سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
ڪيميائي سعادت |
رڪن ٽيون |
صفحو :9 |
رڪن
ٽيون
نفس جي رياضت
چڱو خلق پيدا ڪرڻ ممڪن آهي
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جهڙيءَ طرح آدمي
پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت کي بدلائي نٿو سگهي
(جيئن ته ڇوٽو وڏو ٿي نٿو سگهي، ۽ نه بدشڪل
حسين بڻجي سگهي ٿو)، تهڙيءَ طرح اخلاق، جي
باطن جي شڪل آهن، بدلجي نٿا سگهن. هيءَ غلط
آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ائين هجي ها ته پوءِ
تاديب، رياضت، نصيحت ۽ نيڪ وصيت سڀ رائگان وڃن
ٿا.
پيغمبر
ﷺ
جن فرمايو آهي ته ”پنهنجا اخلاق بهتر بنايو.“
۽ ٻئي ڪندي، اِهو ڪيئن بحال ٿي سگهي ٿو، جڏهن
اسين خود ڏسون ٿا ته رياضت سان جانور کي به
سرڪشيءَ کان باز رکي سگهجي ٿو. هاڻي ڪن حآلتن
۾ آدمي بيوس آهي: مثلا، ان جي فطرت مان غصي ۽
خواهش جي پاڙئي پَٽي ڪڍڻ ممڪن نه آهي، ليڪن
رياضت وسيلي ان کي اعتدال جي حد تي آڻڻ ممڪن
آهي- ۽ هيءَ ڳالهه تجربي هيٺ اچي چڪي آهي. ان
هوندي به ڪن ماڻهن ۾ اهڙو ڦيرو آڻڻ به سخت
دشوار آهي. جو شخص ڪنهن بري خلق کي ڇڏڻ چاهي
ته ان لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته جنهن ڳالهه کي
بدخلق کيس همٿائي، هو هميشه ان جي خلاف عمل
ڪري، ڇا لاءِ جو (نفساني) خواهش کي، سواءِ ان
جي مخالفت جي، ٻي ڪا شيءِ ٽوڙي نٿي سگهي. هر
شيءِ کي ان جو ضد ئي ٽوڙي سگهي ٿو، جيئن ته
اها بيماري جا گرميءَ کان پيدا ٿي آهي تنهن کي
سرد شين وسيلي ئي دفع ڪري سگهجي ٿو. جو شخص
پاڻ ۾ نيڪ ڪمن جي عادت وجهي ٿو، ته ان ۾ نيڪ
اخلاق پيدا ٿين ٿا شريعت، جو نيڪ ڪمن جو حڪم
فرمايو آهي، ان جو راز به هيءَ آهي ته دل سٺين
صفتن جي طرف مائل ٿئي ۽ برين کي ڇڏي ڏئي.
آدمي، جابه عادت تڪلف سان پيدا ڪري ٿو، سا ان
جي طبيعت ٿي پوي ٿي. ننڍو ٻار مدرسي ۽ تعليم
کان ٽهندو آهي، ۽ جڏهن ان کي التزاماً هر روز
مدرسي ۾ موڪلجي ٿو، تڏهن مدرسي ۾ وڃڻ ۽ پڙهڻ
سندس طبيعت جو جرهر ٿي (بنجي) پوي ٿو، ۽ وري
جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته ان جون سڀ لذتون محض علم ۾
ئي رهن ٿيون ۽ تعليم کان سواءِ کيس ڪو مزو نٿو
اچي. هي سڀ عادت (وجهڻ) جو ڦل آهي. جيڪڏهن ڪو
شخص پاڻ ۾ مٽيءَ کائڻ جي عادت وجهي ٿو ته بعد
۾ ان کي مٽي کائڻ کان سواءِ آرام نٿو اچي.
جهڙيءَ طرح ڪنهن بيمار کي شفا جي اميد انهن
شين جي کائڻ کان سواءِ نٿي ٿئي جن جي کيس طبيب
هدايت ڪئي آهي (جي سندس نفص کي البت ناپسند
آهن)،
تهڙيءَ طرح دل جي بيدارين (بدخصلتن ۽ ڪريل
صفتن) جو علاج، نفس جي خواهشن جي مخالفت ڪرڻ ۽
شارع جي حڪمن تي هلڻ کان سواءِ ٿي نٿو سگهي،
ڇا لاءِ جو پيغمبر سڳورا ماڻهن جي دلين جا
طبيب آهن. ماڻهوءَ ۾ چڱن گڻن جا ٽي سبب آهن:
پهريون انسان جي اصل فطرت ۾ سٺا گڻ هجڻ- ۽
هيءَ ته محض الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ عنايت
آهي جو ڪن کي نيڪ فطرت تي خلقيو اٿس، ڪن کي
سخي، ته ڪن کي متواضع ڪري پيدا ڪيو اٿس. ٻيو،
تڪليف (زور) سان نيڪ ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽
عادت وجهڻ، ته جيئن انسان انهن جو عادي ٿي
پوي. ٽين، هي ته جيڪڏهن ڪن ماڻهن کي هو سٺا ڪم
ڪندو ڏسي، ته انهن سان سنگت رکي، جو ائين ڪرڻ
سان طبيعت انهن سٺن ڪمن کي اختيار ڪري وٺندي،
پوءِ کڻي هو پاڻ ان حقيقت کان بي خبر ڇو نه
هجي. بس، جنهن انسان کي هي ٽي ئي سعادتون نصيب
آهن ته اهو سعيد آهي، ۽ جو انهن ٽنهي کان
محروم آهي، اهو پلاشبه شقي (بدبخت) آهي.
دل جي بيماري ۽ نفس جي عيبن کي سڃاڻڻ لاءِ
تدبيرون پيدا ڪرڻ
ڄاڻڻ گهرجي ته جهڙيءَ طرح جسم، هٿ، پير ۽ اکين
جي درستي انهيءَ ۾ آهي ته جن ڪمن جي پوري ڪرڻ
لاءِ کين پيدا ڪيو ويو آهي، تن کي آسانيءَ سان
پورو ڪن- مثلا، اکيون چڱيءَ طرح ڏسن، ۽ پير
چڱيءَ طرح هلن وغيره- اهڙيءَ طرح دل جي درستي
انهيءَ ۾ آهي ته جنهن فرض جي پوري ڪرڻ لاءِ
کيس پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن کي آسانيءَ سان
پورو ڪري سگهي، ۽ پنهنجي اصل فطرت جي طبيعت
سان مانوس ٿي وڃي.
