلي، ننگر ٺٽو الله وارن جا
مشهور مرڪزي ماڳ رهيا آهن. لاڙ پٽ مڪلي ۽ ٺٽي ۾
گهڻائي الله وارن جا آستان ۽ پاڪ پروردگار جي پهتل
پيارن ٻانهن جي فيض ۽ برڪت ۽ ڪرامت جا واهه ۽
واهڙ، اڏون ۽ اونهيون ڪسيون وهندڙ آهن. هر بزرگ
پنهنجي پنهنجي زماني ۾ بنا لوڀ ۽ لالچ جي خدا ڪارڻ
علمي ۽ روحاني فيض جي اڻ کٽ پالوٽ پئي ڪئي آهي.
شيطان جي چنبي ۾ ڦاٿل ۽ نفس جي اري ۾ اڙيل ماڻهن
جي رهنمائي
ڪري، انهن موڙهيل ماڻهن کي حق جي هدايت جو رستو
ڏيکاريو. صالحن جي صحبت ڪري گنهگار به نيڪ صالح
بنجي پيا.
عالمن استادن، اديبن ۽ شاعرن وري علم ۽ قلم ذريعي،
فڪر ۽ فهم، ادب ۽ علم جو نور پکيڙيو. مطلب ته انهن
فيض ۽ برڪت جي وهڪرن ۽ مٺن چشمن مان هر دور ۾
ماڻهو سڪ ۽ سوز، محبت ۽ عقيدت مطابق فيض ياب ٿيندا
رهيا آهن.
اهڙي ريت ننگر ٺٽي ۾ حضرت قطب الاقطاب سيد محمد
حسين ملقب شاهه مراد شيرازيءَ (وفات: 893 هه) جي
فيض ۽ برڪت جو سلسلو به روشن رهيو آهي. جنهن جي
سوانح ۽ احوال و آثار بابت هي ڪتاب
”تذڪرة
المراد“
(عربي) شاهد آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو اهل سنڌ
جي سامهون حاضر آهي.
حضرت شاهه مراد وڏي ڪمال ۽ تصرف وارو بزرگ هو. ان
جي صحبت ۽ فيض مان ونڊ وٺي فيضياب ٿيل مريد هن
ڪتاب
”تذڪرة
المراد“
جو مصنف حاجي حسين صفائي ٺٽوي به هڪ آهي.
|