سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

رڪن چوٿون

صفحو :11

رڪن چوٿون

 

توبهه

 

معلوم هئڻ گهرجي ته توبهه ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي طرف موٽڻ، مريدن جو پهريون قدم آهي، ۽ سالڪن جي راهه جي ابتدا آهي. دنيا جي پيدائش کان وٺي ويندي آخر تائين، گناهن کان پاڪ رهڻ فرشتن جو ڪم آهي، ۽ هميشه گناهن ۾ غوطا کائڻ شيطان جو پيشو آهي. گناهه کي ڇڏڻ ۽ حق تعاليٰ جي طرف منهن موڙڻ ۽ تائب ٿيڻ، آدم ۽ آدمين جو ڪم آهي. جنهن شخص پنهنجي گذشته گناهن کان توبهه ڪئي، تنهن ڄڻڪ پنهنجي نسبت حضرت آدم عليه السلام سان درست ڪئي. ليڪن ساري عمر عبادت ۾ رهڻ آدميءَ لاءِ ناممڪن آهي، ۽ انسان کي جڏهن ناقص پيدا ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هروقت توبهه ڪرڻ سندس لاءِ ضروري آهي، جنهن کان سواءِ سندس لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ڪافر آهي ته ان لاءِ واجب آهي ته ڪفر کان توبهه ڪري، ۽ جي مسلمان آهي ۽ سندس مسلماني محض والدين جي تقليد آهي، ۽ فقط زبان سان ڪلمو پڙهي ٿو ۽ دل کان غافل رهي ٿو، ته ان جي لاءِ ان غفلت کان توبهه ڪرڻ واجب آهي، ۽ توبهه هن طرح ڪري، جيئن سندس دل ايمان جي حقيقت کان آگاهه ٿي وڃي. پر جيڪڏهن ڪنهن تقليدي ايمان کان به توبهه ڪئي آهي ته به هو معصيت کان خالي نه هوندو، جنهنڪري گناهه کان توبهه ڪرڻ مٿس لازمي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ظاهر کي گناهن کان پاڪ به ڪيو هجيس ته به ان جو باطن گناهه جي تخم کان خالي ڪونه هوندو، جيئن ته طعام جو حرص، مال ۽ جان جي دوستي، حسد ۽ ريا وغيره، ڇاڪاڻ ته هي سڀ گناهن ۽ براين جي پاڙ آهن- جن سڀني کان توبهه ڪرڻ واجب آهي. فرض ڪريو ته هو انهن سڀني کان صاف ۽ پاڪ آهي ته پوءِ به وسوسن، نفس جي ڳالهين ۽ بيجا خيالن کان خالي ڪونه هوندو، جن کان توبهه ڪرڻ به ضروري آهي. الله تعاليٰ کي فراموش ڪرڻ سڀ نقصان جي جڙ آهي، پوءِ کڻي هيءَ فراموشيء هڪ گهڙيءَ لاءِ ڇو نه هجي. انهيءَ کان به توبهه ڪرڻ واجب آهي. هاڻ جيڪڏهن سندس حالت اهڙي ٿي ويئي آهي جو هو هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي ٿو، ته به ان حالت جا مختلف درجا آهن، جن مان هرهڪ پنهنجي مٿان واري درجي نسبت نقصان ۾ آهي، ۽ نقصان واري درجي تي قناعت ڪرڻ، باوجوديڪ ان کان اعليٰ درجي جو حصول به ممڪن هجي، سراسر ڇيهو آهي- جنهن کان توبهه ڪرڻ پڻ واجب آهي. انهيءَ لاءِ ته چيو ويو آهي ته ”نيڪو ڪارن جون چڱايون به مقرب لوڪن جي نزديڪ مدايون آهن(1). هتي جيڪڏهن ڪو شخص سوال ڪري ته جڏهن ڪنهن آدميءَ ڪفر ۽ معصيت کان توبهه ڪئي آهي، ۽ اعليٰ درجن جي حاصل ڪرڻ ۾ غفلت ۽ گهٽتائيءَ کان توبهه ڪرڻ فضائل ۾ شمار آهي ۽ نه فرائض ۾، تڏهن پوءِ ان حالت ۾ تون ڪيئن ٿو چوين ته انهيءَ کان به توبهه ڪرڻ واجب آهي؟ ته ان جو جواب هيءُ آهي ته واجب جا ٻه قسم آهن: هڪڙو اهو جنهن کي ظاهر فتويٰ ۾ عام خلق جي درجي جو اهو مقدار چئجي، جو جيڪڏهن ماڻهو ان (درجي قدر) ۾ مشغول ٿين ته دنيا ويران ٿيڻ کان بچي وڃي، ۽ هو ان جي معشيت ۾ لڳا رهن، ۽ هي اهو واجب آهي جو ماڻهن کي دوزخ جي عاب کان بچائيندو. ٻيو واجب هيءُ آهي ته عام لوڪ ان جي طاقت نٿا رکن، ۽ جو شخص ان تي قائم نه رهي اهو دوزخ کان ته بچي پوندو، مگر بلند مرتبي جي حاصل ڪرڻ جي حسرت کان ڇٽي نه سگهندو. قيامت جي ڏينهن جڏهن هڪ گروهه کي پاڻ کان مٿي گهڻو بلند ۽ برتر ڏسندو، تڏهن هن لاءِ اها حسرت به هڪ عذاب هوندي. انهيءَ توبهه کي جڏهن اسان واجب قرار ڏنو آهي، ته اهو محض هن حسرت جي عذاب کان بچڻ جي غرض خاطر ڪيو آهي. جيئن اسين خود هن جهان ۾ ڏسون ٿا ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن بلند درجي کي پهچي ٿو، تڏهن ٻين جي دل ۾ ان حد تائين ڄڻ دنيا تنگ ۽ اونداهي ٿيو پوي.