هيءَ ڳالهه ٻن شين ۾ ظاهر ٿئي ٿي: هڪڙي اِرادي
۾، ۽ ٻي قدرت ۾. ارادي ۾ ان جو ظهور هيءُ آهي
ته انسان حق تعاليٰ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به
شيءِ کي دوست نه رکي، ڇا لاءِ جو حق تعاليٰ جي
معرفت (ڄاڻ) دل جي غذا آهي. جنهن دل ۾ ان جي
محبت نه آهي، سا دل ڪمزور ۽ بيمار آهي. قدرت
مان مراد هيءَ آهي ته ان لاءِ حق تعاليٰ جي
فرمانبرداري ڪرڻ اهڙي آسان ٿي وڃي جو زور سان
ان کي پوري ڪرڻ جي ڪا حاجت ئي نه رهي ۽ اٽلو
اها سندس لذت ۾ خوشيءَ جو باعث هجي. جيڪڏهن ڪو
شخص هيءَ ڳالهه پنهنجي دل ۾ نه ڏسي، ته سمجهي
ڇڏي ته منهنجي دل بيمار آهي، ڇا لاءِ جو اِها
دل جي بيماريءَ جي نشاني آهي، ۽ اهڙي بيمار کي
علاج جي طرف رجوع ٿيڻ گهرجي. ليڪن اڪثر ڏٺو
ويو آهي ته آدمي پنهنجي عيبن کان بيخبر ۽ انڌو
رهندو آهي، ۽ انهن کان واقف ٿيڻ لاءِ سندس چار
رستا آهن: پهريون، ڪنهن ڪامل مرشد جي صحبت ۾
وڃي رهڻ گهرجي، ته جيئن هو ان جي طرف توجهه
ڏئي ۽ سندس عيب کيس ٻڌائي. مگر هيءَ ڳالهه هن
زماني ۾ ورلي لڀندي ( اهڙا ڪامل مرشد خير ڪو
آهن)، ٻيو، ڪنهن مهربان دوست خوشامند جي سندس
عيب ان اڳيان ظاهر ڪندو رهي، ۽ حاسد ٿي ڪري
وڌاءَ کان ڪم نه وٺي. هيءَ ڳالهه به هن دور ۾
ڏاڍي ڏکي آهي. ٽيون، پنهنجي حق ۾ دشمن جي
ڳالهه کي ڪن ڏئي ٻڌي، ڇاڪاڻ ته عام طور دشمن
جي نگاهه عيبن تي پوندي آهي، جيتوڻيڪ دشمنيءَ
جي سبب هو مبالغو ڪندو، مگر تنهن هوندي به ان
جو چوڻ سچائيءَ کان خالي به نه هوندو. چوٿون،
ماڻهن جي عيبن کي ڏسي پاڻ کي انهن کان حفاظت ۾
رکي، ۽ هيءُ گمان ڪري ته مان به انهن مثل
آهيان (يعني انهن جهڙو عيبدار آهيان).
پيٽ ۽ خواهش
جو بيان
ڄاڻڻ گهرجي ته معدو بدن لاءِ هو حوض آهي، ۽
سڀني خواهشن جو سرچشمو به اهوئي آهي. ۽ انسان
تي سڀ کان زياده غالب شيءِ خواهش (شهوت) آهي،
۽ هن ئي خواهش سببان هو بهشت کان ٻاهر آيو،
هيءَ خواهش ٻين سڀني خواهشن جي جڙ آهي، ڇا
لاءِ جو جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي، تڏهن نڪاح
جي خواهش پيدا ٿيندي آهي، ۽ آدمي پيٽ ۽ هن
نفساني خواهش کي روڪي نٿو سگهي. معدي کي اصلي
حالت تي ڇڏي ڏيڻ سڀني گناهن جي پاڙ آهي، ۽ ان
کي پنهنجو زيردست ڪرڻ ۽ منجهس بک جي عادت
وجهڻ، سڀني نيڪين جو منڍ آهي. بک مان هي فائدو
آهي جو اها دل کي صاف ڪري ٿي ۽ روشن بنائي ٿي.
ان جي برعڪس پيٽ ڀري کائڻ، آدميءَ جي دل کي
انڌو ۽ ذهن کي موڳو ڪري ٿو، ۽ ڍو ڪري کائڻ سبب
هڪ بخار انسان جي دماغ تي چڙهي ٿو، جو کيس
نادان ۽ سندس خيالن کي منتشر ڪيو، منجهايو ٿو
ڇڏي. جو شخص پاڻ کي ڪجهه بکيو رکي ٿو، ان جي
دل هوشيار ۽ داناءُ ٿئي ٿي. بک جي ڪري دل اهڙي
رقيق ٿئي ٿي، جو پوءِ ذڪر ۽ مناجات ۾ کيس
ڏاڍي راحت ۽ لذت اچي ٿي. عاجزي ۽ نرمائي به بک
مان ئي پيدا ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته جيستائين
ماڻهو پاڻ کي ان عاجزيءَ جي نظر سان نه ڏسندو
ته ڪيئن هڪ لقمي جي نه ملڻ ڪري سندس لاءِ سارو
جهان اونداهو ۽ تنگ ٿئي ٿو، تيستائين هو الله
تعاليٰ جي عزت ۽ قدرت کي نه سمجهندو. هيءَ به
حقيقت آهي ته آدميءَ جو جيڪڏهن پيٽ ڀريل هوندو
آهي، ته هو ٻين بکين کي وساري ويهندو آهي، ۽
آخرت جي عذاب کي به فراموش ڪري ڇڏيندو آهي.
جهڙيءَ طرح، سرڪش حيوان کي بک ڏيارڻ کان سواءِ
درست ڪري نٿو سگهجي، تهڙيءَ طرح سان، انسان جي
نفس جي خواهش کي بکيي رکڻ کان سواءِ مطيع ڪري
نٿو سگهجي، ۽ نفس کي مطيع ڪرڻ سعادت جي آخرين
چوٽي آهي. نفساني خواهش آدميءَ تي هن لاءِ
مسلط ڪئي ويئي آهي، ته جيئن نسل قائم رهي، مگر
ان ۾ به آدميءَ کي گهرجي ته درمياني راهه وٺي.
ٻيءَ حآلت ۾ هي معاملو هٿ کان نڪري وڃي ٿو ۽
آدمي خواهش جو پتلو بنجي پوي ٿو،- ان کي روڪڻ
جو علاج روزو رکڻ آهي، ۽ جيڪڏهن ائين به نه
ڪري سگهي ته نڪاح ڪري.
