سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

باب: --

صفحو :2

امام غزالي ؒ

 محّمد سندس نالو هو، ۽ ”حجّته الاسلام“ سندس لقب. پاڻ خراسان پرڳڻي جي طوس شهر ۾، سن 450 هجري مطابق 1059 عيسوي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيسءُ ڌاڳي ڪتڻ (غَزۡل) ۽ وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري پاڻ ”غزاليءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

امام صاحب جي پيءَ پنهنجي وفات کان ٿورو اڳ کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ احمد کي تعليم ڏيارڻ خاطر پنهنجي هڪ دوست جي حوالي ڪيو، جنهن انهن کي هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي فقه جي ابتدائي ڪتابن پڙهڻ بعد جرجان وڃي، ابو نصر اسماعيلءَ جي خدمت ۾ علم جي تحصيل ڪيائين. سندس علمي تبحّر انهيءَ حد کي پهتو هو، جو معمولي عالم سندس پياس لاهي نٿي سگهيا. انهن ڏينهن ۾، نيشاپور ۽ بغداد جا مدرسا سڀني کان گهڻو مشهور هئا، ۽ منجهن ٻه زبردست عالم، امام الحرمين([1]) ۽ علامه ابو اسحاق شيرازي، تعليم ڏيندا هئا. لهٰذا پاڻ نيشاپور وڃي امام الحرمين جي نگرانيءَ هيٺ پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪيائين. امام الحرمين جي وفات کان پوءِ، سندس وسيع علمي معلومات سبب سلجوقي وزير نظام الملڪ کيس پنهنجي بغداد ۾ برپا ڪيل ”مدرسه نظاميه“ ۾ صدر مدرس مقرر ڪيو. هن عهدي تي فائز ٿيڻ ڪري سندس علم ۽ فضل جو آواز هر هنڌ ٻُري ويو، ۽ سڀ وزير ۽ امير سندس آڏو جهڪي پيا.

ان وقت، بغداد سڀني مذهبن جو اَکاڙو هو، جتي سني، شيعه، معتزلي، زنديق، ملحد، مجوسي ۽ عيسائي هرهڪ مذهب جي غور سان مطالعي ڪرڻ بعد هن نتيجي تي پهتو ته تصوف جي راهه سڀ کان ڀلي آهي، ڇا لاءِ جو ان ۾ علم کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي، ۽ عمل، زهد ۽ رياضت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن پنهنجي درس، تدريس ۽ ٻئي ڪاروبار تي غور ڪيائين ته انهن سڀني ۾ کيس جاهه پرستي نظر آئي. لهٰذا گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ انهن سڀني کان لاڳاپا ٽوڙي، بغداد کي خيرباد چئي، شام ڏانهن روانو ٿيو. مگر اتي به علم جي پياسن کيس نه ڇڏيو، ۽ درس ڏيڻ تي مجبور ڪيو- هتي به سندس تعريف ٿيڻ لڳي، جنهن کي پڻ غرور ۽ تڪبر جي جَڙ سمجهي، بيت المقدس طرف رخ ڪيائين، ان کان پوءِ مڪي شريف ويو ۽ حج ڪرڻ کان پوءِ دمشق جي جامع مسجد جي مناري اندر اڪيلو ويهي مجاهدي ۽ رياضت ۾ همه تن مشغول رهيو.

هن عزلت ۽ خلوت ۾ ڏهه سال لڳي ويس، پر انهن ڏهن سالن جي رياضت، سندس دل کي صاف ۽ اوجل ڪري ڇڏيو، ۽ اونداهيءَ جا مڙيئي پردا هٽائي پري ڪيا، ۽ شين جون اصلي حقيقتون سندس اڳيان کُلي ظاهر ٿي پيون. ڏٺائين ته دنيا مذهب کان منحرف ٿي رهي آهي ۽ عقل ۽ فلسفو ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان پيا آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هيءَ گوشه نشيني ڇڏي، تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. هوڏانهن وري درس ۽ تدريس جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ سلطان جي طرفان کيس تاڪيدي حڪم پهتو. آخر، نيشاپور ۾ اچي هيءُ ڪم دوباره شروع ڪيائين، مگر اتان به ٿوري عرصي گذرڻ بعد پنهنــجــي ڳـوٺ طوس ۾ موٽي اچي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳو، جتي آخر، جمادي الاخر، سنه 505هه، مطابق 1111ع ۾ وفات ڪيائين.