هاڻي، هتي هيءُ ڄاڻڻ ضروري آهي ته جو شخص توبهه نٿو ڪري ته ان جو علاج هيءُ آهي ته ڏٺو وڃي ته آخر ڪهڙن سببن جي ڪري هو گناهه تي اصرار ڪري ٿو، ۽ تائب نٿو ٿئي. هڪڙو سبب اُن جو هيءُ آهي ته ماڻهوءَ تي نفساني خواهشون ۽ دنيا جون لذتون ايترو ته غلبو ڪري وڃن  ٿيون، جو هو آخرت جي خطري کان غافل ٿي وڃي ٿو ۽ انهن خواهشن جي ترڪ ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي. ان کي هيءُ خيال ڪرڻ گهرجي ته جو آدمي لذتن کي خيرباد چوڻ جو تاب سهي نٿو سگهي، اهو ڀلا دوزخ جي باهه جو بار ڪيئن کڻي سگهندو! بيمار کي ٿڌي پاڻيءَ کان زياده ٻي ڪا شيءِ پسند نه ايندي آهي، ليڪن جڏهن ڪو حاذق طبيب انهيءَ پاڻي جي نقصان کان کيس آگاهه ڪري ٿو، تڏهن هو شفا جي آسري تي پاڻيءَ کي ڇڏي ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي خواهش جي خلاف عمل ڪري ٿو. الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جو قول، جنهن موجب نيڪ بندن کي هميشه جي بادشاهي نصيب ٿيندي، خواهش کي ترڪ ڪرڻ کان گهڻو مقدم هئڻ گهرجي.

ڪي مومن وري اهڙا به هوندا آهن جي هر وقت توبهه جو ارادو ته ڪن ٿا، ليڪن تاخير کان ڪم وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته ”سڀاڻي ڪنداسون،“ ۽ جڏهن ڪا خواهش آڏو اچين ٿي ته چون ٿا ته ”ان کي ته پورو ڪريون، پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين.“ هاڻي، اهو شخص جو توبهه ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿو ته ان کي چوڻ گهرجي ته ”توبهه جي معاملي ۾ تون سڀان تائين ڇو ٿو ترسين، ۽ سڀان جو ڏينهن ڪو تنهنجي هٿ ۾ ڪونه آهي. ٿي سگهي ٿو تون اڄ ئي فوت ٿي وڃين.“ اهو ته سبب آهي جو حضور جن فرمايو آهي ته ”اهل دوزخ وارن جي واويلا زياده تر تاخير جي سبب کان هوندي.“

باقي اهو شخص جو پنهنجي مسلمانيءَ تي ڀروسو رکي ٿو، ته ”الله تعاليٰ مسلمان کي معاف ڪري ڇڏيندو“، انهيءَ کي اسين چونداسين ته ”شايد الله تعاليٰ معاف نه ڪري ۽ تنهنجي عبادت نه ڪرڻ جي ڪري شايد تنهنجي ايمان جو درخت ڪمزور ٿي وڃي، ۽ موت جي وقت سڪرات جي آنڌيءَ آڏو اکڙي وڃي، ڇاڪاڻ ته ايمان هڪ اهڙو درخت آهي، جو عبادت جي پاڻيءَ سان نشونما وٺي ٿو ۽ مضبوط ٿئي ٿو- جڏهن ان کي پاڻيءَ نه ملندو تڏهن ان جو خطري ۾ پئجي وڃڻ ممڪن آهي. پر جنهن شخص گهڻا گناهه ڪيا هجن ۽ عبادت به ڪئي هجي، ته ان جي ايمان جو مثال ان بيمار وانگر آهي، جنهن جي بيماري گهڻو وڌي ويئي هجي ۽ هو هر وقت هلاڪت جي خطري ۾ هجي، پوءِ به جيڪڏهن اهڙو شخص پاڻ سان ايمان کڻي اچي ته به ٻيئي ڳالهيون ممڪن آهن، يعني خدا تعاليٰ ان کي بخشي يا نه بخشي.