عورتن
ڏانهن نهارڻ مان نقصان
مجلس ۽ دعوت ۾ عورتن جو مردن سان بيحجاب ٿي
ملي ويهڻ ۽ نظاري بازي ڪرڻ فتني فساد جو ٻج
ڇٽڻو آهي. هيءَ ڳالهه به ورلي ٿي ٿئي ته
جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن شيءِ تي قادر ئي کڻي هجي،
ته هو پاڻ کي ان کان سلامت رکي سگهندو. بهتر
ته هيءَ آهي ته آدميءَ کي شروع ۾ ئي احتياط
کان ڪم وٺڻ گهرجي. ۽ هن بري فعل (عورتن ڏانهن
نهارڻ) جي شروعات اک کان آهي، ڇا لاءِ جو نظر
وجهڻ ڪري دل ۾ خواهش پيدا ٿئي ٿي. آدميءَ کي
گهرجي ته عورتن کان پاسو ڪري ۽ اهڙي هنڌ به نه
اچي وڃي، جنهن هنڌ عورتن جو کيس ڏسڻ ممڪن هجي،
پوءِ کڻي هو انهن کي نه ئي ڏسي سگهي، ڇاڪاڻ ته
جنهن جڳهه ڌتار هوندي آهي، تنهن جڳهه هر ڳالهه
دل ۾ بري خيال ۽ خواهش جو ٻج پوکيندي آهي.
عورتن لاءِ اهو جائز نه آهي ته هو غير محرم
مردن سان ڳالهه ٻولهه ڪن، پر جيڪڏهن اهڙو
اتفاق ٿي پوي ته نهايت بي رخيءَ سان ڳالهائين
زبان جو بيان
معلوم هئڻ گهرجي ته زبان حق تعاليٰ جي
ڪاريگرين مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ
گوشت جو ٽڪرو آهي، پر حقيقت ۾ دنيا جي هر شيءَ
۾ سندس تصوف آهي ۽ سندس تصوف کان عدم به خالي
نه آهي، ڇا لاءِ جو هيءَ عدم ۽ وجود (ٻنهي)
متعلق ڳالهائي ٿي. هوءَ عقل جي نائب آهي ۽
ڪابه شيءَ عقل جي احاطي کان ٻاهر نه آهي، ۽ هر
شيءِ جا عقل، وهم ۽ خيال ۾ اچي ٿي، تنهن کي
زبان بخوبي بيان ڪري ٿي تنهن مان دل هڪ صفت
حاصل ڪري ٿي، جيئن ته جڏهن زبان سان عجز ۽
زاري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ان وقت دل ۾ وقت ۽ سوز
جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، ۽ دل جي باهه جا بخار
دماغ جي طرف چڙهن ٿا ۽ پوءِ ڳوڙهن جي شڪل ۾
اکين کان ٻاهر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح سان، جا به
ڳالهه ان مان نڪري ٿي، ته انهيءَ جي موافق دل
۾ هڪ صفت پيدا ٿئي ٿي.
جيڪڏهن آدمي خراب ۽ ڪوڙي ڳالهه ڪري ٿو، ته دل
ڪاري ٿي ٿئي، ۽ جيڪڏهن صحيح ڳالهه چوي ٿو، ته
دل روشن ٿئي ٿي. ان سبب جي ڪري ئي، شاعر ۽
ڪوڙي ماڻهوءَ جو خواب سچو نه نڪرندو آهي، ڇا
لاءِ جو ڪوڙين ڳالهين ڪرڻ جي ڪري ان جي دل
ناهموار ٿي وڃي ٿي. پيغمبر صلعم جن جو ارشاد
آهي ته ”جيستائين دل درست نه آهي، تيستائين
ايمان مستقيم ۽ سچو نٿو رهي.“ ۽ دل سچي ان
وقت رهي ٿي، جڏهن زبان سچي هوندي آهي. تنهنڪري
زبان جي شر کان حذر ڪرڻ، دين جي اهم ڪمن مان
هڪ آهي. ٻي ضرورت ڳالهائڻ، اسلام جي خوبيءَ
کان ٻاهر وڃڻو آهي. ۽ ماڻهوءَ کي جڳائي ته هو
اهڙي ڳالهه نه چوي، جنهن جي حاجت ئي نه هجي، ۽
حتي الامڪان خاموشيءَ کي هٿان نه ڇڏي. باطل ۽
گناهه ڳالهين ڪرڻ، پنهنجي ۽ ٻين جي فسق ۽ فساد
متعلق ذڪر ڪرڻ، شراب ۽ راڳ جي مجلس جو حال
ٻڌائڻ، ۽ اهڙي مناظري جي حڪايت ڪرڻ، جنهن ۾ ٻن
آدمين درميان فحش ڪلامي ٿي هجي وغيره. کان کيس
قطعا پرهيز ڪرڻ گهرجي.
لعنت کي روڪڻ گهرجي، چاهي اها ڪنهن آدميءَ يا
جانورن متعلق هجي- مطلب ته ڪنهن به شيءِ تي
لعنت وجهڻ نهايت برو ڪم آهي. اهي ماڻهو جي
واقعي قابل مذمت آهن، تن لاءِ هيئن چوي ته
”ظالمن، ڪافرن ۽ فاسقن تي لعنت هجي، وغيره،
ليڪن متعزلي ۽ ڪراميءَ
تي لعنت ڪرڻ ۾ خطرو آهي. جو شخص ڪافر ٿي مئو
هجي (جيئن فرعون ۽ ابو جهل)، ته ان متعلق ائين
چوڻ درست ٿيندو ته فلاڻي آدميءَ تي لعنت هجي،
ليڪن يهوديءَ تي لعنت وجهڻ ٺيڪ نه آهي، ٿي
سگهي ٿو هو مون کان اڳ مسلمان ٿي پوي ۽ انهيءَ
لعنت وجهڻ واري کان بهتر ٿي وڃي.
جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته يزيد تي لعنت وجهڻ روا
آهي ته اسان چونداسون ته فقط ايترو چوڻ روا
آهي ته ”امام حسين عليه السلام جي قاتل تي
لعنت هجي، جيڪڏهن هو توبهه ڪرڻ کان اڳ مري ويو
هجي ته،“ ڇا لاءِ جو قتل ڪرڻ ڪفر کان وڌيڪ نه
آهي. يزيز جي متعلق ته هيءُ به تحقيق طور
معلوم نه ٿيو آهي ته ان امام عليه السلام کي
قتل ڪيو هو؟ ڪن جو چوڻ آهي ته اُن اهڙو حڪم
ڏنو هو، ته ٻيا وري ان کان انڪاري آهن- ۽، چون
ٿا ته هو (يزيد) راضي هو. هاڻي، هيءَ ڳالهه
ڪنهن به طرح جائز نه آهي ته ڪنهن شخص کي تهمت
جي آڌار تي گناهه سا منسوب ڪجي، ڇا لاءِ جو
ائين ڪرڻ به خود گناهه آهي. اڳين زماني ۾
ڪيترن ئي بزرگن کي قتل ڪيو ويو آهي، ليڪن
حقيقت جي ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي ته اهو ڪنهن
حڪم ڏنو. هن وقت چئن سئو سالن کان پوءِ، امام
حسين عليه السلام جي واقعي جي حقيقت کي ڪهڙيءَ
طرح سمجهون؟ جيڪڏهن ڪو شخص عمر ڀر ابليس کي
لعنت نه ڪري، ته قيامت جي ڏينهن ان کان هيءَ
سوال ڪونه پڇيو ويندو ته تو ڇو نه ان تي لعنت
ڪئي، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن تي لعنت
وڌي، ته ان متعلق کانئس پڇا ٿيڻ جو خطرو آهي.
