باب اٺون
قطب الارشاد سيد مراد شيرازي جا فيض وارا خليفا
سيد شاهه مراد جا مريدن جي خدمت ۽ سار سنڀال لاءِ
اسي (80) خليفا آهن. اهي فيض وارا خليفا رات ڏينهن
هر وقت مرشد جي مريدن جي خدمت لاءِ هڪيا حاضر ويٺا
هوندا هئا. انهن سڀني خليفن مان وري چار وڏا خليفا
فيض يافته هئا. 1. پير البو 2. (شيخ) نٿر 3. حسين
صفائي (هن ڪتاب تذڪرې
المراد عربيءَ جو مصنف) 4. احمد. ڪي چون ٿا ته
(شيخ) ماله چوٿون خليفو هو. مرشد جي فيض ۽ برڪت
واري نظر سان اهي چار ئي وڏا خليفا الله جي
اوليائن مان ڪامل ولي هئا.....
سڀني خليفن ۾
”پير
البو“
خلافت فضيلت ۾ مشهور هو.
پڻ محمد مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم
جن جا چار خليفا مشهور آهن.
1. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه
2. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه
3. حضرت عثمان غني ذوالنورين رضي الله عنه
4. حضرت علي حيدر ڪرار رضي الله عنه.
رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن وٽ اسي (80) اصحابي رهندا هئا، جن کي
”اصحاب
صفه“
چئبو هو. هي نبي پاڪ
صلي الله عليه وآله وسلم
جن جا سچا عاشق ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ وارا سرويچ
هئا. اهي اصحاب صفه وارا هميشه رسول الله
صلي الله عليه وسلم
جن جي مسجد نبويءَ (لڳ صفه) ۾ رهندا هئا.
هي اسي (80) ڄڻن جي تعداد جو رڳو مثال آهي. باقي
اصحاب صفه وارن سان فضيلت، سخاوت، عبادت، شجاعت ۽
همت ۾ ڪير به مٽ نه آهي.
نبي
صلي الله عليه وسلم
جن کان پوءِ سڀني ماڻهن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي
الله عنه
ڀلارو آهي. اولياء الله
به خلق ۾ داخل شامل آهن. خلفاء راشدين
۽ نبي
صلي الله عليه وسلم
جن جا سڀ اصحاب سڳورا سڀني اوليائن کان وڌيڪ ڀلارا
آهن.
اهڙيءَ طرح شاهه مراد جا خليفا به ان وقت جي ٻين
ولين جي خليفن کان شان ۾ سوايا آهن. انهن جي وچ ۾
آسمان زمين جيترو فرق سمجهون ٿا. پوءِ هي تعداد ۾
مناسبت مثال طور آهي. حضرت شاهه مراد رحمته الله
عليه هر ڪم ۾ شريعت جو عامل ۽ طلبگار هو.
حڪايت:
هڪ ڏينهن سيد شاهه مراد جي مجلس ۾ خليفا ويٺا هئا.
انهن خليفن عرض ڪيو ته:
”يا
مرشدي! (دلي تمنا آهي ته) اوهان سان گڏ هلي (ڪعبته
الله جو) حج ڪريون.“
شاهه مراد خليفن کي چيو:
”اسان
تي حج فرض نه آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ (دنيا کي ڇڏيندڙ)
تارڪ فقير آهيان. آءٌ هن وقت به الله جو گهر (بيت
الله) اکين سان ڏسي رهيو آهيان. رستي ۾ اهل
البدعته ماڻهو رهن ٿا. ان سبب ڪري اسان اوڏانهن
ڪونه ٿا وڃون.“
خليفن عرض ڪيو ته،
”سائين
اهل البدعته مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن؟“
شاهه مراد ارشاد فرمايو:
”اهي
رافضي ماڻهو آهن. انهن کان الله تعاليٰ جي پناهه
ٿا گهرون! انهن رافضين جي سبب ڪري ئي اسان جي وڏن
پنهنجو وطن (شيراز - ايران) ڇڏيو ۽ (پيار ۽ امن
واري سر زمين) سنڌ ۾ اچي رهيا.“
هن ڳالهه کان پوءِ خليفن ڏي فيض جي نظر سان ڏٺائين
ته سڀيئي خليفا مڪاشفي وارا ٿي ويا (يعني انهن جي
سامهون حجاب هٽي ويا) مرشد وانگر اتي ويٺي ڪعبته
الله جو ديدار ڪيائون.
شاهه مراد جا خليفا سندس حياتيءَ ۾ گذاري ويا هئا.
ان ۾ به حڪمت آهي. الله تعاليٰ جي حڪمتن مان هيءَ
حڪمت به حڪمت کان خالي نه آهي.
محمد مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم
جن جا خليفا سندن وصال کان پوءِ هن دنيا مان گذاري
ويا. ان ۾ به حڪمت آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي نبي
پاڪ جا خليفا سندن حياتيءَ ۾ اڳ ئي گذاري وڃن ها
ته، پوءِ نبي
صلي الله عليه وسلم
جن جي وصال کان بعد نبي
صلي الله عليه وسلم
جن جي ظاهري غير موجوگيءَ ۾ جهان برباد ٿي وڃي ها،
ڇو ته دنيا جهان جو نظام نبي
صلي الله عليه وسلم
جن جي نبوت تي موقوف ۽ بيٺل آهي.
شاهه مراد جي خليفن جي حياتي ۽ مماتي هڪ جهڙي آهي،
ڇاڪاڻ ته بيشڪ شاهه مراد جو پنهنجو اولاد سندس
وفات کان پوءِ سندس گادي نشين ٿيو. ڪرامت ۽ طريقت
جو سلسلو سنڀاليو. اهي سڀ هن ذڪر ڪيل ڪمن ۾ محقق
آهن. جيئن مشهور آهي
”فعل
الحڪيم لا يخلوا عن الحڪمته“
يعني حڪيم جو ڪم حڪمت کان خالي نه هوندو آهي. هيءُ
مناسبت جو مثال تعداد ۾ آهي، باقي سڀني ڪمن ۽
فضيلت ۾ برابر نه آهي.
ان ڪري مصنف (حاجي حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو:
”اي
انسانو! ڄاڻو ته هي مرشد ۽ مريدن جو جيڪو تعداد ۾
مثال بيان ٿيو آهي، اهي سڀ مرشد ۽ مريد، حضرت محمد
مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم
جن جا امتي آهن. اسان سڀ (مرشد ۽ مريد) نبي پاڪ
صلي الله عليه وسلم
جن جي شفاعت جا اميدوار آهيون. هو رحمته
اللعٰلمين
- جهانن لاءِ رحمت آهي. قيامت جي ڏينهن اسان ۽
سڀني گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ آهي. اي الله! اسان کي
دين محمدي تي متقي پرهيزگار ڪري جيئار ۽ مار. اي
الله! اسان کي پنهنجي ديدار جي نعمت نصيب ڪر. اسان
کي (محمد) مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم
جن جي شفاعت کان نااميد نه ڪر. اي الله! نبي پاڪ
صلي الله عليه وسلم
جن جي اهلبيت جي صدقي اسان کي دنيا ۾ سندس
(فرمانبردار) امت ۾ داخل ڪر. قيامت ۾ سندس دين
اسلام تي اٿار. آخر ۾ سندس (شفاعت جي) جهنڊي هيٺان
بيهڻ نصيب ڪر ۽ اسان کي نبي پاڪ
صلي الله عليه وسلم
جن جي شفاعت جو حقدار ڪر! (آمين).“
|