بندي کي گهرجي ته هر وقت پنهنجي نفس کي مهڻا ڏيندو رهي ته جيئن توبهه ڪرڻ ۾ آساني ٿئيس. سندس نفس اهڙي نموني تي خلقيو ويو آهي، جو هو نيڪيءَ کان ته هميشه ڀڄندو رهي ٿو، مگر برائيءَ ۾ خواه مخواه پيو پاڻ کي ڦاسائي. سندس طبيعت ۾ ڪاهلي ۽ اجائي خواهش پرستي آهي. ۽ توکي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته تون ان کي هن عادت کان ڦيراءِ ۽ بي راهه رويءَ کان هٽائي راهه تي لڳاءِ. نفس جي درستي ڪڏهن سختيءَ سان ٿيندي آهي ته ڪڏهن نرميءَ سان، ڪنهن وقت ڪردار سان ته وري ڪنهن وقت گفتار سان، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه ان جي طبيعت ۾ موجود آهي، ته جنهن ڪم ۾ هو پنهنجي بهتري ڏسي ٿو، انهيءَ جو ئي ارادو ڪري ٿو، پوءِ کڻي ان ۾ رنج ۽ تڪليف ڇو نه برداشت ڪرڻي پويس. اڪثر ڪري جهالت ۽ غفلت ان لاءِ حجاب (پردو) ٿين ٿيون. جڏهن ان کي غفلت جي خواب کان ڪو جاڳائي ٿو ۽ سندس سامهون روشن آئينو رکي ٿو، تڏهن هو قبول ڪري وٺي ٿو. انهيءَ لاءِ ته حق تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”اي پيغمبر، تون نصيحت ڪر، تحقيق نصيحت مومنن کي فائدو پهچائي ٿي.“(1) تنهنجو نفس به ٻين جي نفس وانگر آهي. جيئن انهن ۾ نصيحت اثر ڪري ٿي، تيئن تو ۾ به اثر ڪري ٿي. تنهنڪري پهريائين تون پنهنجي نفس کي نصيحت ۽ عتاب ڪر، ۽ عتاب ڪرڻ کي ڪنهن وقت به ڇڏي نه ڏي ۽ نفس کي چئو ته ”اي نفس، تون دانائيءَ ۽ هوشياريءَ جي دعويٰ ڪرين ٿو، جيڪڏهن ڪو توکي احمق سڏي ٿو ته توکي ڏاڍو برو لڳي ٿو، حالانڪ توکان وڌيڪ احمق ۽ بيوقوف ٻيو آهي ئي ڪونه. اهو هن ڪري، ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جي انتظار ۾ ڪنهن لشڪر کي شهر جي دروازي تي بيهاريو ويو هجي. ۽ ان شخص جي گرفتاريءَ لاءِ ڪنهن آدمي کي روانو ڪيو ويو هجي، ۽ اهڙي خطري جي وقت ۾ به هو شخص راند روند ۾ مشغول هجي، ته پوءِ ان کان وڌيڪ احمق ٻيو ڪير هوندو!

”اڙي نفس، مئلن جو لشڪر شهر جي دروازي تي تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي، ۽ انهن هيءُ پهه پچايو آهي ته ان وقت تائين هتان نه چرندا، جيستائين توکي پاڻ سان وٺي نه وڃن. موت هڪڙي ڏينهن توکي ضرور اچي پڪڙيندو، ۽ جا ڳالهه ٿيڻ واري آهي تون ان کي ٿيل ئي سمجهه، ڇا لاءِ جو موت ڪڏهين به ڪنهن سان وقت مقرر نه ڪيو آهي، ۽ هميشه اوچتو ايندو آهي. ۽ هو اهڙي وقت ايندو آهي، جڏهن آدمي نهايت مطمئن هوندو آهي. پوءِ، جيڪڏهن تون مرڻ لاءِ تيار نه رهندين، ته ان کان زياده ٻي ڪهڙي ناداني ٿيندي!