عام طور لعنت وغيره ڪرڻ دشمنيءَ ۽ تعصب جي ڪري
هوندي آهي.
ڪوڙ
ڳالهائڻ دل تي اثر ڪري ٿو.
ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ به زبردست
گناهه آهي. حضور جن فرمايو آهي ته ”بندو ڪوڙ
ڳالهائيندو رهي ٿو، تان جو الله تعاليٰ جي
نزديڪ انهيءَ جو نالو ڪوڙن جي فهرست ۾ ليکيو
وڃي ٿو.“ ڪوڙ ڳالهائڻ هن ڪري حرام آهي، جو ان
ڪري دل ڪٽجي ڪاري ٿيو ٿي وڃي: هاڻي جيڪڏهن ڪو
شخص ڪنهن مصلحت خاطر ڪوڙ ڳالهائي ۽ دل ۾ ان کي
ناپسند ڪري، ته حرام نه آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن
ان کي ناپسند سمجهي ٿو ته اهو پوءِ دل تي اثر
نٿو ڪري ۽ دل خراب نٿي ٿئي.
هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن ظالم
جي ظلم کان تنگ ٿي ڀڄي وڃي ته اهڙيءَ حالت ۾
سچ چوڻ نه گهرجي، بلڪ ان موقعي تي ڪوڙ ڳالهائڻ
واجب آهي. ٽن حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت
آهي: پهريون، لڙائيءَ جي حالت ۾، دشمن کي
پنهنجي ارادي متعلق صحيح خبر نه ڏيڻ، ٻيو جڏهن
ٻن مسلمانن ۾ صلح ڪرائجي تڏهن هڪ کي ٻئي جي
طرفان حتيٰ المقدور نيڪ ڳالهه چئجي، پوءِ کڻي
ان ائين نه ئي چيو هجي، ٽيون، جنهن شخص وٽ ٻه
زالون هجن ته هرهڪ کي ائين چوڻ ته ”مان زياده
توکي چاهيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ظالم ڪنهن ماڻهوءَ
جي مال ۽ راز بنسبت ڪجهه پڇي، ته ان کي نه
ٻڌائڻ گهرجي، ۽ نه وري سندس پڇڻ تي ان ماڻهوءِ
جو گناهه ٻڌايو وڃي، ڇا لاءِ جو شريعت برن ڪمن
جي لڪائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
غيبت ڪرڻ حرام
آهي
زبان جي آفتن مان هڪ آفت غيبت ڪرڻ به آهي، ۽
هيءَ هڪ وڏو وبال آهي. ۽ ان کان ڪي ٿورا بچيل
آهن. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته
”غيبت ڪندڙ، (ڄڻڪ) پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت
کائي ٿو.“
غيبت اها ڳالهه آهي جا ڪنهن شخص جي عدم
موجودگيءَ ۾ سندس متعلق چئي وڃي ٿي ۽ جا
جيڪڏهن ان جي موجودگيءَ ۾ ڪئي وڃي ته ان کي ان
کان ڪراهت پيدا ٿئي، پوءِ جيتوڻيڪ اها ڳالهه
سچي به هجي. ڪيترا پڙهيل لکيل ۽ پرهيزگار پڻ
غيبت ڪندا آهن، مگر هو اهو سمجهڻ ٿا ته هيءَ
غيبت نه آهي. مثال طور انهن جي سامهون ڪنهن
شخص جو ذڪر اچي ٿو ته چون ٿا ته الحمدالله، حق
تعاليٰ اسان کي ان فعل کان محفوظ رکيو آهي.
هاڻي هن چوڻ مان هيءُ ظاهر ڪرڻ مقصود هوندو
آهي ته ماڻهو سمجهن ته فلاڻي آدميءَ اهڙو ڪم
ڪيو آهي. يا جيڪڏهن انهن جي اڳيان ڪو ماڻهو
ڪنهن ٻئي جي غيبت ڪندو آهي، ته چوندا آهن ته
”سبحان الله، عجيب ڳالهه آهي“ انهيءَ چوڻ جو
مطلب هيءُ هوندو آهي ته جيئن هو ڪجهه خوش ٿي
وڃي ۽ ٻيا جن نه ٻڌو آهي، سي به ٻڌي ڇڏين. يا
چوندا آهن ته ”اسان کي افسوس آهي جو فلاڻي
آدميءَ تي اهڙو واقعو گذريو آهي. حق تعاليٰ
شال سندس ڪفايت ڪري.“ انهيءَ چوڻ مان سندس
مقصود هيءُ هوندو آهي ته جيئن ٻيا انهيءَ
واقعي کان واقف ٿين. ڪڏهن وري ائين ٿيندو آهي
ته جڏهن ڪو شخص وٽن ڪنهن ماڻهوءَ متعلق ڪجهه
چوندو آهي ته هو ورائي چوندا آهن ته ”الله
تعاليٰ شال اسان کي توبهه نصيب ڪري.“ هن مان
سندس مراد هيءَ آهي ته جيئن ٻيا سمجهن ته هن
گناهه ڪيو آهي. هيءَ سڀ ڳالهيون غيبت ۾ داخل
آهي.
جڏهن هن طريقي سان غيبت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سان
گڏوگڏ منافقت به پيدا ٿئي ٿي، ڇا لاءِ جو انهن
ڳالهين ذريعي هو ٻين اڳيان پاڻ کي پارسا ۽
پرهيزگار ڄاڻائين ٿا، ۽ ظاهر هيءُ ڪن ٿا ته
اسين غيبت نٿا ڪريون- حالانڪ انهيءَ ۾ هو ٻن
گناهن جا مرتڪب ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جي
سامهون ڪنهن جي غيبت ڪري، ۽ هو ان کي چوي ته
”ماٺ، غيبت نه ڪر،“ ليڪن دل ۾ ان بابت ڪراهت
موجود نه هجيس، ته اهو منافق آهي، ۽ انهيءَ
غيب ڪرڻ واري سان گڏ غيب ۾ شامل آهي.