سندس تصنيفون گهڻيون ئي آهن، جهڙوڪ: ”المنقذمن الضلال“ جنهن ۾ پنهنجي ذهني حالت، ۽ حقيقت پٺيان جدوجهد جو شرح بيان ڪيو اٿس، فلسفي ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”تهافت العلاسفته“ آهي جنهن ۾ يوناني ۽ اسلامي فيلسوفن جو رد ۽ ڪد ڪيو اٿس. منطق ۾ معيارالنظر ۽ اخلاق ۾ ”ميزان العمل“ اٿس. ليڪن سندس ڪتابن ۾ زياده ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ”احياء علوم الدين“ آهي، جنهن ۾ هن مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا آهن، ۽ سندس لاءِ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائي آهي، ۽ معاملات ۽ عبادات کي مفصل طور بيان ڪيو اٿس.

تصوف ۽ اخلاق ۾، سندس ٻي تصيف ”ڪيميائي سعادت“ گهڻي مشهور آهي، ۽ حقيقت ۾ ”اِحياء“ جو خلاصو آهي، ۽ فارسيدانن جي سهولت خاطر لکي ويئي آهي، جيئن مصنف خود ڪتاب جي منڍ ۾ اشارو ڪيو آهي. علاوه انهن جي، سندس ٻيا به اسي کن ڪتاب آهن، جي پنهنجي فوع ۾ بينظير آهن.

 

 

عنوان پهريون

پنهنجو پاڻ سڃاڻ

 توکي هي معلوم هئڻ گهرجي ته پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ، الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪنجي آهي. تنهنجو نفس، تو وٽ، ويجهي ۾ ويجهي شيءِ آهي. جيڪڏهن تون پاڻ کي ئي نه سڃاڻندين ته ٻين شين کي ڪيئن سڃاڻندين؟ پر جي تون چوين ته مان پاڻ کي سڃاڻان ٿو ته اهو صحيح نه آهي، ڇا لاءِ جو اهڙيءَ سڃاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي ٿي نٿي سگهي. تون ته فقط پنهنجي ظاهر- هٿن، پيرن، گوشت، چمڙيءَ ۽ مٿي کي سڃاڻين ٿو، باقي اندر جي توکي رڳو هيءَ خبر آهي ته جڏهن بک لڳيئي ٿي ته ماني کائين ٿو ۽ ڪاوڙ لڳيئي ٿي ته وڙهين ٿو وغيره، تنهنڪري توکي پنهنجي حقيقت کان واقف ٿيڻ گهرجي ته تون ڪهڙي شيءِ آهين، ڪٿان آيو آهين ۽ ڪاڏي ويندين، هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪم سان آيو آهين ۽ تنهنجي نيڪي ۽ برائي ڇا ۾ آهي. تنهنجي اندر ۾ جو مختلف صفتون آهن، ڪي حيواني ته ڪي روحاني، انهن مان ڪهڙين کي زور وٺائجي، جو تون وڃي الله جي حضور کي رسين، جنهن کي عام ماڻهو بهشت چون ٿا.


 

[1]  ابو المعالي الجويني، سندس اصل نالو عبدالملڪ ۽ لقب ضياءُ الدين هو. الپ ارسلان سلجوقيءَ حڪم ڏنو هو ته خطبي ۾ امام ابوالحسن الاشعري تي لعنت پڙهي وڃي، جنهن ڳالهه کان ناراض ٿي وڃي حرمين رهيو، جتي سندس ڏاڍو قدر ٿيو مڪي ۽ مديني جون فتوائون وٽن اينديون هيون، جنهن سبب ”امام الحرمين“ جي لقب سان سڏجڻ لڳا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org