”اي نفس نهايت افسوس آهي، جو تون سارو ڏينهن گناهن ۾ مشغول رهين ٿو. جيڪڏهن تون ائين سمجهين ٿو ته خدا تعاليٰ تنهنجي گناهن کي نٿو ڏسي ته تون ڪافر آهين، پر جي تون سمجهين ٿو ته هو ڏسي ٿو، ته اها تنهنجي حد درجي جي دليري ۽ بي شرمائي آهي. جيڪڏهن تون هن دوکي هيٺ آهين ته تو ۾ حق تعاليٰ جي عذاب برداشت ڪرڻ جي قوت آهي، ته ذرا هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻرندڙ ڏئي تي آڱر ته رک، ته جيئن توتي پنهنجي عاجزيءَ جو ڪجهه راز کلي پوي. جيڪڏهن تون هيءُ خيال رکين ٿو ته جو ڪجهه مان ڪريان ٿو، ان جي ياداش ۾ مان پڪڙيو ڪونه ويندس، ته تون هڪ لک چوويهه هزار پيغمبرن جو انڪار ٿو ڪرين. الله تعاليٰ ته صاف طور فرمايو آهي ته ”جو شخص برائي ڪندو برائي ڏسندو.“(1)

اڙي نفس، شايد تون هيءُ خيال ڪرين ٿو ته الله تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم هجڻ جي ڪري مون کي عذاب نه ڏيندو! ته ان جو جواب ذرا ڪن ڏيئي ٻڌ، اهو رحيم ۽ ڪريم دنيا ۾ لکن انسانن کي بک ۽ فاقه ڪشي ۾ ڇو مبتلا ڪري ٿو ۽ کين بيمار ڇو رکي ٿو! جيڪڏهن الله تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم آهي ته پوءِ آدمي سواءِ ٻني ۾ هر ڪاهڻ ۽ ٻج ڇٽڻ جي، فصل ڇو نٿو لڻي کڻي!

اي نفس، توکي جڏهن ڪا خواهش ٿيندي آهي تڏهن وري مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي سڀني حيلن ۽ تدبيرن کان ڪم ڇو ٿو وٺين؟ ان وقت ڀلا تون ائين ڇو نٿو چوين ته حق تعاليٰ رحيم ۽ ڪريم آهي، اهو خود ئي تنهنجي ڪم کي پورو ڪندو! هڪ يهودي طبيب جي چوڻ تي تون ڇو سموريون خواهشون ترڪ ڪرين ٿو؟ ڇا، توکي هيءَ خبر نه آهي ته دوزخ، بيماريءَ ۽ افلاس کان زياده سخت آهي، ۽ آخرت جي عمر دنيا جي عمر کان گهڻو گهڻو وڏي آهي!

”اي نفس، تون هيءُ خيال نه ڪر ته حق تعاليٰ تنهنجي گناهن تي غصي اچڻ سبب توکي عذاب ڪندو، نه نه، تنهنجون پنهنجون خواهشون ئي تو ۾ دوزخ جي باهه پيدا ڪري ڏينديون. جهڙيءَ طرح، ڪنهن بري شيءَ جي استعمال ڪرڻ ڪري، يا زهر کائڻ سبب آدميءَ جي بدن ۾ بيماري پيدا ٿي پوي ٿي. هي ڳالهه نه آهي ته طبيب تنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري ڪاوڙجي وڃي ٿو پر ان سبب ڪري تو ۾ بيماري پيدا ٿئي ٿي.

”اي نفس، الله تعاليٰ توکي هدايت ڏئي، ۽ تون ڇو دنيا جي پٺيان خراب ٿي رهيو آهين؟ جيڪڏهن مشرق کان وٺي ويندي مغرب تائين ساري دنيا توکي ڏني وڃي ۽ تون ساري جهان جو مسجود بڻجي وڃين، ته به ٿوري ئي عرصي اندر تون ۽ اهو سڀ خاڪ ۾ ملي ناس ٿي ويندو. پر جيڪڏهن توکي دنيا به ٿوري ئي نصيب ٿئي ٿي ۽ اها به خراب ۽ خسته حال ۾، ته تون هميشه جي بهشت کي ان جي عيوض ڇو ٿو وڪڻين؟

”اي نفس، جيڪڏهن ڪو شخص بي بها موتي ڏيئي مٽيءَ جي ڀڳل پيالي کي خريد ڪري، ته ڇا توکي ان تي کل نه ايندي! ۽ تون ان کي احمق ۽ بيوقوف نه سمجهندين؟ هيءَ دنيا مٽيءَ جو هڪ پيالو آهي، لهذا تون سوچ ڪر ۽ سمجهه ته هيءُ پيالو اوچتو ئي اوچتو تنهنجي هٿ مان ڪِري ڀڄي پوندو.“

اهڙي قسم جا عتاب نفس کي هر وقت ڪرڻ گهرجن ته جيئن پنهنجو (پاڻ تي) حق (آهي سو) ادا ٿي وڃي. ۽ وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ ۾ شروعات هميشه پاڻ کان ئي ڪرڻ گهرجي.


 

(1)  حسنات الابرار سيئات المقربين.

(1)  قرآن مجيد: ”وذڪر فان الذ ڪري تنفع المومنين.“

(1)  قرآن مجيد: ”مَن بعمل سوءَ يجزبه.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org