غيب ڪرڻ جهڙيءَ طرح زبان سان حرام آهي، تهڙيءَ
طرح دل سان به حرام آهي. ڪنهن جي عيب ڏسڻ ۽
ٻڌڻ کان سواءِ اُن لاءِ بدگماني ڪرڻ دل جي
غيبت آهي، دل ۾ ڪنهن جي متعلق جو ڪجهه
بدگمانيءَ جو خيال اچي ۽ اهو يقين ۽ عدل کان
بعيد هجي، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته هيءُ
(بدگمان) شيطان دل ۾ پيدا ڪيو آهي، ۽ هيءُ ته
بلڪل حرام آهي، تون ان بدگمان کي پنهنجي دل ۾
سچو سمجهي جاءِ ڏين. البت جيڪڏهن ڪنهن ارادي
کان سواءِ ڪو خيال دل ۾ پيدا ٿئي، ۽ توکي اهو
پسند به نه هجي، ته پوءِ توکي وٺ- پڪڙ نه
ٿيندي.
غيبت ڪرڻ جو حرص به آدميءَ جي دل جي هڪ بيماري
آهي، جنهن جو علاج ڪرڻ ضروري آهي: پهريون ته
ان کي انهن حديثن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي، جي
غيبت جي باري ۾ آيل آهن- مثلا، ”هر غيبت، جا
هو ڪري ٿو تنهن جي مقابلي ۾ سندس نيڪيون ان
ماڻهوءَ جي اعمالنامي ۾ لکيون وينديون، جنهن
جي هن غيبت ڪئي هوندي، تان جو سندس اعمالن ۾
ڪابه باقي نه رهندي.“ علاوه ان جي، هو پنهنجي
حق ۾ به ذرا غيبت ڪري ۽ پاڻ ۾ به عيب ڏسي، ۽
جيڪڏهن ڪو عيب نظر نه اچيس ته هيءَ خيال ڪري
ته پنهنجي عيبن کي نه ڄاڻڻ به هڪ وڏو عيب آهي.
بهرحال، ڪن حالتن ۾ غيبت ڪرڻ جائز آهي، جيئن
ته ظلم جي دانهن ڪنهن قاضيءَ جي روبرو پيش
ڪرڻ، ليڪن مظلوم لاءِ هيءُ جائز نه آهي ته
جنهن شخص مان کيس ڪو فائدو ئي نه آهي، تنهن وٽ
وڃي ظالم جو ظلم بيان ڪري.
ٽن آدمين جي شڪايت ڪرڻ، غيبت ۾ داخل نه آهي:
ظالم بادشاهه، بدعتي، ۽ ٽيون اهو ماڻهو جو
ظاهر ظهور بدڪاري ڪري. ۽ اهو ان ڪري آهي جو هي
ماڻهو خود پنهنجن عيبن کي نٿا لڪائين ۽ نه وري
ڪنهن جي چوڻ ڪري ڏکوئجن ئي ٿا.
غصو ۽ حسد
چاڻڻ گهرجي تي غصي جو غالب هجڻ هڪ مذموم صفت
آهي. آدميءَ لاءِ هيءُ ناممڪن آهي جو غصي کان
بلڪل خالي رهي، ليڪن ان کي برداشت ڪرڻ ضروري
آهي. الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي تعريف ڪئي
آهي، جيڪي پنهنجي ڪاوڙ کي کائي، ماڻهن کي معاف
ڪن ٿا. غصي کي پيدا هن لاءِ ڪيو ويو آهي ته
جيئن آدميءَ لاءِ هڪ هٿيار ٿي ڪم اچي، ۽ ان کي
نقصان کان بچائي، مگر هن ڳالهه جو خيال ڪرڻ
جڳائي ته جيئن اهو حد کان تجاوز ڪري نه وڃي،
معتدل رهي ۽ دين ۽ عقل جي مطابق ڪم ڪري.
ماڻهوءَ کي غصو ان ڪري ايندو آهي، جو جنهن
شيءِ جي کيس ضرورت هجي اها ڪو ٻيو ان کان کسڻ
جي ڪوشش ڪري، ۽ جن شين جي ضرورت نه هوندي آهي،
انهن جي کسجي وڃڻ ڪري غصو به نه ايندو آهي، ۽
جنهن شيءِ جي گهرج زياده هوندي آهي تنهن لاءِ
غصو به زياده ٿيندو آهي. لهٰذا غصي جو سڌارو ۽
علاج آدميءَ لاءِ فرض آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور
تي مڙيئي فساد ان کان ئي ظاهر ٿين ٿا- ۽ ان جو
علاج ٻن طريقن سان ڪري سگهجي ٿو:
پهريون، هي ڏسي ته اندر ۾ غصي جا سبب ڪهڙا
آهن، ۽ اُهي پنج آهن. جهڙوڪ تڪبر- ڇا لاءِ جو
متڪبر انسان وريءَ ڳالهه تي تپي باهه ٿي وڃي
ٿو- ته ان جو عملي علاج هي آهي ته ان (تڪبر)
کي عاجزيءَ سان ٽوڙي ڇڏي، ۽ هيءُ خيال ڪري ته
مان به ٻين بندن جي جنس مان آهيان ۽ بندگيءَ
جو شمار نيڪ اخلاق ۾ ٿئي ٿو ۽ تڪبر سواءِ
عاجزيءَ جي ٻيءَ ڪنهن شيءِ سان زائل نٿو ٿئي.
ٻيو سبب پنهنجي متعلق هڪ سٺو اعتقاد رکڻ آهي،
۽ ان جو علاج پاڻ سڃاڻڻ آهي. ٽيون، چرچو ۽
مسخوي ڪرڻ آهي، جنهن مان به گهڻو ڪري غصو پيدا
ٿيندو آهي، انسان کي گهرجي ته ان کان پاسو
ڪري، ۽ آخرت جي ڪمن لاءِ جدوجهد ڪري. چوٿون،
ڪنهن تي ملامت ڪرڻ ۽ اُن جي عيبجوئي ڪرڻ آهي،
۽ هيءَ ڳالهه به غصي جو موجب آهي. جو شخص پاڻ
بي عيب هجي، اهو ٻين جا عيب بيان ڪري. ۽ الله
تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوئي به بي عيب ڪونه
آهي. پنجون، مال ۽ جان جو حرص آهي،- ۽ انهن
ٻنهي جي عام طور ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن
ڪنجوس کان ٿوري شيءِ به کڻي گهربي ته هو غصي ۾
اچي ويندو. هيءُ سڀ ڳالهيون بداخلاقيءَ ۾ شامل
آهن، ۽ غصي جي جڙ آهن.
غصي جو ٻيو علاج علمي به آهي، يعني ته آدمي ان
جي برائيءَ کي چڱيءَ طرح سان سمجهي ته دنيا ۾
هيءَ شيءِ ڪيتريقدر نه نقصان ده ۽ ضرر رسان
آهي. ۽ پوءِ ان جي علاج ڏانهن توجهه ڏئي، ۽
انهن سڀني ڳالهين جي مخالفت ڪري، جي غصي جو
باعث بڻجن ٿيون. جيڪڏهن ڪو شخص ظلم ڪري يا
سختيءَ سان پيش اچي، ته بهتر آهي ته آدمي
خاموش رهي ۽ جواب نه ڏئي،- مگر بلڪل چپ رهڻ به
واجب نه آهي، ۽ نه وري هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ
ئي درست آهي. گار جي بدلي گار ڏيڻ نه گهرجي، ۽
غيبت جي موٽ ۾ غيبت ڪرڻ نه جڳائي. مگر جيڪڏهن
ڪو ماڻهو سخت ڳالهه چوي، جنهن ۾ ڪوڙ مليل نه
هجي، ته ان جي اجازت آهي- مثلا، مناسب موقعي ۾
سبب سان چوي ته ”اڙي احمق، اڙي جاهل، شرم ڌار،
ماٺ رهه“ وغيره، ڇا لاءِ جو هروڀرو هر آدمي ڪو
حماقت کان خالي نه آهي. کيس گهرجي ته چڱن لفظن
جي پاڻ ۾ عادت وجهي ۽ غصي جي وقت اهي ئي لفظ
چوي، جي فاحش نه هجن، جيئن ته ”بدبخت، ناڪس“
وغيره. حضور جن فرمايو آهي ته ”ڪن ماڻهو کي
غصو ايندو به دير سان آهي ته ويندو به دير سان
آهي، ٻين کي وري ايندو به جلدي آهي ته ويندو
به جلدي آهي ليڪن بهتر اُهي آهن، جن کي غصو
دير سان اچي ۽ جلدي لهي وڃي.“ هتي هيءَ ڳالهه
ڌيان جوڳي آهي ته جو شخص اختيار ۽ ديانت سان
غصو کائي وڃي ٿو، اهو بلاشڪ نيڪ آهي، مگر اهو
ماڻهو جو ڪمزوريءَ ۽ عجز سبب غصي کي جهلي ٿو
ته اهو غصو سندس اندر ۾ ڪٺو ٿي، تڪبر ۽ حسد جو
سرمايو بڻجي ٿو.
حسد ان کي چئبو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي
ڪجهه نعمت ملي ته توکي اها ڳالهه پسند نه اچي،
۽ تون ان نعمت جي زوال جو خواهان هجين. هاڻي،
هيءَ ڳالهه حرام آهي ۽ حق تعاليٰ جي حڪمن کي
ڄڻڪ ناپسند ڪرڻو آهي ۽ اندر جي پليديءَ جو
ثبوت آهي. پر جيڪڏهن تون اها خواهش رکين ته
توکي به ان جهڙي نعمت حاصل ٿئي، ته ان ۾ ڪا
منع نه آهي، پر ڇاڪاڻ ته حسد دل جي وڏين
بيمارين مان هڪ آهي، تنهنڪري ان جو علاج علمي
۽ عملي (ٻنهي) طريقن سان ڪيو وڃي ٿو.
علمي علاج هي آهي ته حاسد هن ڳالهه کي سمجهي
ڇڏي ته هُن جو حسد ڪرڻ سندس ئي لاءِ دين ۽
دنيا ۾ نقصان جو سبب آهي، ۽ محسوس(حسد ڪيل)
لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو آهي. دنيا ۾ سندس
نقصان هيءُ آهي ته هو هميشه غم ۽ ڏک جي عذاب ۾
ڳرندو رهي ٿو، ۽ ڪنهن به وقت ان کان ڇوٽڪارو
نٿو مليس. هيءَ ڪهڙي نه بيعقليءَ جي ڳالهه
آهي، جو هو پنهنجي دشمن جي سبب پاڻ کي اجايو
تڪليف ۾ رکي ٿو، حالانڪه دشمن کي ان سبب ڪو
نقصان نٿو پهچي. ڇا لاءِ جو ان نعمت جي لاءِ
حق تعاليٰ جي تقدير ۾ هڪ مقرر ميعاد آهي، ۽ ان
۾ ڪنهن قسم جي تبديليءَ جو اچڻ بلڪل ناممڪن
آهي، لهٰذا حاسد جو حسد ڪرڻ الله تعاليٰ جي
حڪمن ۽ تقسيم خلاف ناراضپي جو اظهار ڪرڻو آهي،
جيڪا (تقسيم) هن پنهنجي ڪمال حڪمت سان ڪئي آهي
۽ جنهن جي راز کان ٻي ڪوبه واقف نه آهي.
حسد جو عملي علاج هي آهي ته محنت ۽ ڪوشش سان
اُن جي سببن کي دل مان پاڙون پٽي ڪڍي، ڇا لاءِ
جو تڪبير، عجب، عداوت، جاه ۽ مال جي محبت
وغيره حسد جا اسباب آهن. جڏهن حسد پيدا ٿئي،
ته ان کي هن طرح روڪي ۽ بند رکي، جو جيڪي ڪجهه
حسد چوي پاڻ ان جي خلاف عمل ڪري: مثلاً جيڪڏهن
حسد ڪنهن جي مذمت ڪرڻ گهري ته هو ان جي تعريف
ڪري، ۽ جڏهن تڪبر ڪرڻ لاءِ چوي ته پاڻ عاجزيءَ
کان ڪم وٺي، ۽ جنهن وقت ڪنهن جي نعمت جي زائل
ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته اٽلو ان جي مدد ڪري، ۽ اُن
لاءِ هن کان زياده سٺو ٻيو ڪو علاج ڪونه آهي
ته پر پٺ ان جي تعريف ڪري ۽ ان جي ڪم کي بهتر
سمجهي، ته جيئن ٻڌي ڪري ان جي دل خوش ٿئي. ان
جو عڪس خود ان جي پنهنجي طبيعت تي به پوندو، ۽
اهڙيءَ طرح سان هن جي عداوت جو سلسلو ختم ٿي
ويندو.
مال جي محبت
ڏٺو ويو آهي ته مال هجڻ سبب ماڻهو پنهنجي دين
جو ٽه طرفو نقصان ڪري ٿو: پهريون، هو فسق ۽
فجور تي قادر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دلي خواهشون
خود گنهگاريءَ جي تقاضا ڪن ٿيون. آدمي جڏهن
ڪنهن ڪم تي قادر ٿئي ٿو تڏهن صبر ڪرڻ سندس
لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي، ۽ پوءِ لامحاله ان ۾
مبتلا ٿي پاڻ کي تباهه ڪندو. ٻيو ته جيڪڏهن
ديني ڪمن ۾ کڻي محڪم به هجي ۽ پاڻ کي گناهن
کان حفاظت ۾ به رکي سگهي، ته به مباح شين ۽
عيش عشرت کان پاڻ کي بچائي نٿو سگهي. اهڙو ڪير
آهي، جو قدرت به رکي ۽ ان سان گڏوگڏ جَوَن جي
مانيءَ ۽ ڦاٽل ڪپڙن تي گذارو به ڪري؟ انسان
جڏهن عيش عشرت ۾ ڦاسي پوي ٿو تڏهن سندس بدن
اُن جو عادي بنجي وڃي ٿو، تان جو ان تي صبر
ڪري نٿو سگهي، ۽ دنيا کي بهشت تصور ڪرڻ لڳي
ٿو، ۽ موت کان نفرت ڪري ٿو. هيءُ ته ناممڪن
آهي ته عيش عشرت جو سامان هميشه حلال مال سان
حاصل ٿيندو رهي. ٽيون، جنهن کان ڪو ورلي بچي
نڪري ٿو، سو هيءُ آهي ته جيتوڻيڪ آدمي گناهه ۽
عيش عشرت نه ئي ڪري ۽ حقيقت ۾ نيڪوڪار به هجي،
۽ حلال جو مال حاصل ڪري ۽ خدا جي راهه ۾ خرچ
به ڪندو رهي، مگر ان هوندي به ان مال جو رکڻ
دل جي تعلق ان کي الله تعاليٰ تي غور ۽ فڪر
ڪرڻ کان هٽائيندو رهندو،- حالانڪه ساريءَ
عبادت جو خلاصو ته هيءُ آهي ته آدميءَ جي دل
تي الله تعاليٰ جو ذڪر غالب رهي، ۽ ان سان
گهڻو پيار پيدا ٿئي. هاڻي هيءُ تڏهن ئي ٿي
سگهي ٿو، جڏهن دل ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جي طرف
مشغول نه رهي. هيءَ (مال جي محبت) هڪ اهڙي
مصيبت آهي، جنهن کان ڪوبه بچي نٿو، مگر جنهن
کي خدا بچائي.
مال باوجود اڪثر پري هئڻ جي (وقتاً) چڱو به
آهي، ڇا لاءِ جو اهو خير ۽ شر ٻنهي جو حامل
آهي. نبيءَ سائينءَ جن جو ارشاد آهي ته ”چڱيءَ
ماڻهوءَ لاءِ مال چڱو آهي، ۽ افلاس ۾ هيءَ
خطرو آهي ته ڪٿي ڪفر جو سبب نه ٿي پوي.“ ان جو
سبب هيءُ آهي ته جڏهن ڪو شخص ٻئي ماڻهوءَ کي
مالدار ۽ دولتمند ڏسي ٿو، ۽ ڏسي ٿو ته پاڻ
مانيءَ جو به محتاج آهي، تڏهن ان وقت شيطان
اهڙي شخص کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽
سندس دل ۾ هيءُ خيال پيدا ڪري ٿو ته ”هيءَ خدا
جو ڪهڙو عدل ۽ انصاف آهي، جو فاسق کي ته ايترو
سارو مال ڏئي ٿو، جو هن کي به خبر نه آهي ته
ڪيترو مال آهي ۽ ڪاڏي ڪري، ۽ غريب ويچاري کي
بکيو رکي ٿو ۽ هڪ درم به نٿو ڏئي! خدا جيڪڏهن
ڪنهن جي حاجت ۽ ضرورت کان ناواقف آهي ته اهو
سندس علم ۾ نقص آهي، پر جيڪڏهن واقف به آهي ۽
نٿو ڏيئي سگهي، ته چئبو ته سندس قدرت خلل ۾
آهي. پر جيڪڏهن واقف به آهي ۽ ڏيڻ تي قادر به
آهي، ۽ پوءِ نٿو ڏئي ته سمجهبو ته سندس بخشش ۽
رحمت ۾ ڪجهه عيب ۽ ڪمزوري آهي. پر جيڪڏهن وري
هن ڪري ائين نٿو ڪري ته جيئن ان (بندي) کي
آخرت جو ثواب عطا فرمائي، ته پوءِ جنهن صورت ۾
هو سواءِ بک جي تڪليف ڏيڻ جي به اُهو ڏيئي
سگهي ٿو، ته پوءِ ڇو نٿو ڏئي، پر جيڪڏهن نٿو
ڏيئي سگهي، ته پوءِ سندس قدرت ڪامل نه آهي. ان
بعد، انهن ڳالهين تي اعتقاد رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
ته هو رحيم آهي، سخي ۽ ڪريم آهي، ۽ ان سان
گڏوگڏ سڄي جهان کي تڪليف ۾ به رکي ٿو، حالانڪه
سندس خزانا نعمتن سان ڀريا پيا آهن.
هن هنڌ شيطان وسوسي پيدا ڪرڻ جي جاءِ ڏسي سندس
آڏو تقدير جو مسئلو ڇيڙي ٿو، جنهن جو راز سڀ
کان لڪل آهي، ته جيئن اهو شخص ڪاوڙ ۾ اچي
آسمان ۽ زماني کي گاريون ڏيڻ لڳي وڃي، ۽ چوي
ته ”آسمان بيوقوف ۽ زمانو الٽو ٿي ويو آهي، جو
جيڪي مستحق نه آهن تن کي سڀڪجهه ڏئي ٿو.“ اهڙي
شخص کي جيڪڏهن چيو وڃي ته ”هيءَ آسمان ۽ زمانو
الله تعاليٰ جي قدرت هيٺ آهن (۽ ان جي حڪم جا
پابند آهن)،“ ۽ هو ان وقت چوي ته ”نه (ائين نه
آهي)،“ ته هو ڪافر آهي (يعني، ڪافر ٿي پوي
ٿو)، ۽ جيڪڏهن چوي ته ”هائو (ان قدرت ماتحت
آهن)،“ ته هن گويا خدا کي ظلم سڏيو، جو پڻ ڪفر
آهي. انهيءَ لاءِ ته حضور جن فرمايو آهي ته
”زماني کي گاريون نه ڏيو، الله تعاليٰ ئي
زمانو آهي (زمانو خود خدا آهي.)“ ان جو مطلب
هيءَ آهي ته ”توهان جنهن تي پنهنجي ڪعن جو
ڀروسو رکو ٿا ۽ جنهن کي زمانو سڏيو ٿا، اهو
خود الله تعاليٰ پاڻ آهي.“ اهڙين حالتن ۾،
مفلسي ڪفر جو باعث ٿيو پوي ٿي، مگر ان شخص جي
مفلسي ڪفر جو ڪارڻ هرگز نٿي بڻجي، جنهن جو
ايمان مضبوط آهي.
مال مان گهڻائي ديني ۽ دنيوي فائدا حاصل ٿين
ٿا. هتي اسين ان جا ديني فائدا بيان ڪريون ٿا،
باقي ان جي دنيوي فائدن کان هرڪو واقف آهي.
پهريون فائدو هيءَ آهي ته آدمي مال کي پنهنجي
عبادت يا عبادت جي سامان ۾ خرچ ڪري، جهڙوڪ حج
۽ جهاد ۾. ان ۾ جو به مال صرف ٿيندو، اهو
سراسر عبادت آهي: عبادت جي سامان ۾ وري اهو
خرچ به شامل ٿئي ٿو جو انسان پنهنجي روٽي،
ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين ۾ ڪفايت آهر خرچ ڪري ٿو،
ڇا لاءِ جو ان ڪري عبادت لاءِ فراغت حاصل ٿئي
ٿي. جنهن چيز جي سبب آدمي عبادت ڪرڻ جي قابل
ٿئي ٿو اها چيز خود عين عبادت آهي. ۽ جو آدمي
بقدر ڪفايت مال نه رکندو، اهو رات ڏينهن ان جي
طلب ۾ رهندو ۽ عبادت کان محروم رهندو، جنهن جو
نچوڙ ذڪر ۽ فڪو آهي، ۽ اهڙو (بقدر ڪفايت رکيل
مال منجمله دنيا مان نه آهي. هيءَ مال ميڙڻ جي
ڳالهه نيت ۽ خيال سان تبديل ٿيندي رهي ٿي.
جيڪڏهن مقصود آخرت جي راهه لاءِ فراغت حاصل
ڪرڻ آهي، ته پوءِ هيءُ مال جو بقدر ڪفايت آهي،
ان راهه جو توشو ٿي پوي ٿو ۽ خود راهه به ٿئي
ٿو. حقيقت ۾ هن راز کان اهوئي آگاهه ٿئي ٿو جو
دل جي مراقبي ۾ مشغول آهي، ڇا لاءِ جو هو ڄاڻي
ٿو ته معاش کان فراغت دين جي رستي ۾ ڇا ڪجهه
مدد ڪري ٿي. ٻيو فائدو هيءَ آهي ته ان ذريعي
ماڻهو صدقو، خيرات، عزيزن ۽ دوستن کي سوکڙيون
پاکڙيون ڏيئي سگهي ٿو، ۽ ان سان هو پنهنجي عزت
به محفوظ رکي سگهي ٿو، جيئن ته ڪنهن شاعر ۽
لالچيءَ کي ڪجهه ڏيئي راضي ڪري ڏي، ٻيءَ حالت
۾ هو سندس گلا ۽ عيبجوئي ڪندا رهندا. ٽيون
فائدو هيءُ آهي ته مال انهن ماڻهن کي ڏئي، جي
سندس خدمت ڪن، ڇاڪاڻ ته جو آدمي پنهنجا سڀيئي
ڪم پنهنجي هٿ سان ڪندو، سو پنهنجي وقت کي
اجايو ضايع ڪندو. هڪ جي عين فرض کي ٻيو ڪوبه
پورو ڪري نٿو سگهي، ذڪر فڪر فرض عين آهي. اهو
ڪم جو ان جي طرف کان ڪو ٻيو شخص سرانجام ڏيئي
سگهي ٿو ته ان ۾ وقت صرف ڪرڻ نهايت افسوس جي
ڳالهه آهي، ڇا لاءِ جو عمر ٿوري ۽ موت ويجهو
آهي ۽ آخرت جي راهه گهڻي ڊگهي آهي، جنهن جي
لاءِ گهڻي توشي جي ضرورت آهي. هرهڪ دم هڪ وڏي
غنيمت آهي. جنهن ڪم کان آدمي بچي سگهي، ان ۾
کيس مشغول ٿيڻ نه گهرجي،- ۽ مال کان سواءِ
هيءُ بچاءَ ٿي نٿو سگهي. ليڪن ڪن وقتن تي ڏٺو
ويو آهي ته مال جي محبت خواهشات پيدا ڪرڻ جو
سبب ٿئي ٿي، ۽ خواهشات جي محبت ئي وري
ڪنجوسائيءَ جو ڪارڻ آهي، ڇا لاءِ جو مال بغير
ماڻهو پنهنجي خواهش کي پهچي نٿو سگهي، ۽ ان
سان گڏوگڏ ڊگهيءَ عمر جي به اميد ۽ لالچ ٿئي
ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪنجوس جيڪڏهن هن ڳالهه کان واقف
ٿي وڃي ته ان جي حياتي هڪ مهيني يا هڪ سال کان
وڌيڪ نه آهي، ته پوءِ ان لاءِ مال خرچ ڪرڻ
آسان ٿي پوي ٿو. مگر جيڪڏهن هن کي پٽ آهي ته
ان حالت ۾ ان جي ڪنجوسائي اڃا به زياده مضبوط
ٿي وڃي ٿي، ڇا لاءِ جو پٽ جي بقا کي هو پنهنجي
بقا سمجهي ٿو، انهيءَ لاءِ حضور جن جو ارشاد
آهي ته ”پٽ ڪنجوسائي، بزدليءَ ۽ نادانيءَ جو
سبب ٿئي ٿو!“ هاڻي هن ڪنجوسائيءَ جو علاج
ضروري آهي، نه ته سڀان اهو ڪنجوس جي تباهي
آڻيندو. ان جو هڪ سٺو علاج هيءُ آهي ته هو
(ڪنجوس) پنهنجو پاڻ کي نيڪناميءَ جو شوقين
بنائي، ۽ پاڻ کي چوي ته ”خرچ ڪر، ته جيئن
ماڻهو توکي سخي سمجهن ۽ نيڪيءَ سان ياد ڪن،“ ۽
ناموس جي حرص کي مال جي حرص تي غالب ڪري،
ايستائين جو جڏهن مال جو حرص ٽٽي وڃي، تڏهن
وري (طبيعت جي) رياءَ جو علاج شروع ڪري.
جهڙيءَ طرح ٻار کان کير ڇڏائڻ وقت ان کي اهڙي
شيءِ جو چسڪو ڏياريندا آهن جا کيس پسند ايندي
آهي، تان جو ان ۾ لڳي ڪري هو کير وساري ويهندو
آهي، اهڙيءَ طرح خبيث عادتن جي علاج جو هيءُ
نهايت ئي سٺو طريقو آهي، جو هڪ صفت کي ٻيءَ
صفت تي غلبو ڏياريو وڃي. بهرحال، مال جو مثال
نانگ جي طرح آهي، جنهن ۾ زهر ۽ ترياق ٻيئي
موجود آهن. جو شخص منتر ڄاڻڻ کان سواءِ ان ۾
هٿ وجهندو، سو هٿ وٺي پاڻ کي تباهه ڪندو.
(1)
هيءُ ٻه فرقا آهن جي باطني جهان جا
منڪر آهن، عرش کي قديم سمجهن ٿا ۽
انسان کي پنهنجي خير ۽ شر جو خالق
(پيدا ڪندڙ) ڪري مڃين ٿا.